ڪھاڻيون

چانديءَ جون تارون

هن ڪتاب ۾ ماهتاب محبوب جون سورهن ڪھاڻيون شامل آهن. ماهتاب محبوب جون هي ڪھاڻيون موضوع، ٽيڪنيڪ ۽ ٽريٽمينٽ جي لحاظ کان هڪ نئون ۽ انوکو تاثر رکن ٿيون. ڪھاڻين جي ڪردار نگاري بي مثال آهي. سندس ڪھاڻيون انساني معاشري جون عڪاس هئڻ سان گڏ جديد ڪھاڻيءَ جي جملي قدرن ۽ رجحانن جي تڪميل جي مڪمل صورت پڻ آهن.

Title Cover of book چانديءَ جون تارون

نَڪُ

مٺيس: هاڻ ڪوهه ٿيندو؟“
”هاڻ باقي ڇا آهي جو ٿيندو، نَڪ جيڪو ورهين کان ساهه سين سانڍيندو آياسين سو وڍجي ويو.“
ڪريمت پنهنجي طوطي جهڙي نڪ کي آڱر جو گهڪو ڏيئي پٽ تي اهڙي ڇنڊ ڏني ڄڻ نڪ هيٺ اڇلجي ويو.
”ادي وڏل کي ڄاڻ آهي؟ انهيءَ جي ٻڌو پوءِ ته قهر ٿي ويندو.“
”تنهنجي ليکي اهڙيون ڳالهيون ڳجهيون رهي سگهنديون ڇا؟ ڀاڄائي کتل کي به ڀانيان ٿي ته ڪجهه کڙڪ آهي. جڏهن شهر اچي توسين حال ڪيم، ته ڀڻڪ سندس ڪنن به پيئي، پر ننڍڙي وٺي رنو اُمالڪ اوڏهن ڊڪي وئي-“
هائو ڀيڻ، ڳالهه ته بروبر لڪڻ جهڙي آهي ئي ڪين، پر ادي وڏل کي جي سڌ پئي ته اهو ڪنهن کي به جيئرو ڪين ڇڏيندو. بابي مرحيات کان پوءِ اهوئي ته اسان جو وڏو آهي. اسانجي هٿن ۾ ننڍو ٿي وڏو ٿيو. وهي وڃائي ڪراڙي اچي ٿي آهيان ته به وڏل بي نالو سين ڪمبڻي وٺيو وڃي.“
”ڇو ڪين، سدائين شان وارو، مان وارو ورلي ڪو جهڙس دلير مڙس هوندو، پر ڇوريءَ هڻي اسان جو اوچو ڳاٽ ڀڃي وڌو- ست پيڙهيون ڪاريون ڪري ڇڏيائين، هاڻ ڪهڙو منهن کڻي برادريءَ ۾ هلنداسين سڀ ڪو آڱريون کڻندو ته اجهي اهي آهن، فلاڻا وڏ گهراڻا ڪامورا جن جي نينگري...“
”هاءِ قسمت! ادي وڏل ته انهيءَ مهل دانهن ڪئي ته ڀاڄائي ۽ نينگري شهر نه وڃن. پر شهباز مڃيو ئي ڪين. چي جڏهن ڌنڌو ئي قسمت سانگي شهر ۾ ٿيو آهي ته ات ئي گهر ڪري ٻارن ٻچن سميت رهڻو به اٿئون، هيڪلائي ۾ هلاڪي ٿيندي. مون به گهڻو ئي مٿو هنيومانس ته زالون گهر جون شان هونديون آهن ڪو مڙسن ڪڍ ائين گهنڊڻيءَ وانگر پٺتئون نه ٿي لڳنديون آهن. ڪم ڪاڄ لاءِ نوڪر کڻي رکجان مهيني ٻئي اچيو ٻارن ٻچن کي ڏسو وڃجانءِ پر شهباز پنهنجي هوڏ تئون مڙيئي نه؛ چئي آءٌ ته؛ زينب کي وٺي ويندس. ادي مردن لاءِ ڪي زالون کٽيون آهن. الائجي ڪهڙو جادو ڪيس ڀاڄائي؛ مون کڻي ماٺ ڪئي. ادو وڏل به سور پي ڳاڙهو بنهه ٽامڻيءَ وانگر ٿي ويو پر ڪڇيو اصل ڪين. پيءُ کانپوءِ اهو ته سندس سنڀال لهندو پئي آيو. کيس ڪيئن رنجائي ها.“ پر اهو ڏوهه سڄو ڀاڄائي جو آهي جنهن هٿ وٺي اسان جي نينگريءَ جي ٻيڙي ٻوڙي، جهنگ جي ٻڪري ڇا ڄاڻي شهرن مان. ڌاري آخر ڌاري هئي کيس اسان جو آڪهه جي ڪهڙي ڪاڻ قسمت کڻي ادي جو انگ ات اڙايو نه ته حورون ٿي مليو ادي کي ته.“
”ها ڀيڻ، بروبر؛ پر قسمت!“
”مون به شهر وڃي اکين سين ڏٺو ته ڪل پيم. ادي جي پيٽ ۾ به الائجي ڪهڙا حرام وجهي ڇڏيا اٿس جو اکئين سڀ ڪجهه ويٺو ڏسي پر ڪڇي ڪين.“
”اسان جو ڀاءُ اٻوجهه غريب ڦاسجي ويو!“
”قسمت!“
”پر اَئي ڪريمت، ڳالهه بروبر سچي آهي ڪين ماڻهن اجايو دشمنيءَ کان...“
”ادي ماڻهن کي ڪهڙو لاچار پيو آهي، جو ڪوڙ ڳالهائين. اکين ڏسيو اچن، ڏندين اَڱريون وجهي پاڻ ۾ خبرون ڪندا هئا. ڳالهه هلي هلي مون توڻي به پهتي. ڀائين؛ جِت توکي باهه وٺي اُٺ من مون کي به سيڪ اچي؟ گهڻي جٺ ڪئي مانس شرم کان ڪنڌ کڻي هيٺ ڪيائين بس ايترو سو چيائين ته ”ڇوڪريءَ جي قسمت ۾ جو ائين لکيل هو-؟“
”ڄيرو لڳيس قسمت ۾. اصل نهوڙي نيو ڇوريءَ اسانکي. انهيءَ ندوريءَ کي موت اچي ها ته ڀلو هو.“
”موت وري اهڙين کي ايندو ڇا؟ باقي اسان لاءِ سو موت ئي آهي، خاندان جو موت-“
”هاءِ منهنجارب! هي ڇا ڪري ڇڏيئي!“
”چوندا آهن ته سنگت جو به ته اثر ٿيندو آهي.“
”اهو ڪيئن-؟“
”سندس پاڙي واريون به ڏٺم ته ڏاڍيون هوشيار پئي ڏسڻ ۾ آيون.“
”پر ادي، انسان پاڻ سولو هجي ته ڪنهن جي مجال ئي ڪونهي جو وار به ونگو ٿئي. بڇڙي کي پنهنجي مَتِ هوندي آهي.“
”سچ ٿي چوين، مونکي ته اهو ڏينهن زهر ٿي آيو، ڇا جا کاڌا ڇا جا پيتا. بک کان پيٽ وڃي پٺيءَ سين لڳم. اهو حال اکين ڏسڻ سين ڄڻ اوندهه ڦري آيم. اهڙو حال ٿيم جو دشمنن جو به نه ٿئي. دل جو دهڪو ته ڄڻ ٻڌم ئي ڪين ٿي. چيم ته يا رب! سنجهيئي وڃي پنهنجي ڪکين ڀيڙو ڪريم.“
”ڳالهه ٻڌڻ سين منهنجو به هنيانءُ ويو هليو. الائجي ڇا ٿيندو. اجهو وڏل به ڄاڻ آيو ڪي آيو. ڳالهه ٻڌي نه ڄاڻي ڪهڙو حال ٿيندس دشمنن جو، مون کي ته ڀؤ آهي ته ڪٿ آپگهات نه ڪري!“
”هاڻ ڪهڙا آپگهات ٿيندا، مئا ته ائين ئي پيا آهيو.“
”هاءِ ندوري! تنهنجي ڪري اڄ هيءَ ڏينهن ڏٺوسين. تون ته ڄمڻ سين مري وڃين ها-“
”توڀان زاري، توڀان زاري.“
وڏل جي زال جنهن پينگهي ۾ ٻار کي کير ويٺي ڏنو تنهن کي سمهاري نڙاڻ وٽ آئي.
”ادي بتخاور خير ته آهي، اوهين موڳيون ڪوهه آهيو. گهڙيءَ جو گهڙيءَ ۾ هيڊ هارجي ويئي اٿو منهن تي. مونکي به ته ڪجهه سڻايو ڪين...“
”ڇا ٻڌندينءَ ڀاڄائي؟“
”توهان جي ليکي آئون گهر جو ماڻهو ڪين آهيان؟ ڏاڏي پوٽي آهيان، لاڏين ڪوڏين آئي آهيان، ڪو ائين ته ڪونه آئي آهيان.“ کتوءَ چڙ مان چيو.
”توکي ته چڙ بس نڪ تي رکي آهي، ڪهڙي خوشخبري آهي جو سڀني ٻڌي باقي تون رهجي ويئينءَ؟ هيانءُ هجنيئي ٻڌڻ جهڙو ته ٻڌ. ڏيرهن جي جواڻ جماڻ ٻارهين ورهين جي ڌيءَ اسان جو نڪ وڍائي اسڪول ۾ پڙهڻ ويٺي آهي.“