خيران
ڏٺئي! منهنجي به مت ڪينهي... هاڻ شهر جي پڙهيل لکيل ماڙهوءَکي به تباخ ۾ ٿي موڪليم، ڇا خيال ڪري ها.“
هوءَ هڪدم کٽ تي کڙيون کڻي بيٺي ۽ طاق تان رنگين گلن وارين لوهه چيني جي ٿالهين کي لاهي، گنديءَ جي پلاند سان ڄارو اُگهي تباخ وارو ڀت ورائي ٿالهيءَ ۾ وڌو ۽ ڳاڙهو پوش ويڙهي، خيران جي حوالي ڪيائين.
”هاڻ ڀل وڃ.“ سندس سانوري گول چهري تي اطمينان جي مرڪ هئي.
خيران سدورين ڌين وانگر، سٻاجهڙائي سان مرڪندي، هڙ ڪري ڪڇ ۾ ڪئي. کيس ڀوتار سائينءَ جي ٻنين جي ٻئي ڀر وڃڻو هو، جتي گهر نما اسڪول ۾ ماستر ٻارڙا پڙهائيندو هو ۽ اُت ئي ڪراڙي ماءُ سان گڏ رهندو هو. ڳوٺ جا ننڍڙا ننڍڙا واٽر ۽ ويڙها اورانگهي خيران سهڪندي ٻنيءَ جي ٻئي ڀر اچي پهتي.
”کڙ... کڙ... کڙ“ هن ڪڙو کڙڪايو.
”هائو، هائو.“ معصوم ڳوٺاڻو آواز آيو.
”اڙي! تون وري هت.“ ممونءَ جي نون ورهين جي نينگر رمون، در کوليندي خيرا کي ڏسي ڏند ٽيڙيا.
ٻارن کي موڪل به هاڻ ئي ملي هئي، جو هل ڪندا ٻاهر نڪتا، ڄڻ سمنڊ جي وڏي ڇولي اچي خيرا سان ٽڪرائي.
”اي ادا ڪيرايو ٿا، سنڀاليو ته سهي.“ هن ٻارن جي ٿيلهن کان پاڻ بچائيندي چيو.
”ترس ته رمون، گڏجي ٿا هلون.“
نه بابا اسان کي دير ٿي ٿئي تون پاڻهي پئي اچجان.
”هائو هائو. پاڻهي پئي اچجان“، علوءَ ڀاءُ کي سر کڻايو ۽ هو ٻين ٻارن سان گڏ ٽپندا ڪڏندا هليا ويا.
گهر اندر پير رکڻ سان ئي ماستر صاحب کيس سواليه نظرن سان ڏٺو.
”سائين، هي ادي ممونءَ وارن عرس ڏنو آهي.“ ڪيتري نه معصوميت هئي هنجي ادائيگيءَ ۾... پل کن لاءِ هن سوچيو، ”اندر وڃي ڏي.“
ڀوتار سائين جي اوطاق تي اڪثر ماستر صاحب به حاضري ڀريندو هو، ۽ ات ئي سندس ملاقات ممون ڪمدار سان ٿيندي هُئي، هنجا ٻئي پٽ وٽس پڙهندا هئا، پر خيرا کي اڳ ڪڏهن به نه ڏٺو هئائين.
خيران ڳاڙهي پوش واري هڙ وڃي ماستر جي ماءُ کي ڏني، ۽ پاڻ ڪر موڙي ٿڪ کان ساڻي ٿي زمين تي ئي ويهي رهي.
”جيجي هت هيکلي منجهين ڪين؟“ هن ڪجهه دير ٿڪ لاهڻ خاطر سوال کڙو ڪيو.
”ڌيءَ، منجهڻ وري ڇا جو، شڪر آهي خدا جو. مڙيوئي پيو ڪم ڪار ۽ ڳوٺاڻن سان اوڀارين لهوارين ۾ وقت گذري.“ ماستر جي ماءُ کيس خالي تانوَ واپس ڪندي چيو.
”هائو جيجي، پر تڏهن به هيکلائي ٿيندي هوندوَ، سائين جي به، جي نه شادي ٿي پوي، ته هڪ کان ٻه هجو جيڪر.“
”لکئي جون ڳالهيون آهن ڌيءَ، جڏهن حڪم رب جو ٿئي. اڃان سندس ڄمار ئي گهڻي آهي، اهي ٻاويهه چوويهه ورهيه.“
”امان نينگر ڇا ٿي چوي؟“ ماستر صاحب، جنهن پريان ئي پنهنجي شادي جو ذڪر ٻڌو پئي، تنهن ڪمري ۾ اچي مشڪندي پڇيو.
”ابا ويچاري مون کي هيکلو ڏسي دل پئي وندارئيم.“
”ڇا نالو آهي تنهنجو؟“
”کئران.“ خيران لڄ مان پاڻ وٽيندي سٽيندي وراڻيو، ڪي گهڙيون هو مسلسل ڏانهنس نهاريندو رهيو.
”ايندي وڃ نه امان وٽ.“ هنجي لهجي ۾ پنهنجائپ هئي.
”هائو سائين، هاڻ اينديس پئي.“ ڳوٺڙي جي اٻوجهه خيران لڄ مان اکيون هيٺ ڪري مرڪي وراڻيو.
”چڱو جيجي هاڻ موڪلاڻي.“ هو گوڏن کي جهلي ڄڻ وڏي مشڪل سان اُڀي ٿي.
”ڀلي ڪري آئين امان، پنهنجو گهر سمجهي ايندي وڃ.“ لهجي ۾ شفقت هئي.
وقت ساڳيءَ رفتار سان گذرندو رهيو. هاڻ خيران ماستر جي گهر اچي وڃڻ لڳي هئي. ڳوٺ جون ٻيون نينگريون سادگيءَ سان گڏ ڪجهه شوخي به رکنديون هيون، ڪجهه شرارت به ڄاڻنديون هيون. اُٿڻ ويهڻ جون چست، شوقين، اڳ کان اڳريون، ڳائڻ جون ڪوڏيون، وري ڳالهين جون به ڳوٿريون، پر هيءَ... هيءَ انهن سڀني کان مختلف هئي... گهڻو مختلف، ٿڪل ٿڪل... سست... بيزار... ڀائين ته رڳو ستي پئي هجي. سرتيون ڪري چونديون هيس، ”آئي کئران! هل ته دلاور جي پٽ جي شاديءَ جو سهرو ڳايون“ هوءَ اوٻاسي ڏيئي چوندي هئي، آءٌ ڪانه ٿي هلان، لڱ پيا ڏکن، آءٌ وڃيو ٿي حليمان کان لتون ڏياريان.“
ممونءَ جي زال ڪڏهن ڪو ڪم ڏسيندي هيس ته انڪار ڪونه ڪندي هئي، پر جيئن تيئن ٿڙندي ٿاٻڙندي مڙئي ڪم کي پورو ڪري وٺندي هئي، هلڻ مهل به سندس هڪ هڪ وک مرد جي لڳندي هئي ٻاهران اچڻ مهل جڏهن هيٺ ويهندي ئي سنئين ٿي سمهندي هئي، ته ائين لڳندو هو، ڄڻڪ منزلون پنڌ جون لتاڙي ساڻي ٿي پئي هجي ڪڏهن چوندي هئي ته چيلهه ۾ سور، ڪڏهن چوندي هئي، ته ٽنگن ۾ ساهه ڪونهي. ڪڏهن هنئين وسامڻ جي تڪليف، ڪڏهن پيٽ جي سور جي شڪايت، مطلب ته ڪڏهن به چڱ ڀلائي جو اظهار ڪونه ڪيو هئائين، جيتوڻيڪ ڏسڻ ۾ چڱي صحتمند هوندي هئي. انهن مڙني اوڻاين جي باوجود، خيران ۾ جيڪا خوبي هئي، سا هئي هن جي سٻاجهڙي صورت ۽ معصوميت سان ڀريل بيحد پرڪشش ۽ شرميلي مرڪ. کيس ڏسڻ سان ئي ننڊ طاري ٿيڻ لڳندي هئي. ڄڻ منجهس ننڊون ۽ خواب جذب ٿيل هجن. ماستر جو ته اهو حال هوندو هو، جو وٽن جڏهن خيران ايندي هئي، تڏهن اوٻاسين مٿان اوٻاسيون اچڻ لڳنديون هئس. ان ۾ سندس ڏوهه به ته نه هو، خيران هئي جو اهڙي.
”اڙي خيران! تون ته ٻارهوئي بيمار آهين، ڪڏهن ته خدا جو شڪر به ڪندي وڃ.“ هو خيران کي ماڻس وٽ چيلهه جي تڪليف بيان ڪندي ٻڌندو هو، ته پريان ئي ٽوڪ هڻندو هوس.
”هائو سائين، شخر آهي. خيران مشڪي ۽ ڪجهه شرمائجي ڪنڌ کڻي هيٺ ڪندي هئي. ماستر جي ماءُ به سندس بيمارين ۽ تڪليفن ٻڌڻ جي عادي ٿي وئي هئي. ماستر به خيران جي عادت سمجهي، ان طرف ڪو ڌيان نه ڏيندو هو، البت کيس به خيران وڻندي هئي. سندس سٻاجهي شڪل واري شرميلي مرڪ، سندس دل ۾ به گهر ڪري وئي هئي. نفسيات سان ٿوري گهڻي دلچسپي رکڻ باعث، هو ان نتيجي تي پهتو، ته ڪي ماڻهو همدردي ۽ توجهه حاصل ڪرڻ لاءِ مستقل بيمار بنجي ويندا آهن ۽ هوءَ هئي به ته همدردي جي مستحق.
خيران کيس ٻڌايو هو ته ڪيئن نه ننڍپڻ ۾ سندس شادي ٿي ۽ پوءِ ڪيئن کيس ڏک مليا. پهرين سس جا سور، پوءِ مڙس جا موچڙا، تنهن بعد ڏهاڳ جا ڏجها.
سندس عياش پوڙهو کک پيءُ، زال جي مرڻ بعد خيران جي نڻان، ڌيءَ جي بدي ۾ حاصل ڪري ويهي رهيو ۽ ٿوريئي عرصي ۾ کيس سلهه جو موذي مرض ڏيئي راهه رباني وٺايائينس. ان بعد ته خيران جا ساهرا سندس جان جا ڄڻ دشمن ٿي پيا. آخر ڇو نه ٿين، بدي ۾ جو آئي هئي. ظلمن جا ڏينهن رات گذرندا ويا ۽ هڪ ڏينهن ڳوٺ جي دنگي فساد ۾ مڙس به دوناليءَ جو شڪار ٿي ويو. پوءِ ته سندس کارڪ جهڙي ڪراڙي سس کيس عمر قيد ڏيئي ڇڏيو، ۽ کيس پنهنجي پيريءَ جي لٺ سمجهي اکين آڏو رکيو. خيران لاءِ نسورو ويل هو، هڪ تهه سياري جي رات جڏهن سڄي فضا تاريڪيءَ ۾ غرق هئي، هن همت ڪري پاڻ کي ان ڪاري ڪن ۾ ڪري اڇليو ۽ ٻن ڏينهن تائين ڌڪا کائيندي کائيندي قسمت کيس ممونءَ جي در تي آندو. ممونءَ جي گهر واري سٺي سڀاءُ جي زال هئي. جنهن کيس ڀيڻ بڻجي سهارو ڏنو، ان بعد هو سندس گهر جوئي هڪ ڀاتي ليکجڻ ۾ اچڻ لڳي.
ماستر جي ماءُ کي پنهنجي پٽ جي خيران سان بي تڪلفي ڪڏهن ڪڏهن ناگوار لڳندي هئي، جنهن لاءِ هوءَ کيس دنيا وارن جو ڊپ ڏيئي سمجهائيندي به هئي. پر ماستر اٽلندو ماءُ کي سمجهائيندي چوندو هو، ”ڏس ته سهي امان، سندس ڳالهيون ڪيتريون نه معصوم آهن ۽ هو پاڻ به ڪهڙي نه معصوم آهي. اها سادگي، اهو خلوص ۽ روح جي پاڪيزگي، پنهنجائپ جو احساس شهرن ۾ ڪٿي. اسين شهري ته کوکلا آهيون اسان جي نئين تهذيب اسان کي کائي ڇڏيو اهي. اسان جي تهذيب، اسانجون تمدن ڄڻ ڪنهن وزني بوٽ هيٺان دٻجي ويا هجن. اسان وٽ ٻيو ڇاهي، جنهن تي ناز ڪريون. اهي ڳوٺڙا ئي ته آهن، جن تي ناز آهي. اسان جي عزت، اسانجو شان، اسانجو حسن... شال سدائين هن سنڌڙي جا ڳوٺڙا وسن.“
”الائجي ڇا پيو وڦلين ماريا.“ ماڻس ڪجهه نه سمجهندي وڃي ڪم کي لڳي.
شام موڪلائڻ واري هئي، ماستر گهر ۾ اڪيلو پنهنجي امتحان جي تياري ۾ مصروف هو. ماڻس به ڪجهه ڏينهن کان شهر ويل هئي. اوچتو خيران کي پاڻ وٽ ڏسي هو ڪجهه حيران ٿي ويو.
”ڇو خيران؟ ڇا ڳالهه آهي.“ هن سندس لٿل چهرو ڏسي پڇيو.
”سائين مونکي ڏاڍي تڪليف آهي، ڪا گرم دوا آهي توهان وٽ؟“
”گرم دوا...! ڇو؟ هو وڌيڪ حيران ٿي ويو.
”آهي ڇا؟“
”پر ڇو؟“
”چيلهه جو سور لهي وڃي شايد.“
”چري، هو کليو، ڪنهن توکي چيو ته گرم دوا سور لاهيندي؟“
هن ڪوبه جواب نه ڏنو.
” پر مون وٽ ته ڪابه دوا ڪانهي.“
هنجي چهري تي اداسي ڇانئجي وئي.
”چڱو... ڏس. تون سڀاڻي منجهند جو اچج، ته هتي منهنجو دوست ڊاڪٽر آهي، ات توکي وٺي هلندس.“ هن کي، سندس لٿل منهن ڏسي مٿس رحم اچي ويو.
ٻئي ڏينهن وعدي پٽاندڙ ماستر کيس ڊاڪٽر وٽ وٺي ويو.
”هنکي ٽن مهينن جو ٻار اهي.“
”جي!“ وگهريل شيهو ڪنن جي رستي هن جي دل ۾ لهي آيو.
”ڪٿي وڃي ڦاٿو آهين؟“ ڊاڪٽر هوريان کيس اک هڻندي چيو.
”پر ڊاڪٽر خدا جو قسم...“
”ڇڏ يار.“
”اوهان مون تي يقين نٿا ڪريو ڊاڪٽر...“
پر ڊاڪٽر بدستور مسڪرائيندو رهيو.
ماستر خيران ڏانهن نهاريو. هن جي ڪنڌ جهڪي ويو هو کيس ڪجهه چوڻ کانسواءِ تڪڙا تڪڙآ پير کڻندو گهر اچي اکيون ٻوٽي ليٽي پيو. هنجو دماغ ته ڄڻ هڪ گول چڪر بنجي ويو هو. انهيءَ چڪر ۾ سندس سڀ پراڻا ۽ نوان خيال هڪ زنجير جي شڪل ۾ جڙي ويا... سٻاجهڙي صورت... معصوم مرڪ... ٿڪاوٽ... ڊاڪٽر جي طنزيه مرڪ... گرم دوا...
”هون... گرم دوا.“ گرم دوا جي خيال اچڻ سان ئي، نفرت کان ڪنڌ جون رڳون اُڀري آيس.
”بدبخت شايد سمجهيو ٿي، ته مونکي ماستريءَ ۾ اهي گر سکياريا ويا آهن.“
هنجي بيچيني وڌندي وئي. آخر ڊاڪٽر هن تي يقين ڇو نه ڪيو...
هو هڪدم اٿي کڙو ٿيو ۽ سڄي حقيقت وڃي ممون کي ٻڌائڻ چاهي. ۽ پڻ اهو به، ته اهڙي بدڪردار ۽ مڪار عورت کي آئينده وٽن نه موڪليو وڃي. هن ممونءَ جي گهر جي واٽ ورتي. ڪاڙهي تتي ۾ ڳجهن، مئل گڏهه کي اچي ورتو هو. مٿائنس لامارا ڏئي ماس پٽي رهيو هيون. ”اف...!“ بدبوءَ کان سندس ساهه ٻوساٽجڻ لڳو. هن پاسو مٽائڻ خاطر جاءِ جي پٺ ورتي وٿاڻ وٽ هن کي ممون جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو هن خاطري ڪرڻ لاءِ ڪانن پويان نهاريو. هن ڏٺو ته ممون ڪتر واري کوکي ته ويهي ڪانو کڻي ڪڏهن چٻاڙيو ٿي، ته ڪڏهن ڀڃي ٿي اڇلايو. خيران سندس وارن ۾ پنهنجيون آڱريون ڦيرائيندي چئي رهي هئي: ” تون ڦڪرنه ڪر ممون... گم نه ڪر. جي ٻار نه ڪريو، ته مان پڌرو ڪري ڇڏينديس ته ٻار ماستر جو آهي.“
ماستر کي ان مهل ائين محسوس ٿيو، ڄڻ ڪجهه دير پهرين ڏٺل ڳجهون سندس ڪيپراٽي مان مغذ پٽي رهيو هجن.