نِيري شال
”جي -؟“ هن حيرانيءَ مان ڪنڌ مٿي ڪيو.
”شاديءَ کان پوءِ زالن جو فضول خرچي ڪري عام طرح سان مرد ڪنجوس ٿي ويندا آهن، پر تون ته هينئر کان ئي پريڪٽس پيو ڪرين.“
ساٿي ڪلرڪ جو طنز هاڻي هنجي سمجهه ۾ اچي چڪو هو ۽ جواب ۾ ڦڪي مرڪ سندس چپن تي پکڙجي وئي. ”پاڻ کي زنده درگور ڪرڻ جو مطلب؟ مان سمجهي نٿو سگهان ته تون اهڙو بي جان ڇو بنجي ويو آهين نه ڪيڏانهن اچين نه وڃين، ٻين کي به مصروفيتون آهن، ليڪن اهي ته ائين نٿا ڪن؟“
”ڇا ڪريان، حالتن ۽ عادتن جي ڪري مجبور آهيان.“
”اها مجبوري ته نه، مغروري ٿي، تون ته ڪنهن کي دوست به نٿو بڻائين؟“
“مان ان قابل ڪٿي آهيان.“
”ائين ڇو نٿو چئين ته ڪنهن کي پنهنجي دوست بنجڻ جي قابل ئي نٿو سمجهين.“
”ائين ئي سمجهو، نه مان ڪنهن جي قابل آهيان، نه ڪير منهنجي.“
”تون ڪجهه به کڻي چئو، بهرحال دوستي ضروري آهي.“ ”صحيح آهي، ليڪن بي لوث دوستي هن زماني ۾ ملي ڪٿي ٿي؟“ هن ڳالهه ختم ڪرڻ خاطر زماني جي شڪايت ڪئي.
”منهنجي مراد انهيءَ دوستي مان نه هئي، مان ته چئي رهيو هئس چانهه پاڻي واري دوستي هن مشيني دور ۾ سٺي آهي. نهايت عام ۽ مقبول. وندرجي وندر، محفل جي محفل.“ ليڪن مونکي پسند ناهي.“
”توکي ڀلا ڪيئن پسند ايندي، ڪنجوس جو آهين، چانهه پيارڻ تي دل نه ڪندي هوندءِ.“
”ها!“ هن اطمينان سان مختصر جواب ڏنو ۽ هُو هن جو اهو صاف ۽ مختصر جواب ٻڌي کيس ائين گهورڻ لڳو، جيئن هن ڪو وڏو گناهه ڪيو هجي.
جنهن آفيس ۾ هو ڪلرڪ هو اتي ٻين ڪلارڪن جون ڪم توڙي فرصت جي وقت ويجهڙي هوٽل يا آفيس ۾ ئي ڪچهريون ٿينديون رهنديون هيون، پان سگريٽ ۽ چانهه جو دور چالو رهندو هو، پر هو سڀ کان جدا، الڳ، نرالو ڪڪ ۽ بيزا، انهي ڪري ئي سڀ کيس ڪنجوس ۽ مغرور سمجهندا هئا. ماڻهن جا طنز ڀريا جملا هن لاءِ نئين ڳالهه نه هئي. ڪڏهن ڪڏهن ته هن جي دل چاهيندي هئي ته هو دنيا کي يا گهٽ ۾ گهٽ پاڻ سان ملندڙ ماڻهن کي ٻڌائي ته هو ائين ڇو ڪري رهيو آهي؟ کيس خيال ايندو هو ته جيڪڏهن ڪير هڪ به هن کان اها ”ڇو“ پڇي وٺي ته ان ۾ ڪيتري نه پنهنجائپ ۽ خلوص هوندو، ۽ ڪيترو نه هنجي دل جو بار هلڪو ٿي پوندو، ليڪن ائين ڪڏهن به نه ٿيو ۽ ڪنهن به ڀُلجي کائنس چت جي چنتا جو حال نه ورتو. هن سان سور نه سليو... هو اڪيلو زندگي جي گهاڻي ۾ پنهنجي مقصد جي مومل کي حاصل ڪرڻ لاءِ ڳهندو رهيو.
سندس اميدن جو مرڪز بي. اي جو امتحان هو جنهن ۾ صرف اٺ ڏينهن وڃي بچيا هئا، هو ڏاڍو محنتي اورچ هو ۽ ڪيترن ئي امتحانن ۾ پهريون نمبر حاصل ڪيو هئائين هن کي امتحان جو بيچينيءَ سان انتظار هو ۽ جڏهن هو پنهنجي ڪامياب ٿيڻ جو تصور ڪندوهو تڏهن هن جي دل خوشيءَ کان سرشار ٿي ويندي هئي. هو سوچيندو هو ته جيڪڏهن هن سال به هو فرسٽ آيو ته ڪنهن ڪمپيٽيشن ۾ ويهندو ۽ سندس اميدن ڀريا خيالي سلسلا پري پري تائين سک ۽ راحت جي وادين ۾ پکڙجي ويندا هئا ۽ هو اکيون پوري انهيءَ واديءَ ۾ گم ٿي ويندو هو.
آفيس مان موٽڻ هنجي کيسي ۾ سوا رپيو هو، جنهن جي آڌار تي هنجا قدم سامهون رسالن جي دڪان ڏانهن وڌيا. سرسري طور هن سڀني رسالن تي نظر وڌي، هڪ رسالي جي افساني نمبر کي ڏسي، هنجي اکين ۾ چمڪ اچي وئي. ڏاڍي شوق ۽ چاهه سان هن رسالو پنهنجي هٿن ۾ کنيو، ٽائيٽل ڪور تي سنڌ جي هڪ آرٽسٽ جو آرٽ هو. ڪيتري نه سادگي ۽ ڪشش هئي انهيءَ آرٽ ۾... هو ڪا گهڙي تصوير کي ڏسندو رهيو ۽ پنو اٿلائي اديبن ۽ شاعرن جي نالن کي غور سان پڙهڻ لڳو. رسالي جي قيمت به سوا رپيو هئي. هن خريد ڪرڻ جو ارادو ڪيو، ليڪن هن جو ذهن گهر ڏانهن کڄي ويو. ڪجهه ڏينهن اڳ وارا ماءُ جا چيل لفظ هن جي ذهن ۾ وڄڻ لڳا. اڄ ڪائين تاريخ آهي پٽ...؟“ ”امان اڃا ته پنجويهين آهي، توهان هاڻ کان ئي...!!“ اکر نڙيءَ ۾ اٽڪي پيس ۽ اڳتي ڳالهائڻ نه سگهيو. ”ها پٽ! زرينه لاءِ سوئيٽر...“ ماڻس جي دل ڀرجي آئي ۽ جذبات جي طوفان کي روڪڻ لاءِ پٽ جي وارن ۾ آڱريون ڦيرڻ لڳي. هوءَ هڪ بيوه هئي. سندس مڙس هڪ ڌيءَ ٻه پٽ مفلسيءَ جي گهري غار ۾ تنها ڇڏي لاڏاڻو ڪري چڪو هو... سليم جي هٿ تي ٻه گرم گرم لڙڪ ڪري پيا، جن ۾ لاءِ انتها خواهشون ۽ ارمان هئا. هن ماءُ ڏانهن نهاريو، ”امان تون روئي رهي آهين؟“ ڄڻ چئي رهيو هجي ته ”امي! جيڪڏهن تون روئيندين ته مان ڇا ڪندس، توکي پاڻ منهنجي همت وڌائڻ گهرجي.“
”نه پٽ...“ هن لڙڪن تي قابو پائڻ جي ڪوشش ڪئي.
”امڙ غم نه ڪر. جيستائين آءٌ زنده آهيان تيستائين توکي فڪر نه ڪرڻ ڏيندس.“ هن ماءُ کي آٿت ڏنو.
”پٽ فڪر ته ڪنهن ڳالهه جو ناهي. خدا توکي سلامت رکي... تنهنجي ڀيڻ زرينه جوان ٿي وئي آهي...“ ماڻس اڳتي ڪجهه نه چئي سگهي، پر هو سڀ ڪجهه سمجهي ويو.
”ها پٽ... زرينه لاءِ ڪو سوئيٽر وٺي اچج... ويچاريءَ وٽ ڪو گرم ڪپڙو ئي ناهي. اڳيون سوئيٽر صفا ڦاٽي ويو اٿس سيءَ ۾ پئي ٿڙڪي پر مجال آهي جو ٻڙڪ به ٻاهر ڪڍي.“
”چڱو امان...“ هن جهيڻي آواز ۾ چيو.
دڪاندار هن کي گهڻي دير کان رسالو هٿ ۾ ڏسي چيو، ”صاحب رسالو پارسل ڪيان؟“ ۽ هنجي خيال جو سلسلو ٽٽي پيو. ”جي...جي نه معاف ڪجو هي رسالو منهنجو پڙهيل آهي.“ هن شڪي ٿيندي چيو. دڪاندار هنکي ڪرڙي نظر سان ڏٺو، جيئن چئي رهيو هجي، ”ڇو ٿو ڪوڙ ڳالهائين، اڄ ئي ته هي رسالو بازار ۾ آيو آهي.“
زرينه جو ڦاٽل سوئيٽر هنجي اڳيان ڦرڻ لڳو. هو سوا رپيو پاڻ تي خرچ نه ڪندو، سڀاڻي پگهار ملڻ تي ٻيا پئسا گڏائي سوئيٽر وٺندو. هو واپس وڃڻ لاءِ مڙيو.
”سليم،“ ڪنهن هن کي سڏ ڪيو، هن ڏٺو سندس پراڻي ڪلاس فيلو رضيه پنهنجي ڪار روڪي هن طرف اچي رهي هئي. ”هلو سليم، جڏهن کان تو نائيٽ ڪاليج جوائن ڪيو آهي تڏهن کان ڏسجين به نٿو؟“
”اوهه! رضيه، گهڻي وقت کان پوءِ ملاقات ٿي آهي. تمام مصروف رهڻو ٿو پوي اڄڪلهه، تون ٻڌاءِ ڪيئن آهين؟“
”مان؟ مان ته بلڪل ٺيڪ آهيان.“ هن پنهنجي گلابي چپن تي موتئي جهڙي مرڪ پکيڙيندي چيو.
”ڪاليج ويندي هوندينءَ؟“
”ڪٿي سليم، ڪاليج جي رونق ته تنهنجي ڪري ئي هئي، جڏهن کان تو نائيٽ ڪاليج ۾ داخل ٿئين، مون به انٽر کان پوءِ پڙهڻ ئي ڇڏي ڏنو.“
”ڇو ٿي بيوقوف بڻائين.“ هن سادگيءَ سان مسڪرائيندي چيو.
”سچ ٿي چوانءِ، يقين نٿو اچي. پر سليم توکي ڇا ٿيو آهي. ڏاڍو اداس ۽ سوگوار سوگوار لڳي رهيو آهين.“ هن دل جي اٿاهه گهرائي سان همدرديءَ ڏيکاريندي چيو.
”مان ته... مان اُداس ڪٿي آهيان!؟“
”تون ڀل نه مڃ، ليڪن تنهنجون نظرون ٻڌائي رهيون آهن.“
”تون اڄ هت ڪيئن آئي آهين؟“ هن ڳالهه جو رخ بدلائڻ چاهيو.
”اهو ته توکي ٻڌائي رهي هئس، سڀاڻي منهنجي سالگره آهي، ان لاءِ هوٽل تي ڪجهه آرڊر ڏيڻ آئي هئس، اها ته منهنجي خوش قسمتي چئبي جو تون ملي وئين، سڀاڻي ايندين نه؟“
”ليڪن...“
”ليڪن ٻيڪن ڪجهه به نه، وعدو ڪر آءٌ تنهنجي ملاقات ڊيڊي سان ڪرائينديس، هو توسان ملي ڏاڍو خوش ٿيندو.
”رضيه مونکي اچڻ ۾ ته ڪو عار ڪونهي، پر تون هڪ امير والدين جي سڪيلڌي ڌيءَ آهين ۽ مان... مان ته ڌرتيءَ جي ڌوڙ آهيان... ڪلر جي ڪيري آهيان... آءٌ انهي پارٽي ۾ شريڪ ٿيڻ جي قابل ڪٿي آهيان؟“
”ڇڏ سليم، اهي ڳالهيون نه ڪر.“ هن مصنوعي ناراضگي جي انداز ۾ چيو.
هو مشڪيو، هن کي احساس ٿيو ته ڪاليج جي زماني کان رضيه هن کان متاثر هئي، هن کي پسند ڪندي هئي... پر هو خود گهرو پوڻ نه چاهيندو. هو، ڇو جو هن کي پنهنجي مفلسي جو احساس هو. پاڻ کي هنجي قابل نٿي سمجهيو، ليڪن اڄ گهڻي عرصي بعد رضيه هنکي ملي هئي، هن سندس دل نٿي ٽوڙڻ چاهي. ڪيتري نه پنهنجائپ سان هن کي اچڻ لاءِ چئي رهي هئي.
”ڇا سوچي رهيو آهين؟“ هن کي خاموش ڏسي هن سوال ڪيو.
”ڪجهه به نه...“
”چڱو، آءٌ هلان ٿي، جلدي ۾ آهيان، تون ضرور اچجانءِ مان انتظار ڪنديس. ۽ ڏس گهڻو نه سوچيندو ڪر.“
”مان ضرور ايندس رضيه.“ هن جذباتي ڪيفيت ۾ چيو.
”چڱو باءِ، باءِ!“ هوءَ هلي وئي.
هو سوچي رهيو هو ته سالگره تي وڃي يا نه؟... هڪ شديد ڪشمڪش هئي جا هن کي پريشاني جي لهرن ۾ ڌڪي رهي هئي. هو وري سوچڻ لڳو ته جيڪڏهن هو نه ويو ته رضيه کي ڏک ٿيندو، هو ڇا سوچيندي ته غريب ايترا ڪم ظرف ٿيندا آهن. هن کي ضرور وڃڻ گهرجي.
اڄ کيس شام جو دعوت تي وڃڻو هو. هن پنهنجو جائزو ورتو. جيڪڏهن هو هن حال ۾ ويو ته رضيه جي انسلٽ ٿيندي. هن کي ٺاهوڪو سوٽ پائڻ گهرجي ليڪن ٺاهوڪو سوٽ ڪٿان آڻي...
”ڪا ڳالهه ناهي. مان سادن ڪپڙن ۾ ئي ويندس. رضيه مون کي اهڙي حال ۾ به عزت ڏيندي، هن کي منهنجي حالت جي سڀ ڄاڻ آهي.“ هن پاڻ کي ڏڍ ڏنو.
هن گفٽ پيش ڪرڻ لاءِ هڪ نيري رنگ جي ڪشميري شال پسند ڪئي، بل کي ڏسي هنجي دل دهلجي وئي. پوري پنجاهه رپين جو بل هو. ”صاحب، بس اها هڪ ئي شال رهجي وئي هئي.“ دڪاندار شال پئڪ ڪندي چيو. هن ڏڪندڙ هٿن سان دهين ڏهين جا پنج نوٽ اڳتي وڌايا، جن تي ڀيڻ جون حسرتون ۽ ماءُ جون تمنائون تڙپي اُٿيون هونديون.
بنگلي کي ڪنوار وانگر سنيگاريو ويو هو. بجليءَ جا هزارين بلب جهرمر ڪري رهيا هئا، رڪارڊنگ ٿي رهي هئي، فضا ڪنهن اڻ لکي نشي کان مخمور هئي. ايندڙ ويندڙ هي نظارون حسرت ڀريل نظرن سان ڏسي رهيا هئا. خوشيءَ جا گيت ۽ رڪارڊ پولار ڪري رهيا هئا. هُن اڇاتري نظر سان منظر کي ڏٺو ۽ بنگلي ڏانهن وڌيو. ماڻهن جي ميڙ ۾ ٻه اکيون هن لاءِ منتظر هونديون هن جو چهرو خوشيءَ وچان ٻهڪڻ لڳو. مين گيٽ تي بيٺل نوڪر هن کي پاڳل سمجهي روڪيو، هن لان تي بيٺل ميڙ کي ڏٺو ٻه اکيون ميڙ ۾ گم ٿي چڪيون هيون، مبارڪباد جا نعرا فضا ۾ پکڙجڻ لڳا، نفيس تحفا پيش ڪيا پي ويا، هن تجسس ڀريل نگاهن سان وري ڏٺو، ٻه اکيون چمڪي رهيو هيون جن ۾ نفرت هئي، وحشت هئي ۽ عيان هو ته جيڪڏهن توکي پنهنجي عزت جو خيال نه هو ته منهنجي عزت جو ته خيال ڪرين ها. هن پئڪيٽ کي زور سان ڀيڪوڙيو.
”سچ آهي ته خاڪ جي ذري کي عرش جي بلنديءَ سان ڪهڙي نسبت.“ هُو ڀڻ ڀڻ ڪندو تکيون تکيون وِکون کڻندو اڳتي وڌي ويو.