ڪھاڻيون

چانديءَ جون تارون

هن ڪتاب ۾ ماهتاب محبوب جون سورهن ڪھاڻيون شامل آهن. ماهتاب محبوب جون هي ڪھاڻيون موضوع، ٽيڪنيڪ ۽ ٽريٽمينٽ جي لحاظ کان هڪ نئون ۽ انوکو تاثر رکن ٿيون. ڪھاڻين جي ڪردار نگاري بي مثال آهي. سندس ڪھاڻيون انساني معاشري جون عڪاس هئڻ سان گڏ جديد ڪھاڻيءَ جي جملي قدرن ۽ رجحانن جي تڪميل جي مڪمل صورت پڻ آهن.

Title Cover of book چانديءَ جون تارون

بُليٽن

”ڀلي ڪري آئينءَ استاد.“
”امان منهنجي استاد ”مئڪلين“ جي اشتهار جو مظاهرو ڪندي وڏي پاٻوه مان رئيسياڻيءَ کي کيکر جو جواب ڏيئي، پاڻ کڻي کٽ تي اڇلايو.
ٻه ماڙ ڏاڪڻ چڙهي سندس ساهه بنهه قابوءَ کان ٻاهر ٿيو پيو هو. اڇي چادريءَ کي مونجهه وچان اصل اهڙي سٽ سان جسم تان آزاد ڪيائين جيئن ڪو مردو ڪفن ڦاڙي نڪتو هجي. مگر فرق صرف هيءُ هو ته مردي ۽ هن ۾ وڏو فرق هو. قدآور رستم نما زال هئي. اڌ وهيءَ کان ڪجهه مٿڀرو، رنگ سفيد، مگر رت جي گهٽتائي سببان پيلاڻ ڏانهن مائل. سفيد ڪپڙن ۽ سفيد چادريءَ سان سندس چهرو به چانديءَ جو وڏو ڪاشڪو نظر ايندو هو. جڏهن کلندي هئي تڏنهن”ٿيف آف بغداد“ جي ديو جي به جاءِ ڪونه هوندي هئي. نالو ته سندس خبر ناهي ڇا هو، مگر عام طرح سان ”استاد“ ۽ پرائيويٽ طرح سان ”بليٽن“ جي نالي سان مشهور هئي. بقول سندس هوءَ اخبار آهي. دنيا جون خبرون کانئس ڳجهيون ناهن، پر هوءَ ”بليٽن“ جي نالي سان ان ڪري نڪرندي آهي، مگر ”بليٽن“ خاص طرح سان تازيون خبرون يڪدم ڪنهن وقت به ڏيئي سگهي ٿو. ان ۾ ڪو شڪ نه هو ته سندس خانداني شجرو يا اصل نسل ڪنهن ”شاهي بورچيءَ“ سان ٿي مليو، ڇاڪاڻ ته پاڻ ”چمچه گيري“ جي فن ۾ خطرناڪ حد تائين مهارت حاصل ڪئي هئائين، ۽ اهو فن کيس گهر گهر وڃي قرآن پڙهائڻ، از راهه ڪرم ضرورتمندن کي بازار مان ڪپڙو گندي، سودو سلف خريد ڪري آڻي ڏيڻ، اوڀاريون لهواريون ٻڌڻ ۽ ٻڌائڻ کانپوءِ ئي حاصل ٿيو هو ۽ سندس اهو فن وڏو اهم ۽ خطرناڪ پارٽ ادا ڪري رهيو.
هي ستون سال هو جو رئيسياڻي ڀاڳ ڀريءَ جي هويلي تي نينگريءَ کي قرآن پڙهائڻ ايندي هئي. پنج سال گذري ويا جو نينگري بابن وارو سيپارو پڙهندي پئي آئي، اهو به طوطي وانگر.
استاد چوندي هئي ”چئو امان، اني، بني، ڪني، لني، ته نينگر به وراڻيندي هئي ”چئو امان، اني، بني، ڪني، لني،“ اهو حال هو پڙهائڻ جو، نينگري جي ليکي ته ”چئو امان“ به بابن ۾ لکيل آهي. روز ٻه چار اکر بنا هجي جي نينگريءَ کي رٽايا ويندا هئا. آخر ستين سال سيپاري جو منهن ڏٺائين ايستائين بليٽن هر مهيني پنجاهه رپيا پگهار جي حساب سان ستن سالن ۾ 42 سو اجورو وصول ڪري چڪي هئي ۽ ”ستارون سي آگي جهان اور بهي هي“ وانگر باقي ٽيهن سيپارن جو به ٻلُ هئس. هميشه وانگر اڄ به رئيسياڻي سندس آڌر ڀاءُ ڪيو.
”امان ڏڌ چڪو هوندو؟ هيانءُ ماندو ٿي ويو آهي،“ بليٽن ساهه پٽيندي چيو.
جهجو، جهجو.“ ائين چئي رئيسياڻي بورچي خاني ۾ وڃي پاڻ پنهنجي هٿن سان ڏڌ سان ڀريل جڳ، چار مانيون، پليٽ قورمي جي، گوشت، ڀاڄيون وغيره آڻي استاد اڳيان دسترخوان تي رکيون. استاد نه ڪئي هم نه تم، گرڙ پکيءَ وانگر اکيون ٻوٽي اچي کائڻ لڳي، نه ڇڏيائين ڪو ڀورُ، ان بعد سامت جو ساهه پٽي وڏي ”هيانو ڏارَ“ اوڳرائيءَ سان ڪمري کي گونجائي ڇڏيائين شڪر احمدلله جو نعرو هڻي، ڳچيءَ ڏانهن هٿ وڌائي چانديءَ جي لٽڪيل ڏند کوٽڻي کان ڪم وٺڻ شروع ڪيائين.
رئيسياڻي جي حڪم سان هڪ ٻانهيءَ چلمچي اڳيان آڻي رکيس.
”استاد، ڪا خبر چار؟“ رئيسياڻي پلنگ تي ليٽندي پڇيو. کيس به خبرون ٻڌڻ جي چوس پئجي وئي هئي.
”امان خبرون مڙئي خير جون. ڪالهه جا وڃان کڻي وڏيري الهندي جي گهر، سو پئي خدا جي در تان توبهن ڪريان“،
ڇو ڇا ٿيو؟“ رئيسياڻي جي خبرن سان دلچسپي وڌي.
”بس امان، هوندو سوندي نه الله شال ڪنهن کي اهڙو ڪري، ڇنل کٽون گهر ۾، ڪو ٽپڙ سليقي سان نه رکيل، چئبو ته زالن کي افعال ئي ڪونهي. گهران ميرن ڪپڙن جون ڳنڍيون ڍويو وڃن ڀاءُ جي در تي ڌوئڻ.
مونکي ته عجب وٺي ويو، آءُ وڃان ئي ڪونه، پر پرايا پهراڻ هئم ڀرائڻا، سو ٻڌو هئم ته وڏيريءَ وٽ ڏاڍا سُهڻا نمونا آهن، تنهن ڪري چائنٺ لنگهي ويس. پر وڏيري گهر ۾ هئي ڪونه. الائي ڇو گهر ۾ ويهڻ ئي نٿو اچيس. رڳو نهون ڌيون ويٺيون هيون. انهن جواب ڏنم ته اسانکي پهراڻن جي خبر ڪانهي. وري سڀاڻي جڏهن پنڌ ڪريان.“ ائين چئي نينگريءَ کي سڏ ڪيائين ته اچي سبق وٺي. ٻه سٽون سبق جون ڏئي، چادريءَ کي کنڀيندي، رئيسياڻي کي مخاطب ٿي: ”امان آءٌ هينئر وڃان ٿي ٻئي پاسي، سڀاڻي وڃڻو اٿم شهر، ڪو ڪم هجي ته ٻڌائي ڇڏ.“
”ها استاد، چڱو جو ياد ڏياريئي. ولايتي بوسڪي ملي ته ٻارهن وال وٺيو اچجانءَ.“
”ائين چئي رئيسياڻي ٻن سون جا ساوا نوٽ ڪٻٽ مان آڻي استاد جي هٿ ۾ ڏنا.
”بوسڪيون ڪٿي ٿيون ملن اڄڪلهه ولايتي، وري به آءٌ سڄي بازار رلندس.“
رئيسياڻي کي اطمينان ڏياري هيٺ لٿي.
”امان، ماڻهين آهي گهر ۾؟ استاد وڏيري اُلهندي جي گهر ۾ پير پائيندي ڌيڻس کان سوال ڪيو.
”توهان اندر ته اچو، هوندي ڪيئن نه.“ڇوڪريءَ رکائيءَ سان وراڻيو جيئن کيس ساڻس ڪا دلچسپي نه هجي غالباً هوءَ بليٽن جي ڪارنامن کان واقف هئي. بليٽن کٽ تي ويٺي. گهر جو سامان بدستور پکڙيل هو. وڏيري به کيڪاري اچي گڏ کٽ تي ويٺس.
”خوش آهيو، چڱا ڀلا؟“
”دعا آهي توهانجي استاد.“
”مان ڪالهه به آئي هئس، توهان مليا ئي ڪونه.“
”مبارڪ ڏيڻ وئي هئس سومرن ۾ شاديءَ جي.“
”ٻڌجي پيو ته ڇوڪريءَ وارن شادي ڪري اچي پڇتايو آهي. ماڻهو ڏنگا آهن.“ استاد ڀَڙُ وڪيل جيان اڳ ورتو. ”خدا ڄاڻي استاد مون ته ڏٺو ڇوڪري ڏاڍي خوش هئي. سڀني ڏاڍو ڀانيس پئي. الله ڪري جڳ جون ڄايون خوش هجن.“
”ها شال سڀڪو خوش هجي.“ مجبوراً بليٽن به دعا ڪئي. ”ادي ٻڌو اٿم ته توهان وٽ سٺا پهراڻ آهن. مون کي نمونو گهرجي.“
استاد پهراڻ ته برابر مون وٽ آهن، پر هتي ڪونهن، اوهين خود ڏسو پيا ته جاءِ ٺهي رهي آهي، گهر جي حالت ڪيئن بگڙي پئي آهي، ڪا شي سِڌَ ۾ رکيل ئي ڪانهي. سامان سڙو سڀ ڀاءُ جي گهر رکيل آهي. هِتان هُتان اچ وڃ لڳي پئي آهي. جڏهن اتي ويس ته اوهان لاءِ پهراڻ کنيو اينديس.“
”ها، برابر جاين ۾ وڏي تڪليف ٿيندي آهي. جلدي ٺهي ويندي الله چڱو ڪندو.“
”سامان جو حال ڏسو ته ڪيئن ٿيو پيو آهي.“
”مڙئي خير آهي، اهي ته جاين ٺهڻ جا ڪم آهن. توهان جو ان ۾ ڪهڙو ڏوهه. هونءَ جاءِ تڏهن به پنهنجو مٽ پاڻ آهي، ڇا سندس وائک! ڇا سندس بيهڪ!“
”بس، غريباڻي جاءِ آهي.“ وڏيريءَ ڪسر نفسيءَ کان ڪم ورتو.
چڱو ادي، مان وڃان ٿي، هيڏانهن رئيس الهه بخش جي گهر واريءَ ڪپڙو گهرائڻو ڏنو آهي. پرائو ڪم ڪندي به ڊپ پيو لڳي. الائجي وڻيس، نه وڻيس. مون ته جواب ڏنومانس پر چيائين ٻيو ڪير آڻي ڏيندم، ان لاءِ وڃان ٿي. چڱو هاڻي الله کي پرتينءَ.“
”مائي تون پراڻو گراهڪ آهين، اسين توسان ڪوڙ ڪيئن ڳالهائينداسين والايتي مال ختم ٿي ويو آهي. شايد ٻين دڪانن تي ملي وڃئي. هي ڏس ديسي مال ڪهڙو نه فسڪلاس آهي.“ دڪاندار استاد کي چئي رهيو هو.
”ٺهيو ابا، ٻين دڪانن تي ڪير رُلي. ڀلا ڪيتري وال ڏيندين هن بوسڪيءَ جو؟“
”مائي اٺين رپئن کان گهٽ وال نه ملندءِ، اصلي خيرپور ملز جو ڪپڙو آهي.“
”چڱو ٻارنهن وال ڪپڙو ڏي، پر هي خيرپور ملز جو ٺپو ڪڍي ڇڏ.“
”سڄي بازار رُلي آهيان تڏهن وڃي مس مس ولايتي بوسڪي ملي آهي.“ استاد چئي رهي هئي.
”مهرباني استاد! نه ته مونکي ڪٿان ملي ها.“
”بس امان! تنهنجي ڀاڳ ۾ هئي، چيائين ته ارڙهين رپئن وال پئي پر آءٌ چوڏهن رپئن ۾ ڪرائي آيس.“ استاد باقي ٻٽيهه رپيا رئيسياڻي جي حوالي ڪندي چيو. ۽ هوءَ دل ئي دل ۾ استاد جو شڪر گذار ٿي، جنهن وڏي مشڪل سان کيس ولايتي بوسڪي سستي اگهه ۾ آڻي ڏني هئي.
”ڪٿي آهي نينگري ته سبق ڏيئي واٺانس، وري وڃڻو اٿم پرائي وي سيءَ لاءِ نوابن ۾.“
”ماني ته کائي وٺو پهريائين.“
انهيءَ تي استاد خاموشيءَ سان رڌڻي جو رخ ڪيو، ۽ بورچياڻي نڪ کي موڙ ڏيئي اڳ جيان استاد لاءَ ڏويون ڀرڻ لڳي. مانيءَ مان فارغ ٿي، استاد نينگريءَ کي ٻه سٽون سبق جون ڏيئي چادر مٿي تي ڪئي، ۽ ڏاڪڻون لتاڙي ڦهه اچي نوابن جي حويليءَ تي ڪيائين، نوابڻ جي نهن جو استاد کي ڏٺو سا دهلجي وئي. استاد کي پنهنجي ڏهٽي، نوابڻ جي ننهن جي حيثيت سان ڏسڻ جو وڏو ارمان هو. پر حالتن آڏو، هوءَ بيوسُ ٿي سور پي وئي، پر دل ۾ ”گوگي چوهاڻ“ جو قسم کاڌل هئس ته ڪاري نانگ وارو وير ضرور وٺندي.
ڇوڪريءَ کي پريان ڏسي واڇن کي زوردار جنبش سان کاٻي ۽ ساڄي کسڪائي خوش اخلاقيءَ جو مظاهرو ڪندي چيائين:
”امان ڪنوار خوش آهين؟ سسڻين ڪٿي آهي؟“
”دعا آهي توهان جي. چاچي ته سکر ويل آهي.“
”ڇو خير مان؟“
”ها بس ائين ئي، ڪو ڪم ٿي پيو.“
”ٻچا ٻار سڀ ويل آهن؟“
”ها!“
”تنهنجو گهر وارو؟“
”اتي ئي آهي.“
”سيڌو سامان کڻي وئي؟“
”ڪجهه کڻي وئي ۽ ٻيو سڀ گهر لاءِ رکيل آهي.“
”انبن جا ٽوڪرا؟“
”اهي به اتي پيل آهن.“
”چڱو امان، آءٌ وڃان ٿي وري ٻيءَ مهل اينديس.“
”ويهو استاد، چانهه پي وڃو.“
”نه امان، هينئر وڃان ٿي، پنهنجو گهر آهي.“
”استاد، اچو خوش چڱا ڀلا.“
”امان منهنجي، دعائون آهن توهانجون، توهان خوش چڱا ڀلا؟ سکر وڃي ڏينهن لاتوَ، گهر اٻاڻڪو ٿيو پيو هو ڄڻ ته کائڻ پئي آيو.“
”توهان ته ايندا به ڪونه هئا.“
”امان ڪهڙيون ٿي ڳالهيون پڇين، ڪنهن وٽ اچان؟ جڏهن اچان تڏهن نهڻين ڪوٺيءَ جو در بند ڪيو مڙس سان ويٺي آهي. پوءِ اچي ڇا ڪريان؟ هڪ دفعو ملي هئم تڏهن به اهڙيون ڳالهيون کڻي ويٺي جو پنهنجي دل بنهه ڀرجي آئي. سچ چيو اٿن ته مالڪن کانسواءِ گهر گهر نه هوندو آهي. ڀاڳن ڀريون آهن اهي سسون، جن کي ڌيئن جهڙيون ننهون ملن.“ استاد ٿڌو ساهه کڻي ڳالهه پوري ڪئي.
”ڇا ٿيو استاد؟“ نوابڻ جو آواز سندس دلي ڪيفيت لڪائي نه سگهيو.
”اهوئي جيڪو هميشہ ٿيندو آيو آهي.“ استاد پنهنجي ڳالهه ۾ وڌيڪ Suspense پيدا ڪيو.
”تڏهن به؟“
”امان ڊپ ٿو لڳيم، اجايا گهرن ۾ جهيڙا ٿين تنهن مان ڪهڙو فائدو. دل ۾ رکين ته ٻڌ، توکي ڌيءَ ڪيو اٿم، سو سچ ٿي پڇين ته تنهنجي نه ڪير گلا ٿو ڪري ته هينئين ۾ ڄڻ وڍ ٿا پون.“
”ها استاد، سچ ٿي چئين، پرايون ڌيون پنهنجون ڪونه ٿينديون آهن.“
”امان انهيءَ ڏينهن جو اچان ته مونکي چيائين ته سسڻم پٺ تي ڪک به نه ڇڏيو آهي، سيڌ سامان، ويندي انبن جا ٽوڪرا جي ٻنيءَ تان آيا هئا سي به ساڻ کڻي وئي، ائين نه سمجهيائين ته پٺيان به ڪي ماڻهو آهن.“
”استاد، خدا جو قسم ته سڀ ڪجهه ڇڏي ويئي هئس.“
”ها امان، اهوئي ته چوان پئي، دنيا ۾ ڪيترو نه انڌير آهيءَ توڀان توڀان، الله توکي جا ڀاڙا ڏيندو.“
”استاد ڪهڙي نه ڏک جهڙي ڳالهه ٻڌائي اٿئي. ڪنوار مان مونکي اها اميد ڪونه هئي.“
”ٺهيو امان، ڇڏ انهيءَ ڳالهه کي، الله هميشه صبر ڪرڻ وارن سان هوندو آهي.“
”رئيسياڻي جي خبر ڏيو؟ ڪيئن خوش آهي؟ اڃان اتي ويندا آهيو.“
”ها امان، لاچاري ويندي آهيان، رڳو نينگريءَ کي سبق ڏيئي پوين پيرن تي موٽندي آهيان. منهنجي ته انهيءَ ڏينهن کان دل ڀڳي جڏهن ڀاڳان اوهانجي باري ۾ خراب خيال ظاهر ڪيا هئا. چي: ”پوءِ ڍائي نوابڻ ٿي آهي. نواب سان پرڻي ته پاڻ کي ڪا ”شئي“ ٿي سمجهي.“
”پوءِ ڍائي هئس جو وٽس پنڻ وئي هئم.“ امان خير گهرُ، ڀاڳان جي وات ۾ خاڪ، تون ته نه چئو پنهنجي وات سان.“
”جوش ٿو اچي، ٺريل اکين کي اجايو تپائڻ مان دنيا کي الائجي ڇا ٿو ملي؟“
”پاڻ وري ڪهڙي رئيسياڻي آهي، ڄڻڪ سڃاڻاس ئي ڪونه!“ استاد موڙو ڏيئي چيو.
”ڪير ڪيئن به هجي، آءٌ ڇو چوان، سڀ ڪنهن جي پنهنجي نيت.“
”سچ ٿي چوين امان، جنهن جو جهڙو شان اهو ائين ئي چوندو. چڱو امان، آءٌ وڃان ٿي وري سڀاڻي شام جو اينديس.“
”چڱو استاد، پر هيءَ ته کنيو وڃو توهان لاءِ سکر مان سوکڙي آندي اٿم.“ ائين چئي استاد ڏانهن ويڙهيل وڏو بنڊل واڌايائين.
استاد بيڪ وقت واڇن ۽ ناسن کي جنبش ڏيندي بنڊل ڏانهن هٿ وڌايو:
”امان، ڪهڙيون هلاڪيون ڪيون اٿئي!“
”هلاڪيون ڇا جون آهن استاد، يادگيري آهي.“
امان ڀاڳان، منهنجي جيجل ڪٿي آهين؟ ڏاڪڻ چڙهندي استاد سڏ ڪيو،
”اجها استاد، ڪٻٽ پئي ٺاهيان.“
”ها ڀلي ڀلي، آءٌ به اچان پئي، ڪالهه توسان ويٺس ئي ڪونه. اڄ مس مس واندي ٿي آهيان. ڪالهه ويس نوابڻ وٽ، امان بس، توبہ آهي سائين جي در تي، زال، نه پر ڪا خطرناڪ بلا آهي. مونکي چوي ٿي ته تون رئيسياڻي جي نينگري کي پڙهائڻ ڇڏي ڏي. منهنجين نينگرين کي پڙهاءِ. ٻيڻي پگهار ڏيندي مانءِ. مون چيو ته منهنجو سر لڳي رئيسياڻي سان. پر پاڻ گهڻو ئي ڪجهه چئي وئي، آءٌ پنهنجي زبان سان ڇا چوان!“
”پر امان....“
جيستائين ڳالهه ختم ٿئي تيستائين ڪنهنجي ڏاڪڻ تي چڙهڻ جو آواز آيو ۽ ڪاريءَ چادريءَ سان نوابزادي نمودار ٿي.
استاد کي گهگي پئجي وئي. رئيسياڻي حيران هئي...،.
”ادي اڄ مان توکان پنڻ نه پر ڪجهه پڇڻ آئي آهيان.“
”ڇا پئي چوين ادي...؟“
”مونکي سڄي رات ننڊ نه آئي.... مون توهانجو ڪهڙو ڏوهه...؟“
”ڳالهه ختم ٿيڻ کان اڳ استاد پڇ پائي ڏاڪڻ طرف ائين ڀڳي جيئن خودڪشي ڪرڻ مهل ڪير پاڻ کي لهرن جي حوالي ڪري ڇڏيندو آهي.
اهو ڏينهن اڄوڪو ڏينهن وري ڪنهن استاد کي ڏاڪڻ چڙهندي نه ڏٺو.