ڪھاڻيون

چانديءَ جون تارون

هن ڪتاب ۾ ماهتاب محبوب جون سورهن ڪھاڻيون شامل آهن. ماهتاب محبوب جون هي ڪھاڻيون موضوع، ٽيڪنيڪ ۽ ٽريٽمينٽ جي لحاظ کان هڪ نئون ۽ انوکو تاثر رکن ٿيون. ڪھاڻين جي ڪردار نگاري بي مثال آهي. سندس ڪھاڻيون انساني معاشري جون عڪاس هئڻ سان گڏ جديد ڪھاڻيءَ جي جملي قدرن ۽ رجحانن جي تڪميل جي مڪمل صورت پڻ آهن.

Title Cover of book چانديءَ جون تارون

چانديءَ جون تارون

اڄ پڻ حويليءَ ۾ ڪهرام متل هو. هي ٻيون ڀيرو هو جو رئيس زادي راحت رڙيون ڪري، ڪپڙا ڦاڙي هٿ پير هڻي هڻي، بيهوش ٿي وئي هئي. يڪدم اوطاق تي رئيس ڏانهن ماڻهو ڊوڙايو ويو.
دايون ۽ ٻانهيون پلنگ کي وڪوڙيو بيٺيون هيون. پڦيس ۽ ماڻس ته پلنگ جي سيراندي کان چڙهيون ويٺيون هيون. ڇوڪريءَ جي حالت ڏسي اوڇنگار مٿان اوڇنگار ٿي ڏنائون ٻانهين به گهٽايو ڪين پئي، هڪ ٻئي کان گوءِ کڻي وڃڻ ڪاڻ رکي رکي اهڙيون ته فلڪ شگاف اوڇنگارون ٿي ڏنائون، جو پريان رئيس، جو سهڪندو پئي آيو، سوبه ڏڪي ويو.
”قهر پئيوَ ڪهڙو وٺي ڌمچر مچايو اٿوَ؛ ڪجهه سمجهڻ ته ڏيو؟“
”آءٌ گهور وڃانس! مُٺيس! منهنجي سانئڻ سڳوريءَ کي الائي ڇا ٿيو!“
”هاءِ! هاءِ!! منهنجي جيجل.“
مختلف آواز هر طرف کان اچي رهيا هئا. ”سائين وري به ساڳي حالت آهيس!“
”ڪهڙي ساڳي حالت؟“ اهوئي پاڇو اٿس پرين جو، عطر مکي ساهيڙين سان چانڊوڪي ۾ وڃي ويٺي؛ اتان جهڙپ اچي وئي اٿس.“
”اڄ شاهه صاحب کان تعويذ لکا ٿي ڏيانس، تون ڪوهُه پئي اجايو مٿو هڻين!“ رئيساڻ ڌڄاڻ ڀاڄائيءَ کي اکيون ڏيکاريندي چيو ۽ ڀاڄايس هيسجي ماٺ ٿي ويئي.
”آئي ڪريمت ڏسين ڇا پئي، لوبان کڻي اچ نه گهر ۾ دکايون، سُرندي واري کي به گهرايو ته لهرو وڄائي من ڪجهه جهولي ته بدن هلڪو ٿي پئيس.“
ڪريمت يڪدم ڌڃاڻ جي حڪم جي تعميل ڪئي. بچان کي جا کڻي ٿي کٽي تنهن ڊاڪٽر گهرائڻ جي صلاح ڏني. بس صلاح ڏيڻ جي دير هئي. راحت جي پوڙهي، مگر ڪنواري پڦيءَ جا ڏند دروازن جي ڍرن ڪڙن وانگر حرڪت ۾ آيا، چي: ”خبردار نامراد! جو وري موئي ڊاڪٽر جو نالو ورتو اٿئي.“ ۽ هوءَ سهمي چپ ٿي وئي. بيوقوف ڪٿي جي ڏسي وائسي ٿي ککر ۾ کڙو هنيائين. کيس اها صلاح ڏيڻ ئي نه کپندي هئي. جڏهن پهريون ڀيرو راحت جي اها حالت ٿي هئي تڏهن گهر وارن جو ساهه اصل مُٺ ۾ اچي ويو. هڪ ئي ڄڻي ته هنن اکين جي آڏو، ماءُ پيءُ ۽ پڦيءَ جي اکين جو واحد نور. ڊاڪٽر کي گهرائين ته ڪيئن گهرائين. رئيسن جي گهراڻي جي زائفان ڪنهن ڌارئي شخص جي منهن تي نه پئي هئي، ڇاڪاڻ ته اها عرياني سمجهي ويندي هئي. شهر ۾ جي هڪ ٻه ڊاڪٽرياڻيون لئي مان ڦري لٺ ٿيون هيون تن لاءِ ماڻهن مشهور ڪري رکيو هو ته اهي ناتجربيڪار آهن ۽ مريضن کي سندن اصلي آرامگاهه ڏانهن اماڻن ۾ دير ئي نٿيون ڪن، پوءِ ڏسي وائسي پنهنجي جگر جي ٽڪر کي ڪير کڏ ۾ اڇلي ها. پر انهيءَ ڏينهن مجبور ٿي پيا. پنهنجي پر ۾ پردي جو به خوب انتظام ڪيائون. آفرين هجي رئيس کي جنهن جي دماغ ۾ اها ترڪيب اچي وئي. رئيس حڪم ڏنو ته راحت جي پلنگ ڀرسان هڪ کٽ پاسيري ڪري بيهاريو، ان جي واڏڻ کي ڍرو ڪيو ۽ سڄي کٽ کي چادر سان ڍڪي، چادر ۾ سوراخ ڪريو ۽ پوءِ راحت جي ٻانهن کي انهي واڏڻ ۽ چادر جي سوراخ مان ٻاهر ڪڍي وڃي جيئن ڊاڪٽر نبض ڏسي سگهي.
اها ترڪيب سڀني پسند ڪئي ۽ پوءِ ڊاڪٽر آيو. هي پهريون موقعو هو جو ڪو ڌاريو مرد گهر ۾ اچي رهيو هو. زائفن جون بکايل نظرون درين ۽ دروازن جي وٿين مان ڊاڪٽر جي سنجيده چهري جو طواف ڪرڻ لڳيون ۽ گڏوگڏ ”رمارڪ“ به پاس ٿيندا رهيا.
”گنجو آهي ماريو.“
”آئي ڏسين نٿي؟ ٻه کنڀ مٿي ۾ تڏهن به انهن کي ڦڻوٽيءَ سان ڄمائي آيو آهي.“
”مهانڊن ۾ مڙئي ٺاهوڪڙو ٿو ڀائنجي پر نڪ هڻي ڪم ڊاهي ڇڏيو اٿس.“
”۽ ڏس ته! در جي وٿيءَ مان ٽانڊيءَ لڳي جي اک مون ۾ لڳي پئي آهي.“
”آئي! آئي!! ڏس ته سهي ماريو مون ڏانهن ڪيئن پيو نهاري.“
ڊاڪٽر صاحب پنهنجي بيدرديءَ سان ”پوسٽ مارٽم“ ٿيڻ کان بيخبر ٿي کٽ تي پيل چادر جي سوراخ ۾ نظرون کپايو ويٺو هو گويا ٻانهن جو منتظر هو. آخر خدا خدا ڪري سوراخ مان ويڙهيل سيڙهيل ٻانهن نڪتي پر ڊاڪٽر به ڪو شرير ٿي ڀانيو تنهن نبض ڏسڻ بعد چيو ته زبان ڏسڻ به ضروري آهي.
اتي رئيس سڳورو ڍرو ٿيو. پردي جي پويان ڀيڻ جون ڪرڙيون اکيون ڏٺائين جنهن هوريان ”هون هون“ ڪئي. ڪريمت کي موڪليائين ته رئيس کي سڏي آ. رئيس پردي جي پويان ليئو پاتو، ڌياڻ چيس.
”مٺيس! وڏڙن جي ڪِري ڀڃي ڇڏيوَ، هاڻي پرايا ماڻهو ويٺا ڏسن.
”تون هاڻي ماٺ ڪري ويهه: خدا جو اٿئي، قسم ڪُڇ پُڇ نه، خلق نه مون تي کلاءِ، ڇوڪري جو منهن ڪري ڍڪ ته ڊاڪٽر زبان ڏسي.“
ان بعد ڊاڪٽر تفصيل سان ڇوڪريءَ جي حالت ڏٺي. جڏهن مرض کي ”هسٽيا“ جو نالو ڏيئي پڻس کي جلدي شادي ڪرائڻ لاءِ چيائينس ته ان وقت رئيس جو منهن ٽامڻيءَ وانگر تپي بنهه لال ٿي ويو، پر نهايت بردباريءَ سان سور پي ويو، اهو ڏينهن ۽ اڄوڪو ڏينهن وري ڊاڪٽر گهرائڻ کان توبهه ڪيائون؛ پر حويليءَ ۾ ڊاڪٽر جون ست پڙهيون اڃان به پيون پٽبيون هيون، جنهن مڙساڻي وات نياڻي ڌيءَ جي شان ۾ گستاخي ڪئي هئي.
اڄ وري به ساڳي حالت هئس، پڦيس سيراندي کان هنج ۾ راحت جو مٿو رکيو ويٺي هئي.
”جيجان! تون رڙهي ويهه، آءٌ ٿي سڳوريءَ وٽ ويهان.“
”آئي کتل، آءٌ پنهنجن پيرنَ جي ڏِنيءَ کي ڪيئن ڇڏينديس، هي ساهه سڪائي ڀانڊو وڃي ٿي آهيان سو هن جي تڪليف ته نٿي ڏسي سگهان.“ ائين چئي چپن ۾ ڪجهه پڙهي راحت تي شوڪاريائين. راحت جي ماءُ نڻاڻ کي مشغول ڏسي موقعو غنيمت ڄاڻيندي پلنگ تان هيٺ پير کسڪايا، ۽ ڀر واري ڪمري ۾ رئيس وٽ وڃي ڏاڍي نماڻائيءَ سان چيائين:
”سائين نياڻي جو بار لاهيو کڻي اهڙي حالت ڏٺي نٿي وڃي، هڪڙي اکين آڏو اٿئون.“
نڻاڻس ڪمري مان ڀڻڪ ٻڌي ورتي، يڪدم رحت کي کتل جي والي ڪندي ڪوٺيءَ ۾ وارد ٿي، چي: ”آءٌ به ته ستن ڀائرن جي هڪڙي ڀيڻ هئس، مونکي کائي هڏ ڪري ڇڏيوَ تڏهن چيوَ ٿي ته اهو ڪهڙو ڄائو آهي جو پڳ ٻڌي وچ ۾ ويهندو؟ اسين ست ڀائر ڪو مري ويا آهيون ڇا؟ اسان جو هڏ چم کاءُ، راڄ ويٺي ڪر، هاڻي پنهنجو اولاد اٿوَ ته سيڪ ٿو اچيوَ ته بار لاهيون. سو آءٌ به مئي ڪونه آهيان، اڃا ويٺي آهيان. تون به خوش نه ٿي ڀاڄائي ته ڪو راحت لائون لهندي ۽ تون اکين سان ڏسندينءَ آءٌ جيستائين جيئري آهيان اهو هرگز ٿيڻ نه ڏينديس.“
”ڪوهه کڻي جهيڙو لاتو اٿو، هاڻي ماٺ به ڪنديون ڪي ڪونه. نه کڻي بانٺو مٿو ڦاڙي ٿو رکانوَ.“
”جڙيل هاڻي ٺهيو الله کي ياد ڪر. اها ڀاڄائي اوهيئن رڳو پاڻي ولوڙي، اڇو مٿو ٿي ويو اٿس، پر اڃا پائيءَ جو عقل ڪونهيس ڪو.“ ڌياڻ ڀاءُ جو موڊ بگڙندو ڏسي ڳالهه کي ٺاهيو. اوچتو رڙ ٿي. گولي ڊوڙندي آئي:
”سانئڻ جلدي هلو سڳوريءَ کي وري حساب ٿيو آهي.“
”مٺيس! امان ڇا ڪريان ڪوهه پئي ائين ڪرين. (ماڻس پلنگ ڏانهن چوندي وئي) آئي مونکان وير وٺو منهنجي نياڻي کان ڪوهه پيو وٺو.“
”ٺهيو ڀاڄائي هاڻي طعنا ڪوهه پئي ڏين، پري ٿي تون، آءٌ پاڻهي وڃڻي ٿي هڻانس.“ ڌياڻ ڀاڄائي کي پري ڪندي چيو.
ڌياڻ ڏاڍي خوفناڪ عورت هئي. ڳالهائڻ لاءِ سندس وات ڪجهه اهڙي انداز سان کلندو هو جهڙي طرح ليمن نپوڙڻ واري مشين جو کلندو آهي. پوري حويليءَ ۾ سندس رعب هو. مجال آهي جو سندس حڪم کانسواءِ ڳالهه هيٺ مٿي ٿئي. ڀائٽيءَ کي به ننڍي لاڪر نپايو هئائين. شادي ڪرائڻ يا نه ڪرائڻ سندس هٿ ۾ هئي. پر هو شادي ڇا لاءِ ڪرائيس سندس ڀيري ته نه ڪو سوٽ هو نه ماسات، جو شادي جو سوال اٿيس ها. هن ڀيري به ته ڪير نه هو. پوءِ ڇا لاءِ ڌارين ۾ ڪرائي. راحت کي به خبر هئي ته سندس واهه ڪانهي. جيئن جيئن سندس عمر وڏي ٿيندي ٿي وئي، تيئن تيئن انهي ڳالهه جو احساس به شدت سان محسوس ٿيڻ لڳس. ننڍڙي ته ڪونه هئي؛ پورن پنجويهن سالن جي هئي. گهر ۾ هر قسم جي آرام هوندي به هوءَ ڏاڍي بيقرار رهڻ لڳي. هن کي محسوس ٿيندو هو ڄڻ ته چانديءَ جي تارن ۾ هن کي ايترو ته مضبوطي سان جڪڙيو ويو هجي جو سندس جسم تي زخم ٿي پيا هجن. هن جو وجود ئي هڪ تازو زخم بنجي چڪو هو. ڪم ڪندي ۽ ڳالهين ڪرڻ وقت ايترو سوچڻ تي هن کي هڪ عجيب قسم جو درد محسوس ٿيندو هو، اهڙو درد جنهنکي اگر هو چاهي ته بيان به نه ڪري سگهي. هن دفعي به سندس دوري جو اثر خودبخود ختم ٿي ويو. هاڻي پهرين کان به سندس گهڻو خيال رکيو ويندو هو. کٽ تان هيٺ پير رکڻ جي به کيس اجازت نه هئي. صبح شام کيس مٿي ۾ گرم گرم تيل سان مالش ڪئي ويندي هئي، مگر اها مالش به فائدو ڏيڻ بدران ابتو اثر ڪندي هئس. ويچاري نفيس نازڪڙي راحت، تنهائيءَ جي غم ۾ ڳرڻ لڳي. سندس دل ڄڻ ته ٽڪرا ٽڪرا ٿي پئي هئي. هوءَ ننڍپڻ ۾ پڙهيل چئن درجن واري علمي قابليت ڏانهن متوجہ ٿي، ليڪن کيس اتي به ڪجهه نه مليو. عشقيه ناول ۽ جذباتي شعر پڙهي هن تي وڌيڪ بيخودي ڇانئجي ويندي هئي. راتين جي ننڊ به اکين مان موڪلائي وئي هيس ۽ هوءَ ياس ۽ حسرت جي هڪ بيجان مورتي بنجي وئي هئي. هار سينگار کي کڏ ۾ اڇلايائين. هارسينگار ڪبو آهي ڪنهن تي رعب وجهڻ لاءِ، ڪنهن کي پاڻ وڻائڻ لاءِ... ڀلا هوءَ اهي سڀ ڪنهن لاءِ ڪري ها. سندس پرڻيل سوٽيون ماساتون مهينن جا مهينا حويلي ۾ رهڻ لاءِ اينديون هيون مگر هوءَ ويچاري نياڻي ڌيءَ جا قيد ۾ ئي رهيل هوندي هئي. انهن کي ڏسي سندس رت جوش کائيندو هو، ڇاڪاڻ جو اهو مفت جو مال اڏائڻ، خريداريون ڪرڻ ۽ گهمڻ اينديون هيون.
مگر هوءَ؟ هن جي پنهنجي حالت انهن جي مقابلي ۾ ڪهڙي نه کوکلي هئي. هنجو ذهن صرف منجهيل خيالن جو مجموعو هو... ڪوبه اهڙو خيال نه هو جو هنکي زنده ۽ خوش رکڻ لاءِ سهارو ڏيئي سگهي... مگر هوءَ ڇا لاءِ جيئي؟... زندگي! رئيس زادي راحت جي زندگي جو هئي. جيئڻ هن جي نصيبن ۾ هو... ۽ پوءِ هوءَ جيئڻ لڳي... ۽ خوب جيئڻ لڳي- پوءِ ڏسندي ئي ڏسندي هن جو ڏٻرو جسم ڀرجڻ شروع ٿيو. ڳل چمڪڻ لڳا ۽ حسن ڦٽي نڪتو. هن جي زندگي ۾ چمڪ اچي چڪي هئي. سون، چاندي ۽ هيرن کان به گهڻي چمڪ. هن کي محسوس ٿيندو هو ڄڻ ته فضا ۾ ننڊون جذب ٿيل هجن. اهڙيون ننڊون، جن ۾ بيداري گهڻي هوندي آهي. سندس چوڌاري نرم نرم خواب ائين ويڙهيل هوندا هئا جيئن مخملي ڪپڙا. سندس ڪمري جي دريءَ جي ٻئي طرف هڪ نئون رستو ٺهي رهيو هو. هنجي زندگي ۾ به هڪ نئين راهه تيار ٿي رهي هئي. اڻڄاتل راهه... جنهن تي هلڻ لاءِ هن جو روح ازل کان بيقرار هو... هاڻي اها دري هن لاءِ سڀ ڪجهه هئي... هن جي زندگي... هن جو سهارو، سڪون، ۽ هن جو قرار. هوءَ خوش هئي، بيحد خوش هئي. کيس اهو حل اوچتو ئي اوچتو هٿ آيو هو. بيماري جي ڏينهن ۾ سڀئي مٿس ڄڻ ته موهت هوندا هئا. سندس هر حرڪت کي اهو سمجهي نظرانداز ڪيو ويندو هو ته من سندس روح پرچي ۽ انهن ئي ڏينهن ۾ هن هڪ ڏينهن پنهنجي ڪوٺيءَ جي دريءَ جا اهي طاق کولڻ جي همت ڪئي جن ڏانهن نظر کڻڻ به گناهه سمجهيو ويندو هو، ليڪن هن اهو سڀ ڪجهه چپ چاپ ۽ ماٺ ميٺ ۾ ڪيو. جڏهن هن دري کولي ٻاهر ليئو پاتو تڏهن هڪ دفعو ته هوءَ ڏڪي وئي هئي، ننهن کان چوٽيءَ تائين. کيس سمجهه ۾ ئي نه پئي آيو ته ڇا ڪري؟ لاچار هن دريءَ جي طاقن کي وري اڳي وانگر بند ڪري ڇڏيو ۽ کٽ تي ليٽي عجيب خيالن ۾ غرق ٿي وئي. گهڻي گهڻي وقت کان پوءِ کٽ تان اٿي الائي ڇو دري جا ٻئي طاق کولي ڇڏيائين. لهندڙ سج جي نرم روشني کيس وڪوڙي وئي ۽ سندس دل زور زور مان ڌڪ ڌڪ ڪرڻ لڳي. هاڻي هوءَ هر روز شام جو دريءَ جا طاق کولي ڇڏيندي هئي. تازي هوا ۽ سج جا نرم ڪرڻا کيس ڏاڍا وڻي ويا هئا دل جي ڏڪڻي جيئن پوءِ تيئن گهٽبي وئي ۽ ان جي جاءِ تي اطمينان ۽ سڪون اچي واسو ڪيو هو. دريءَ جي هن ڀر هڪ نئو رستو جڙي راس ٿيو هو جنهن تي بيشمار گاڏيون، موٽر ۽ انسان پيا ايندا ويندا هئا پنهنجي ٽي ڌن ۾ پنهنجي ئي موج ۾... سهڻيون گاڏيون... فرحتي موٽرون ۽ عجيب انسان، خوبصورت، بدصورت، ضعيف ۽ صحتمند، هر قسم جا ۽ هر عمر جا.
هڪڙيءَ رات جڏهن آسمان ۾ فقط تارا ئي تارا پئي چمڪيا تڏهن زندگيءَ جي ان وهڪري ۾ هن پاڻ کي کڻي اڇلايو. کيس ائين محسوس ٿيو ڄڻ ته سندس جسم ۽ روح تي جيڪي چانديءَ جون چمڪندڙ تارون ويڙهيل هيون اهي هڪدم ٽٽي پرزا پرزا ٿي ڪري پيون.
ساڻس گڏ هڪ سگهارو ۽ مضبوط نوجوان هو، جنهنجي کهري ڇاتيءَ ۾ منهن لڪائيندي، هوءَ ان شاهراهه جي وسيع ۽ تيز وهڪري ۾ گهڻو تمام گهڻو اڳتي نڪري وئي.