هڪ ڪتاب پروانو
- حفيظ ڏيرو
سنڌي ادب ۽ شاعري هنري لحاظ کان ۽ صنفي لحاظ کان تمام گهڻي شاهوڪار آهي. ورهاڱي کان اڳ واھ واھ ڇا ڪهڙي ڳالهه ڪجي، پر ورهاڱي کان پوءِ به ان جو اثر نج تاثير محسوس ٿيندو رهيو ، پوءِ وري وڏي نالي وارن شاعرن شاعريءَ ۾ وڏن اديبن ادب ۾ پنهنجو ادبي پورهيو پيوند ڪري ڇڏيو . وسيع مطالعي ۽ غرور انهن کي پراڻي پابند نج ادب، شاعريءَ کان پري ڪري ڇڏيو .
نالي وارن ڏات ڌڻي جي خليفن چيو ته سائين شاعريءَ ۾ نوان لاڙا متعارف ڪرايا آهن، اِهو نئون تجربو آهي ۽ واهه سائين واهه ادا هي فني لحاظ کان ته ناول آهي ئي ڪونه ناول جي بيهڪ ائين ته نه ٿيندي آهي؟ نه سائين اِهو جديد ناول آهي . نثار کهڙي ڪتاب جي مهورت ڪئي هئي واهه واهه بس ناول آهي . هڪ گروهي سوچ جي ڪري شاعري ۽ ادبي صنفون هڪڙيون نئون روپ اختيار ڪري ويون آهن ( پابند) عروضيا شاعري سمجهڻ شاعري ڪرڻ ڏکي ٿي وئي ، هاڻي ان کي جديد شاعري چيو وڃي ٿو ....!
غزل جو ڇا ٿيندو؟ ٿيندو اِهوئي جيڪو ٿئي پيو ۽ پڙهجي پيو... اهڙي ئي ادبي صنف جنهن تي ڪم ڪونه پيو ٿئي ۽ وساريل آهي.مزي جهڙي ڳالهه ته تازو ادبي ميلي ۾ ان صنف تي اهڙن ماڻهن کان خيالن جو اظهار ڪرايو ويو، جن جو ادب سان واسطو ئي نه رهيو آهي. اها ادبي بنيادي ضروري صنف آهي ٻاراڻو ادب . هيءَ واحد صنف آهي ، جيڪا بنياد مهيا ڪري ٿي سکڻ ، سمجهڻ ۽ لکڻ جو پڙهڻ پروڙڻ جو .
نثر نويسي جو نواب پير علي محمد راشدي انهيءَ صنف جي اهميت سمجهائيندي ٽي ڏينهن لڳاتار بزم نونهال ۾ ليڪچر ڏنو هيو، جيڪو ٻاراڻي ادب تي بهترين ڪتاب ٿي سگهي ٿو. جيڪڏهن ڪو اشاعتي ادارو اهو ڪتاب ڇپائي ته وڏي اهميت وارو ثابت ٿيندو . ٻار مستقبل جو اڳواڻ ۽ ٻاراڻو ادب به اهڙي اهميت وارو آهي.
سنڌ ۾ ٻاراڻي ادب جو جڏهن به ذڪر نڪرندو ته ٻيو ڪو به اهڙو نالو ناهي جو ياد اچي پر هڪ اهڙو نالو جنهن پنهنجي هڙان وڙان خرچ ڪري پيرين پنڌ ٻاراڻي ادب جي خدمت ڪئي آهي. جنهن کي ٻاراڻي ادب جو مسڪين جهان خان چئجي ته غلط نه آهي. هن کي ٻاراڻي ادب جو ساڌو هيرانند به چئجي ته وڌاءُ نه ٿيندو. هن جي جسم جو ڦوڪڻو ( ڦڦڙ) ڪيترن ئي عزيز عورتن جي ڦوڪن سان ڦوڪيو ويو. تڏهن هن چرڻ پرڻ شروع ڪيو ۽ هُن جي وجود ڀاسيو ته مان جيئرو زندهه ساهه سان آهيان....!
اڄ هن جو وجود هن جو هر تخليقي ڪم ڪهاڻي،نظم ، ڊرامو ،ادب ،آتم ڪٿا ٻاراڻي انداز ۾ ٻارن لاءِ ئي آهي، ان ٻاراڻي ادب کان سواءِ هن جو وجود ئي نه آهي هي آهي منظور....! منظور ٻارن کي منظور سڀني کي منظور جنهن جو اصلي نالو منظور سومرو ٻاراڻي ادب جو وڏو نالو ٻاراڻي ادب جو پروانو .... المعروف پروانو سيوهاڻي جنهن جو وجود ئي هڪ ڪهاڻي آهي، جي شڪل وجود جي بيهڪ به ڄڻ ڪنهن تجريدي آرٽ جو اڻ پورو نمونو آهي.
هو جڏهن ڳالهائي ٿو ۽ کلي ٿو ته سامهون وارو سمجهندو ته بنا بادل جي بوندون ڪٿان...؟ وڏو ٽهڪ ڏئي ٿو ته ڄڻ ڄڻ منڇر کي کنڊ لڳو ..... جيڪو ويجهو هوندس ڄڻ ان کي مجنيڪ جو گولو لڳو... هن جي خاموشي به ڇرڪائي ٿي ڇڏي جڏهن ڳالهائي ٿو ته به اهڙا معنيٰ خيز جملا چوندو آهي، هن جو ماڻهو ڇرڪي وڃي ٿو ۽ سوچڻ تي مجبور پڻ ٿي وڃي ٿو هن کان سوال ڪجي ٿو ته جواب اهڙو ڏئي ٿو جو ماڻهو لاجواب ٿي وڃي ٿو. هاڻي تازو مون پرواني کي چيو ته پروانا خبر ٻڌئي...!
چيائين ٻڌاءِ .....مون چيو يار آغا سليم گذاري ويو! وري چيائين ڇا؟ يار سليم گذاري ويو ! جواب ڏنائين مري ويو ....ها ها ها ها هو هو هو وڏا ٽهڪ ڏيڻ لڳو مون هن جي هميشه ماتمي ۽ احتجاجي چهري کي ڏسي چيو ته کلين ٿو ؟ چيائين ٻيو روئان....! مون چيو يار ڏک واري خبر آهي . چيائين ها پر منهنجي ڳالهه ٻڌ انهن ماڻهن کي جيڪي آسائشون ۽ آرائشون، مراعتون ۽ سهولتون حاصل هيون، اُهي سموريون جيڪڏهن مون کي هجن ته آءٌ سڄي عمر لکان ۽ اصلي نه مران .......
مون کي ته هر طبقي نظر انداز ڪيو آهي، پوءِ به نه شڪايت اٿم نه مايوس ٿيو آهيان ......خوش آهيان آغا وارا سرڪاري خرچ تي وڙهت ڪندا هيا.....! بس ڪر ائين چئي وري کلڻ لڳو ..... طارق عالم پرواني لاءِ لکي ٿو ته ”هڪ ڀيري ڪنهن ڇوڪريءَ پڇيو هو“ ”هائيڪو ڇا ٿيندو آهي؟ مون جواب ڏنو مانس ته اڄ گهر وڃي غور سان پاڻ کي آئيني ۾ ڏسجانءِ توکي تنهنجي سوال جو جواب ملي ويندو.“
ساڳي ريت مون کان جيڪڏهن ڪوئ پڇي ته ”زندگي ڪيئن هوندي آهي؟“ ته جيڪر مان کيس چوان ”زندگي پرواني سيوهاڻي جي ٽھڪن جهڙي هوندي آهي.“ هر ڏک کان آزاد، حسين ڀرپور حواسن تي ڇائنجي وڃڻ وآري!
سنڌ جو ناميارو نقاد اديب بي خوف ليکڪ ناز سنائي پنهنجي ڪتاب آتم ڪٿائون جي جلد 3 ۾ ص 221 تي لکي ٿو ته پروانو سيوهاڻي ڄڻ اڌ ماڻهو آهي لوڪ جي نظر ۾ پر هو لکڻ پڙهڻ وارين سرگرمين ڪري سچي ته مڪمل ماڻهو آهي ، جسماني طور ڀلي هو ڪمزور نٻل ۽ هيڻو لڳي پر جڏهن هن کي پڙهبو ته پتو پوندو ته هي اسان جي سماجي اوڻاين کان چڱي طرح واقف آهي ۽ انهن جي خاتمي لاءِ پاڻ پتوڙڻ ۾ سرگرم آهي.
پروانو ڏسڻ ۾ اڻپورو وجود آهي پر معجزو لڳندو هن جي جاميٽري نقشا به اهڙا واهه جا اٿس جو رڳو سيوهڻ ۾ قلندر شهباز جي روزي جي ٻاهران بيهي ته شرجيل ميمڻ(منسٽر) جيترو ڪمائي وڃي.....!
پروانو ڏسڻ ۾ ئي ديوانو، مستانو لڳندو پر هي ذهن ۽ طبيعت ۾ يگانو آهي همت وارو آهي مايوسيءَ کان نفرت ڪندڙ آهي هي هٿ ، اک، ٽنگ، پير ۽ زبان معذور آهي پر هن جو ذهن ضمير صالح ۽ سالم آھي، ڪنهن جي ڪڍي نه ڪاڻ ....۽ نه وري ڪا پرواهه ....!
ارڏو ۽ ايماندا آهي سچ لکڻ جي سُتي پيل اٿس، کلڻ ۽ روئڻ هن جا مشغلا آهن. هيءَ کلي خوش ٿئي ۽ روئي به خوش ٿئي ٿو. روئڻ سان هن جو روح تازو رکي ٿو هي روئي روح ۽ چهري کي ڌوئي ٿو هو ڪمائي کائڻ چاهي ٿو پنڻ يا ڪنهن پيپلي ۽ ليگلي کان گهري کائڻ کان بک مرڻ کي وڌيڪ بهتر سمجهي ٿو.
پروانو سيوهڻ ۾ ڌمال چوڪ تي بيٺو هو، ان وقت جو وڏو وزير جيڪو هن پاڙيسري ۽ پراڻو سڃاڻو سيد عبدالله شاهه لنگهيو هن کي ڏسي سڏ ڪرايائينس، پوليس وارا هن کي وٺڻ آيا، هن چيو ڇو هلان،، پوليس واري چيو ته وزير اعليٰ صاحب توکي سڏي ٿو، هن چيو مان نه هلندس منهنجو ڪو ڪم ئي نه آهي، مان نه هلندس . پوليس وارا هن کي ٻانهن کان وٺي سيد عبدالله شاهه وٽ وٺي ويا، عبدالله شاهه گاڏيءَ ۾ ويٺو هيو ،پروواني کي چيائين، پروانا ڪهڙا حال اٿئي . پرواني چيو سائين ڏاڍو خوش آهيان .وڏي وزير سيد عبدالله شاهه چيس مان واهڙ ڳوٺ ٿو هلان تون منهنجي پويان اچ توکي نوڪري ڏيان هلي آ جلدي پهچ ائين ڪري شاھه صاحب گاڏيءَ جو شيشو چاڙهي روانو ٿيو . پروانو نوڪريءَ جي لاءِ وڏي وزير ڏي نه ويو جڏهن ته اڄ جو نوجوان پڙهيل لکيل وڏين ڊگرين وارا به يا لکين روپيا رشوت ڏئي يا پيپلن جي درن تي نوڪريون ڏئي نوڪريون حاصل ڪن ٿا.پرواني کي سڀني چيو اورو ڪر وڃ توکي اسان کڻي هلون ٿا، هل نوڪري وٺ پر پرواني انڪار ڪندي چيو ته هي وڏو وزير آهي ، هن کان نوڪري وٺي وري هن جي نوڪري ڏيان ، ماڻهو چوندا سيد عبدالله شاهه هن کي خيرات ڏني آهي ، پروانو پن جي نوڪريڀ وٺي آيو آهي....
هيءَ دنيا به انسانن جي هڪ لائبريري آهي، ڪتاب گهر آهي، ڪتب خانو آهي ۽ هر انسان هڪ ڪتاب آهي . ان ڪتاب کي ڪير ڪيئن ٿو سمجهي پڙهي پروڙي، انهن ڪتابن ۾ هڪ ڪتاب پروانو به آهي ، هن کي پڙهبو ته همت ، شعور، بهادري ۽ سچ جو سبق ملندو . هي هڪ اک هڪ هٿ ،هڪ ٽنگ ۽ ڪمزور زبان سان ڳالهائي ٿو . هڪ ٽنگ تي هلي ٿو ،لکي ٿو پڙهي ٿو ، پڙهائي ٿو ۽ اسان کي اسان جي قوم جي مسقبل ٻارن ، اکين جي تارن لاءِ ڪتاب لکي ڇپائي گهر گهر، در در ورهائي ٿو ، هي ٻاراڻي ادب جو هيرو پورهيت اديب آهي . هن اسان کي تمام وڏا سهڻا ڪتاب ڏنا آهن، ويجهي ماضيءَ ۾ ٻاراڻي ادب ۾ هن کان وڌيڪ ڪنهن جو پورهيو نظر نه ٿو اچي.
ڪندس سجدو اهڙو جو، زاهد چڙي پوي!
حيران ٿين نمازي سارا، وضو ملا جو ٽٽي پوي !
پرواني جون عبادتون ، سجدا سڀ ٻاراڻي ادب لاءِآهن ، هن فقير عملي ڪم ڪيو آهي. پرواني جو علمي شاعرانه ادبي ٺاهڻ وارو استاد بخاري آهي. جنهن هن کي هميشه پاڻ سان رکيو ۽ همت ڏياريندو رهيو لکڻ پڙهڻ لاءِ رهنمائي ڪندو رهيو. پرواني کي ڪنهن چيو ته ”پروانو“ اردو جو لفظ آهي ۽ تون سنڌي ....! هن کي اهو تخلص خراب لڳو ۽ هن پاڻ مرادو پنهنجو تخلص وري پتنگ رکيو ۽ استاد بخاريءَ وٽ ويو چيائين سائين مون ته تخلص تبديل ڪيو آهي . سائينءَ چيس بابا مٺائي ورهايو ته پتنگ پڪو ڪريون، هنن مٺائي گهرائي کائي سڀني چيو ته بابا ”نه پتنگ نه لغر“ ”پروانو“ صحيح آهي. اسان کي پروانو کپي ان ڪچهريءَ ۾ سائين تاج صحرائي به موجود هيو ان به چيو پروسنو کپي ۽ پروانو ٿي ويو ، پرواني جو تخلص.
پروانو ٻڌائي ٿو ته هن جي پهرئين ڪتاب ۾ ڀُٽي مدد ڪئي ، سائين نثار حسيني ، قاضي مقصود گل هميشه هن کي همٿائيندا رهندا هيا ، هن جي ٽهيءَ جا شروعاتي ليکڪ ادل سومرو، نصير مرزا،نياز پنهور،مختيار ملڪ ، اختر درگاهي ، قربان منگي ۽ اڪبر جسڪاڻي هئا.
جيئن ته پروانو اديب ليکڪ سان گڏ وڏو پبلشر به رهيو آهي ، پاڻ سُرهاڻ پبليڪيشن جو ايڊيٽر رهيو جيڪو وقت جو مشهور ۽ معروف رسالو هو .سرهاڻ نالو به استاد بخاريءَ تجويز ڪيو هو ، سرهاڻ پبليڪيشن طرفان ڪيترائي رسالا ۽ ڪتاب ڇپندا رهيا آهن.
سنڌ جي تمام اشاعتي ادبي ادارن هن کي ايوارڊن سان پڻ نوازيوآهي ۽ ڪيترن ليکڪن هن جي ادبي پورهئي تي لکيو ۽ مانُ ڏنو آهي. هي ماڻهو جس لهي هن هميشه ٻاراڻي ادب جون، سنڌ جون ۽ سنڌي قوم جون خدمتون ڪندو رهي ٿو۽ نوجوان نسل جي ذهني اصلاحي، ادبي، تعليمي، اخلاقي، اوسر جي ترقي لاءِ ڪم ڪندو ٿو رهي .
شال رب سائين هن کي سٺي صحت ڏئي ، وڏي ڄمار ڏئي ته هي اسان جو ٻاراڻي ادب جو چنڊ چمڪندو رهي ۽ ٻاراڻي ادب جو قلندر ٿي اڀري ڇو ته هي معجزي جهڙي ڳالهه آهي ته پرواني جو جيڪو علمي ڪم آهي، ڪنهن معجزي کان گهٽ نه آهي . هن جي جسماني بيهڪ ۽ جهڙو نامڪمل ماڻهو هجي ۽ اتي ايڏو وڏو شعور ڏئي ڇا ته ڳالهه آهي ، واهه ادا واهه اِهو آهي اسان جو پروانو سيوهاڻي .