ڪھاڻيون

چانديءَ جون تارون

هن ڪتاب ۾ ماهتاب محبوب جون سورهن ڪھاڻيون شامل آهن. ماهتاب محبوب جون هي ڪھاڻيون موضوع، ٽيڪنيڪ ۽ ٽريٽمينٽ جي لحاظ کان هڪ نئون ۽ انوکو تاثر رکن ٿيون. ڪھاڻين جي ڪردار نگاري بي مثال آهي. سندس ڪھاڻيون انساني معاشري جون عڪاس هئڻ سان گڏ جديد ڪھاڻيءَ جي جملي قدرن ۽ رجحانن جي تڪميل جي مڪمل صورت پڻ آهن.

Title Cover of book چانديءَ جون تارون

مان ئي وار وجود تي

تنهن هوندي به جيڪڏهن هن کي ڪنهن ٻئي پاسي ڪوٺڙي ملي وڃي ها تڏهن به هن اڪيلي سر لاءِ غنيمت هئي. گهٽ ۾ گهٽ ڪارخاني جي ڀر واري موجوده جاءِ کان ته هن جي جند آزاد ٿئي ها، جنهن ۾ سواءِ جمع جي هر روز مشينن جي کچ کچ ۽ ڇڪ ڇڪ ٻڌي هن جي مغز جون رڳون ڇڪجي وينديون هيون.
هر روز مشينن جي ڇڪ ڇڪ ۽ هنجي ستار جي مدهم آواز جي چٽاڀيٽي هئي. هو تيز ستار وڄائي مشينن جي آواز کي ستار جي تارن مان نڪرندڙ آواز ۾ گم ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو هو.
پر ائين ڪرڻ سان اٽلندو سندس ستار جون نازڪ تارون ٽٽي پونديون هيون، جن کي ڏسي هو بيوسيءَ مان بي اختيار روئي پوندو هو، هن جا سڏڪا به مشينن جي ڪرخت آواز ۾ گم ٿي رهجي ويندا هئا.
هن جاءِ لاءِ گهڻيئي ڳولهائون ڪيون، پر شهر ۾ مسواڙ تي جايون ڪٿي ٿي مليون. ۽ جيڪڏهن ملن کڻي تڏهن به ڳاٽي ڀڳي مسواڙ ڪير غريب ڀري سگهي ها!
مجبوراً هو اتي ئي زندگيءَ جا ڏينهن پورا ڪري رهيو هو. پنهنجي ستار سان هن کي جنون جي حد تائين محبت هئي... دنيا ۾ صرف اهو ئي ته سندس محبوب ساٿي هو، جنهن هميشه هن جي ڏکن جي ترجماني ڪئي... هن جي ڏکن کي گهٽ ڪرڻ لاءِ پنهنجو سينو پيش ڪيو... هن کي مشهور ريڊيو فنڪار بنائي ڇڏيو. ريڊيو اسٽيشن تي موسيقي جي شوقينن وٽان هن جي ستار وڄائڻ جي تعريف ۾ لاتعداد خط ايندا هئا. هن جي ستار ۾ اهڙو ته اثر هو، جنهن هزارن انسانن کي هن جو پرستار بنائي ڇڏيو هو...
پنهنجي ايتري ڪاميابي، شهرت ۽ عزت جي باوجود به هو خوش نه هو... قدرت هن جي مهانڊي سان اهڙو ته عجيب مذاق ڪيو هو، جنهن کي هنجي آرٽسٽڪ ذهنيت ۽ حساس دل بلڪل برداشت نٿي ڪري سهگي... هن جي شڪل ۾ ڪابه ڪشش نه هئي... هو بي انتها بدشڪل هو... هن جون اکيون ننڍيون گول ڪاريون! جن ۾ نه حسن هو... ۽ نه ئي دل کي مسحور ڪرڻ واري چمڪ... نور هوندي به هو ڦڪيون ۽ بي نور نظر اينديون هيون.
بي ڊول چپن، ڪاري رنگت ۽ غير معمولي طور ڪمزور جسم هن جي شڪل کي وڌيڪ ڀوائتو بنائي ڇڏيو هو.
هنکي پنهنجي بدصورتيءَ جو شديد احساس شروع کان ئي هو. هن ۾ اهو جذبو نه هو، جنهن سان هو پنهنجي انهي احساس تي غالب اچي سگهي ها.
ليڪن قدرت هنکي ڪمال جو فن ڏنو هو، جيڪو حسن کان به گهڻو حسين هو. هن جي دل چوندي هئي ته زور زور سان واڪا ڪري، دنيا کي ٻڌائي ته هنکي ڪيترو نه غم آهي، پر شرم آڏو هو. هو ائين نٿي ڪري سگهيو ۽ خاموشيءَ سان پنهنجي دل جو خون پيئندو رهيو. ائين ڪرڻ سان هن کي گُهٽ محسوس ٿيندي هئي، جنهن کان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ لاءِ هن پنهنجي دل جو سارو درد ستار جي هر تار ۾ وجهي ڇڏيو هو. ۽ اهو ئي سبب هو جڏهن هو ستار وڄائيندو هو، تڏهن ائين محسوس ٿيندو هو، ڄڻڪ ستار جون تارون رڙي رڙي هنجو درد بيان ڪري رهيون هجن اهڙي ريت پنهنجو درد ظاهر ڪري هو ڪجهه سڪون محسوس ڪرڻ لڳندو هو.
”جهان زيب“ ڪاليج ۾ شام جو هڪ تقريب هئي. ملڪ جي مشهور معروف آرٽسٽن کي پنهنجي فن پيش ڪرڻ لاءِ مدعو ڪيو ويو هو، عارف جو نالو انهيءَ ۾ سر فهرست هو... هن جو تقريب ۾ وڃڻ جو ڪوبه ارادو نه هو جيڪڏهن زيباهن کي مجبور نه ڪري ها... زيبا هن جي پرستارن مان هئي. ريڊيو اسٽيشن جي معرفت هن عارف کي سندس ستار جي تعريف ۾ ڪيترا خط لکيا هئا، ۽ پوءِ عارف اهو محسوس ڪيو هو ته زيبا سندس ستار کي ئي نه، بلڪ کيس به پسند ڪري ٿي.
هن کي اهو ڊپ ٿي رهيو هو ته ڪٿي هوءَ به هن جي شڪل کي ڏسي هن کان نفرت ڪرڻ لڳي... پر سندس خوش ذوق تحريرون هن اڳيان ڦري آيون، جن هن جي انهيءَ احساس کي سندس وهم سمجهي غلط ثابت ڪرڻ ۾ مدد ڏني.
هو پنهنجو مخصوص سفيد لباس پهري ڪاليج ڏانهن وڃي رهيو هو، ڄڻڪ ننڊ ۾ هلي رهيو هجي... فٽ پاٿ تان ٽن چئن ڇوڪرن جي ٽولي هنکي معني خيز نظرن سان گهوريندي پاسي مان لنگهي وئي.
”يار ڏٺئي؟ هلندو چلندو وساڻيل سگريٽ.“ هن جي سفيد لباس سان ڍڪيل پوري جسم کي ۽ غير معمولي ڪاري چهري کي ڏسي ڇوڪري ٻه چار قدم اڳتي هلي وساڻيل سگريٽ سان تشبيهه ڏيندي ريمارڪ پاس ڪيو.
هن ٻڌي ورتو... هن جي دل وسامي وئي... هن کي ائين محسوس ٿيڻ لڳو جيئن ڪيترا وساڻيل سگريٽ هن جي مٿان ڪري پيا هجن. ۽ هو انهيءَ وساڻيل سگريٽن جي ڍير ۾ دفن ٿي ويو هجي. تصور ئي تصور ۾ هن پنهنجو پاڻ کي سگريٽن جي ڍير مان آزاد ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي... لاتعداد وساڻيل سگريٽ هن جي اڳيان ائين ڦرڻ لڳا جيئن رقص ڪري رهيا هجن، هو غور سان اکيون ڦاڙي چرين وانگر انهن کي ڏسندو رهيو... هر ڪنهن سگريٽ جي وساڻيل ٽڪر تي هن کي پنهنجي شڪل ٿي نظر آئي. هن چڪرائجي اکيون بند ڪري ڇڏيون. ڪجهه گهڙين لاءِ هو اتي ئي بجليءَ جي ٿنڀي هيٺان بيهي رهيو. هن دل ئي دل ۾ ارادو ڪيو ته هاڻي هو ڪڏهن به سگريٽ نه پيئندو، ڇو جو ڇوڪري جو ريمارڪ، پوءِ هر وقت تازو ٿي هنجي دماغ تي سوار رهي ها... ايڏي وڏي سزا هن پاڻ کي نٿي ڏيڻ چاهي.
هن رستي تان ئي واپس وڃڻ لاءِ سوچيو، مگر زيبا جو خيال هنکي ڪاليج وڃڻ کان روڪي نه سگهيو. ۽ جڏهن هو ڪاليج پهتو تڏهن زيبا هن کي ڏسي تمام خوش ٿي هن جو پسنديده فنڪار هن جي سامهون هو زيبا کي خوش ٿيندو ڏسي عارف جي دل به خوشيءَ کان ٽمٽار ٿي وئي. وهم ۽ وسوسا، جيڪي ڪجهه دير پهرين زيبا جي متعلق هن جي دل ۾ هئا، هڪ ڀل ۾ مٽجي چڪا هئا. وساڻيل سگريٽ واري چوٽ جو احساس به گهٽجي ويو هو.
ڪاليج جو پورو ”هال“ مهمانن ۽ شاگردن سان ڀريل هو. هوءَ بار بار اسٽيج تي وڃي پردي جي سائيڊ ۾ عارف کي پنهنجي پسنديده ڌن وڄائڻ لاءِ تاڪيد ڪري رهي هئي، ۽ عارف هڪ خاص ادا سان مسڪرائي، ڪنڌ جهڪائي اطمينان جو اظهار ڪندو رهيو.
پنهنجي حسين پرستار کي پهريون دفعو سامهون ڏسي، هو ڏاڍو خوش هو. سندس چهري تي غير معمولي شادماني نظر اچي رهي هئي. هنکي، جنهن همدرد ساٿي جي مدتن کان تلاش هئي، اهو اڄ هن جي سامهون هو.
”عارف صاحب! ڪنهن شيءَ جي ضرورت ته ناهي.“
زيبا، عارف کي چانهه پيش ڪندي ڪاليج سوشل سيڪريٽري هئڻ جي حيثيت مان پڇيو. ۽ هو سندس آواز جي مٺاس ۾ گم ٿي هنکي ائين ڏسڻ لڳو جيئن ڪو دلڪش خواب ڏسي رهيو هجي، ليڪن جلد ئي پاڻ کي سنڀالي ڏاڍي نوڙت سان چيو:
”اوهانجي مهرباني... سڀ ضرورتون پوريون آهن.“
۽ پوءِ زيبا ٻين مهمان فنڪارن ڏانهن وڌي وئي.
چانهه جي پيالي هٿ ۾ جهلي هو وري خيالن جي دنيا ۾ گم ٿي ويو.
”ڪهڙي نه بلند ذهنيت واري آهي زيبا... مون کي ڏسڻ سان هنجي چهري تي ڪنهن به قسم جي مايوسيءَ جا آثار به ته نظر نه اچي رهيا هئا... منهنجي شڪل و صورت سان هن کي ڪوبه واسطو ناهي... ۽ هجي به ڇو؟ هوءَ جڏهن منهنجي روح سان پيار ڪري ٿي... منهنجن نغمن کي پسند ڪري ٿي...“ هو سوچيندو رهيو ۽ جڏهن زيبا کي سندس شوخ سهيلي مذاق ۾ چيو: ”معلوم ٿو ٿئي ته محترمه کي فنڪار سان عشق ٿي ويو آهي، تڏهن زيبا بي پرواهيءَ سان کلندي چيو.
”توبهه ڪر، چئين ڇا ٿي؟“
مونکي هنجي ستار سان پيار آهي، آءٌ هنجي عزت ڪريان ٿي. ڀلا خيال ته ڪر، ڪا ڇوڪري هن سان محبت ڪري سگهي ٿي؟
جيتوڻيڪ سائيڊ ۾ پردو هو، ليڪن اهو سڀ ڪجهه هن ٻڌي ورتو. هن جي خوابن جا محل واري جي ڪوٽ جيان ڦهڪو ڪري اچي پٽ پيا... جهڙيءَ طرح صحرا ۾ طوفان لڳڻ ڪري هر نشان مٽجي ويندو آهي، اهڙي طرح ڪجهه دير پهرين سندس چهري تي آيل شادماني جا آثار هڪ پل ۾ مٽجي ويا. هن کي پنهنجي دل ڪنهن اونهي ۽ گهري کوهه ۾ غرق ٿيندي محسوس ٿي.
چانهه جي پيالي هن هيٺ رکي ڇڏي. هن هڪ سيڪنڊ به اتي ترسڻ نٿي چاهيو... ۽ طبيعت خراب هجڻ جو بهانو ڪري واپس پنهنجي ويران ۽ تاريڪ ڪوٺڙيءَ ۾ اچي ويو، ۽ دير تائين روئندو ۽ سڏڪندو رهيو.
هو جيئن ئي پروگرام ختم ڪري اسٽوڊيو کان ٻاهر نڪتو تئين هڪ ڇوڪري اڳتي وڌي کانئس آٽو گراف وٺڻ جي خواهش ڏيکاري.
عارف مٿاڇري نظر هن تي وڌي، ۽ هن جي حسن کان مرعوب ٿي خودبخود هن جو سر جهڪي ويو.
”محترمه معاف ڪجو، آٽو گراف ته وڏن ماڻهن کان وٺبا آهن، مان ته هڪ غريب فنڪار آهيان. آٽو گراف وٺي مونکي شرمسار نه ڪيو.“ هن نهايت نماڻائي سان چيو.
”عارف صاحب... اوهين غلط سمجهي رهيا آهيو، منهنجي آٽوگراف وٺڻ جو مطلب اهو بلڪل ناهي، مان ته صرف فن جي بلندي ڏسندي آهيان، ۽ يقين ڪندا ته اوهانجي فن مونکي بيحد متاثر ڪيو آهي.“
”نوازش!،“ پنهنجي ٻڏندڙ لهجي ۾ هو صرف ايتروئي چئي سگهيو.
”آٽوگراف نه ڏيندا،؟ معصوميت ۽ نااُميدي جا گڏيل سڏيل جذبا هن جي چهري مان بکي رهيا هئا. ۽ انهن کي ڏسي هو نه چاهيندي به انڪار نه ڪري سگهيو ۽ وڌيڪ ڪجهه چوڻ کانسواءِ هن جا هٿ جميله کان آٽوگراف بڪ وٺڻ لاءِ وڌيا.
۽ جڏهن هو آٽوگراف ڏيئي رهيو هو، تڏهن هن کي ڪجهه پريان ڪنهنجي طنز سان ڀريل ٽهڪن جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو.
اڄ جمعي جو ڏينهن هو. مل جي مزورن کي موڪل هئي... مشينن جي کچ کچ به بند هئي، هو پنهنجي ڪوٺڙيءَ ۾ ويٺو هو... خيالن جي دنيا ۾ گم... غير ارادي طور هن جون آڱريون ستار تي هلي رهيون هيون.
ڪنهنجي قدمن جي آواز تي هن پنهنجو جهڪيل مٿو مٿي کنيو. جميله کي سامهون ڏسي هن جون ننڍڙيون بي جان اکيون حيرت ۾ کلي ويون. ستار هن جي هٿن مان ڪرندي ڪرندي بچي.
”اوهان!“ هن جا چپ چريا... ۾ هو خالي ويران نظرن سان هنکي ڏسندو رهيو. ”جي... مان... مان.“ هو ڪجهه گهٻرائجي وئي.
”شايد اوهان غلطي ۾ آيا آهيو.“ هن ائين ئي اندازو لڳايو.
”جي... جي نه مان اوهان سان ملڻ آئي آهيان!“ هن معصوميت سان مرڪندي چيو، هو به مشڪيو، هن جي اکين ۾ پل کن لاءِ هڪ هلڪي چمڪ پيدا ٿي غائب ٿي وئي...
”ڪالهه آٽوگراف ڏيئي اوهان ايترو جلدي ويا هليا، جو ڪجهه سوال ڪرڻ جو موقعو ئي نه مليو ۽ آخر مون کي ريڊيو اسٽيشن تان اوهان جي گهر جو پتو معلوم ڪري اچڻو پيو.“ هن شڪايت ڪئي.
”جي فرمايو! مون کي افسوس آهي جو اوهان کي هتي اچڻ جي تڪليف سهڻي پيئي.“ ”تڪليف جي ته ڪا ڳالهه ناهي عارف صاحب، البته منهنجي اوچتي اچڻ ڪري اوهين حيران ضرور ٿيا هوندا.“
”نه، ائين ته ناهي.“ هن ڪوڙ ڳالهايو.
”عارف صاحب، ڳالهه دراصل هيءَ آهي ته مون کي ستار سکڻ جو تمام گهڻو شوق آهي. اوهان جي نهايت مهرباني ٿيندي، جيڪڏهن منهنجي شوق پوري ڪرڻ ۾ منهنجي مدد ڪندا.“
”محترمه! مونکي افسوس آهي جو پنهنجين مصروفين ڪري مان توهان جي خواهش پوري ڪرڻ کان قاصر آهيان.“ هن بهانو ڪيو.
ڪاليج واري واقعي کيس ايترو ته دلشڪسته ڪري ڇڏيو هو، جو هن هاڻي ڪنهن به حسين ڇوڪريءَ جي قريب نٿي وڃڻ چاهيو.
”ليڪن عارف صاحب، اهڙي به ڪهڙي مصروفيت چئبي جو ڪلاڪ اڌ به نه ڏيئي سگهو؟“
”چڱو محترمه!“ هو مجبور ٿي ويو.
”مهرباني،! ليڪن اوهين روزانو ڪهڙي ٽائيم تي اچڻ پسند ڪندا.“
”معاف ڪجو، اوهين پاڻ جيڪڏهن هر جمعي تي چئين بجي هتي اچڻ جي تڪليف ڪيو ته بهتر ٿيندو.“
”مونکي منظور آهي عارف صاحب، اوهانجي وڏي مهرباني.“
”ڪا ڳالهه نه آهي.“ هن رسمي طرح چيو.
”پر هفتي ۾ هڪ ڏينهن ته تمام گهٽ آهي.“
”ها اهوئي ڏينهن آهي جو مان واندو هوندو آهيان، باقي روزانو ڪارخانو ويجهو هئڻ ڪري مشينن جي آواز ۾ اوهان ڪجهه به سکي نه سگهندا.“
”بهتر آهي، مان هر جمعي تي اينديس. ليڪن روزانو اهڙين نامناسب حالتن ۾ اوهان کي ستار وڄائڻ ۾ ته ڏاڍي تڪليف هوندي؟“ هن همدردي ڪندي پڇيو.
”منهنجي ڪهڙي ڳالهه آهي محترمه؟، ڪڏهن پنهنجي ڪوٺڙيءَ ۾، ڪڏهن انکان ٻاهر، ڪڏهن ڪنهن پرسڪون جاءِ تي.“ هن جهيڻي آواز ۾ چيو.
”هڪ ڳالهه پڇان؟“
”ڇا،؟“ عارف جون حيران نگاهون جميله جي اکين ۾ ڪا چيز تلاش ڪري رهيو هيون.
”اوهانجي ساز ۾ ايترو سوز ڇو آهي... ائين ٿو محسوس ٿئي جيئن... جيئن...“ هو چوندي رڪجي ويئي.
”ڪيئن.. ڪيئن ٿو محسوس ٿئي؟“ هن بيتاب ٿي پڇيو.
”ائين ٿو محسوس ٿئي، جيئن اوهان کي ڪو نهايت وڏو صدمو رسيو هجي. اوهانجي دل ڏاڍي ڏکويل ٿي معلوم ٿئي... اوهانجي مرجهايل ۽ خشڪ چپن کي ڏسي ائين ٿو لڳي جيئن انهن کي مرڪندي مدتون گذري ويون هجن...“
”ها...“ هن جهيڻي ۽ مغموم آواز ۾ چيو، ”مان ڏاڍو ڏکويل آهيان،“ هن ڀڻڪيو.
”اوهان کي هي ڏک... هي غم ڪنهن ڏنو...؟“ هن جي لهجي ۾ التجا ۽ همدردي هئي.
”ڪنهن،؟“ عارف جي چهري تي هڪ زهريلي مرڪ پکڙجي وئي. ”هن زماني... هن بي رحم دنيا... مونکي هميشہ ڌوڪو ڏنو... هميشہ ٺڪرايو... مونکي ڪڏهن به ڪنهن پنهنجو نه سمجهيو... ڪڏهن به نه...“ هن جو آواز غم ۽ جذبات جي شدت کان ڳرو ٿي ويو.
”عارف صاحب، اوهان ايترو مايوس نه ٿيو دنيا ڪڏهن به اهڙن انسانن کان خالي ناهي، جن جون سچيون همدرديون دلي سڪون جو باعث بنجن ٿيون.“
”محترمه...!“ خوشيءَ جا شريڪ ملندا آهن ته خوشي وڌي ويندي آهي.. غم جا ساٿي ملندا آهن ته اهوگهٽ ٿي ويندو آهي، ليڪن منهنجي غم جو ساٿي ڪير به ناهي... زندگي جي گهري سمنڊ ۾ اڪيلو ئي اڪيلو غوطا کائي رهيو آهيان... ڪوبه نه آهي جو سورن ۾ ساٿ ڏي ۽ غم هلڪو ڪرائي.“
”عارف صاحب، ڪير همدردي نٿو ڪري ته نه ڪري، خدا کان ته اوهان کي مايوس نه ٿيڻ کپي.“
”ڪاش! خدا همدردي ڪري ها.“
اهي لفظ هن گهري معنيٰ سان چيا، جن کي جميله نه سمجهي سگهي. جميله جي وڃڻ بعد هو خيالن جي دنيا ۾ گم ٿي ويو.
هن ڪڏهن به همدرديءَ جا ٻول ڪنهنجي واتان نه ٻڌا هئا، هرڪو اڇاتري نظرن سان هن کي گهوري هليو ويندو هو، اها جميله ئي هئي جنهن جون نظرون هن جي محبت ۽ همدرديءَ لاءِ پياسي دل کي ڏڍ ڏينديون هيون.
هن جي ڳاليهن ۾ ڪيتري نه همدردي ۽ پنهنجائپ هئي... اڄ ڏينهن تائين ڪير به هن سان ايتري همدردي سان پيش نه آيو هو... ڪنهن اهونه پڇيو هو ته تنهنجي ساز ۾ ايترو درد ڇو آهي... هن کي اهي ڏينهن ياد پيا جڏهن زيبا، جميله وانگر هن جي ستار کي پسند ڪندي هئي... ۽ پوءِ اهي اکر به هن جي ذهن ۾ اڀري آيا جيڪي زيبا ڪاليج ۾ پنهنجي سهيليءَ کي چيا هئا.
ليڪن جميله... اها اهڙي نه هئي... اها مختلف هئي... ۽ گهڻو مختلف ۽ انهيءَ ڏينهن هن کي پهريون ڀيرو احساس ٿيو ته هو هن دنيا ۾ اڪيلو ناهي.
هو عارف جي سرءُ جي ساڙيل ۽ ويران زندگي ۾ بهار بنجي آئي... هن جي حسن ۾ بي پناهه ڪشش هئي... هو هر جمعي تي ايندي هئي. هاڻي هو عارف سان ڪافي بي تڪلف ٿي وئي هئي، ڪيتري دير تائين هن سان ڳالهيون ڪندي هئي. هن کان ستار ٻڌندي ۽ سکندي هئي.
عارف جي اکين مان هر وقت وهندڙ لڙڪ خشڪ ٿي چڪا هئا. چهري جي اداسي غائب ٿي چڪي هئي. هو جميله کي پنهنجي گهڻو ويجهو محسوس ڪرڻ لڳو، جميله هن جي ستار جي ديواني هئي... هن جي ستار، جنهن ۾ درد هو، تپش هئي؛ هن کي پسند هو.
جڏهن هو ستار جي تارن کي چوريندو هو، تڏهن هو بي خود ۽ مدهوش ٿي ويندي هئي. هن جي ڪارين ۽ چمڪندڙ اکين ۾ لڙڪ ڀرجي ايندا هئا، هيءُ انهن کي ڏسي مست ٿي ساز وڄائيندو هو، ڇو جو هو جميله جي دل ئي دل ۾ پرستش ڪندو هو، هن سان محبت ڪندو هو، ليڪن ڪڏهن به پنهنجي دل جي حقيقت هن تي ظاهر نه ڪري سگهيو. هن ۾ ايتري همت، ايتري جرئت ڪٿي هئي، جو پنهنجي محبت جو اظهار ڪري سگهي. هن کي پنهنجي بدصورتيءَ جو شديد احساس هو ۽ اهو احساس ڪمتريءَ جو جذبو هميشہ هن جي سامهون ديوار بڻيو رهيو.
جهڙيءَ طرح فرهاد پٿرن ۾ شيرين جي وجود کي ٿي ڳوليو، اهڙيءَ طرح عارف به جميله جي خاموشيءَ ۾ پنهنجي محبت ڳوليندو رهيو، هن کي يقين هو ته جميله کي هن سان محبت آهي ۽ هڪ ڏينهن جميله خود ئي هن کي سڀ ڪجهه چئي ڏيندي. انهيءَ گهڙي جو هو خاموشيءَ سان انتظار ڪندو رهيو... انتظار... طويل انتظار.. ليڪن ائين نه ٿيو... هاڻي جميله جي خاموشي عارف کي ڪجهه ڪجهه مايوس ڪرڻ لڳي.
هڪ ڏينهن جميله مقرر ڏينهن کان اڳ ۾ اچي عارف کي ٻڌايو ته هو ڪجهه عرصي لاءِ لاهور وڃي رهي آهي. جدائيءَ جو ٻڌي عارف اداس ٿي ويو. ڪاش هو جميله کي روڪي سگهي...! ليڪن ڪيئن... هوءَ ڇا چوندي...! هن جو ذهن سوچ جي اونهيءَ اوڙاهه ۾ غرق ٿيندو ويو.
هڪ ماڻهو جيڪو مهينا به انتظار ڪري سگهي ٿو. ڪڏهن گهڙيون به انتظار نه ڪري سگهندو آهي... جميله جي زبان مان پيار جو لفظ ٻڌڻ لاءِ هو بيچين هو... ۽ دل کان مجبور ٿي هن جميله جو هٿ پنهنجي هٿ ۾ جهليندي چيو:
”جميله... تون پٿر ڇو بنجي وئي آهين... ڇا منهنجين اکين ۾ توکي ڪجهه نظر نٿو اچي... تون انهن ۾ ڏسڻ جي ڪوشش ڇو نٿي ڪرين...؟ آخر ڪيستائين...؟“
”عارف صاحب!“ جميله تيزيءَ سان پنهنجو هٿ ڇڏائيندي چيو:
”اوهان مون کي غلط سمجهي رهيا آهيو... مان... مان ته...“
”جميله...!“ هن سُڏڪندي چيو، ”مان توکي چاهيان ٿو، مون کي سهارو ڏي... نه ته... نه ته... آءٌ مري ويندس... مون کي...“
”عارف صاحب، هوش ۾ اچو.“ هوءَ غصي ۾ ڳاڙهي ٿي وئي. ”آءٌ اوهانجي عزت ڪندي آهيان، منهنجي دل ۾ اوهان لاءِ عزت آهي، گهڻي عزت...“
”جميله“ سڏڪا... التجا... ”ها. منهنجي دل ۾ اوهان لاءِ عزت آهي، همدردي آهي. انهي کانسواءِ ٻيو ڪجهه به نه.“
ٻيو ڪجهه به نه تلخ مسڪراهٽ هن جي جذبن جو ساٿ ڏيئي رهي هئي. ”تنهنجي دل ۾ عزت آهي، همدردي آهي. ليڪن محبت ناهي، ڇو جو مان بدصورت آهيان، اگر مان به حسين هجان ها ته...“
”عارف صاحب!“
”ها.“ هن تيزيءَ مان چيو: ”اگر مان به حسين هجان ته توکي به مونسان ايتري محبت هجي ها، جيتري منهنجي ستار سان آهي. تون منهنجي ستار سان پيار ڪرين ٿي، مون سان نه. تون خود غرض آهين. مان تنهنجي شڪل نٿو ڏسڻ چاهيان. تون... تون...“
الفاظ هنجي نڙيءَ ۾ اٽڪي پيا ۽ هُو ڪجهه چوندي به وڌيڪ ڪجهه چئي نه سگهيو ۽ جميله وڃي چڪي هئي.
هن سِتار کي زور سان فرش تي ڦٽو ڪيو، هن کي پنهنجي فن سان ساڙ ۽ نفرت ٿي چڪي هئي... دنيا هن جي فن سان محبت ٿي ڪري پوءِ هن جي شڪل کان نفرت ڇو ٿي ڪري... هو دنيا جي دلين کان انتقام وٺندو.. پنهنجي فن کان انتقام وٺندو، جنهن لاءِ دنيا جي دل ۾ محبت آهي... هو تيزيءَ سان پنهنجي ڪمري کان ٻاهر نڪتو.
مشينون هلي رهيون هيون، جيئن هو انهن جي قريب ٿيندو ويو تيئن تيئن هن جي دل جي ڌڪ ڌڪ تيز کان تيز ٿيندي وئي.
ويرم کان پوءِ هڪ تيز ۽ پُر درد رڙ جو آواز بلند ٿيو. مشينون بند ڪيون ويون. ڪارخاني جا سڀ مزور رڙ جي طرف ڊوڙيا عارف فرش تي بيهوش پيو هو سندس آڱرين مان رت ريلا ڪري وهي رهيو هو. فن جو خون ٿي چڪون هو، ۽ انهن دلين جو جيڪي هن جي فن سان بي انتها محبت ڪنديون هيون.