ڪتاب ”ٽياسي جا ٽي ناٽڪ“، هڪ اڀياس
- نثار حسيني
سنڌي ساهت ۾ خاص طور تي ورهاڱي کان پوءِ ، ناول ۽ ناٽڪ جي صنفن جي کوٽ رهي آهي، اُن کان سڀ کان وڏو سبب ورهاڱي وارو هاڃو ئي آهي، جنھن جو اثر سنڌي جيوت جي هر پھلوءَ تي پيو آهي. پرهوڏانهن هند۾ ناول ۽ ناٽڪ جيڪا ترقي ڪئي آهي سا ٻڌيو ۽ سڻيو ڏندين آڱريون اچيو وڃن، جڏهن ته اتي سنڌي ٻوليءَ جي حيثيت هڪ PARASITE (بي پاڙي) واري آهي.
پر هتي جتي جي ڄائي نپني آهي اُتي سندس پاڙون ڄڻ آهن ئي ڪونه!! هي ساري ماجرا ويچار جوڳي آهي، پر اُن لاءِ اسان وٽ واندڪائي ڪٿي؟ اسان پهرين پاڻ ۾ ته نبري وٺون! هڪ ٻئي تي گند ڪچرو اڇلائي وٺون! هڪ ٻئي جي ڏاڙهي پٽ مان آجا ٿي وٺون اُن کان پوءِ ڏٺو ويندو !
ورهاڱي کان اڳ سنڌ ۾ سنڌي ناٽڪ جي پالنا گهڻي ڀاڱي تعليمي ادارن ۾ ٿي، ڇو ته ان دؤر جي اڪابرن کي ناٽڪ جي اهميت جي ڄاڻ هئي. ناٽڪ جو اثر ماڻهوءَ جي من تي اهڙو ٿو ٿئي جهڙوڪر پروجيڪٽر يا ٽيليويزن تي ڪجهه ڏسڻ سان ٿئي ٿو.
جتي اڄ اسان وٽ وڏن لاءِ به ناٽڪن جي لکجڻ ــ ڇپجڻ اسٽيج ٿيڻ جي رفتار بلڪل سست آهي، اتي ٻارن لاءِ ناٽڪ لکڻ،ڇپائڻ اسٽيج ڪرڻ جو ته سوچي ئي نه ٿو سگهجي !!
پر نه ڄاڻ پرواني سيوهاڻي کي اهو خيال ڪٿان آئڙو جو ويهي سڄا سارا ٽي ناٽڪ لکي ورتائين نه صرف لکيائين پر پنهنجي خرچ تي ڇپرائي به ورتائين ۽ وري جسماني طور تي مڪمل نه هوندي به پٺارڪون ٻڌي ويندو: سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ کپائڻ ! جي سيڙايل موڙي واپس مليس، ته به لک کٽيائين .......يار مڙس جي همت ته ڏسو ! !
پرواني جي ٽنهين ناٽڪن جا مکيه ڪردار ٻار آهن :
سڪيلڌو: جيڪو هن سنڌي سماج جي بلڪل هيٺئين ڪلاس يعني هاري مزدور جي گهر ۾ جنم وٺندڙ مثالي ٻار جو ڪردار آهي جنهن کي پڙهڻ لاءِ ڪٿي به (گهر يا اسڪول۾) اتساهيندڙ ماحول ڪونه ٿو ملي. هو هر سال ماستر کي ڪڪڙ ڏيئي پاس ٿئي ٿو ، ماستر اُنهن مليل ڪڪڙن جو ڳپل حصو بيٽ آفيسر کي رسائي ۾ ڏيو رزلٽ شيٽ تي سهي ڪرايو اچي. ان کان سواءِ ماستر صاحب سارو سال ٻارن کي پنهنجي ذاتي ڪمن ۾ (پوءِ اُهي گهر تي هجن يا ٻنيءَ تي) وهائي ٿو ۽ ان ۾ وري سندس رويو به اڍنگو ۽ گار گند وارو ! ناٽڪ ۾ جتي ماستر جو مثالي ڪردار چٽيو ويو آهي اُتي ٻارن جي پيءُ توڙي ماءُ جا ڪردار به مثالي آهن. پيءُ کي پاڙهڻ جي پهچ ڪانه ويتر ماءُ جي طرفداري نينگر کي ويتر نٺر بنايو ڇڏي .
لڙڪن پٺيان مرڪ: هن ناٽڪ ۾ هڪ ٻار جي ايمانداري جو مثال ڏيئي اهو ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي آهي ته ايمانداري ءَ جو ڳڻ فقط غريبن وٽ هوندو آهي. هن ناٽڪ ۾ استاد جو ڪردار به ڏيکاريل آهي جيڪو وڏيري جي ٻار کي وڏيرپ واري هلت تي ٽوڪي ٿو ۽ ان کان سواءِ هڪ اهڙي ڪردار ”بخشوبابا“ جو به ذڪر آهي، جيڪو پاڻ مسڪين هوندي به هيڻن جي همراهي ڪري ٿو.
ڌرتيءَ جو تارو: هن ناٽڪ ۾ هيٺئين ۽ وچولي ڪلاس جي مائٽن جو پنهنجي ٻارن جي سکيا جي سلسلي ۾ روين جو تضاد ــ فرق ڏيکاريو ويو آهي. هڪ هيٺئين ۽ اڻ پڙهيل گهر ۾ ٻار کي ڪهڙي تربيت ٿي ملي ۽ هڪ وچولي ڪلاس جي گهر ۾ ٻار کي ذهني اوسر جي سلسلي ۾ مائٽ ڇا ٿا ڪن ڌرتيءَ جو تارو هڪ اهڙو ڪردار آهي جو پنهنجي ڪلاس جي پسند جي ابتڙ هلت ٿو ڪري يعني ڊاڪٽر ٿيڻ بجاءِ هو ليکڪ ٿيڻ پسند ٿو ڪري، جنهن تي سندس پيءُ دٻيل نموني تاثر ڏيڻ جي ڪوشش ٿو ڪري ته ” ڏات جي ڏيهه ۾ ڇڙو ذهني پيڙا آهيڀ ان مان ڪابه پرابت ڪانهي !“
ٽنهي ناٽڪن ۾ منهنجي خيالن ۾ ليکڪ پنهنجي خيالن جي اپٽار ۾ ڪافي حد تائين ڪامياب ويو آهي. ليکڪ جا هي ناٽڪ، ناٽڪ جي کيتر ۾ هيءَ جاکوڙ اسان جي وڏن ليکڪن لاءِ هڪ چئليج آهي. مان کيس واڌايون ٿو ڏيان سچ ته مان جو (ليکڪ جي انهيءَ ڪم کي ڏسي) سنڌي ساهت جي واڌري جي سلسلي ۾ ويساهه پڪو ٿي ويو آهي ته؛ ٻيلي هائو کاهوڙي اڃا پيا آهن !!
( ٻيو ٻاريندو ڪير کاهوڙي کير ريءَ )
حيدرآباد سنڌ 27 مارچ 1983ع