روئي ڏنو رات
آڳر جي ساڄي پاسي، رتن پاون سان جنڊيءَ جو وڏو هندورو جڳ مڳ ڪري، مالڪ جي آسودي هجڻ جي شاهدي ڏيئي رهيو هو. مراد خان جي پوڙهي ماءُ، هندوري ۾ هلڪا هلڪا جهوٽا کائي رهي هئي... سندس ذهن ڪنهن اڻڄاڻ سوچ ۾ گم هو... هوءَ چلم مان هلڪا هلڪا وارا ڪڍي رهي هئي.
”ڏاڏي امان! ڏاڏي امان!“ پيار ۽ قرب ڀريو، دل ٺاريندڙ، رڙجهڙو آواز ڏيڍيءَ مان اڀريو. ڏاڏي امان سوچ جي وادين مان موٽي آئي ۽ سندس چهرو بي پناهه مسرت ۽ خوشيءَ کان ٻهڪي اٿيو... ”ائي گهوڙا! هي مڙسالو وري ڪير؟“ ممتاز هلڪي چيٽ ڪئي ۽ سٽ ڏيئي اندر ڪمري ۾ گهڙي ويئي، هوءَ ڳڙکيءَ جي اوٽمان اڳر جو نظارو ڏسڻ لڳي. هڪ خوبرو ۽ قداوار نوجوان انگريزي ڪپڙن ۾ هندوري طرف وڌي رهيو هو. هن جو ذهن زلزلي ۾ اچي ويو... هِن کان اڳ، هُن ڪڏهن به اهڙو سهڻو ۽ شانائتو نوجوان نه ڏٺو هو. ها... فقط خيالن جي دنيا ۾... هن جي اهڙي ئي هڪ شهزادي سان ڏيٺ ويٺ هئي. هن جي دل ڌڪ ڌڪ ڪرڻ لڳي. ”هي ته اهوئي شهزادو آهي.“ هُن ڀڻڪيو. سندس وجود ڪنهن اڻ لکي جذبي ۽ خوف کان ڪنبي رهيو هو.
”ڏاڌي امان! ڏاڏي امان! اشرف آهيان.“ هُن ڏاڏيءَ کي ڀاڪر ڀري هندوري مان ٻاهر ڪڍي ورتو. هن جو انگ انگ خوشي کان ائين جهومي رهيو هو جيئن ڪو ننڍڙو ٻار من پسند رانديڪي کي ڏسي ڪپڙن ۾ نه ماپندو آهي.
”منهنجا ٻچڙا... اکين جا ٺار، تون اچي وئين... آءٌ قربان ٿيان صدقي وڃان!“ خوشيءَ کان ٻڍڙيءَ جو آواز ڏڪي رهيو هو. ايڏي وڏي ۽ اوچتي خوشي، هن کي جذبات جي شدت کان اصل بي قابو ڪري ڇڏيو. هوءَ ديوانه وار اشرف جي منهن کي چمڻ لڳي. ”جئيم... جڙيم.. شل سر وسين... ٻڍڙو ٿين... شل ڏهٽن پوٽن وارو ٿين.“ خوشيءَ کان سندس نيڻ، سانوڻ جي ڪاري بدليءَ جيان ڇم ڇم ڪري برسڻ لڳا.
”ڏاڍو قد ڪڍيو اٿئي!“ ڏسڻي آڱر زبان مان ٻوڙي سندس نرڙ تي هنيائين.“ شل ڪو ڪوسو واءُ نه لڳيئي، مان ته توکي سڃاڻان به نه ها! پر الائجي ڪهڙي اندر جي ڇڪ هئي... رت ٽهڪو ڏنو... جنهن تنهنجي پهرين ئي واڪي سان، من ۾ اڌما اٿاري ڇڏيا! اڄ تنهنجي جيجل ماءُ جيئري هجي ها ته توکي ڏسي ڪيڏي نه سرهي ٿئي ها...!“ ڏاڏيس ڏڪندڙ آواز ۾ ڳوڙها اگهندي چيو.
”امڙ!“ اشرف ٿڌو شوڪارو ڀري ماٺ ٿي ويو. انهيءَ ماٺ ۾ سندس ماضيءَ جا ڪيترائي زخم اکلي پيا جيڪي ماءُ جي موت کان پوءِ کيس سهڻا پيا ها.
ممتاز خاموشيءَ سان کيس ڏسي رهي هئي. اشرف جيئن ئي ڪنڌ مٿي کنيو ته هن جي نظرن، ڳڙکيءَ وٽ بيٺل ممتاز کي ڏسي ورتو. ”چاچي سائين ٻي شادي ڪئي آهي ڇا؟“ هُن ڏاڏيس کان پڇو.
ممتاز اها ڀڻڪ ٻڌي ورتي ۽ انهيءَ مهل سندس چهري تي هلڪي ناراضگيءَ جا آثار نمايان ٿي پيا، جيڪي ڪنهن حقيقت کان بيخبر انسان جي غلط انڪشاف سان پيدا ٿيندا آهن ”نه ابا! هي ته تنهنجي سؤٽ آهي.“ ڏاڏيءَ هندوري ۾ ويهندي، مرڪندي چيو. ”پر! ڏاڏي امان!“... انهيءَ کان اڳ جو هو ڪجهه وڌيڪ پڇي ڏاڏيءَ کيس اکين ئي اکين ۾ خاموش رهڻ جي هدايت ڪئي. هن ممتاز کي ڌاري ڌيءَ هئڻ جو احساس نٿي ڏيارڻ چاهيو. ”پٽ اهو موڙو ته سيري وٺجان... پري ڇو بيٺي آهين... پنهنجي سوٽ کي کيڪارين به نه ٿي؟“ ڏاڏيءَ پاٻوهه مان ممتاز کي چيو. جواب ۾ هن صرف مرڪي ڏنو ۽ شرمائيندي اڳتي وڌي. سندس گهريون نشيليون اکيون اڃان به گهريون ٿي ويون. هن جو وجود ڪنهن ازلي نشي کان سرشار ٿي ويو. هن ائين ٿي ڀانيو ته ڄڻ ساڻس ڪا ازل کان ڄاڻ سڃاڻ هئي- ڪي گهڙيون ته اشرف به وڃائجي ويو پر جلد ئي کيس ڏاڏي ۽ ٻين جي موجودگيءَ جو احساس ٿيو.
”چاچو سائين نٿو ڌسجي؟“ هن ائين ئي پڇيو.
”ابا... چاچهين ڪالهه کان زمينن جا کاتا بدلائڻ شهر ويل آهي، رات ڌاري موٽي ايندو.“ ڏاڏيءَ نڙ مان وات ڪڍندي چيو. ڪجهه دير حالي احوالي ٿيڻ کان پوءِ پنهنجي گهر روانو ٿيو ۽ ٻئي ساعت اچڻ جو چئي موڪلائي اٿي کڙو ٿيو. ڏاڏي کيس دعائون ڪندي رهي.
اشرف اڃان صرف چئن سالن جو ئي هو جو پڻس گلڻ خان ٻي شادي ڪئي. ناز نخري واري ساران، جنهن جو رنگ مثل چچيءَ جي پيٽ وانگر پيلو هو، تنهن کي شاديءَ جي پنجين سال جڏهن روئي پٽي وڃي کمون ڄائو تڏهن سندس لاڏن ۾ وڌيڪ اضافو ٿي ويو. گلڻ خان سندس خوشنودي حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجي مرحوم زال جي نشاني، اشرف کان بلڪل لاپرواهه ٿي ويو هو، تنهن هوندي به ٿڙي ٿاٻڙجي ڏهن يارهن ورهين جي عمر ۾ ڳوٺ جي مڊل اسڪول مان چار درجا انگريزيءَ جا پاس ڪري ورتائين. اهڙو ڪو ظلم نه هو جو ساران مٿس نه ڪيو هجي. ڏينهون ڏينهن سندس وجود کيس هڪ ڇپ وانگر محسوس ٿيندو هو. گلڻ سان سندس شڪايتون ڪندي رهندي هئي ته لوفر ٿي پيو آهي، کري پيو آهي، پنهنجي کمن کي سهي ئي ڪون- آخر صلاح ڪري تعليم حاصل ڪرائڻ خاطر کيس شهر جي هاسٽل ۾ داخل ڪيائون. جت ڪجهه وقت لاءِ کيس خرچ پکو ملندو رهيو، پر اهو به ساران کان سَٺو نه ٿيو ۽ هڪ ڏينهن مڙس کي اعتماد ۾ آڻيندي چيائين: ”پيءَ جو پئسو اٿس، قدر ڪونهيس ڪو شهر مان ڳوٺ جا نينگرا جوا ڪندي اکين سان ڏسي آيا اٿس، بند ڪرينس خرچ، ڀل ته ڪَل پويس، ننڍڙو ڪونهي پاڻهي پيو ڪمائيندو“- ۽ ان بعد کيس گهران خرچ ملڻ بند ٿي ويو. پر قدرت هڪ واٽ بند ڪري ٻي ضرور کوليندي آهي. سندس قسمت زور هئي. هو ذهين شاگرد هجڻ سان گڏوگڏ هڪ بهترين رانديگر به هو. کيس سندس صلاحيتن جي بنياد تي، تعليم کاتي طرفان، ڪاليج جي پرنسيپال جي سفارش تي هر سال اسڪالرشپ ۽ فري بورڊنگ جي سهوليت، سندس تعليم ۾ ڪابه رڪاوٽ نه وڌي ۽ B. Sc: Agr: جو امتحان سٺن نمبرن ۾ پاس ڪري ڏهن سالن جي ڊگهي عرصي بعد پهريون ڀيرو ڳوٺ آيل هو.
ساران اشرف کي اهڙو ٺهيل جڙيل ڏسي اندر ئي اندر ۾ کامي خاڪ بنجي وئي. اهو سندس وهم ۽ گمان ۾ به نه هو ته ڪو هو ائين پاڻ کي ٺاهي وٺندو. هن سمجهيو هو لولي ڪاڻ ليلائيندو ۽ در در جا ڌڪا کائيندو هوندو- اشرف جي ڀيٽ ۾ اڄ پهريون ڀيرو سندس سڪيلڌو ۽ لاڏلو پٽ کمون کيس گهٽ حيثيت وارو، نڪمو، ۽ بيوقوف محسوس ٿيڻ لڳو. ٽي دفعا لڳاتار مئٽرڪ ۾ فيل ٿيڻ بعد هن مورڳو پڙهڻ تان ئي هٿ کڻي ڇڏيو هو. سڄو ڏينهن گهر کان ٻاهر موالين ۽ خوشامدڙين سان ڀنگ پيو اوتاري تي راڳ ڳائيندو هو يا ڪڪڙ ويڙهائي، اوسي پاسي ناسون ڏيئي وقت ۽ پئسو زيان ڪري پيءُ جي شان ۽ مان کي چمڪائيندو رهندو هو. ماءُ ساران جي چوڻ تي ڪڏهن ڪڏهن زمينن جو چڪر به هڻي ايندو هو- جتي زمين جي سار سنڀار گهٽ ۽ هارين نارين جي نياڻين ۽ زالن سان هٿ چراند گهڻي ڪندو هو.
ساران پٽ جي ڳڻتي ۾ ته ايتري ۾ ماسي شاهو لش لش ڪندي اڱڻ مان لنگهي ورانڊي ۾ ساران سان گڏ کٽ تي ڦهه ڪري اچي ويٺي. کٽ تي رکيل بصرن جي ٽوڪري هيٺ اٿلي پئي. کمونءَ جو کٽ هيٺان بيٺل ڪڪڙ ٽاهه کائي پيرن مٿان ٽپي ويس. ”مئو نڀائيو ڪڪڙ...!“ هوءَ ڪُڙ ڪُڙ ڪري پير تان وِٺ اُگهڻ لڳي.
موئي کي ڪاتي پَئي سڄو پير ڀري وڌئيم!“ هن ڪڪڙ کي پِٽيو. کمون جيڪو چيلهه چٻي ڪيو ڪرسيءَ تي ويٺو هو، ڪڪڙ جي ڪارستاني ڏسي مُڇن ئي مُڇن ۾ مرڪڻ لڳو- ماسي شاهو ٻن ڳالهين ۾ پنهنجو مَٽ پاڻ آهي. ٺهيل گهر ڦٽائڻ ٻيو خدمت خلق لاءِ پاڻ پتوڙڻ. مثلاً نياپو نڙو پهچائڻ، شاديون ڪرائڻ، تعويذ ڦيڻو، هٽ بازار وغيره ڪري ڏيڻ کان سڄي ڳوٺ ۾ مشهور آهي. هر ڪنهن جي گهر بنا روڪ ٽوڪ ايندي ويندي آهي. هن ڀيري اچڻ سان ئي هن نئون انڪشاف ڪيو.
”ٻڌين ٿي پٽن ماءُ؟ اهڙو ڪو انڌير“ هُن کٽيءَ اوڳرائي وارو ساهه ساران جي منهن ۾ ڇڏيندي چيو.
”ڇو، خير؟“ ساران ساهه گهٽي پڇيو.
”خير ويٺي گهُر... ڏيرهين سڄي ملڪيت خصيص ڪمدار جي ڌيءَ نالي ڪرائڻ لاءِ شهر ويو اٿئي-“ هن بيڊلي نموني سان هٿن ۽ منهن کي موڙو ڏيندي چيو. انهي انڪشاف ڄڻ سندس هيئين تان پنج مڻي ڇپ لاهي ڇڏي.
”ها... ا... ا... ن!!“ ساڳي ڇپ ساران مٿان ڪري پئي. ”مئي رمونءَ گولي کائي مراد خان جي جان ڇا بچائي، مورڳو ڳرٽ وجهي ويس ڳچيءَ ۾-!“ ماسي شاهوءَ وڏيريءَ کي ڀڙڪائڻ خاطر ڳالهه کي ٽيڪو ڏنو.
ساران ۽ شاهوءَ جي کهرن ۽ اُگرن اکرن، ورانڊي جون حدون لتاڙي اشرف کي سندس ڪمري ۾ ڇرڪائي ڇڏيو. هو ورانڊي ۾ نڪري آيو. ”ڇا ٿيو هو چاچي مراد کي ماسي؟“ هن اتاولي مان پڇيو. ”ابا ٿيس وري ڇا... ڌاڙيلن کي چاچهين تي بندوق هلائيندو ڏسي، رمونءَ پنهنجي ڇاتي آڏو آڻي چاچهين جي جان بچائي موت تي ٿورو ڪيو. پٽ چوندا آهن ته مارڻ واري کان بچائڻ وارو ويجهو...مڙيئي ڏينهن پورا ٿيا هئس... ٿورو چاچهين تي ٿپي ويو.“ شاهُو هڪ ئي ساهي ۾ زهر اوڳاڇيو. ”ابا! چاچهين به ته ڪين گهٽايو...لوڪ لڄا کي نه ليکيندي، رمونءَ جي، نڌڻڪي ڌيءَ، ممتاز کي، شهزادين جيان نپائي وڏو ڪيو... نه ته در در جا ڌڪا کائي ها ڇوري... پڻس جيئرو به هجيس ها ته ڪهڙو ڇٽ جهلائيس ها.“ ساران اندر جو اوٻر ڪڍندي چيو. ”چاچا مراد ته اهو ڏاڍو نيڪ ڪم ڪيو. اهڙا وڙ ته وڏا ئي ڪندا آهن، اهڙا عظيم انسان ته اڄوڪي دور ۾ اڻ لڀ آهن.“ اشرف خوشيءَ ۽ فطر آميز لهجي ۾ چيو. ”ٺهيو هاڻي گهڻو ٿيو، ڏاڍي سوڀ کٽي آهيس- ڀلا جي جان بچايائينس، ۽ موت جي منهن پيو ته ڇا ٿيو؟ آخر به ته نوڪر هو نمڪ کاڌو هئائين. سندس فرض هو.“ ساران قهري نظرن سان اشرف کي گهوريندي چيو. ”زندگي قربان ڪرڻ وارا فرض ۽ نمڪ جا محتاج نه هوندا آهن، ماسي! اهو ته هڪ جذبو هوندو آهي. سڀني کان مٿاهون ۽ امر...“ اشرف نرم ۽ درد ڀرئي آواز ۾ ڀڻڪيو.
خيالن جي اختلاف ڪري حالتن يڪدم پلٽو کاڌو. ”مئو ابو ڪمدار جو“ شاهو ٻوڪٽ ڪري چپ ٿي ويئي... اها ماٺ ڪنهن طوفان جي اڳڪٿي هئي... ڪجهه گهڙيون اڳ واري پنهنجائپ ۽ خوشامدڙي نموني جو قرب، نفرت ۾ تبديل ٿي ويو. هن کي اشرف لاءِ ڌڪار ٿي پيئي. ساران ڪاريهر جيان وٽ کائي رهي هئي... اشرف تي ڏاڍ ۽ ڏمر ڪرڻ جي ويل ٽري ويئي هئي. هو خودار، مهذب، تعليم يافته ۽ پنهنجي پيرن تي بيٺل هو. هن کان رهيو نه ٿيو، ”شهر مان وڏي ننڍي سان ڳالهائڻ جو ڍنگ به وساري آيو آهين؟“ ساران طنز ڀريو تير، اشرف تي اڇلائيندي چيو. اشرف اوڌڪي ڀت جيان ڀُنتو ۽ خاموش ضرور هو... پر اٽل ۽ اڏول. اها هن لاءِ ڪا نئين ڳالهه نه هئي.
”چڱو کمن ماءُ! الا توهاري، وري ٻيءَ گهڙي اينديس.“ هن شرمن ٽئنڪ جيان پيش قدمي ڪندي چيو. ”چڱو ماسي! مولا مدد.“ ساران اڻ وڻنديءَ دل سان چوندي کٽ تان اُٿي. ماسي شاهوءَ جي انڪشاف کان پوءِ ساران جو سُک ئي ڦٽي پيو... گلڻ جي گهر اچڻ تي... ڳالهه ۾ مرچ مصالحو ملائي، کيس اوچتي انقلاب کان آگاهه ڪيائين... گلڻ پڻ اهو سڀ ڪجهه سڻي حيران هو. کمن پيءُ! ڇو نه ان مئي ممتاز جو سڱ پنهنجي کمن سان ڪرائجي.“ هن توپ جو گولو ڇوڙيندي چيو. پر اشرف جي هوندي؟“ گلڻ جو وجود لرزي اٿيو. ”اهو ماريو اشرف، اسان جي کمن جي جتيءَ مٽ به ناهي. شهر جا ٽڪر کائي پليو آهي، کيس هيڏي وڏي زمينداري سنڀالڻ جي ڪهڙي ڪل. رڳو اڳڙين جو گڏو آهي... مکيو چکيو گهمندو وتي... نه گهر جو گهاٽ جو، تون ئي چئه، ورهين کان پوءِ وريو آهي- ڪا مٽ مائٽ جي سار به لڌائين... هاڻي توکي جيڪي پٽڪا ٻڌاريائين سو به لوڪ ڏسندو... ادو مراد ڪو اڻڄاڻ ۽ اٻوجهه ته ڪونهي... تو واري سڪيلڌي جي لڇڻن جي سڀ خبر اٿس.“ ساران مرچن جي دونهين جيان، گلڻ جي هستيءَ کي ٻوساٽيندي چيو.
”هون...“ مڄو گلڻ، ساران جي تقرير کان مرعوب ٿي، تائيد ۾ ڪنڌ ڌوڻيو.
ممتاز کي ان ڳالهه تي اچرج هو ته هيڏو سارو زمانو، اشرف گهر کان ٻاهر رهيو... حويليءَ جي خوبصورت ۽ مضبوط در ۽ ديوارن تي ڪيتريون ئي بهارون ۽ خزائون آيون ليڪن ڪنهن به ڪڏهن اشرف جو ذڪر نه ڪيو... ۽ جڏهن کان اشرف هتي آيو هو... ٻين ڇا به کڻي محسوس ڪيو هجي، پر هن ڀانيو هو ته اشرف، هن لاءِ ئي تخليق ٿيو آهي.
وڏيري مراد خان، اها ڪهڙي خوشي هئي جيڪا هن ممتاز لاءِ خريد نه ڪئي هجي... هُومٿائنس ڪڏهن مادرانه شففت جو مينهن ٿي وسندو هو ته ڪڏهن پيءُ بنجي هن تي پيار ۽ محبت جي گلن جي ورکا ڪندو هو... پر تنهن هوندي به هن کي، پنهنجي گهٽ حيثيت هئڻ جو شدت سان احساس هو... هوءَ اهو ڪيئن ٿي وساري سگهي ته سندس ابا ڏاڏا، وڏيري مراد ۽ سندس وڏن جي، هن حويليءَ جي چائنٺ تي مٿو جهڪائي مري ويا هئا... هن کي خبر هئي ته هوءَ هڪ يتيم، لاوارث ۽ ڪاڻ وهيڻي ڪمدار جي ڌيءَ هئي...پر...پر...اشرف ته هن حويليءَ جو فرد هجڻ جي باوجود به رستي جو بيگانو پٿر هو... جيڪو هر ايندڙ ويندڙ جي قدمن جي ٺوڪرن ۾ هو... هن کي اشرف سان نه رڳو همدردي هئي پر هن ته پنهنجي دل ۾، سندس چاهت جون ڪيئي شمعون روشن ڪري ڇڏيون هيون... هن کي اهو احساس لائي ڇو هو ته اشرف جي پيار ۽ محبت جي شبنم، فقط سندس ئي دل جي گلشن لاءِ وقف هئي... اشرف جڏهن به هتي ايندو هو ته هوءَ سندس قدمن جي کڙڪي واري احساس کان ئي، ڪنوار ٻوٽيءَ جيان شرمائجي ويندي هئي.
ممتاز جي خاموش محبت، اشرف جي دل ۾ ڪيئي طوفان اٿاري ڇڏيا هئا... هو هر خطري کان بي نياز، پيار جي ڇوليون ڏيندڙ دريا ۽ ڪنهن سهاري سواءِ، اوڻٽيهين اونداهين هوندي به ڌوڪي پوندو هو... ۽ ممتاز سندس مخمور ۽ نيري اکين جي ساگر ۾ غرق ٿيڻ جي تمنا جي تصور کان ئي گهٻرائجي ويندي هئي... ”مون کان ڊپ ٿو لڳيئي؟“ فضا ۾ جلترنگ جو جادو ڦهلجي ويو. ”ڊيڄاريندڙ شين کان ته بزدل ڊڄندا آهن“ هن کانئس ٻانهن ڇڏائيندي چيو.“ ۽ بهادر!“ مو ئي جي مهڪار ممتاز جي وجود کي معطر ڪري ڇڏيو. نيري اکين سان.“ اشرف جي ڪنن ۾ ڪنهن لاقافي ۽ پرڪيف نغمي جا ٻول ٻرڻ لڳا.
اشرف جيستائين ڏينهن ۾ ڏهه ڀيرا، مراد خان جي حويليءَ جو طواف نه ڪندو هو، هن کي ڪنهن پل سڪون نه ملندو هو... ها، کيس قرار به ڪيئن اچي ها... هن پنهنجو من، پيار جي سنهيءَ سئيءَ سان، ممتاز جي دل سان سبي ڇڏيو هو... ٻئي نڌڻڪا ۽ حقيقي پيار جا بکايل جو هئا... هڪ ٻئي جي قربت ۽ رفاعت جي احساس کان سندس دليون مسرور هيون... شاد هيون اشرف ته ڪنهن بي پناهه ۽ اڻ لکي نشي کان زمين تي ترندو رهندو هو. سندس دل جي خشڪ، اڻڀي ۽ ڏرا ڏنل زمين ۾ خوبصورت ڪنول جو اُڀري آيا هئا. سندن پيار جي پڙلاءَ واري سرهاڻ حويلي جو مضبوط ۽ ڊگهين ديوارن کان نڪري، ڳوٺ جي وڻ وڻ کي واسي ڇڏيو هو.
مراد خان دل جو مريض هو... کيس هر وقت ممتاز جو فڪر رهندو هو... هن کي ڊپ هو ته متان سندس مرڻ بعد ڪٿي ممتاز هڪ دفعو ٻيهر يتيم نه ٿي وڃي. هن کي اک اک جي پرک هئي، هن کي احساس هو ته سندس اکين پورجي وڃڻ کان پوءِ، ڪيئي اکيون ممتاز تي تير وسائي هن جي معصوم جگر کي گهائل ڪري ڇڏينديون. اشرف جي اخلاق، نياز ۽ نوڙت هن جي دل تي گهرو اثر ڇڏيو- کيس پورو احساس هو ته ڀاءُ ۽ ڀاڄائيءَ هن کي اهو پيار نه ڏنو هو جنهن جو هو حقدار هو. ڏاڏيءَ کان به اشرف جي، ممتاز لاءِ چاهت ۽ دلچسپي لڪل ڪانه هئي؛ هن جي اها خواهش هئي ته ممتاز جو هٿ اشرف جي هٿ ۾ ڏيئي ڇڏجي- ۽ انهيءَ لاءِ مراد کي مناسب موقعي جو انتظار هو.
”کمن جو سڱ، ممتاز سان ڪرائجي ته هوند ڏاڍو سٺو ٿئي.“ ڏاڏي جي وارن ۾ ڦڻي ڪڍندي، شاهوءَ مناسب موقعو ڏسي؛ ساران جو خيال پيش ڪيو. ”ڀاڳن ڀري! اهي ته آهن لکئي جا ليکا. پرائي ڄائي آهي- مري جهان ڇڏڻو اٿئون، آءٌ سنديس مرضيءَ خلاف زور نه ڪنديس!“ ڏاڏيءَ پنهنجي عمر جي خلاف، نهايت نرميءَ سان نئين زماني جي ڳالهه ڪئي. ”پر ساران کي معمولي نوڪر جي ڌيءَ کي ننهن بنائڻ جو خيال ڪيئن آيو!... سندس شان نه گهٽبو؟“ ڏاڏيءَ طنز ڪندي چيو. ”او... هون! اهي ته ساران جون اجايون ڳالهيون آهن... پاڻ ڪهڙي وڏگهراڻي آهي... ڏاڏهنس سارو ڏينهن، رون رون ڪندو، سُرندو ڪلهي تي کنيو پيو پنندو هو... جڳ ڄاڻي ٿو- پِنَ جي ٽُڪرن تي پليل ساران، هاڻ کڻي وڏيري ٿي ته ڪو ڀولو ناهي. باندر ڀلي رنگ مٽائي... امڙ! عادت ته اهائي رهندي...!“ ماسي شاهو منافقت جا ليڪا لتاڙيندي چيو. ”ٺهيو هاڻي ماٺ ڪر، ڀتين کي به ڪَنَ آهن ڪو ٻڌي نه وٺئي!“ ڏاڏيءَ مشڪندي چيو. ”ٻيو نه ته، سچ ٿي چوان.“ شاهوءَ ايئن ڳالهايو ڄڻ ڪو کيپ کٽيو هجيس.
”امڙ منهنجي توبهه! زاري!... شهرن ۾ ته اهڙيون بي حيائون ٿينديون ڏٺيون ٻڌيوسين... پر ڳوٺ به هاڻ اجهو ٿا شهر بڻجن.“ ماسي شاهو ٻنهي هٿن جي ڏسڻين سان نڪ گهندي ۽ ڪن جون پاپڙيون ڇڪيندي چيو. ”وري ڇا ٿيو...؟“ ساران جا ڪن، زخمي سانبر جيان اُڀا ٿي ويا. ”ٿيندو وري ڇا... سسڻين پئي چوي ته ممتاز، پنهنجي مرضيءَ سان؛ ڏسي وائسي گهوٽ ڪندي! توڀان!توڀان! چار پنج درجا سنڌي جا پڙهي، پاڻ کي ولايت پاس ٿي سمجهي. مئي ليکن کاڌي جي ڌيءَ، نڀائي! ڇوڪريءَ ۾ ڪو ڦيرو آيو آهي! شهر جا نوان نوان ڦئيشڻ سکي پئي آهي- اشرف به سڄو ڏينهن وٽن پيو آهي. نه اٿس ڪم نه ڪار- مراد پنهنجي ڌنڌن سان، پوڙهيءَ کي ته ڪا ڪل ئي ڪانهي ته گهر ۾ ڇا پيو وهي واپري..“ ماسي شاهو وڏڦڙي جيان وسي رهي هئي. ”ماسي شاهو! تون به ويٺي ڏس- منهنجو نالو به ساران آهي- ڏينهن جا تارا نه ڏيکاريانِ ته چئجانءِ.“ ساران اُڀ ڏاريندي چيو.
اشرف اڄ بيحد خوش هو، کيس شهر مان تار ملي هئي ته اچي پندرهن ڏينهن اندر نوڪريءَ تي چڙهي- هو خوشيءَ وچان ٽپندو ۽ ڪڏندو سڌو چاچي مراد وٽ حويليءَ ۾ پهتو.
”ابا خير ته آهي؟ اڄ ڏاڍو سرهو پيو نظر اچين-؟“
”چاچا سائين، ڳالهه ئي سرهائي جي آهي.“ اشرف ٽانگر جيان ٽهڪي رهيو هو. ممتاز جا اشرف جي خيالن ۾ گم هئي، هن جي آواز تي کٽ تان ٽپو ڏيئي اٿي کڙي ٿي پر هڪدم وڏيري مراد جي موجودگيءَ جي خيال کان اتي ئي بيهي ٻنهي جون ڳالهيون ٻڌڻ لڳي.
پَٽ، اهڙي ڪهڙي خوشيءَ جي ڳالهه آهي. آخر ٻڌائيندي به يا رڳو پرولين ۾ پيو ڳالهائيندين؟“
”چاچا سائين... مونکي نوڪري ملي آهي- اجها ڏسو تار- پندرهن ڏينهن اندر رپورٽ ڪرڻي اٿم-“
”پر ڪهڙي نوڪري- ڇا جي نوڪري-؟“
”توهان کي ٻڌائڻ وسري ويو هئم ته شهر مان ڳوٺ اچڻ کان اڳ هڪ ٻن هنڌن نوڪريءَ لاءِ ڪوشش ڪئي هئم- هڪ ولائتي ڀاڻ ڪمپنيءَ وارن مونکي پاڻ وٽ اگرانامسٽ (Agranomist) جي پيشڪش ڪئي هئي ۽ چيائون پئي ته جلد ئي آرڊر موڪلي ڏيندا- اڄوڪي تار انهن موڪلي آهي-؟“
”پٽ توکي الله پنهنجيءَ وارو ڪري- اسانجون دعائون سدائين توساڻ هونديون- پر شهر وڃي اڳ وانگر غائب نه ٿي وڃجانءِ...! اسان پوڙها ماڻهو ڪا ڪل نٿي پوي ته ڪڏهن ٿو سڏ ٿئي- اسانجي اکين جو تون ئي ته سوجهرو آهين... مونکي ته تو ۾ وڏيون اميدون آهن ٻچا...“ وڏيري مراد پيار جي ورکا ڪندي چيو.
ممتاز هڪ دفعو ٻيهر اشرف جي شهر وڃڻ جو ٻڌي، روئي روئي ساڻي ٿي پيئي. سندس ڪاريون ۽ ڪجليون اکيون ٽانڊن جيان ڳاڙهيون ۽ منهن ٽامڻي هڻي چڪو هو.
اڙي- تون روئي رهي آهين؟“ اشرف سندس منهن مٿي ڪندي چيو.
”ڇڏ مونکي-!“
”هيءُ هٿ ڇڏڻ لاءِ ٿوروئي جهليا هئم.“
”ڇڏي ئي ته وڃين پيو-“
”توکي ته خوش ٿيڻ گهرجي ته اڄ مان پنهنجن پيرن تي بيهڻ جوڳو ٿيو آهيان... عملي زندگيءَ جي پهرين ڏاڪي تي پير رکي رهيو آهيان... ۽ شهر پري ٿورو ئي آهي- مان هر موڪل تي ايندس به ته پيو نه! ڀلا تون سمجهين ٿي ته مونکي توکانسواءِ قرار ايندو...!“ هن ممتاز کي دلداري ڏيندي چيو.
ڳوٺان موڪلائي هو جڏهن نوڪري ته چڙهڻ لاءِ شهر روانو ٿيو ته هن جي اندر ۾ آنڌ مانڌ هئي... اڳ شهر ۾ رهندي، کيس ڪڏهن به ڳوٺ جو خيال نه آيو هو... پر اڄ سندس ڳلن تان ڳوڙهن جون بوندون، وسي رهيو هيون... سندس ڪائنات ڳوٺ ۾ هئي... هو سڄي واٽ ممتاز جي تصور سان ڳالهيون ڪندو رهيو- فيلڊ ڊيوٽي ۾ اچڻ شرط هن پنهنجي علم ۽ خانداني زميندار هئڻ جي حيثيت سان، پنهنجي ڪم ۾ ڪوتاهي نه ڪئي. مختلف قسم جي زمينن بابت، هر قسم جي ننڍن توڻي وڏن زميندارن، هارين ۽ نارين۽ ٻين واسطيدار ماڻهن سان لهه وچڙ ۾ اچي ڪافي تجربو حاصل ڪري ورتو هو... هن ڏينهن کي ڏينهن ۽ رات کي رات نه سمجهيو- پنهنجي مستقبل کي سنوارڻ ۽ خودداريءَ واري جذبي کي برقرار رکڻ لاءِ هن ڏاڍا جتن ڪيا... سندس، سڀ سان مانائتي هلت ۽ ڀل ماڻهپي نه فقط بالا آفيسرن جو من موهي وڌو هو، پر سندس ڀاڻ جي استعمال جا ڏسيل طريقا زميندار توڻي هارين لاءِ ڏاڍا فائديمند ثابت ٿي رهيا هئا... تنهن هوندي به هو اڳي کان اڳرو هو... هن پنهنجي مقصد واري هلچل ۾ اڃان به تيزي پيدا ڪري ڇڏي هئي... هن کي وقت ۽ وت کان وڌيڪ ڪم ڪرڻ ۾ ڏاڍو سڪون ۽ سرور ملندو هو.
پهريان ڏهاڙا ته هو ڳوٺ نه وڃي سگهيو هو پر ٻئي ٽئين ڏينهن ڳوٺ خط لکي... اڻ سڌي طرح سان، ممتاز کي ساڻس محبت جي احساس ۽ وابستگي ڏيکارڻ خاطر ڊگها ڊگها خط لکندو هو... پر پوءِ هر اٺين ڏهين ڏينهن کان پوءِ هن اچڻ شروع ڪري ڏنو هو. هو جڏهن پڪن ۽ ڪچن رستن جا سينا چيري چاچي مراد جي حويليءَ آڏو، زور سان جيپ جو هارون وڄائيندو هو ته اندر حويليءَ ۾ ممتاز جي ڪنن ۾ شرنايون وڄڻ لڳنديون هيون... هن جي مستيءَ ڀري جواني رقص ڪرڻ لڳندي هئي.
هو ڏينهن جا ڏينهن ڳوٺ ۾ ترسيل هوندو هو... جيتوڻيڪ کيس هڪ طرف، ممتاز جو قرب حاصل هو ته ٻئي طرف هُو صدين کان ويران بنجر زمينن کي نئين زندگي ڏيڻ لاءِ، پنهنجي علم ۽ تجربي وسيلي ڳوٺ ڳوٺ وڃي ماڻهن کي سمجهائيندو هو... تڏهن وڏيري مراد ۽ گلڻ جا سينا فخر کان تاڻجي ويندا هئا... هن ڪڏهن به اهو خيال نه ڪيو ته ڪنهن ڪمپني جو نوڪر آهي... پر هن جي هر وک فرض جي صورت ۾، سنڌڙي جي سيني کي سرسبز ۽ شاداب ڏسڻ لاءِ اڳتي وڌندي هئي... هو ڌر تتيءَ جو جيپ ڪاهي مٽيءَ ۾ ڀڀوت بڻجي جڏهن حويليءَ ۾ موٽندو هو ته ممتاز جون نظرون، عقيدت مان، سندس قدمن ۾ سجده ريز ٿي پونديون هيون.
اهو ڏينهن قيامت کان ڪنهن به ريت گهٽ نه هو... جڏهن اشرف، فيلڊ ڊيوٽيءَ تان موٽيو هو ته ممتاز کيس هٿ وڌائي ڏاڍي ناز ۽ محبت سان لفافو ڏنو. ”ڏاڍا خط پيا اچنوَ.. اها وري ڪهڙي ڏائڻ ساماڻي آهي... جيڪا هر ٻين ٽين ڏينهن خط پئي لکي؟“ ممتاز جهومندي چيو. هو خط کولي پڙهڻ لڳو. خط جي هڪ هڪ اکر جو مفهوم سندس چهري تان نمايان هو. ”ڀيڄ ڀيڄ“ هن خوشيءَ مان نعرو هنيو ۽ خط هوا ۾ لهرائي، هو جمالي جي ڌن تي لهر ڪرڻ لڳو. ”ڇاهي خط ۾؟“ ممتاز بي صبريءَ مان پڇيو. ”ممتاز ڪمپني مونکي، وڌيڪ ٽريننگ خاطر، ڇهن مهينن جي مدي لاءِ، ولايت موڪلي رهي آهي.“ هن جهومندي چيو. ”ڇهه مهينا!“ ممتاز جو چهرو لوساٽجي ويو. غم ۽ نراسائيءَ جا گهرا ليڪا، هن جي سندر صورت تي اڀري بيٺا. هُوءَ سڏڪا ڀري روئي رهي هئي. ”تون ته صفا چري آهين، ان ۾ روئڻ جي ڪهڙي ڳالهه آهي- هي ته خوشيءَ ۽ شادماني جو موقعو آهي، مون لاءِ، تولاءِ ۽ سڀني لاءِ، فخر جي ڳالهه آهي، جو ڪمپنيءَ ٻين پراڻن ماڻهن هوندي، مون سيکڙاٽ ۽ نئين ماڻهوءَ کي موڪلي رهي آهي.“ اشرف هڪ ئي ساهي ۾ کيس سمجهائڻ لڳو. ”اشرف! تولاءِ ته ڇهه مهينا اک ڇنڀ آهن. پر مون لاءِ ته اهي صديون آهن... صديون... اشرف مونکي ائين وڇوڙي نه وڃ... مون ۾ ايڏي سگهه نه آهي جو تنهائين جو زهر پي سگهان... اشرف آءُ مري وينديس... مري وينديس... تون نه وڃ. خدارا... نه وڃ...“ هُوءَ جذبات جي شدت کان اڌ مئي ٿي پئي. ”ڇا توکي مون تي اعتبار نه آهي؟... ڇا منهنجي چاهت کي واريءَ جو ڪوٽ ٿي سمجهين؟... ممتاز... ائين نه چؤ... نه ته محبت بدنام ٿي ويندي... آءُ تنهنجو آهيان... قيامت تائين تنهنجو رهندس... توکي حوصلو رکڻ گهرجي...“ اشرف نماڻي ۽ درديلي نوع ۾ ورجايو. ”ڇا تون منهنجو انتظار ڪندينءَ؟“ اشرف ممتاز کي ماٺ ڏسي پڇيو. ”پوڄاري جيڪي گل، پنهنجي ديوتا تي چاڙهيندو آهي... انهن گلن سان ٻئي ڪنهن جو تصور وابسته ڪرڻ، پوڄاريءَ جو موت هوندو آهي...“ ممتاز پنهنجي جذبن تي قابو پائيندي وراڻيو. ”سچ...!“ اشرف جو مکڙو گل جيان ٽڙي پيو. ”آزامائي ڏسجان...!“ ممتاز فضا ۾ خوشي ۽ غم جو تاثر پکيڙي ڇڏيو.
اڄ اشرف کي ولايت وئي پورا ويهه ڏينهن ٿيا ها... ممتاز ڏاڏي، وڏيرو مراد ۽ حويليءَ جو هر فرد، کيس ياد ڪري رهيو هو. ممتاز ته اشرف سان گهاريل ڏينهن جي يادن جي تصور ۾ گم هئي... حويليءَ جي چپ چپات ۽ نراسائي ساري ڳوٺ کي سوگوار ڪري ڇڏيو هو... اشرف جي وڃڻ کان پوءِ، کمون، ماءُ جي سيکارڻ تي، چاچي مراد جي گهر اچڻ وڃڻ وڌائي ڇڏيو هو... هو جڏهن مڇن تي تاءُ ڏيئي، سگريٽ جو سوٽو هڻندو هو ته فضا ۾ هڪ اڻوڻندڙ ۽ اُگري ڌپ جا هڳاءَ ڦهلجي ويندا هئا... ڏاڏي ويچاري ته ان ڌپ ۽ دونهين کان کنگهڻ لڳندي هئي... ممتاز ته کمونءَ جي کڙڪ ٻڌي ڪوٺيءَ ۾ ئي پورجي ويندي هئي... پر کمون... اکين جي اشارن، مڇن ۽ عامياني قسم جي ٻٽي معنيٰ رکندڙ جملن جا تير ممتاز تي اڇلائڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪندو هو... اهڙيءَ ريت هڪ طويل عرصو گذري ويو...پر اشرف وٽان ڪو حال احوال نه آيو... ممتاز جي تابناڪ ۽ روشن مستقبل جي ماڙي ڦهڪو ڪري اچي پٽ پئي هئي... اڄ اشرف کي وئي پورا نوَ مهينا ٿي ويا هئا... هوءَ پاڻ کي، ڪاڪ جا ڪانوَ اڏائي اڏائي، نراسائيءَ ۽ نااميدي جي تاريڪ غارن ۾ محسوس ڪرڻ لڳي هئي... کمونءَ جي کيچل بازي، شاهو ۽ ساران جي سازشن، محبت جي حسين تاج محل کي لوڏي ڇڏيو هو.
صبح مهل ماسي شاهو، ممتاز جي ساهيڙيءَ جي گهران ڏڌ وٺيو پي نڪتي ته هڪ جيپ ڌڌڙ اڏائيندي اوچتو اچي لوڙهي جي ٻاهران بيٺي، اشرف کي هڪ ميم سان گڏ ڏسي ذري گهٽ هٿ مان دکي ٿي ڇڏايس. ”ائي متل! هيڏانهن ته اچ“ هوءَ سٽ پائي وري گهر اندر وئي- متل ۽ عاشيءَ جو کيس اهڙو گهٻرايل ڏٺو، سي پنهنجا ڪم ڪاريون ڦٽي ڪري وٺي ٻاهر ڀڳيون، عجب کان سندن وات کلي ويا. ايتري ۾ سهڻي ميم به ٽپ ڏيئي اڙدوءَ ۾ ڀر واري ڳوٺ جي زميندار جو ڏس پڇيائين ته ڪهڙو رستو وٺي وڃجي، جو هو سندس دعوت تي شڪار ڪرڻ لاءِ آيل هئا. ماسي شاهوءَ جون اکيو حيرت وچان ڦاٽي ويون ۽ ڳوٺاڻي سنڌيءَ ۾ اشرف ڏانهن اشارو ڪري چيائينس، ”اهو جيڪو گڏ ويٺو اٿئي انهي کي خبر ڪونهي ڇا جو اسان کي تنهنجي سهڻي شڪل ڏيکارڻ لاءِ موڪليو آهيس.“ ميم حيرانيءَ سان سندس جواب ٻڌڻ لڳي.
”حياءُ ڪونهي جو پاڻ زيپ“ ۾ آڪڙيو ويٺو آهي، ڳوٺ جي ماءُ ڀيڻ جو به ادب ڪونهيس.“ ماسي شاهوءَ جون ڳالهيون ميم جي سمجهه کان ٻاهر هيون. هوءَ انگريزيءَ ۾ ڀڻ ڀڻ ڪندي وڃي جيپ ۾ سوار ٿي. سندن هلي وڃڻ جي دير هئي، ماسي شاهو مٿي تي پوتي ٺاهي سڌو کمونءَ ماءُ وٽ اچي ٺڪاءُ ڪيو ۽ کيس سڄي حقيقت ڪري ٻڌايائين. وڌيڪ پنهنجي طرفان وڌائيندي چيائين. ”امان پاڻ ته ٺهيو پر ميم کي مون سان چرچا ڪرڻ لاءِ چيائين، مُئي چئي رهي هئي ته اسان شادي ڪئي آهي ۽ ڀر وري ڳوٺ ۾ زميندار جي دعوت تي وڃي رهيا آهيون- ڀلا اهو مونکي ٻڌائڻ جي ڪهڙي پئي هئس، اهڙي جو سوڀ کٽي آيو هو ته وڃي پنهنجي ڀائيندڙ چاچي ۽ ڏاڏيس کي ٻڌائي ها، يا وري هن کي جيڪا سندس واٽ پئي نهاري.“ ٻئي طرف ممتاز جي ساهيڙي عاشي پنهنجي اکين ڏٺي حقيقت کان کيس واقف ڪيو. اها ڳالهه سڄي ڳوٺ ۾ پکڙجي وئي. وڏيرو مراد سخت پريشان ۽ ڪاوڙ ۾ هو. پر پوءِ اهو سوچڻ بعد ته کمون به ته سندس ئي ڀائيٽيو آهي تنهن کي ڀاڄائيءَ ساران جي ٻاڏائڻ ۽ منٿن تي ممتاز جو سڱ ڏيڻ لاءِ راضي ٿي ويو. هوءَ جا روايتي سنڌي گهراڻيجي نينگري هئي ۽ اها به خبر هئس ته سندس اصل حيثيت ڇا آهي انهيءَ شاديءَ کان انڪار نه ڪيائين. درد کان سندس دل ڳڀا ٿي پيئي هئي. اشرف جي بيوفائي سندس دل کي لهو لهو ڪري ڇڏيو هو.
کمون ماءُ جا نوان نوان لاڏ هُن لاءِ شروع ٿي ويا. کمون به وارن ۾ ٽيڻون چئڻون تيل مکي ڇاتي تاڻي هلڻ لڳو، ممتاز غور سان سندس بيهوده ادائن کي ڏسندي هئي ۽ پوءِ کيس بيوفا اشرف جو صاف سٿرو چهرو نظر ايندو هئو- بغير تيل ڦليل جي چمڪندڙ نکريل وارن جون لٽون، اهي خوشبودار ۽ صاف هٿ... خاموش التجائون... ۽ ڪٿي هي آچار جهڙا سنڌيل چهٽيل وار... کهرا ٻيڙيءَ ۽ چرس جي ڌپ وارا هٿ... اگهاڙيون خواهشون... هوءَ دل ئي دل ۾ ڳوڙها ڳاڙيندي هئي.
وڏيري مراد، ممتاز کي ڏاڍي لاڏ ۽ ڪوڏ سان نپايو هو... ممتاز جي هوندي کيس پنهنجي بنا اولادي هجڻ جو ڪڏهن به خيال نه آيو... اڄ کمونءَ سان ممتاز جي شادي هئي... حويليءَ ۽ اوطاق کي ڪنوار جيان سينگاريو ويو هو... وڏيرو مراد اڄ پنهنجي دل جي حسرتن کي پوري ڪرڻ لاءِ، پاڻيءَ وانگيان پئسو خرچ ڪري رهيو هو... اڄ هو بيحد خوش هو... پر تنهن هوندي به جڏهن کيس اشرف جو خيال ٿي آيو ته سندس دل ۾ وڍ ٿي پئجي ويا. ليڪن هو خاموش هو... هن جي آتما کي اڄ ڏاڍو سڪون هو- هُو اڄ سمجهي رهيو هو ته هن رمونءَ جي روح کي خوش ڪيو آهي... رمون سندس وفادار نوڪر... جنهن پاڻ ماري کيس نئين حياتي ڏني هئي... وڏيري مراد جو وجود خوشي ۽ غم جي گڏيل سڏيل وهڪري ۾ وهي رهيو هو. شاديءَ جا سڀ انتظام مڪمل ٿي چڪا هئا... آسپاس توڙي پري پري جا وڏا رئيس ۽ ڪامورا ڪڙا شريڪ ٿيا... نڪاح جو وقت ٿي چڪو هو، پر وڏيري مراد کي پنهنجي جگري دوست، رئيس ميرڻ جو انتظار هو. رئيس ميرڻ جيتوڻيڪ اڌوڙ عمر جو هو پر ڏاڍو دلچسپ ۽ نئين خيالن جو ماڻهو هو. هن جي دوستن ۾ هر طرح جا ماڻهو شامل هئا. شيل ۽ شڪار جو ته ڏاڍو شوقين هو.
جيپ جي زوڪاٽ تي، وڏيري مراد جون اکيون چمڪي اٿيون، هُو سَٽ ڏيئي اوطاق جي در ڏي وڌيو، رئيس ميرڻ پنهنجي لاکيڻي لوڏ سان جهومندو پئي آيو. وڏيري مراد وڌي وڃي کيس ڀاڪر ۾ وڌو. ”اشرف تون! ڪميڻا هي ڪتي هتي ڇو آندي اٿئي؟“ وڏيري مراد، رئيس ميرڻ جي پويان هڪ نوجوان جوڙي کي ڏسي رڙ ڪئي. اڙي! چريو ٿيو آهين ڇا؟... هي اسان جو دوست والٽر ۽ سندس گهر واري آهي... والٽر صاحب، پاڻ واري ائگريڪلچرل بئنڪ جو نئون ڊائريڪٽر آهي ۽ منهنجي دعوت تي ڪجهه ڏينهن ٿيا جو هتي آيل آهي.“ رئيس ميرڻ لوڻا هڻي، مراد کي سمجهائيندي چيو.
”پر هي ته بنهه اشرف مهانڊي آهي!“ وڏيري مراد ڏڪندي چيو.
”نه چريا... هي والٽر صاحب اٿئي!... مان ڏاڍو مصروف هيس... مان پاڻ توکي والٽر سان ملائڻ ٿي چاهيو... پر وقت ئي نه ملي سگهيو، پوءِ سوچيم ته اڳو پوءِ شاديءَ واري موقعي تي گڏباسين... مان پاڻ جڏهن والٽر صاحب کي سندس آفيس ۾ پهريون ڀيرو ڏٺو هو ته چڪرائجي ويو هوس، پر پوءِ اها غلط فهمي دور ٿي ويئي.“ ميرڻ، مراد کي وڌيڪ سمجهاڻي ڏني- وڏيري مراد اڳيان ڳچ ڏينهن اڳ، ماسي شاهو ۽ عاشيءَ وارو ٻڌايل واقعو اڀري آيو... سندس نبضون ڍريون ٿيڻ لڳيون... پر هو هٿ ڪپائي چڪو هو... هُو پاڻ کي ڪنهن اونهي ۽ اونداهي کڏ ۾ ڪرندو محسوس ڪري رهيو هو.
نڪاح پڙهجي چڪو هو... شرنائين جو آواز جيڪو ٻن جسمن ۽۽ دلين جي ميلاپ جي علامت سمجهيو ويندو آهي... پري پري ائين پولار ۾ سرن جي سرهاڻ ڦهلائي رهيو هو.
اشرف جي دل اڄ خوشيءَ کان جهومي رهي هئي... هو دل جي ڌڪ ڌڪ کان به تيز رفتار سان جيپ ڪاهيو، ڳوٺ طرف وڌي رهيو هو... هن جلد کان جلد ڳوٺ ٿي پهچڻ چاهيو.. نون مهينن جي وڇوڙي ۽ المناڪ انتظار جون گهڙيون ختم ٿيڻ واريون هيون... هن سوچيو: ”ممتاز جياڪا، سندس اوسيئڙي ۾، اکين جا چراخ ٻاري ويٺي هوندي، هن کي ڏسي ڪيڏو نه خوش ٿيندي... ڪاوڙبي... ۽ پوءِ هيءُ کيس ڳراٽڙيون پائي پرچائيندو... هن جي چپن تي مٺري مرڪ تري آئي. ”چاچو مراد... ها، هو جڏهن کيس ڪَرڙي اکين سان ڏسي ڀاڪر ۾ ڀريندو... تڏهن...“ هُو خوشيءَ کان بيتاب پئي ٿيو. ”ڏاڏي...“ ڏاڏي جي تصور سان ئي سندس روح ۾ مامتا جو ماڪ جيان پاڪ ۽ پوتر چهرو جهرمر ڪرڻ لڳو- هو سڀني ڳالهين کان بي خبر ۽ بي نياز اڳتي وڌي رهيو هو... اوطاق ۽ حويليءَ جي وچ واري ميدان ۾ وڏا وڏا شاميانه لڳل هئا. هو ڪجهه نه سمجهي سگهيو. اوطاق جي ويجهو اچي، هن زور سان بريڪ هنيو بريڪ لڳڻ ڪري، اوطاق ۽ شاميانه، مٽيءَ جي بادلن ۾ گم ٿي ويا.
جيپ مان، سوکڙين پاکڙين ۽ ٻين شين جا بنڊل لاهي هو خوشيءَ مان، اوطاق ۾ داخل ٿيو. وڏيري مراد جي جيئن اشرف تي نظر پئي. سندس دل ۾ درد جو دريا اٿلي پيو.
”پٽ! ڏاڍا ڏينهن لاتئي.“ هن چوٽ کائيندي پڇيو. ”ڪا سارسنڀال به نه لڌءِ!؟“ سندس دل جو سمورو سور اکين ۾ اُڀري آيو. ”چاچا سائين! ڌڻيءَ رحم ڪيو جو آءٌ جيئرو جاڳندو اوهان آڏو موجود آهيان. ٽريننگ پوري ڪرڻ بعد واپس موٽڻ مهل، اتي ئي ايئرپورٽ تي، منهنجي ٽئڪسيءَ جو ايڪسيڊنٽ ٿي پيو... مري مري بچيو آهيان، اطلاع ڏيئي اوهان کي پريشان ڪرڻ مناسب نه سمجهيم.“ اشرف هڪ ئي ساهيءَ ۾ چئي ويو.
”ڀلا گهر ۾ ته سڀ خيريت آهي نه... ڏاڏي ۽ ممتاز ته چاڪ آهن؟“
”ها پٽ...! سڀ چاڪ آهن. پر...ما...مان...“ وڏيري مراد جي جملي پوري ڪرڻ کان اڳ ۾ ئي رئيس ميرڻ، والٽر سوڌو اڳتي وڌي آيو.
“This man exactly looks like me! I am looking my self in mirror.”
(هي ته بنهه مون مهانڊو آهي! ائين ٿو لڳي ڄڻ آئيني ۾، مان پنهنجو ئي عڪس ڏسي رهيو آهيان.) والٽر اشرف کي ڏسي حيرانيءَ وچان رڙ ڪندي چيو. اشرف پڻ، والٽر کي پنهنجي هم شڪل ڏسي حيران هو. ”والٽر صاحب! اوهان ۽ اشرف جي هم شڪل هجڻ ڪري، هت ته معاملو ئي اور ٿي پيو آهي. ياد اٿوَ! پهريون ڀيرو، جڏهن پنهنجي مسز سميت اسان وٽ شڪار تي اچو: ڳوٺ وارن، اوهان کي اشرف سمجهي، وڏيري مراد کي ٻڌايو ته هُو ولايت ٻلايت ڪونه ويو آهي: هتي ئي ڪنهن ميم سان شادي ڪيو ويٺو آهي- اسان واري رئيس به پڪ ڪرڻ کانسواءِ ئي، اشرف جي مڱ کمونءَ سان پرڻائي ڇڏي.“ ”هان!“ اشرف هانوَ ڦاڙ رڙ ڪئي. بنڊل سندس هٿن مان ڇڏائجي پکڙجي ويا.
بظاهر ته خوشيءَ جو موقعو هو... پر ممتاز جي هڏڪين ۽ سڏڪين جي آواز سڀني کي غمگين ڪري ڇڏيو هو... وڏيرو مراد، اشرف کان اکيون هيٺ ڪري هلي رهيو هو... ڇو ته هن ئي سندس دل جي دنيا کي پائمال ڪيو هو... هن رمونءَ جي روح کي رنجايو هو... هن ممتاز کي هڪ دفعو ٻيهر ڪنڊن تي اڇلايو هو... هو اداس هو، سوگوار هو... ساري حويلي اداس ۽ ويران هئي- اشرف خاموش هو... سندس اکيون پٿرائجي چڪيون هيون، سندس چهري تي ڪوبه تاثر نه هو... هو رات جي تاريڪين ۾ جيپ ڪاهي ڪنهن اڻ ڏٺل منزل طرف وڌي رهيو هو... سندس ڪنن ۾، ممتاز جا اکر گونجي رهيا هئا. ”پوڄاري جيڪي گل، پنهنجي ديوتا تي چاڙهيندو آهي... انهن گلن سان ٻئي ڪنهن جو تصور وابسته ڪرڻ پوڄاري جو موت هوندو آهي...“ ديوتاجي سيني کي چيريو ويو هو... گل لتاڙيا ويا هئا. سندس اکين مان ٻه لڙڪ، جيپ جي اسٽيئرنگ تي ماڪ جيان اڀري بيٺا... هو روئي رهيو هو... ڪائنات روئي رهي هئي، پوئين پهر رات ڳوڙها ڳاڙي مکڙين کي گل بنائي ڪنهن ٻئي ديوتا جي سيني ۾ جهير وجهڻ جا سانڀاها ڪري رهي هئي.