سوڍا واٽر
”مگر ڇا ٿيو، توکي ان جو خفقان ڇو لڳو آهي. اهڙا بحث ته هميشہ کان ئي شايع ٿيندا رهندا آهن، هڪ طرح سان ائين سمجهڻ گهرجي ته پني ڀرڻ لاءِ لکيا ويندا آهن. ماڻهن تي رعب جو رعب پوي ٿو ۽ رسالي جا صفحا به خير سان پورا ٿيو وڃن. ظفري نهايت اعتماد سان چيو. ”افسوس آهي يار جو تون خود اديب ٿي ڪري اهڙي ذهنيت ٿو رکِين؟“ ان ۾ ذهنيت جو ڪهڙو سوال آهي، مون کان ته جيڪا خدمت پڄندي آهي اُها ڪندو آهيان، پوءِ به جيڪڏهن منهنجي ڏهن افسانن مان هڪڙو لاچار رکي ٻيا واپس ڪندا ته ان ۾ منهنجو ڪهڙو ڏوهه؟“ واقعي؟! يار، پوءِ ته اها تنهنجي بي عزتي چئبي.“ بشير جو ايتري دير تائين ماٺ هو. ان ڳالهه تي شوخيءَ سان اظهار ڪيو.“ مگر ڪوبه عزت وارو، ائين ڪنهن جي بيعزتي نه ڪندو آهي. آخر مونکي ڪهڙي ضرورت پئي هئي ايترن افسانن لکڻ جي؟ مان ته سنڌي ادب جي خدمت جي خيال کان ايترا افسانا لکيا ۽ پوءِ به اها شڪايت ته سنڌي ادب ترقي نٿو ڪري، آخر ڪيئن ڪندو جڏهن ڪا سٺي تخليق شايع نه ڪبي؟“ معاف ڪجانءِ، ان ۾ بي عزتي جي ڪهڙي ڳالهه آهي، ناقابل اشاعت هئڻ جي حيثيت ۾ افسانا واپس ڪيا ئي ويندا آهن. اهڙا افسانن کي شايع ڪرڻ سان ترقي ته خير جيڪا ٿيندي سان ڏسبي، باقي جيڪا رهي سهي اميد هوندي سا به هلي ويندي.“ ”پر تون اهو ڪيئن ٿو سمجهين ته منهنجا افسانا ناقابل اشاعت هوندا؟ زماني جي حالتن سارو جيڪي افسانا لکيا وڃن، اهي ناڪامياب ڪيئن ٿي سگهن ٿا؟“ منهنجو خيال آهي ته مون کي وڃڻ گهرجي، پوسٽ آفيس ۾ ڪم اٿم. اڄ جمع جو ڏينهن آهي سويري ئي بند ٿي ويندي.“ بشير، جو ٻنهيءَ جي بحث کان بور ٿي رهيو هو، واچ تي نظر وجهندي بهانو ڪيو. ”هونءَ به ادبي ڳالهين سان توکي دلچسپي ناهي.“ سعيد مشڪي چيو. ”نه، اها ڳالهه ناهي، ڪم ٿي پيو آهي نه ته آءُ به توهانجي بحث ۾ شرڪت ڪريان ها، چڱو ڀلا، خدا حافظ.“ هن اٿندي وري بهانو ڪيو. ”خدا حافظ.“ سعيد ۽ ظفري گڏجي چيو. هن جي وڃڻ بعد سعيد وري پنهنجي ڳالهه جاري رکي. ”ها ظفري، افسانن جي ڳالهه ڪري رهيو هئين نه؟ ته آءٌ ڪيئن ٿو چوان ته اهي ناقابل اشاعت آهن. اسان جون اهي ئي ته ڪمزوريون آهن جو پنهنجي ڳالهه کي هيٺ يا گهٽ سمجهڻ نٿا چاهيو تڏهن ته ادب ترقي نٿو ڪري. ”پر آخر ڪيئن ڪري ترقي؟“ ظفري بيزار لهجي ۾ چيو.“ هروڀرو ائين ته ناهي جو هڪ اڌ افسانو يا شعر ۽ مضمون وغيره لکي اهو سمجهڻ گهرجي ته اسان سنڌي ادب جي وڏي خدمت ڪئي آهي يا ان تي اهو سمجهڻ گهرجي ته اسان سنڌي ادب جي وڏي خدمت ڪئي آهي يان ان تي احسان ڪيو آهي. پاڻ تي رڳو ’اديب’ يا ’شاعر‘ جو ليبل لڳائڻ سان خدمت نٿي ٿي سگهي. پر ٻيون به گهڻيئي ڳالهيون آهن.“ مثال طور...؟“ ظفري ٻئي هٿ اطمينان مان ڳلن تي رکندي طنز مان وراڻيو. ”ڇڏ مذاق، آءُ هن وقت سنجيده آهيان... پهرين ته هي ڳالهه آهي؛ سنڌي رسالا تمام ٿورا نڪرن ٿا، جن مان معياري صرف هڪ اڌ آهن.“ هن احساس ڏياريندڙ انداز سان چيو ”ها اهو ته برابري آهي.“ ظفري چهري تي سنجيدگيءَ جا آثار پيدا ڪندي چيو. ”۽ پوءِ ڏس، صرف هڪ اڌ رسالن جا ايڊيٽر جڏهن ايتري ساري سنڌي عوام کي ادب جي ترقي لاءِ ايترو سمجهائين ۽ احساس ڏيارين، ان کان پوءِ به هو بي پرواهه رهن ته انهيءَ ۾ ايڊيٽرن جو ڪهڙو ڏوهه؟ جيڪڏهن عوام يا لکندڙ طبقو انهن سان تعاون ڪري، ۽ سنڌي نوجوان پاڻ ۾ گڏجي ننڍيون ادبي مجلسون قائم ڪن ۽ پوءِ آهستي آهستي وڌائيندا وڃن، معياري رسالا گهڻي انداز ۾ شايع ڪيا وڃن ۽ انهن رسالن ۾، مٿي ذڪر ڪيل ادبي مجلس ۾ پڙهيل تخليقن مان چونڊ، نثر ۽ نظم ڏنو وڃي ۽ نوان لکندڙ پيدا ڪيا وڃن ۽ ادب ۾ پيدا ٿيل نون نون لاڙون کي جاءِ ڏني وڃي ۽ انهن جون ڀرپور طريقي سان پرچار ڪيو وڃي، منهنجو خيال آهي ته اهڙي ريت ٿوري عرصي اندر ادب اها ترقي ڪري سگهي ٿو؛ جيڪا سالن ۾ نه ڪري سگهيو آهي.“ آخر ڪيئن ڪجي، جڏهن ايڊيٽر مضمون ئي نٿا ڇاپين. سندن اها روش ڏسي ڪنهن به نئين ليکڪ يا ليکڪه جو تخليقي ڪم ڏانهن لاڙو ئي نه ٿو ٿئي.“ ”نه يار، ها تنهنجي ڳالهه غلط آهي، هڪ ته سنڌي رسالا گهٽ، ٻيو جيڪڏهن ان ۾ ”ٻيڙي ٻوڙ“ قسم جا افسانا وغيره اچڻ لڳن ته پڙهندو ڪير ۽ ماڻهو ايڊيٽرن کي ئي گهٽ وڌ ڳالهائيندا ته جڏهن انهن کي سٺي مواد جي جاچڻ جي تميز ئي ناهي ته رسالو ڇو ڪڍيو اٿن ۽ ادب جي ترقي جي شڪايت ڇا لاءِ ٿا ڪن ۽ سنڌ جي ايتري ساري تعليم يافته نوجوانن جي هوندي رڳو ٻه ٽي ايڊيٽر ڪيستائين ترقي ترقي لاءِ فرياد ڪن. اسان ۾ ان جو احساس هئڻ گهرجي.“ ”ڏس يار سعيد، اها سٺي ڳالهه ناهي، تون به منهنجن افسانن جي بي عزتي ٿو ڪرين يعني ٻيڙي ٻوڙ ٿو چوين.“ ”نه ظفري، ان ۾ ڪاوڙ جي ڳالهه ناهي. ڪجهه خاميون ضرور هونديون، جن لاءِ افسانا واپس ڪيا ويندا آهن ۽ ساڳيو تون ان تي ڪاوڙ ڪرڻ بجاءِ فراخدليءَ سان غور ڪرين ته جيڪر توکي تنهنجون غلطيون صاف معلوم ٿيڻ لڳن ۽ پوءِ تون ان جي روشني ۾ وڌيڪ سٺي طرح سان لکي سگهين ٿو. ان لاءِ ته پاڻ توکي انهن جو شڪر گذار هئڻ گهرجي جو هو تو ۾ وڌيڪ محنت ۽ ڪوشش جو جذبو پيدا ڪري رهيا آهن.“ خير يار، تنهنجي ڳالهه مڃيون ٿا، هاڻي مس وڃي پير تي بيٺو آهين، سچي ڳالهه ته اها آهي جو اسان سنڌي نوجوانن جو ذهن ته صلاحيتن سان مالا مال آهي مگر اسان ۾ سستي گهڻي آهي ۽ عمل جو مادو پڻ گهٽ آهي جيڪڏهن اهو هجي ته الائي ڇا ڪري ڇڏيون؛ سچ پچ الائي ڇا ڪري ڇڏيون! ”مگر تو ۾ ته معلوم ٿي رهيو آهي ۽ تون اسان ۾ به ته پيدا ڪري رهيو آهين.“ خدا تنهنجي زبان مبارڪ ڪري آءُ هڪ ڄڻو ڇا ٿو ڪري سگهان، جيستائين توهان منهنجو ساٿ نه ڏيو. ”مان ته تيار آهيان.“
”پوءِ ٺيڪ آهي، پنهنجا دوست وغيره به گهڻيئي آهن، ضرور ساٿ ڏيندا، منهنجو خيال آهي، هڪ اهڙي مجلس جو پايو وجهجي. جنهن ۾ اديب پنهنجا مضمون وغيره پڙهن ۽ پوءِ انهن تي تنقيد ڪئي وڃي ۽ هر پندرهين ڏينهن اهڙي مجلس ڪوٺائي وڃي.“ ”پر يار اهڙيون مجلسون ته گهڻيئي ٻڌجن ۽ ڏسجن پيون، جن مان ڪو کڙتيل اڃا تائين ته نه نڪتو آهي، پنهنجي مجلس جو حال اهڙو نه هئڻ گهرجي؛ جيئن ڪي جوان جوش ۾ اچي جهٽ پٽ هڪ رسالو ڪڍي، ماڻهن کان چندا وغيره وٺي ائين غائب ٿي ويندا آهن، ڄڻ انهن جو اڳ ڪو وجود ئي نه هو.“ ”خدا نه ڪري جو پنهنجي مجلس جو اهڙو حال ٿئي، پنهنجي مجلس انهن کان مختلف هوندي پاڻ هڪ مثال قائم ڪنداسين.“ ”اهو ڪيئن؟“ ”اهو هيئن ته هر پندرهين ڏينهن مضمونن، مقالن ۽ شعرن وغيره تي جيڪي تنقيدون ٿينديون، انهن کي ننڍڙي ڪتابڙي جي شڪل ۾ تيار ڪرائي عوام ۾ تقسيم ڪرائبو، جيڪي پري هئڻ سبب اسان جي مجلس ۾ شريڪ نه ٿي سگهندا، اهي پڻ واقف ٿيندا، اهڙي طرح هرڪو اسان جي ان عملي جذبي کان متاثر ٿيڻ کانسواءِ رهي نه سگهندو.“ ”واه سعيد، واقعي نئين ۽ ڪمال جي رِٿ آهي. ايترو وقت خاموش ڇو هئين، اهڙن نيڪ ڪمن ۾ دير ڇا جي؟“ ”بس ظفري، آئي ڏينهن اخبارن ۾ اهي خبرون پڙهي ته سنڌي ادب ترقي ڇو نٿو ڪري، ڏاڍو شرم اچي ٿو ۽ نوجوانن جي حال تي افسوس ٿئي ٿو. ڀلا اسين نوجوان ئي سنڌي ادب کي روز نه وٺائينداسين ته ٻيو ڪو ٿورو ئي اچي سنڌي ادب کي زور وٺائيندو؟ غافل قومون ڪڏهن به ترقي نه ڪنديون آهن ۽ نه ئي ڪڏهن ڪو اهڙي سست قوم جو ساٿ ڏيڻ پسند ڪندو آهي.“ شاباس سعيد، تنهنجن انهن ڳالهين منهنجي دل ۾ سنڌي ادب لاءِ نئون جوش ۽ جذبو پيدا ڪري ڇڏيو آهي. انشاءَالله جيسين دم آهي تسين نه صرف آءٌ بلڪ پنهنجن دوستن سميت ان تي هر ممڪن عمل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندس.“ ”آمين! چڱو يار هاڻي گهڻو بحث ٿي چڪو... باقي پروگرام سڀاڻي ٺاهينداسين.“ ”منهنجو خيال آهي سڀاڻي به تون انهي ٽائيم تي ئي مون وٽ هليو اچجانءِ.“ ”ٺيڪ آهي، چڱو خدا حافظ“ ”خدا حافظ“
”اچ سعيد اچ! مونکي تنهنجو ئي انتظار هو.“ ظفري سگريٽ ”ايش ٽري“ ۾ ڦٽي ڪندي چيو. ”پروگرام لاءِ تيار آهين نه؟“ ”پروگرام ته انهيءَ ڏينهن ٺاهي چڪا هئاسين باقي اعلان بابت مضمون ضرور ٺاهڻو آهي.“ ”انهيءَ لاءِ ئي ته چئي رهيو آهيان.“ ”پوءِ دير ڇا جي؟“ ”پهرين ته تو ڪالهه ڪنهن ڪنهن کي في الحال ان مجلس جو ميمبر بنائڻ لاءِ چيو آهي؟“ ”پنهنجن دوستن جي ڪا ڪمي ٿوري آهي، هر معاملي ۾ پنهنجو ساٿ ڏيندا، باقي مجلس جي ڪارڪنن ۾ في الحال ٻه نالا يعني تنهنجو ۽ منهنجو نالو ڏيڻ ئي ڪافي آهي.“ ”اها به درست ڳالهه آهي. پر اڄ ئي ان مجلس بابت اخبار ۾ اعلان ڪرائڻ گهرجي.“ ”ضرور. مگر ٺاهوڪو.“ ظفري معنيٰ خيز نظرن سان چيو. ”ها، جيئن ٻين ۾ به همت ۽ جوش پيدا ٿئي- چڱو آءٌ ٻڌايان ٿو ۽ تون لک... گهڻي وقت کان سنڌي ادب جي ترقي لاءِ مضمون شايع ٿي رهيا آهن، پر اڄ ڏينهن تائين ان ڏس ۾ همت جوڳو قدم نه کنيو ويو آهي. ان ڪمي کي شدت سان محسوس ڪدي اسين ”ادبي مجلس“ قائم ڪري رهيا آهيون، اميد ته عوام اسان سان پورو پورو...“ اوهون“ ظفري ڳالهه اڌ ۾ ڪٽيندي نفي ۾ ڪنڌ لوڏيو. ”ائين ٿوروئي؟ مون ڇا چيو ته ڪو ٺاهوڪو اعلان.“ ”ٺاهوڪي مان ڀلا تنهنجي ڇا مراد آهي؟“ ”اهو به نٿو سمجهين! تڏهن تو سنڌي عوام جي ذهنن جو مطالعو ئي ناهي ڪيو؟“ ”ڪيئن!“ ”يار سادي سودي اعلان مان ڪجهه نه ورندو. پنهنجو تعارف ڪجهه اهڙي ”ڀڙڪيلي انداز ۾ پيش ڪرڻ گهرجي، جيئن عوام فوراً متاثر ٿئي. ٻي حالت ۾ اصل ڪجهه ڪونه ٿيندو. آخر اسين به جو هيتري محنت ڪنداسين تنهن مان ڪنهن کي خبر به پوي نه، ته اسين ڇا آهيون.“ ”هون... پوءِ...“ سعيد جي چهري تي سوچ ۽ فڪر جا ليڪا گهرا ٿيندا ويا. ”پوءِ اهڙي طرح اعلان ڪجي جيئن هو واقف ٿين ته اسين واقعي گرم جوشي سان خدمت ڪري رهيا آهيون.“ ”ٺيڪ آهي.“ ”مگر رڳو نالن مان ڪجهه ٿوروئي ٿيندو، ڪنهن کي ڪهڙي خبر ته پوڙها آهيون يا جوان.“ ”ضرورت رشتي لاءِ اشتهار ٿوروئي ڏيڻو آهي.“ ”اوهو... ڪمال ٿو ڪرين يار تون، عوام نوجوانن جي هر ڳالهه کي گهڻي اهميت ڏيندو آهي. پوءِ چاهي انهن ۾ ڪا صلاحيت ئي نه هجي.“ ”پر پاڻ ۾ ته خير سان گهڻيئي صلاحيتون آهن.“ ”مگر سمجهدار طبقو ته بغير سوچي ڪنهن ڳالهه کي اهميت نه ڏيندو آهي؟“ ”ڇڏ يار سمجهدار طبقي وارا رڳو آڱرين تي ڳڻڻ جيترا ملندا. اسان کي اڪثريت مطابق ڪم ڪرڻ گهرجي. جيڪڏهن چند ماڻهن جي سمجهداري هيٺ رهين ته ٿي چڪي تنهنجي ادبي محفل به قائم.“ ”دل ته نٿي مڃي، پر خير تنهنجي انهيءَ راءِ تي هلي ڏسان ٿو، مگر ڏس نه، جيئن ته مجلس يا پوءِ ڪتابڙي وغيره پنهنجي ذريعي ئي وجود ۾ اچي رهيا آهن، اهڙي حالت ۾ پاڻ خود پنهنجي قلم سان پنهنجي جوان وغيره هئڻ بابت ڪيئن ٿا لکي سگهون؟ پنهنجي منهن ميان مٺو ٿيڻ عجيب نه لڳندو؟“ اها ڪا وڏي ڳالهه ناهي اعلان پاڻ لکون ٿا نالو ڪنهن فرضي سيڪريٽري جو ڏينداسين ۽ پوءِ اعلان پڙهڻ مهل ائين ظاهر ٿيندو جيئن سيڪريٽري اسان جي تعريف ڪئي هجي. ٺيڪ آهي نه؟ ”ٺيڪ آهي.“ چڱو ٻڌ، پنهنجو اعلان هيئن هئڻ گهرجي.“
”سنڌي ادبي محفل جو پايو وڌو ويو.“
”سنڌ جي نوخيز ۽ الهڙ نوجوان اديبن، سعيد ٽالپر ۽ ظفر احمد، سنڌي ادب جي هڏڏوکين جي حيثيت سان، اها ڪمي محسوس ڪندي ته ادب جي ترقي جو دارومدار مستقبل جي نوجوانن تي آهي، سنڌي ادبي محفل جو بنياد وڌو آهي جا هر پندرهين ڏينهن منعقد ٿيندي رهندي. ملڪ جي نوجوانن کي غفلت جي غار مان بيدار ڪري، سنڌي ادب کي ترقي ڏيارڻ لاءِ هنن نوجوانن پاڻ پتوڙيو آهي... وغيره وغيره.“
”وڌيڪ سلسليوار آءٌ لکڻ مهل پاڻهي ڪري ڇڏيندس رڳو ايترو ٻڌاءِ ته ڪيئن ٿو لڳي؟“ ”ٺيڪ آهي، رڳو اعلان ٿي وڃي، ان بعد، باقاعدگيءَ سان اهو سلسلو شروع ڪنداسين.“ انشاءَ الله! خدا پنهنجي مدد ڪندو!“
يا مبارڪ هجيئي! اڄ اخبار ۾ اعلان اچي ويو! بس جيڏانهن وڃان ڇوڪرا ورايو وڃن ته ڪڏهن ٿا محفل جو ڪم شروع ڪريو ۽ چئني پاسي کان مبارڪباد جو زور لڳو پيو آهي. هُو ڪاليج گرلس، جي ڪڏهن ڪاليج ۾، اک کڻي به نه ڏسنديون هيون، اڄ انهن به اهڙن نظرن سان پئي ڏٺو ڄڻ وڏي ڪا سوڀ کٽي هجيم.“ سعيد مشڪندي مگر قدري سنجيدگيءَ سان چيو.
”ها، آخر گهٽ ڳالهه ٿوري آهي. انهيءَ اعلان ساڻ توکي خبر آهي ته پنهنجو نالو ڪيترو مشهور ٿيو هوندو. سڀني ايڊيٽرن به لازميءَ طرح اهي اخبارون پڙهيون هونديون ۽ ڪن کڙ ڪيا هوندائون. ادبي حلقي سان دلچسپي رکندڙن به اعلان ضرور پڙهيو هوندو؛ ۽ جيڪي پاڻ کي نه سڃاڻندا هوندا تن اڄ سڃاڻي ورتو هوندو ته اسين به اديب آهيون. انهيءَ اعلان پڙهڻ سان ايڊيٽرن تي به ضرور رعب پيو هوندو ۽ منهنجا افسانا هاڻي مونکي واپس نه ملندا. مطلب ته ان اعلان زندگي ڦيرائي ڇڏي!“ ساڍن ٽن انچن جي مسڪراهٽ هن جي چپن تي ڦهلجي وئي. ڇا مجال جو هڪ ملي ميٽر جو به فرق هجي.
بس هاڻي رڳو عمل جي دير آهي. اڄ پهرين تاريخ آهي. پنڌرين تاريخ کان ڪم شروع ٿيندو، مون ڪيترن ئي شاعرن ۽ اديب وغيره کي پنڌرين تاريخ واري گڏجاڻيءَ لاءِ ذاتي نوعيت جا دعوت نامه موڪلي ڏنا آهن.
”هلو سعيد! مون سمجهيو تون مبارڪ صاحب جو ڪلاس اٽينڊ ڪري رهيو هوندين.“ ظفري چانهه جو ڍڪ ڀريندي چيو.
”نه يار، منهنجي طبيعت ٺيڪ ناهي، مٿي ۾ سور ۽ طبيعت ڪجهه سُست معلوم پئي ٿئي، مبارڪ صاحب جو ليڪچر وري ستم در ستم ڪري ها.“ سعيد ڪرسيءَ تي ويهندي چيو.
”چانهه پي ٺيڪ ٿي ويندين.“
”چانهه جي عادت ناهي، مان هت سوڍا پيئڻ آيو آهيان.“ ائين چئي هن ڪينٽين جي ڇوڪري کي سوڍا آڻڻ لاءِ چيو.
”ڪجهه ياد به اٿئي اڄ ٻارهين تاريخ آهي؟“
”ها ياد ته اٿم، انهيءَ ڳالهه وڌيڪ پريشان ڪري ڇڏيو آهي.“
”يعني؟ ڇا مطلب؟“ ظفري حيران ٿيندي پڇيو.
”پنڌرهين تاريخ ايم. سي. سي ۽ پاڪستان جي درميان لاهور ۾ ڪرڪيٽ مئچ ٿي رهي آهي.“
”پوءِ؟“
”مونکي اوڏانهن وڃڻو آهي.“
”۽ ادبي محفل؟“
”ان لاءِ مان في الحال شاعرن ۽ اديبن وغيره کي لکي ٿو ڇڏيان ته پروگرام ڪن مجبورين تحت ڪجهه ڏينهن لاءِ ڪينسل ڪيو ويو آهي.“
”پر يار تون ڪومينٽري ريڊيو تان به ٻڌي سگهين ٿو.“
”نه ظفري، جيڪو مزو اکين سان ڏسڻ ۾ ايندو اهو ڪومينٽري ۾ ڪٿي؟“
ايتري ۾ بيري اچي بوتل کولي جنهن مان فوراً جوش ۽ دونهين جو آواز آيو، ۽ گلاس ۾ وجهڻ بعد چند منٽن ۾ جوش بلڪل ختم ٿي ويو. سعيد بي پرواهي سان گلاس هٿ ۾ جهليو.
ظفري جي چپن تي هلڪي مرڪ تري آئي؛ جنهن اهو پئي ظاهر ڪيو ته سعيد جو جوش به سوڍا واٽر وانگر وقتي هو.