عرش جون بلنديون
”مگر سج... مان هن کي چاهيان ٿو“ آسمان جي لهجي ۾ التجا هئي...
”لعنت هجي اهڙي چاهت تي، پنهنجي عظمت کي سڃاڻ، پنهنجي بلندين جي شان کي ڏس! ڇا تون پاڻ سان گڏ اسانکي به نيچ بنائڻ چاهين ٿو...؟
انهيءَ ۾ نيچ بنجڻ جي ڪهڙي ڳالهه آهي سج! خدا اهو ته ناهي فرمايو ته هڪ ٻئي کي نيچ نظرن سان ڏسو“ اهي فرمان انسانن لاءِ آهن، پاڻ ۽ انسانن ۾ فرق به ته آهي، پاڻ لاءِ رڳو اهو آهي ته جنهن ڪم لاءِ اسان کي خلقيو ويو آهي انکي سرانجام ڏيندا رهون“
”پر سج! محبت تي ڪنهنجو اختيار آهي؟“ ڪجهه به هجي، اسان کي هرگز پسند ناهي. توکي بلندين تي رهي بلندين سان محبت ڪرڻ گهرجي. مون سان محبت ڪر، تارن سان ڪر.“
آءٌ تجارت نٿو ڪريان! آءٌ ته محبت ٿو ڪريان محبت... جا خدا آهي... زمين سان محبت ڪندي مونکي ائين ٿو محسوس ٿئي جئين آءٌ پنهنجي خلقيندڙ سان محبت ڪري رهيو هجان.“
خبردار! جذباتي نه ٿيءُ. ايڏي وڏي بي ادبي جي توکي جرئت ڪيئن ٿي؟ آئينده ڪڏهن زمين لاءِ سوچجان به نه...“ سج غضبناڪ ٿيندي چيو.
”پر سج! پستي توڙي بلنديءَ کي هڪ جيترو حق حاصل آهي، هڪ جيترو حق نه هجي ها ته زمين جو عڪس گرهه جي صورت ۾ ڇو پئي ها. پوءِ ڇا توکي پست نٿو سمجهي سگهجي!“
”اهو گرهڻ منهنجي بلندين ۾ ڍڪجي ويندو آهي، منهنجي بلندين کي ڏسندي ڪنهن جي مجال ئي ناهي جو منهنجي عيب کي ياد رکي سگهي. ڇو ته بهرحال آءٌ بلند آهيان.“ سج غرور سان وراڻيو.
پوءِ آهستي آهستي سج لهڻ لڳو. اونداهي وڌندي وئي. آسمان اداس هو. زمين سان ڳالهائڻ لاءِ هن جا چپ چريا ۽ خاموش ٿي ويا ڇو ته هن ڏٺو ته بي نور چنڊ ۾ روشني اچي رهي آهي.
سندس اداسائي گهري ٿيندي وئي. هن جي تصور ۾ به نه هو ته انسانن جي دنيا وانگر هتي به ايتري بي رحمي ٿيندي.
چنڊ هاڻي پوريءَ طرح سان روشن ٿي چڪو هو. هن پنهنجي نرم لهجي ۾ پڇيو: ”آسمان! تو سج کي ناراض ڪيو آهي.“
”جيڪڏهن محبت، يعني خدا کي حاصل ڪرڻ ناراضگي آهي ته مون کي ان ناراضگي جي پرواه ناهي!“
آسمان!“ چنڊ هلڪي دانهن ڪئي...
”هي ڇا چئي رهيو آهين! اسانکي خبر نه هئي ته بلندين تي رهندي به تون ايتري پست ذهنيت رکندين! اسان کي ان جي خبر نه هئي. اهو خيال تنهنجي دل ۾ ڪڏهن آيو...؟“
”اسانجي دلين ۾ خدا ازل کان پيار پيدا ڪيو هو ۽ اهو لازوال آهي. منهنجي صبر جي انتها ٿي چڪي آهي چنڊ! آءٌ پنهنجي زمين جي ڏکويل سيني سان لڳي هن جو غم پري ڪرڻ ٿو چاهيان! آءٌ هنکي تڙپندي نٿو ڏسي سگهان، نٿو ڏسي سگهان...“ آسمان جذباتي ٿي ويو.
”مگر خدا اهو ڪڏهن به نه چاهيندو، آسمان!“
”ڇو چنڊ؟ آخر ڇو..؟ آسمان بيتابيءَ سان پڇيو. ”ڇو ته هن کي اهو منظور ناهي. هيترا سارا تارا اسان تي کلندا، اسين اهو ڪيئن برداشت ڪداسين؟“ ”تارا؟ تارن جي ڇا حيثيت آهي چنڊ! آءٌ ته انهن کي به دنيا جي لاتعداد انسانن وانگر سمجهندو آهيان، جيڪي پنهنجي منهن، مختلف ڳالهيون ڪندا رهندا آهن. ڪڏهن به مطمئن نه هوندا آهن ۽ جن لاءِ پنهنجي عزيز ۾ عزيز شيءِ قربان ڪرڻ وڏي حماقت آهي.“ آسمان سمجهائيندي چيو. ”مگر پوءِ اسان جو شان ڪيئن برقرار رهي سگهندو؟“
”ان ۾ شان جو ڪهڙو سوال آهي چنڊ! خدا جي نظر ۾ سڀ برابر آهن ۽ هو هر ڪنهن جو شان سندن سٺن اعمالن سان ئي قائم رکي ٿو. هنجي اڳيان پستي ۽ بلندي ڪابه حيثيت نٿي رکي.“ ضرور رکي ٿي، تڏهن ته هن اهو فرق پيدا ڪيو آهي.“ چنڊ دليل ڏنو. ”بس! اهائي تنهنجي سمجهه آهي؟ آسمان مشڪيو، خدا ته اِهو راز رکيو آهي چنڊ! جنهن کي پرکڻ واريون تمام گهٽ نظرون ۽ سمجهڻ وارا تمام ٿورا دماغ هوندا آهن. تون، سج ۽ تارا جنهن بلنديءَ تي آهيو، حقيقت ۾ اِها بلندي ناهي. جڏهن توهان غرور نه ڪريو تڏهن ئي توهان بلند سڏائڻ جا مستحق آهيو.“
”اُهي وعظ انسانن لاءِ آهن، توکي ته بهرحال اسين زمين سان ڪوبه واسطو رکڻ نه ڏينداسين، اهو خيال ئي دل مان ڪڍي ڇڏ.“
”چنڊ... چنڊ! تون ته تمام معصوم لڳندو آهين...معصوم چهرا ته ايڏا پٿر دل نه هوندا آهن... سهڻا چنڊ مونکي وڃڻ ڏي. ايڏو بي رحم نه ٿي.“
” نه آسمان، ائين نه ٿو ٿي سگهي.“
”ڇو نٿو ٿي سگهي؟“ آسمان کي جوش اچي ويو.
”مونکي هاڻي ڪير به نٿو روڪي سگهي! مون کي وڃڻ گهرجي! آءُ ويندس! آءُ ضرور ويندس! آءُ وڃي رهيو آهيان...
آسمان هيٺ لهڻ جي ڪوشش ٿو ڪري مگر ائين ڪرڻ سان هن کي محسوس ٿو ٿئي ته هو پنهنجي جاءِ تان ذرو به نٿو چري سگهي هن وري به ڪوشش ڪئي مگر ناڪام رهيو.
”ها... ها... ها!! ڏٺئي:“ چنڊ کلڻ لڳو. سندس معصوم چهري تي طنز جي ڪيفيت ظاهر ٿي بيٺي. ”توکان شايد اهو وسري ويو هو ته تون ڪنهن قانون جو پابند آهين. خدا اهو بلڪل نٿو چاهي، جيڪو تون ٿو چاهين. توکي خبر ناهي ته توکانسواءِ اسان ڪنهنجي سهاري جيئنداسين؟ بهرحال هاڻي جڏهن توکي هيٺ لهڻ جو حق ناهي، تڏهن زمين سان ڳالهائڻ جو به حق ناهي. ڇو ته تون بلند آهين... بلند...“
آسمان خاموش رهيو... قدرت جي قانون اڳيان هن جو سر جهڪي ويو، اڄ پهريون دفعو هن کي محسوس ٿيو ته هو ڪيڏو نه مجبور آهي!
اونده... تمام گهڻي اونده پوري دنيا تي ڇانيل هئي... تاريڪي ۽ ويراني جا ڪارا ڪڪر اڃا به گهڻا ٿي ويا. هوريان وهندڙ دريا جي ڪناري تي دونهون اٿڻ لڳو... دونهون... جو زمين جي دل مان نڪتل دردن جو دونهون هو. آسمان ڏانهن وڌندو ويو، ۽ بادل بنجي ڇانئجي ويو، ان کي محسوس ڪري آسمان جي اکين مان هلڪا هلڪا لڙڪ برسات جي شڪل ۾ وسڻ لڳا، ڪائنات کي سهارو ڏيڻ واري زمين شڪست خورده انسان وانگر خاموش هئي. ڇو ته هن کي تمام گهڻا ڏک هئا، هن جو اندر ڏک ۽ غم سببان ڦلوڪڻا بنجي ويو هو.
جيئن جيئن ڪڪر وڌندا ويا، تيئن تيئن آسمان تي تاريڪي ڇائنجي وئي. رات جي تاريڪي...گهري...تمام گهري، جنهن سڀني تارن کي لڪائي ڇڏيو.
زمين! هڪ معصوم ۽ نرم آواز ۾ سر گوشي ڪئي.
چئه آسمان...“ هن جي آواز مان مظلوميت ظاهر ٿي رهي هئي.
”اڄوڪي رات پنهنجي آخري رات آهي...“ آسمان ڏکويل لهجي ۾ چيو، ”ها... آءٌ ڄاڻان ٿو...“
”پوءِ تو خاموش ڇو آهين؟...“
”آءٌ چئي به ڇا ٿو سگهان...؟“
”زمين... آءٌ قدرت جي قانون جو پابند آهيان، ۽ ان جي حڪم کان سواءِ هڪ ذري برابر به نٿو چري سگهان... آءٌ هيٺ نٿو لهي سگهان زمين... زمين! آءٌ بيحد مجبور آهيان... بيحد... آءٌ ڪجهه به نٿو ڪري سگهان، ڪجهه به نه... مونکي بلندين تي رهندي به آزاديءَ جو حق ناهي. مون کي ڀل توسان محبت هجي... تنهنجي جدائيءَ ۾ منهنجي دل ڀل ٽڪر ٽڪر ٿيندي هجي مگر تڏهن به مونکي اختيار ناهي ته توسان ملان. ان لاءِ ته آءٌ مجبور آهيان... بيوس آهيان.. منهنجي زمين... منهنجي پياري زمين...“ آسمان سڏڪي ٿو.
”آءٌ تنهنجيون مجبوريون سمجهان ٿي آسمان! مونکي ڪابه شڪايت ناهي... آءٌ پست آهيان! انهي لاءِ ته توکان گهڻو هيٺ آهيان... آءٌ گنهگار آهيان! انهيءَ لاءَ ته دنيا جو هر گناهه منهنجي مٿان ٿئي ٿو ۽ تيستائين ائين ٿيندو رهندو. جيستائين هي دنيا قائم آهي.“
”ائين نه چئه زمين... ائين نه چئه.... تون گنهگار ناهين، گنهگارن توکي ان جو احساس ڏياريو آهي. گناهه سماج سان تعلق رکن ٿا. تنهنجو انهن سان ڪهڙو واسطو؟“
”ڪاش! دل رکڻ وارين ڳالهين سان دل جا زخم ڀرجي سگهن... پر اها حقيقت آهي آسمان! ته آئون تنهنجي قابل ناهيان... تون بلند آهين... روشن آهين... ۽ آئون... آئون...“
”زمين! زمين! منهنجي زمين... خدا جي واسطي ائين نه چئه... ائين نه چئه... منهنجي دل ڳڀا ڳڀا ٿي ٿئي... ڪاش زمين! آئون به تنهنجو ئي هڪ حصو هجان ها ته اڄ مون کي فخر محسوس ٿئي ها. تون ڪيتري بلند آهين. تون ڪيڏي نه عظيم آهين. ڪاش! توکي ڪو منهنجين اکين سان ڏسي ۽ محسوس ڪري...“
”آسمان...! اهي انسان، جيڪي منهنجي مٿان رهن ٿا، جن جو آئون سهارو آهيان. جيئڻ ۽ مرڻ تائين اهي مون کي حقارت جي نظر سان ڇو ٿا ڏسن؟ ڪنهن جي گهٽتائي جو مثال پيش ڪرڻ مهل به اهو ئي چيو ويندو آهي مون توکي آسمان جي بلندين جهڙو سمجهيو هو، مگر تون زمين جهڙي پست ثابت ٿئينءَ.. ذليل نيچ.‘ آسمان! اهو ٻڌي منهنجي ڪهڙي حالت ٿيندي هوندي. ان بابت ڇا چوان؟ ايترو احساس ضرور ٿيندو اٿم ته خدا وٽ مون لاءِ انصاف ناهي. مونکي ڪهڙي گناهه جي سزا ملي آهي جو منهنجي لاءِ هر قدم تي ڪنڊا پوکيا ويا آهن. جڏهن مونکي انهن جو سهارو سمجهي بنايو ويو آهي ته مون سان اهڙي هلت ڇو ٿي ڪئي وڃي. آسمان! اهو ته آئون روز ٻڌندي آهيان ته، ’هو هڪ شريف، امير گهراڻي جو چشم و چراغ ۽ هوءَ هڪ نيچ گهراڻي جي ڇوڪري، ٻنهيءَ جو جوڙ ڪيئن ممڪن ٿيندو؟ زمين ۽ آسمان جيترو فرق آهي...‘ هرڪو پنهنجو پنهنجو مثال پيش ڪري ٿو. جڏهن دنيا وارا پنهنجي ميلاپ کي ناممڪن ٿا سمجهن ته سج ۽ چنڊ ته بلند هستيون آهن. اهي ڪيئن گوارا ڪندا؟ خود قدرت به ته اهو نٿي چاهي آسمان! پوءِ پنهنجي ڇا مجال آهي؟ آسمان! گناهه هڪڙا ڪن ۽ سزا موکي ڇو ٿي ملي؟ پستيءَ تي پرورش ڪندڙن کي به خدا بلنديءَ جو درجو ڏئي ٿو. ڪيترا عظيم انسان منهنجي مٿان گذري ويا آهن ۽ مون ۾ دفن آهن. اهي سڀ بلند هئا ليڪن آئون اهائي پست رهيس. آسمان! آئون ڪيتري نه مظلوم آهيان...“ زمين جو آواز ڏک سبب ڀرجي ٿو وڃي.
”ڪاش! آئون ڪنهن قانون جو پابند نه هجان ها ته اڄ تنهنجي سيني سان لڳي، تنهنجا سڀ غم دور ڪريان ها، پر منهنجي زمين... آئون هاڻي به توکان جدا ناهيان... توکي نٿو وساري سگهان زمين! تنهنجي ياد منهنجي دل ۾ ڪنهن ڪنواري، ڪنول جيان سدائين ٽڙندي رهندي... آئون خاموش هوندس، مگر جڏهن منهنجون اکيون وسنديون تڏهن تنهنجي مٿان سرسبز ۽ شداب ٻوٽا، وڻ ٽڻ ۽ گل ڦل لهرائيندا. اهڙيءَ طرح مونکي اهو سڪون ملندو ته آءٌ تنهنجي ويجهو اچي ويو آهيان... ايترو ويجهو جو تنهنجو هڪ حصو بنجي ويو آهيان! ۽ زمين ڇا تون مونکي پاڻ وٽ ڏسي خوش نه ٿيندينءَ ٻڌاءِ...؟
”اوه آسمان!“ سڏڪا... آهون...
”۽ ٻڌ زمين! منهنجي تصوير به تنهنجي سيني ۾ سدائين محفوظ رهندي. اهڙي ڪا صورت ئي ناهي، جا تنهنجي سيني جي شفاف سمنڊ، دريائن ۽ چشمن کي مونکي توکان الڳ رهڻ لاءِ بند ڪري ڇڏي.“
”آسمان...!“ سڏڪا... خاموشي.
”زمين! جڏهن تنهنجو عڪس سج ۽ چنڊ تي پوندو آهي تڏهن هو پنهنجي حسن کي داغدار سمجهندا آهن. پر زمين! مون کي ان مهل هو ٻئي ڏاڍا حسين لڳندا آهن. مون کي ائين لڳندو آهي جيئن تون، مون وٽ اچي وئي هجين.“
”.......“ زمين خاموش آهي.