پيلي قميص
”اي... ي... خ!“ مون بي اختيار هڪ ڪراهت آميز رڙ ڪئي. ”منهنجي شلوار تي هي ائسٽريڪٽ آرٽ ڪٿان آيو؟“ مون قهر آلود نظرن سان سامهون نهاريو.
”هي... هي... ڌيءَ اها چلمچي ته هيڏانهن کنيو اچجانءِ، مئي ڀنگيءَ منهنجي منجيءَ کان پرڀرو ڪري رکي آهي.“
نانيءَ کي ٿڪ اڇلائڻ ۾ ڪمال حاصل آ. مجال آهي جو سندس ٿڪ نشاني کان ذرو به پري هٽي. چلمچي ڀل پنج ڇهه فٽ پري رکيل هجي پر ٿڪ رينج 8 (راڪيٽ) وانگر سڌو وڃي چلمچي ۾ ”ٽڙاڪ‘ ڪندي. هي پهريون دفعو هو جو ڀنگيءَ جي نادانيءَ سببان، نانيءَ جو نشانو خطا ٿي ويو؛ جنهن جو کيس از حد افسوس رهيو، باقي منهنجي شلوار کي ته بلڪل ئي نظرانداز ڪري وئي، ڄڻ ”آرٽ“ بنائي احسان ڪيو هئائين مون تي.
بهر حال آءٌ بزرگيءَ ۽ مهمان نوازيءَ جو خيال رکندي چلمچي کڻي نانيءَ ڏانهن وڌيس.
”خي، مئو ڪهڙو نه نم جهڙو ڪڙو پان آهي. پِچ ٿُو.“ مون نانيءَ جي بي رحم وات ڏانهن نهاريو. اُف! وات ڇا هو ڄڻ اونهي ۽ اونداهي کڏ هئي، يا گهاڻو هو جنهن ۾ چوويهه ڪلاڪ پان پيو پيڙبو هو.
مان ڪتابن رکڻ لاءِ پنهنجي ڪمري ۾ ويس ته ٻڌم ناني منهنجي ماءُ سان مخاطب هئي. ”سعيد ماءُ، مون چيو هي نياڻيون روز صبح سان ڪڇ ۾ ڪتاب ڪري مڙسالن وانگر سلام ڪيو گهر کان نڪرن، اها ڪا چڱي ڳالهه آهي؟“ ”بس امان، علم جو حاصل ڪرڻو آهي، ان کانسواءِ سڀ اونداهه آهي، انسان دنيا ۾ رهي نٿو سگهي.“
”اونهن اونڌائي وري ڇا جي، ڇو نٿو رهي سگهجي، آءٌ به ته هلان پئي دنيا ۾؛ مون ڪهڙا ڪاليج پڙهيا آهن.“
امان جو جواب ڪونه ٻڌم، هن شايد خاموشيءَ ۾ ئي بهتري سمجهي.
الائجي اها ڪهڙي منحوس گهڙي هئي جو امان نئين سنڌياڻي نانيءَ کي پنهنجي دين جي ماءُ بنايو هو. ناني پهريائين ته ڪجهه ڏينهن صدقو صدقو ٿيندي رهي پر پوءِ ته الله بچائي، الائجي ڪهڙو وير پيس، جو سارو ڏينهن اسان مٿان گهپي لايو ويٺي هوندي هئي. ”رئو مٿي تي ڪيو، ڊڪو نه، کلو نه، نياڻيون ڌيون کلنديون ڪونه آهن، گهڻو نه ڳالهايو، آهستي ڳالهايو، ائين نه وڃو، هيئن نه ڪريو، هونئن نه ڪريو.“ مطلب ته سارو وقت ڪُر ڪُر لڳي پئي هوندي هئي. اسين ڌيان نه ڏيندا هئاسين ته وري امان جا ڪن ڀريندي هئي. امان کي ته ايتري فرصت ئي نه هئي جو ويهي سندس ڳالهين تي ڌيان ڏي؛ بس سادگيءَ سان مشڪي ڇڏيندي هئي ۽ امان جي انهيءَ سادگي نانيءَ کي ويتر شهه ڏني، سڄو ڏينهن ڄر وانگر اسان جو رت پيئندي هئي.
سعيد جي شاديءَ ۾ ٻاهران آيل سڀ مهمان آهستي آهستي پئي رخصت ٿيا، پر هي ٽيون هفتو هو جو ناني اڃان وڃڻ جو نالو ئي نٿي ورتو. ٽي هفتا نه ٿيا اسان لاءِ ڄڻ ٽي سال ٿي ويا هجن. خير اسين ته معصوميت جي اوٽ ۾، شرارتون ڪري ناني کان ڪنهن نه ڪنهن ريت بدلو وٺي ڇڏيندا هئاسين، پر سعيد جنهن جي اڃا تازي شادي ٿي هئي تنهن سان ته نسورو ويل هو. اهو هيئن جو بقول نانيءَ جي اسان سڀني ڀائر ڀينرن ۾ ’انسان‘ ئي اهو آهي ۽ انهيءَ ’انسانيت‘ ڪري ئي هو نانيءَ جي سمورين شفقتن جو مرڪز بنجي چڪو هو پر سعيد کي الائي ڇو نانيءَ سان هڪ قسم جي چڙ ٿي پئي هئي. جنهن ڪم کي هو زبان مان مس ڪڍندو هو، ناني سٽ پائي ڪري ڏيندي هئي؛ پوءِ به کيس ضد هو ته ڪري ته ’نجمه‘ ڪري. آخر نئين ڪنوار سان بي تڪلف ٿيڻ جو موقعو ته کيس گهربو ئي هو نه. گهر ۾ پاندان ڏسي ڪڏهن ڪڏهن سعيد کي به پان کائڻ جو شوق ٿيندو هو؛ انهيءَ ڏينهن تيار ٿي ڪلب وڃڻ وقت نجمه ڀاڀيءَ کي سڏيائين ۽ ڏاڍي پيار سان چيائينس: ”نجو، هڪ سٺو پان ته تيار ڪري وٺ.“
”ها ها، اجهو پٽ.“ ۽ نانيءَ جي ٻن سڪل ۽ پڙاٺ هٿن جهٽ پٽ هڪ اڌ مئو، جي ها اڌ مئو (سڪل هٿن سان ترو تازو پان به ڪجهه ائين معلوم ٿيندو آهي) پان سيگهه ۾ تيار ڪري سعيد کي پيش ڪيو. سعيد ٿڌو ساهه کنيو. جڏهن کان سندس شادي ٿي هئي تڏهن کان ئي انهن سڪل ۽ جهور هٿن جو پان کائيندو پئي آيو. خير، جتي ايترا ڏينهن صبر سان گذري ويا اُتي ڪي ٻيا به سهي، آخر به ته ناني پنهنجي گهر ويندي. غالباً سعيد اهوئي سوچيو هوندو. پان وٺڻ مهل بيوسيءَ سان نجمه ڏانهن ڏٺائين ۽ پريان ئي آهستگيءَ سان چيائين، ”خدا حافظ نجو.“
”سلامت هجن شال.“ نانيءَ جواب ڏنو ۽ پانن جي صافيءَ سان نَنهن اگهڻ لڳي. سعيد چڙي پيو، ”اونهه.... هن ته نجوءَ کي.. خير...“ هو هليو ويو.
نانيءَ کي، اسان سڀني مان ظفري ئي پڄڻ وارو هو... آخر به هو ڇا ڪري، ناني سڄو ڏينهن ڪُر ڪُر جو لايو ويٺي هوندي هئي. حسب معمول ناني پان اوڳارڻ ۾ مشغول هئي؛ ظفري شام جو ڪرڪيٽ کيڏي ٿڪجي ٽٽجي اڃان گهر ۾ پير مس رکيو ته ناني ٻن منٽن لاءِ اوڳارڻ بند ڪري وات کوليو، ”آئي ڇوڪرا اُس ۾ رُلي رُلي رنگ ڪهڙو ڪاراٽجي ويو اٿئي، خي... انهيءَ راند جي ’سونٽي‘ کي باهه لڳي، ڪجهه پنهنجو ته خيال ڪري ماڻهو.“
”ماڻهو؟“ ڪهڙو ماڻهو؟“ ظفري بئٽ ڪنڊ ۾ اڇلائي نانيءَ وٽ اچي ويٺو.
”ماڻهو وري ڪهڙو، توکي ٿي چوان ته رنگ ڪيڏو نه ڪاراٽجي ويو اٿئي.“
”جي، رنگ ڪاراٽجي ويو آهي، هه، هه، ها... ڪاراٽجي ڇا ٿيندو آهي ناني؟- يعني ڇا کي چوندا آهن؟“ ”چُپ ڪر، پري ٿي ڇوڪرا، مغز ڇو ٿو کپائين.“
”جي، مغز؟“
”هان آن.... آءٌ ڪا، تو جيڏي آهيان جو مون سان مشڪري ٿو ڪرين!؟“
”اٿو ناني ته ماپ ڪريون.“ ظفري ناني کي ماپ ڪرڻ لاءِ اٿارڻ چاهيو.“
”هان هان، ڌيان ڌر، فضيلت سک.“
در تي کٽ کٽ ٿي، ظفري ويو ۽ پوش سان ڍڪيل ڊيش اندر کڻي آيو. مان، فرو، شبي ڊوڙي وياسين. ظفري به پوش لاهڻ ۾ اسان سان شريڪ هو. ”اها ڪهڙي فضيلت آهي؟ وڃي سرڻ وانگر جهٽ هنيو اٿوَ. توڀان، توڀان، ڄڻ ڪڏهن ڪجهه ڏٺو ئي ڪونه اٿوَ. مان ته خير پنهنجي آهيانوَ؛ ٻيو ڪو ڌاريو ويٺل هُجي ته جيڪر ڇا چوي؟... سعيد ماءٌ، تون به نٿي جهلينِ.“ امان نماز کان فارغ ٿي ته ناني کيس مخاطب ٿي. امان بيزاري مان ٻڌو اڻ ٻڌو ڪري مُصلو ويڙهڻ لڳي.
وڏا وڏا لڏون ڏسي نانيءَ جي دل به سُرڪي. اُتي ئي ويٺي ويٺي چيائين: ”قطب الدين کي پٽ ڄائو آهي شايد!؟“ جي؟ قطب الدين کي؟“ ظفري شرارتاً پڇيو.
”اونهن، منهنجو مطلب هو سندس زال کي. هيڏانهن ته کڻي آ، ڏسان ڪهڙي گيهه ۾ تيار ڪيا اٿن.“ مان لڏون کڻي نانيءَ وٽ ويس. نانيءَ نڪ وٽ جهلي ڊگهو ساهه کنيو. ان بعد لڏون ڀوري ڀوري کائڻ لڳي.
رات جا اٺ لڳا هئا، لائيٽ بند هئي. شمع جي جهڪي روشنيءَ جو ڪو ڪتاب به نٿي پڙهيو ٿيو. ان ڪري سويري ئي اکيون ٻوٽي پنهنجي بستري تي اچي ليٽي پيس. ڀر ۾ سعيد جو ڪمرو هو. ڏٺم ته هو آهستي آهستي قدم کڻندو ڪمري ڏانهن پئي ويو. ڪجهه ٿڪل ٿڪل پئي لڳو.
”اونجو... مٿي ۾ سور محسوس ٿي رهيو آهي...“ سعيد جو آواز هو. ”بام جي مالش ڪريان...“
”منهنجا وڏا ڀاڳ...“ سعيد حسرت مان چيو.
”اوهان ته ائين چئي رهي آهيو، جيئن....“
”ها، نجو، تنهنجي هٿن سان منهنجو ڪو ڪم ٿئي، اها حسرت نانيءَ جي روپ ۾ ديوار بنجي منهنجي سامهون اچي وئي آهي....“
”شش... خاموش... ٻڌي نه وٺي.“
”هون، ڀلي ٻڌي، آءٌ ڊڄان ٿوروئي ٿو. هاڻ آءٌ صاف صاف کيس چوندس...“
ڇا!...؟“
جواب ۾ سعيد يڪدم خاموش ٿي ويو. اچڻ واري قدمن جو آواز مان هو بخوبي واقف ٿي چڪو هو.
”ڇو ابا سعيد، خوش ته آهين؟ ائين ڇو ليٽيو پيو آهين؟“
”مٿي ۾ سور اٿس.“ نجمه هٻڪندي چيو.
”اي.... هي هي،“ ناني درد مان ننڍڙي ۽ ڏڪندڙ دانهن ڪئي. ڪڏهن کان مئو سور پيو؟ ڀلا ڇا کان؟“
”شايد ٿڌ کان.“ نجمه آهستگيءَ سان چيو.
”مڙيوئي خير آهي، فڪر جي ڪا ڳالهه ناهي.“ ائين چئي ناني واپس موٽي. سعيد شڪر جو ساهه کنيو.
مون ڏٺو، ناني اونڌائي ۾ ڪا شيءِ تلاش ڪرڻ لڳي، ۽ پوءِ جلدي جلدي سعيد جي ڪمري ڏانهن وڌي. هاڻي صرف ”ڊائلاگ“ ٻڌڻ سان ڪم نٿي ٺهيو؛ ”ايڪشن“ ڏسڻ به ضرور هو. مان دريءَ مان وٿي ٺاهي اٿس ڏسڻ لڳيس.
”اٿي ويهه ابا، ته تِري هڻانءِ.“
”نه ته، اهڙي ڪا تڪليف به ڪونهي. نجمه هڻي ڇڏيندي.“
”آئي نه ابا، آءٌ کڻي هڻنديس، مڙيوئي خير آهي-“
ائين چئي هٿ ۾ جهليل تيل واري شيشيءَ جو ڍڪ لاهڻ لڳي. سعيد منهن ڦيرائي ويهي رهيو. ناني تري هڻڻ لڳي.
”خي... بادام جو تيل نه ٿيو ڄڻ کؤنر ٿيو. ماريو چنبڙندو پيو وڃي.“
سعيد بيزار هو ۽ مٿان وري سڪل آڱرين جا مَهٽا، سور بجاءِ گهٽجڻ جي وڌندو ئي ويو هوندس.
”اڄڪلهه جا تيل خبر ناهي ڪهڙا آهن. بي ايماني ملڪ کي وڪوڙي وئي آهي، ڌپ ته ڪهڙي ڪني آهي. توبهن، توبهن، پڇ ٿُو.“ ناني اُتي ئي ڪمري ۾ ٿڪيندي چيو. ”هي توهان ڇا جي پيا تري هڻو؟“ سعيد چڙ مان چيو، ۽ مٿو سندس آڱرين جي گرفت کان پري ڪيو.
”آئي ابا اهوئي، ڇا چوندا آهن، روغن بادام، ٻيو ڇا...؟
”هي روغن بادام آهي يا مڇيءَ جو تيل؟ لاحول ولا قوة...“
”مون انڌي کي ته خير خبر نه پئي، پر شاباس هجيئن؛ اَبا، عينڪ چاڙهيو ويٺو آهين، خير سان تنهنجي به نظر ڪونه پئي ته هيءَ ڪهڙي بلا آهي، واهه اَبا واهه!“
سعيد بغير جواب ڏيڻ جي غلسخاني ۾ هليو ويو ۽ ناني ناراض ٿي اچي پنهنجي منجيءَ تي ويٺي.
”امان صبر جي به حد ٿيندي آهي، سڄي گهر ۾ نانيءَ جي حڪومت ٿي هلي، آءٌ به ته آخر ڪجهه آهيان. ايترا ڏينهن ٿي ويا آهن شاديءَ کي، اها خبر نٿي پوي ته هي گهر آهي يا سراءِ.!“ سعيد صبح جو نيرن مهل امان سان شڪايت ڪئي.
”پٽ نانيءَ کي توهان سان محبت آهي نه، سندس دل جو به ته خيال ڪبو نه....“
”سندس دل، سندس دل، ڄڻ مون کي دل نه، پٿر جو ٽڪر آهي سيني ۾.“
”ڪاوڙ نه ڪبي آهي ابا، گهر آيل مهمان آهي.“
”مهمان نه ٿي ڄڻ...“
”بس بس، وڏن لاءِ گهڻو نه ڳالهائبو آهي.“ امان تڙي ڏني، سعيد ماٺ ڪري آفيس هليو ويو.
”ناني هڪڙي ڳالهه ٻڌاياءِ؛ ماريندينءَ ته نه؟“
”وڃ ڇوڪرا وڃ، توکي ته هر وقت مشڪري ٿي سُجهي.“
”سچ ناني، ڏاڍي عجيب ڳالهه آهي.“ ظفري پر اسرار انداز ۾ چيو ”ٻڌاءِ به کڻي هاڻي.“
”هو ڏسو سامهون.“ ظفري گيلري ۾ پيل نانيءَ جي منجيءَ تي ويهي سامهين گيلريءَ ڏانهن اشارو ڪندي چيو.
”ڇا آهي؟“
”پيلي قميص.“
”پيلي قميص...؟“
”هو ڏاڙهيءَ سان پيلي قميص وارو ماڻهو.“
”ها، توهان بي خبر هوندا آهيو، پر هو هميشہ گيلري ۾ بيهي توهان ڏانهن نهاريندو آهي-“
”پري ٿي ڇوڪرا“ دماغ خراب ٿيو اٿيئي ڇا، مون کي ڇو نهاريندو؟“
”سچ ناني، توهان پاڻ ڏسجو.“
”ڏاڍو ڪو بي حيا آهي.“
ظفري ته نانيءَ کي صرف هوشيار ڪري هليو ويو، مگر ظفريءَ جي انهيءَ ”انڪشاف“ ڪري حالتن تيزيءَ سان پلٽو، کاڌو. اها ناني جا اڳ سارو ڏينهن ميرن ڪپڙن جي هڙ وانگر نظر ايندي هئي ۽ منجيءَ تي ليٽي پان پئي چٻاڙيندي هئي يا اسان تي گهپي لايو ويٺي هوندي هئي سا هاڻي بلڪل ئي بدلجي وئي. خشڪ وارن ۾ خوشبودار تيل، ميري سڻڀي گنديءَ بدران سفيد ململ جو چڻيل رئو جيڪو سعيد جي شادي تي پاتو هئائين. وائل جو ڀرت تي چولو، پاپلين جي رنگين شلوار.
”ڪاڏي ٿا وڃو ناني؟“
”ابا وينديس وري ڪاڏي، ميرا ڪپڙا ٿي ويا هئا سي پئي بدلايم.“ ايتري عرصي بعد نانيءَ کي پنهنجن ميرن لٽن جو خيال نهايت تيزيءَ سان آيو.
هاڻي ناني هر ڪنهن سان ڏاڍي خوش مزاجي سان پيش ايندي هئي. سندس سارو ڏينهن گيلريءَ ۾ پيل منجيءَ تي گذرڻ لڳو. پان به ٺاهيندي ويندي هئي ۽ سامهون گيلريءَ ڏانهن به نهاريندي هئي. ڪنهن مهل سندس چهري تي سخت انتظار جي ڪيفيت هوندي هئي ته ڪڏهن مڪمل سڪون ۽ تازگي.
”آ... ظفري ابا هيڏانهن اچ.“ سندس لهجو نرم هو.
”ها ناني.“
ناني هڪ پان ظفري لاءِ ٺاهڻ لڳي.
”هي سامهون پيلي قميص وارو ڪير ٿو رهي-؟ برابر، مون به ڏٺو ته مونکي يڪ ٽڪ پئي نهاريائين.“
”او... ها جي ها، جي ها، ناني مون ته توهان کي پهرين چيو هو پر توهان اعتبار ئي نٿي ڪيو.“
”بس هاڻي ته اکين سان ڏٺم ته اعتبار آيو، ڀلا آهي ڪير؟“
”ناني، ماستر آهي پرائمري اسڪول جو؛ مسواڙ جي ڪوٺيءَ ۾ پيو رهي.“
ناني انهيءَ ٿوري ’انفرميشن‘ ۾ مطمئن ٿي وئي. ”پيلي قميص“ هڪ لحاظ سان سندس چڙ ٿي وئي هئي. پر هوءَ صرف مٿئين دل سان چڙندي هئي. هيڏانهن جو ته اهو حال هو ۽ هوڏانهن ماستر ويچارو بي خبر صبح جو سوير گئلري ۾ بيهي ڏندڻ ڪندو هو يا ڪڏهن شام جو ڪتاب کڻي اتي ئي ڪرسي وجهي اچي ويهندو هو. اهڙيءَ طرح ڏينهن گذرندا ويا.
اسان جي جان آزاد هئي. سعيد مطمئن هو. نانيءَ کي گيلري وٽان فرصت ئي ڪونه ملندي هئي جو اچي سعيد کي پنهنجي ”شفقتن“ سان نوازي.
پر هڪ ڏينهن الائي ڪهڙو انقلاب اچي ويو جنهن نانيءَ کي وري چيڙاڪ بڻائي ڇڏيو. اهي ئي ميرا حال، پريشان وار، هينئر ته سندس طبيعت اڳي کان به گهڻي غير سڌريل هئي. هڪ ڏينهن انهيءَ جو سبب به معلوم ٿي ويو. اسڪولن ۾ ٻن مهينن جي وئڪيشن ٿيڻ ڪري پيلي قميص وارو ماستر سامان ٻڌي پنهنجي ڳوٺ هليو ويو هو. نانيءَ لاءِ ڏينهن گذرڻ مشڪل ٿي پيو. خالي خالي گئلري ڄڻ کيس کائڻ پئي ايندي هئي ۽ پوءِ هڪ ڏينهن اوچتو ناني به پنهنجي گهر وڃڻ لاءِ ٽپڙ ٻڌا.