ناسُور
جيئن ته بازار حسن ٿاڻي جي حد ۾ هو، تنهن ڪري محرم خان جي ڊيوٽي به اتي لڳندي ايندي هئي ۽ جڏهن پورو ڏينهن گذرڻ بعد به زهره جي جهلڪ کيس نظر نه ايندي هئي ته روايتي عاشقن وانگر مايوس ٿي پنهنجي پاڏي جهڙي آواز ۾ راڳ ڳائيندو هو.
”تو کون سي بدلي مين ميري چاند هي آجا.“
۽ عين ان وقت اتفاق سان جي زهره ٻائي پنهنجي ڪوٺي جي دريءَ مان نظر اچي ويندي هئس ته سندس للچايل اکيون منجهس ائين کپي وينديون هيون، جيئن ڪنهن بکايل کي اوچتو ئي اوچتو وڻ ۾ پڪل ميوو نظر اچي ويو هجي. سندس وات پاڻي پاڻي ٿي ويندو هو ۽ چپن تي زبان ڦيرائيندو اعتماد سان چوندو هو:
”پهلو نشين اي حور!
ٿيندينءَ تون ضرور.
تنهنجو حجاب، تنهنجو شباب،
بس لاجواب آ.“
زهره کيس پاڻ ڏانهن گهوريندو ڏسي، حقارت جو اظهار ڪرڻ واري انداز سان ڪنڌ کي جهٽڪو ڏيئي دريءَ تي پردو ڪيرائي ڇڏيندي هئي ۽ محرم خان اونهو ۽ ڪڙهيل ساهه کڻي رهجي ويندو هو.
محرم خان، جيڪو زهره جي نگاهه ڪرم جو منتظر هو، تنهن جي اميدن تي هڪ ڏينهن پاڻي ڦري ويو. ٿيو ائين جو کيس انهيءَ ٿاڻي تان بدلي ڪري ڀر واري ڳوٺ جي چونڪي تي رکيو ويو، جتي کيس سخت بيزاري محسوس ٿيڻ لڳي. هڪ هڪ گهڙي ڄڻ سالن برابر ٿي گذريس. شهر ۾ ته چهل قدمي سان گڏ ”چهل چشمي“ جو به موقعو ملي ويندو هئس، پر هتي ته سڃ هئي. رڳو ڪتن جي ڀونڪار ۽ گدڙن جي اوناڙ، اها به ڪا زندگي هئي. ڊيوٽي ختم ڪري پنهنجي ڪواٽر ۾ پيل ”ڪائي“ جهڙي کٽ تي اچي ڊهندو هو ۽ پنهنجي لوڪل زخمي ٽرانسٽر مان حسب معمول نڪرندڙ سُر ”ڌن ڪِتا! ڌِن ڪِتا“ ۽ ”جاڳي اٿي تنهائي، مايوسي“ وغيره جهڙن ”سنڌي“ نغمن کي سمجهڻ ۽ پرکڻ جي ڪوشش ڪندي ڪندي ننڊ ۾ الوٽ ٿي ويندو هو.
چوندا آهن ته بخت نه ڏسي وقت، جي وري ته ويرم ئي نه ڪري. محرم خان جو به بخت وريو ۽ جيڪو عهدو کيس پنجويهن سالن تائين به نه ملي ها سو ٻن ڏينهن ۾ کيس ملي ويو. ڳوٺ ۾ ڌاڙيلن ويل ٻاري ڏنو هو. نامي گرامي ڌاڙيل سهراب سولنگي ته ڳوٺن جا ڳوٺ هيسائي ڇڏيا هئا، جنهن جي زنده يا مرده گرفتاري لاءِ پوليس بي آرام هئي. انهيءَ ڪم لاءِ حد جي صوبيدار، همت ڀرئي جمعدار شيرل سان گڏ محرم خان کي به اُماڻيو. محرم خان جهڙي بزدل ۽ رنگيلي شخص لاءِ انهن ڪمن ۾ ڪابه دلچسپي نه هئي، پر لاچار فرض پوري ڪرڻ لاءِ وڃڻو پيس.
گهاٽو ٻيلو ۽ اونداهي هئڻ ڪري شيرل ۽ محرم خان کي ڪجهه دير تائين ڌاڙيل سهراب جي پناهگاهه هٿ ڪرڻ ۾ ڪافي دقت ٿي، پر اوچتو شيرل جي نظر سامهون روشنيءَ تي پئي ۽ هڪل ڪائين ”ڪير آهين؟“
جواب ۾ گجندڙ آواز آيو. ”ٻيو ڪير ٿو ٿي سگهي، سهراب سولنگيءَ کانسواءِ.“
”جيڪڏهن پنهنجي جان جي حفاظت چاهين ٿو ته هڪدم اسان جي پيش پئو. مان هڪ ٻه ٽي چوندس، نه ته مقابلي لاءِ تيار ٿي وڃ.“
انهي کان پهرين جو شيرل هڪ ٻه ٽي چوي، سامهون گولين هلڻ جا آواز ٿيا ۽ شيرل به جوابي ڪاروائي شروع ڪري ڏني. محرم خان، جنهن اهي آواز پئي ٻڌا، سو وڻن پٺيان بچاءَ لاءِ پئي لڪيو. اوچتو گولين جا آواز بند ٿيا ۽ محرم خان کي ڪجهه پرڀرو سندس ساٿيءَ جي ڪنجهڻ جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو. ڊوڙي وٽس ويو، جتي ڏٺائين ته هو پٽ تي ڪريو پيو هو. ايترو ڪي ٻڌڻ ۾ آيس ته سهراب منهنجي گوليءَ جو شڪار بنجي چڪو آهي، پر ڪمبخت مرڻ کان اڳ اهڙو ته نشانو لڳايو آهي جو مان به جيئرو نه رهي سگهندس... آه... ۽ شيرل اهي اکر چوندي دم ڏنو. محرم خان سج اُڀرڻ تائين اتي ئي ڇپ ماريو ويٺو هو- نه چريو نه پريو، سڄي رات ڏڪندي ۽ روئندي گذاريائين.
سج جي هلڪي روشنيءَ ۾ پريان هڪ لاش نظر آيس ۽ ڊڄندي ڊڄندي ان طرف وِک وڌايائين. اڃا به شڪ هئس ته جيئرو نه هجي ۽ کيس ماري نه وجهي. جڏهن پڪ ٿيس ته مري چڪو آهي، تڏهن چتائي سندس چهري ڏانهن ڏسڻ لڳو. کيس انهيءَ مهل سهراب جي مئل چهري ۾ پنهنجو چمڪندڙ مستقبل نظر اچي رهيو هو.
ٻيلي کان ٻاهر نڪري، ڀر واري زميندار وٽ مدد لاءِ ويو، جتان کيس هڪ ڍڳي گاڏي، لاش کڻي ٿاڻي تائين پهچائڻ لاءِ ملي.
سهراب سولنگي جو موت جي خبر ٻهراڙي مان ڳوٺن تائين ۽ ڳوٺن کان شهرن تائين هوا وانگر پکڙجي وئي ۽ مشهور ٿي ويو ته اهو ڪارنامو محرم خان سرانجام ڏنو. جلد ئي کيس، ”اعليٰ حڪام“ طرفان ترقيءَ سان گڏ ساڳئي شهر جي ساڳئي ٿاڻي ۾ بدلي جا آرڊر پڻ مليا.
محرم خان اسسٽنٽ سب انسپيڪٽر ٿي ڄڻ هڪ ئي وقت ۾ ٻه ميدان ماري وڌا. زهره ٻائيءَ جي ڀاءُ کي ديسي شراب وڪڻڻ جي ڏوهه ۾ گرفتار ڪيو ويو هو ۽ هوءَ کيس ڇڏائڻ لاءِ محرم خان کي سندس نئين عهدي جي مبارڪ ڏيڻ وئي.
”اڄ هڪ عرض کڻي آئي آهيان...“ زهره جون اکيون الفت جي نشي ۾ مخمور ڏسي هو بيتاب ٿي آيو.
”مان ته مدت کان تنهنجين اکين جي تيرن جو گهائل آهيان! ڀلا ڀاڳ، اڄ تون مرهم رکڻ آئي آهين.
”منهنجي درد بي دوا ته هن وقت صرف اوهان آهيو- صوبيدار صاحب!“
”حڪم!“ هن پاليل ڪتي وانگر زهره جي اڳيان سر کي ڪي قدر جهڪايو.
زهره ٻائي کيس پنهنجي ڀاءُ جي گرفتاري بابت تفصيل ٻڌائي. محرم خان هڪدم ٽيليفون ۾ هٿ وجهي نمبر گهمائي ايڪسائيز وارن کي فون ڪيو ته ”پيار عليءَ کي هڪدم رها ڪيو وڃي، پنهنجو ماڻهو آهي.“ ۽ ائين چئي هن رسيور کي ائين سٽيو جيئن ڪريڊل تي نه پر پيار علي کي گرفتار ڪرڻ واري جي مٿي تي هڻي ڪڍيو هجيس. پراڻيون ڳالهيون ختم ٿي ويون، خودبخود هڪ نئون ماحول پيدا ٿي ويو؛ ۽ انهيءَ شام جو ئي زهر ٻائي جي ڪوٺي تي محفل ڄمي.
محرم خان صوبيدار ٿيڻ بعد سڄي ٿاڻي تي دٻڙودونس مچائي ڏني هئي، فريادي ۽ جوابدار ته الڳ پر پنهنجي زيردستن تي به گار جي رئي پئي پوندي هئس. ظلم سندس پيشو ۽ رشوت سندس ايمان هو. مٿس پئسي جي بارش ٿيڻ لڳي. هر طرف نوٽ ئي نوٽ، ڪالهه جنهن کي ڪير پڇندو ئي ڪين هو اڄ پنهنجو مٽ پاڻ هو. اڳ جنهن جي گهر ۾ ڪاريءَ وارا ڪک هوندا هئا، تنهن وٽ ڪيترائي عرضدار صبح شام سندس اوطاق جي گلم تي ويٺل نظر ايندا هئا.
زهره ٻائي سان سندس لاڳاپا ڏينهون ڏينهن گهاٽا ٿيندا ويا. سندس راتيون وٽس گذرڻ لڳيون، جت بي گناهن جي خون پسيني جو پئسو هڪ ڌاڙيل وانگر لٽي ۽ ضايع ڪندو هو.
ڪجهه عرصي کان زهره ٻائي، محرم خان مان ڪڪ ٿي چڪي هئي، سندس خاص شڪايت هئي ته محرم خان ڪڏهن به ڏندڻ ڪونه ڏي تنهن ڪري سندس وات ۾ هميشہ ڪتو مئو پيو هوندو آهي. جيستائين وهنجڻ جو تعلق هو محرم خان جو اهو ايمان هو ته هڪ دفعو ماءُ جي پيٽ مان ڄمڻ سان وهتو آهيان ٻيو دفعو غوسلي غسل ڏيندم.
زهره عطر عنبير سرخيون پائوڊر لڳائي محرم خان جي انتظار ڪندي هئي ۽ هو جڏهن پنهنجو سڪي ويل اڇو پگهر ۽ مٽي، مُرن ۽ ڇاتيءَ تان، آڳوٽي ۽ آڱر جي زور سان مهٽي ڪڍندو هو ته زهره ٻائي جي سيني تي هڪ نانگ گهمي ويندو هو.
چوڻي آهي ته طوائف پئسي جي ٿيندي آهي ليڪن دل جا شيشي کان به نازڪ ٿئي ٿي سا طوائف کي به ٿي ٿئي ۽ هن جي دل محرم خان پنهنجي گدلائيءَ ڪري پرزا پرزا ڪري ڇڏي هئي.
هيڏانهن محرم خان جون به مصروفيتون ايتريقدر وڌي ويون هيون جو کيس زهره ٻائيءَ سان ملڻ جو وقت به مشڪل سان ملندو هو ۽ هوڏانهن زهره به نيون نيون سنگتون ڳولي ڪڍيون هيون ۽ هڪ ڏينهن خبر پئي ته اهو شهر ڇڏي ڪنهن ٻئي پاسي هلي وئي. محرم خان به سک جو ساهه کنيو. ڇو ته هن جو به زهره مان جيءُ ڀرجي چڪو هو ۽ خبر ناهي ته ڪيتريون زهرائون هن جي زندگي ۾ داخل ٿيون ۽ هليون ويون. ارڙهن سالن جو ڊگهو عرصو گذري ويو. هاڻ سندس گهڻو وقت شهر جي سڀ کان وڏي هوٽل جي مخصوص ڪمري ۾ گذرڻ لڳو جيڪو، جوا، شراب ۽ عصمت فروشي جو خاص اڏو هوندي هو ۽ جيڪو ڊپٽي ٿيڻ بعد هن ٺهرائي به انهيءَ مقصد سان هو ته پيريءَ ۾ به سک ۽ تفريح سان وقت گذرندو رهي.
سرمائيدار انهي هوٽ* ۾ لکي آزاديءَ سان عيش ڪرڻ لاءِ ايندا هئا هن هوٽ* ۾ ڪنهن به قسم جي پڇا ڳاڇا ۽ ڇاپي ٻاپي جو خطرو وغيره نه هو ڇاڪاڻ ته هو پاڻ رٽائرڊ پوليس آفيسر هو.
هوٽل جو مئنيجر جيڪو بئڪ گرائونڊ ۾ دلاليءَ جا فرائض سرانجام ڏيندو هو تنهن محرم خان سان اڄ هڪ نئين زهره ٻائيءَ جو ذڪر ڪيو.
”ڪٿي آهي؟“ محرم خان ٻانهن ۾ ٻڌل روليڪس تي نظر وڌي. رات جا ٻه لڳا هئا.
”مٿي، سائين جن جي اسپيشل روم ۾“ اٺين منزل جي اسپيشل روم ۾ شاندار بيڊ تي هڪ قيامت محوِ خواب هئي.
محرم خان هن جي سنگ مرمر جهڙي جسم ڏانهن ڏٺو ۽ کيس پنهنجن پوڙهين رڳن ۾ بجلي ڊوڙندي محسوس ٿي. واقعي مئنيجر ڪمال ڪري ڇڏيو...
هن جهڪي کيس پيار ڪرڻ چاهيو ليڪن هوءَ انهيءَ وقت بيدار ٿي وئي ۽ اُٿي ويٺي ۽ پنهنجي خمار آلود نگاهن، سان محرم خان کي ڏٺائين پنجونجاهه سالن جو محرم خان هن جي جواني تي فدا ٿي ويو ۽ بي اختيار سندس وات مان هڪ پراڻو گٺل جملو نڪتو ”تون بيحد... بيحد خوبصورت آهين... چنڊ جهڙي“ ۽ ڀر ۾ اچي ويٺس ۽ چنڊ هڪ بناوتي شرم پاڻ تي طاري ڪري ڇڏيو.
هدايت موجب صبح جو ڏهين بجي بيرو چانهه کڻي آيو. ”تنهنجو نالو ڇا آهي ڊارلنگ...رات ته تو کا پڇڻ ئي ياد نه رهيو...“ محرم خان چانهه ۾ سيڪرين وجهند چيو.
”الماس“ هن ڪنڌ مٿي ڪري فخر مان چيو ”اوه... واقعي تون الماس آهين هڪ انمول هيرو“ اهڙن موقعن بعد هو وڌيڪ ڳالهائڻ ٻولهائڻ جو بلڪل عادي نه هو. پر الماس جي حسن جو مٿس ڪجهه اهڙو رعب پيو جو ساڻس ڳالهائڻ لاءِ مجبور ٿي ويو. اهڙي ڪشش پنهنجي زندگيءَ ۾ يا ته هن زهره لاءِ محسوس ڪئي هئي يا پوءِ اڄ الماس لاءِ.
”تون هتي ڪيئن آئين.“
”جيئن پيون سڀ اينديون آهن.“
۽ هو وائڙو ٿي ويو... پر پاڻ تي قابو پائي نهايت نرمي سان چيائين.
”منهنجو مطلب هو ته... اهو ته... هي... يعني تون هن ماحول ۾ ڪيئن؟ تنهنجا ماءُ پيءُ... وغيره؟“
”اسانجا وري ڪهڙا پيءُ؟ هوندا ڪي توهان جهڙا مهربان ۽ چڱا مڙس، معاشري جا ”ناسور“ هن طنز سان مشڪيو.
”قربان وڃان، تنهنجي ان ادائن تان، تون اهڙي سنگدل ڇو آهين الماس! توکي ته پوليس واري ٿيڻ گهرجي ها.“
”منهنجي ماءُ چوندو آهي ته اهو ڪمبخت به پوليس وارو هو“.
”خوب! خوب!“ هن ٽهڪ ڏنو ”خون جو اثر رنگ ڏيکاريندو ئي آهي آخر مان به ته پراڻو پوليس آفيسر آهيان، ڪيئن صحيح ڪري ورتم“ محرم خان ڪامياب دوڪاندار وانگر مٿس هڪ شوخ نظر وڌي، ايتري ۾ بيري اچي اطلاع ڏنو ته الماس جي گاڏي کيس وٺڻ لاءِ آئي آهي. هوءَ ڏاڍي ناز ادا سان پاڻ سنڀاليندي اُٿي ۽ آئيني تي آخري نظر وجهندي محرم کي هٿ جي اشاري سان مشڪي خدا حافظ ڪيو.
”ترس ته مان به ٿو توکي هيٺ ڇڏڻ هلان.“ ٻئي لفٽ ۾ اچي بيٺا ۽ گرائونڊ فلور تي لهي آيا. موٽر ۾ ڊرائيور جي سيٽ تي هڪ مرد ۽ پوئين تي اڌيڙ عمر جي عورت ويٺل هئي.
”هي منهنجي ماءُ ۽ مامون آهن،“ الماس تعارف ڪرايو. ”تسليمات“ عورت ادب مان سرِ تسليم خم ڪيو ۽ پوءِ ٻنهي هڪ ٻئي جي چهري تي پيل ٻڍاپي جي تهن کي پل کن لاءِ کسڪندي محسوس ڪيو.
”زهره! تون.“
”هائو سائين، مان ئي توهانجي زهره آهيان... ڪهڙا نه عجيب اتفاق آهن... ڪهڙي نه عجيب موڙ تي ملاقات ٿي آهي... ۽ سائين هن کي ته توهان شايد سڃاتو ئي ڪونه، هي توهانج ڌيءَ الماس ئي ته آهي، جيڪا اڄ کان ارڙهن سال اڳ ڄائي هئي!“
”منهنجي ڌيءَ!!... اُف خدا!“ کيس ائين محسوس ٿيو جيئن هوٽل جون اٺئي منزلون مٿس ڪري پيون هجن.
”ڇڏيو سائين! مڙئي خير آهي (زهره پنهنجي مخصوص ادا سان اک ڀڃندي، هٿ محرم خان جي هٿ تي هڻڻ واري انداز سان وڌايو) ڪهڙي توهانجي نڪاح ٻڌي زال جي ڌيءَ آهي جو توهانجي لاءِ قيامت ايندي.“
”هائو سائين وڏيرا! بزنس، بزنس!“ الماس چيو. پيءُ جي خلوص، پيار ۽ رتبي کان بي خبر سندس اکين جي چمڪندڙ مرڪ محرم خان جي اکين ۾ ڄڻ لوهه جي ٻريل شيخ وانگر کپي وئي.
”آهه... نه-“ هن ٻئي هٿ منهن تي رکيا ۽ هوٽل ڏانهن ڀڄي ويو.
”نيچ... ڪمينو.“ زهره چيو.
”دلو!“ الماس زمين تي ٿڪيو.
۽ گاڏي اسٽارٽ ٿي.