شڪي
شهر هتان کان پنج ميل کن پري آهي. ويجهڙائي ۾ ٻيو ڪو اهڙو گهر ناهي. سرونٽ ڪواٽر ۾ مالهيءَ جي زال راڻي رهندي آهي. ويچاري ڏاڍي غريب آهي. گهر جي ڪم ڪار ۾ منهنجو هٿ ونڊائيندي رهندي آهي. ٻاهريون ڪم، جهڙوڪ ڀاڄي وغيره آڻڻ، اسپتال جا نوڪر ڪندا آهن. گهر ۾ سواءِ بورچي مصريءَ جي ٻيو ڪو به نوڪر ناهي منهنجو روز جو معمول آهي ته صبح جو اٿي شاد کي اسپتال وڃڻ لاءِ تيار ٿيڻ ۾ مدد ڏيڻ، ناشتو تيار ڪرڻ، گهرداري ڪرڻ، فرصت جي وقت ڪو مشغلو کڻي ويهڻ ۽ ڪڏهن ته بس صرف سوچڻ ئي هوندو آهي. دراصل سوچڻ به هڪ سٺو مشغلو آهي. بعض دفعا حقيقتن کي سمجهڻ ۾ گهڻي مدد ملندي آهي يا ائين کڻي چئجي ته حقيقتون قريب اچي وينديون آهن.
مان سوئٽر ٺاهڻ ۾ مشغول هئس، ٻيڪڙيل دورازي جي کلڻ تي منهنجو ڌيان اوڏانهن ويو، ڏٺم ته راڻي اَجرڪ ۾ ويڙهي سيڙهي اکَڙي ڪڍيو بيٺي آهي. مونکي کل اچي وئي.
”اچ، اچ، راڻي، بيٺي ڇو آهين. ڀلا اکڙي ڪڍڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي، هت توکي ڪير ٿو ڏسي!“
”ڇا ڪريان، بي بي،“ راڻي موڙو ڏيندي چيو.
”ماريو چئي ٿو ته اجرڪ ويڙهي ۽ اکڙهي ڪڍڻ کانسواءِ ٻاهر نڪتي آهين ته ٻئي ڄنگهان ڍڪڻين سميت جهوري ڇڏيندو مانءِ.“
”ماريو!“ مون حيران ٿيندي پڇيو. ”اهو ڪير آ راڻي؟“
”اهوئي، مون وارو ڪُرڪيو ڪانڌ.“
”خير ته آهي، تون ويچاري کي ائين ڇو ٿي چئين؟“
”ٻيو وري ڇا چوانس، ڏاڍو ٺاريو آ عزرائيل.“
”ڇو ڇا ڪيو آهيس؟“ منهنجي دلچسپي وڌي.
”منهنجو رت سڪائي ڇڏيو اٿس... ڏسو ٿا، هي منهنجا حال ڪهڙا ٿيا آهن.“ هن پنهنجي ڪمزور جسم ۽ ڦاٽل ڪپڙن ڏانهن اشارو ڪندي چيو.
”توکي ڪهڙو ڏک آهي راڻي؟“ مونکي هاڻس ساڻس همدردي ٿي رهي هئي.
”وڏو ڏک ته مونکي اهو آهي ته منهنجي مائٽن جو ڪهڙو اٽو کٽو هو جو منهنجو پلئه هن جهڙيءَ شڪيءَ مرد سان اٽڪائيون.“
”سمجهيم، ته تنهنجو مڙس شڪي آهي!“
”ها، بي بي انهي سورن نه ڪٿي اچان نه وڃان. توهان وٽ سو ڇڏيم ٿو، تڏهن به اجرڪ ڍڪائي منهن ويڙهڻ کانسوءِ نٿو ڇڏي. هاڻي ڪير سمجهائي ته اٺن ٻارن جي ماءُ تي اهو شڪ ٺهي ٿو.“ راڻي ڳالهه پوري ڪري ٿڌو ساهه کنيو.
مون ڪيئي دفعا راڻيءَ جي مڙس ڀوري کي باغ ۾ ڪم ڪندي ڏٺو هو. ڏسڻ ۾ ته ڏاڍو سڌو ۽ غريب پئي آيو، شڪل جي خيال کان به ٺاهوڪو هو، سگهارو ۽ صحتمند. راڻي انجي بلڪل ابتڙ هئي، ڪمزور ڪوجهڙن نقشن واري، جنهن کي ڀوري جي ڏکن چاليهارو وريهن جي بدران پنجاهه جي قطار ۾ اچي بيهاريو هو. پوءِ هي شڪ ڇا جو؟ مونکي سمجهه ۾ ئي نٿي آيو. اڃا راڻي ڀوري تي شڪ ڪري ته به کڻي جڳائي- پر راڻي ٺاهوڪڙي هجي ته پوءِ ڀوري جو شڪ به ٺهي.
مونکي گهڻي دير کان ماٺ ڏسي راڻيءَ چيو ”ڇا پيا سوچيو بي بي.“
”ڪجهه به نه راڻي. تون ڪيتري نه ڏکي آهين... ڪيتري نه تڪليف ۾ آهين.“
”بس دعا ڪريو ته حياتيءَ جا ڏينهڙا جلد پاري ٿين.“
”آخر ڀورو ايترو شڪي ڇو آهي؟ تون سمجهائينس ڇو نٿي.“
”مان ڇا سمجهايانس- هو مونکي انهيءَ لائق ئي نٿو سمجهي، ڪوبه مرد ڀل ڀاءُ پٽ ٿي ڳالهائي تڏهن به ماري ماري اڌ مئو ڪري ڇڏيندم. هينئر توهان وٽ ايندي آهيان ته مصريءَ کي ڀاءُ پٽ ڄاڻي آءُ به ٿانوَ ڌئاري وٺندي آهيانس. خبر پئيس ته سامهون وڃانس ٿي ته جيڪر ساهه ئي ڪڍي ڇڏي.“
”تڏهن ڏاڍو خطرناڪ ماڻهو چئبو.“
”ٻيو وري! ڀلا ڏسو ته سهي آءُ ڪهڙي سهڻي آهيان جو مون تي شڪ ٿو ڪري.“ راڻي ناز واري انداز سان ائين چئي ٿورو مرڪي ۽ سچ ته ان مهل مونکي ڏاڍي وڻندڙ لڳي. ڪهڙو عجب جو سندس انهن نازن ئي ڀوري کي شڪي بنايو هجي.
”سهڻي يا بڇڙي جي ڳالهه ناهي، راڻي؛ ڪن مردن جي فطرت ۾ ئي شڪ هوندو آهي.“
اسان جي ڳالهين تي منهنجو ڪڪو پپو سجاڳ ٿي پيو. مان يڪدم اٿي وٽس ويس ۽ راڻي به وڃي گهر جي ڇنڊ ڦوڪ کي لڳي.
ڇا سڀ مرد اهڙا شڪي هوندا آهن؟ مون پنهنجي پاڻ کان سوال ڪيو، ۽ جواب ۾ شاد جو چهرو اڳيان ڦري آيو. پر خلوص ۽ پر اعتماد. اسان جي شادي کي چار سال ٿي ويا آهن، مگر سندس ورتاءَ ۾ ڪابه تبديلي نه آئي آهي. هن مون تي ڪڏهن به ڪا سختي نه ڪئي آهي. هڪ دفعو خوشيءَ وچان بي قابو ٿيندي مون کيس چيو، ”توهان مون تي ڪيترو نه مهربان آهيو.“ تڏهن چيائين ”خدا پاڻ تي مهربان آهي.“ ۽ مان سوچيو ته ها. واقعي خدا اسان تي مهربان آهي. ڪاش هر مرد جي دل، شاد جهڙي پرخلوص ٿي وڃي ۽ هو عورت جي صحيح منزل سڃاڻندو هجي ۽ هر عورت، مرد جي وفادار بنجي وڃي ته جيڪر شڪ ڪڏهن به نه جنم وٺن.
بي بي!“
”چؤ راڻي.“
”توهان هت ڪيتري وقت تائين آيل آهيو.“
”ٻه ٽي سال ته ضرور هونداسين. پر ڇو تون هينئر ئي اسان مان بيزار ٿي پئين ڇا؟“
”خدا نه ڪري جو مان اهڙو خيال به دل ۾ آڻيان.“
”پوءِ اڄ اهو خيال ڪيئن آيوءِ.“
”منهنجي مرضي آهي ته جيڏانهن اوهين وڃو، مونکي به پاڻ سان ورتيون هلو.“
”مونکي ته ڏاڍي خوشي ٿيندي، پر ڀورو توکي ڪيئن ڇڏيندو.“
”شايد ڇڏي به کڻي، ڊاڪٽر صاحب جي ڏاڍي عزت ڪندو آهي. انهيءَ جو چوڻ ڪونه ٽاريندو. ٻار به ڪو ننڍڙا ڪونهن. پاڻهي گهر سنڀاليو ويٺا هوندا. آءٌ به پئي اينديس منهنجي توهان سان ايتري دل ٿي وئي آهي جو ڇڏڻ ڏکيو ٿو لڳي.“
راڻي جي ايتري محبت ڏسي قدرتي طرح منهنجي دل به محبت سان ڀرجي آئي ۽ مون کيس آسرو ڏنو ته وقت اچڻ تي ڪوشش ڪنديس.
شاد جي اچڻ جو ٽائيم هو. مان رڌڻي ۾ هن لاءِ گجرن جو حلوو تيار ڪري رهي هئس. مصري ڪم سانگي ٻاهر ويل هو. صرف مان ۽ راڻي گهر ۾ هئاسين.
”بي بي، مصري ڪم جو سٺو ٿو ڀانئجي.“
”ها چڱو ڪم ڪندو آهي.“ مون ديڳڙيءَ ۾ ڏوئي گهمائيندي وراڻيو.
”توهانجي ۽ ڊاڪٽر صاحب جي ڏاڍي تعريف ڪري رهيو هو.“
”هروڀرو!“
”بس، توهانکي ڏاڍيون دعائون پئي ڪيائين، چيائين پئي ته مان سندس ٻار نپائيندس، در جو غلام ٿي رهندس جيڏانهن به وڃن مونکي وٺي وڃن منهنجو پاڻ خيال آهي ته جڏهن اوهين وڃو ته هن کي به پاڻ سان کڻجو.“
”ڪهڙي ضرورت آهي راڻي؟ جتي وينداسين سرڪاري نوڪر ته اسان کي ملندا. پوءِ اجايو ڪنهن کي ڇو کڻون.“
”اهڙا ماڻهو ملڻ، مشڪل هوندا آهن. وڏي ڳالهه ته توهان ٻنهي جون ساراهون ٿو ڪري.“
مونکي راڻي جي اها ڳالهه نه وڻي جو هوءَ گهڙيءَ گهڙيءَ ”ساراهه“ جو اکر چئي مونکي متاثر ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي هئي. مون کيس ڪو جواب نه ڏنو.
مان ۽ پپو لان تي ويٺا شاد جو انتظار ڪري رهيا هئاسين. منهنجي نظر پريان ڀوري تي پئي، جيڪو ڇٻر ڪتري رهيو هو. مونکي ڏسي اکيون هيٺ ڪري ٻي پاسي هليو ويو. ڏاڍو شريف معلوم ٿي رهيو هو. راڻيءَ جي ڳالهين تي يقين ئي نه پئي آيم. خيال ڪيم ته شڪي آهي ته اسان جو انهيءَ سان ڪهڙو واسطو اهو سندن گهريلو معاملو آهي. پر شاباس هجي ويچاري کي جو اسان تي اعتبار ڪري راڻي کي ڇڏيو اٿس. پر هوءَ ته مصري جي سامهون ايندي آهي. انهيءَ ڏينهن چئي رهي هئي ته اگر ڀوري کي اها خبر پئي ته ساهه ڪڍي ڇڏيم. پاڻ ڪيتري به شريف ڇو نه هجي پر اسان تي جيڪو اعتبار ڪيو اٿس مونکي ان جو احترام ڪندي راڻيءَ کي روڪڻ گهرجي ته هاڻي مصريءَ جي سامهون وڃڻ جو ڪوبه ڪم ناهي. جنهن صورت ۾ تنهنجو مڙس اهڙي اجازت نٿو ڏي؛ تنهنجو فرض آهي ته ان تي عمل ڪرين. ٻئي ڏينهن مون راڻيءَ کي مصريءَ سان ڳالهائڻ ٻولهائڻ ۽ سامهون اچڻ کان منع ڪري ڇڏي. مون محسوس ڪيو ته منهنجي اها ڳالهه راڻي کي ڏکي لڳي، پر هو ڪجهه ڪڇي نه سگهي.
ٻپهرن جو ننڊ پئي آئي، اس به تکي هئي ۽ سيءُ به گهٽ هو، مون چاهيو ته ٿوري دير لان ۾ ويهي نٽنگ ڪجي. مان ٻاهر وڃڻ لاءِ جڏهن رڌڻي اڳيان لنگهيس، تڏهن... مان ذري گهٽ بيهوش ٿي ٿيس... مون ڏٺو ته مصري فرش تي ويٺو هو ۽ راڻي سندس هنج ۾ ڏاڍي بي حيائي سان ليٽيل هئي ٻنهي مونکي ڏٺو. خوف کان کين سڪتو ٿي ويو. مان فوراً ئي واپس ڪمري ۾ هلي آيس. ڏک ۽ ڪاوڙ کان منهنجي دل تکي هلڻ لڳي. ڀوري جي شڪل منهنجي اکين اڳيان ڦري آئي- اٻوجهه ۽ معصوم. منهنجو دم جهڙو گهٽجڻ لڳو... مان پاڻ کي گنهگار سمجهڻ لڳيس... ڪاش منهنجون اکيون اهو ڪجهه نه ڏسن ها.... هي دلڪش علائقو، اسان جي پهرين ملاقات جو يادگار، جنهن کي ياد ڪرڻ سان روحاني مسرت ٿيندي هئي اهو داغدار بنجي ويو، هڪ عورت جي هٿان... مون آلين اکين سان دريءَ جي ٻاهران ڏٺو. مونکي محسوس ٿيو ڄڻ، پهاڙ، جن تي سدائين نور وسندو هو، ٻُسا ۽ بي ڊولا لڳي رهيا هئا سندن اوچا ڳاٽ جهڪي ويا هئا.