ٻارن جي ادب جِي شمع جو ’پروانو‘
- ياسرقاضي
سال ياد ناهي... پر ايترو ياد آ ته مان شايد چوٿين يا پنجين ڪلاس جو شاگرد هوندس... ان اندازي مُوجب اهو 1986ع يا 1987ع جو سال هوندو (ڇاڪاڻ ته مون 1988ع ۾ پرائمري پاس ڪئي آهي)... اونهاري جي ڪنهن تپندڙ ٽيپهريءَ ٽاڻي اسانجي گھر جي بيٺڪ واري پاسي لڳل ’ڊور بيل‘ وڳِي... اسانجي روزاني معمول موجب اسانکي منجھند جا گھٽ ۾ گھٽ ٻه ڪلاڪ آرام ڪرڻو هوندو هو. اهو وقت ان منجھند وارِي ننڊ مان منهنجي اٿڻ وارو ئي هو، ته ان ’بَيل‘ جي سڏ تي ٻاهر اهو ڏسڻ لاءِ مونکي ئي وڃڻو پيو ته ڪير آهي. مون بيٺڪ جي پاسي وارو ئي دروازو کوليو... هڪ نؤجوان دروازي جي سامهون لنگھندڙ گسَ جي پرئين پاسي وڻ جي ڇانوَ ۾ بيٺي در کُلڻ جو انتظار ڪري رهيو هو. سخت گرميءَ سبب سندس لوندڙين مان پگھر ڳڙي رهيو هو. سندس ڪپڙن وارو وڏي سائيز جو ٿيلهو سندس ڀرسان پَٽ تي رکيل هو، جيڪو ڪافي ڀارِي ڀَرڪم پئي لڳو. مان ساڻس وڃي مليم.
”بابا! مقصود گل آهيَ؟“ ان همراهه پُڇيو
”نه چاچا، ابُو ته آفيس مان شام جو موٽندو آهي...“ مون وراڻيو
”ڀلا اختر يا منظر آهي؟“ هن منهنجن چاچن قاضي اختر حيات ۽ منظر حيات لاءِ پڇيو
”چاچُو اختر...!؟“
”جي ها...“ ”چاچُو ته سُتل آهي... توهان ڪير چاچا!؟“
”پُٽ، مان پروانو سيوهاڻي آهيان... سيوهڻ کان آيو آهيان...“
سندس نالو نه رڳو سُڃاپرو هو، بلڪه بيحد پنهنجو هو، ڇو ته اسان جي گھر ۾ ته ”گُل ڦُل“ ۽ ”نونهال“ سان گڏ چاچا پرواني جو ايڊٽ ڪيل سلسليوار رسالو ”سرهاڻ“ ريگيولر ايندو هو... جيڪو اسان شوق سان پڙهنداهئاسين. رڳو اهي ئي رسالا نه، بلڪه اسانجي گھر ۾ سنڌيءَ ۾ شايع ٿيندڙ ٻارن جو هر رسالو پابنديءَ سان ايندو هو. انهن ۾ ”گلڙا“ سميت اهڙا به ڪئين رسالا شامل آهن، جيڪي ٿوري عرصي لاءِ شايع ٿيا ۽ وري بند ٿي ويا، پر ان وقت سندس واتان ”پرانو سيوهاڻي“ نالو ٻڌڻ سان سندس (انهن ڏينهن ۾) تازي آيل ڪتاب ”پکين جي ديس ۾ “ جو سرورق منهنجي ذهن تي اُڀري آيو، جنهن جو ٽائٽل ڊزائن ڪندي، سنڌ جي سهڻي چترڪار ۽ مُنهنجي استادَ (جنهنکي گھڻو پوءِ منهنجو استاد بڻجڻو هو) سائين فتاح هاليپوٽي (شرجيل) صاحب کوڙ سارن پکين جي ميڙ ۾ مورَ کي وڌيڪ نشانبر ڪري مُک ’آبجيڪٽ‘ طور ڏيکاريو هو. مونکي اڄ به ان ڪتاب جو ’ڪرائُون سائيز‘ جو اهو ٽائيٽل ياد آهي، جنهن ۾ نيري رنگ جو عنصر وڌيڪ شامل هو. جيئن ته مون اهو ڪتاب انهن ئي ڏينهن ۾ پڙهي پورو ڪيو هو، تنهنڪري فوراً ’پرواني‘ جو نالو ٻڌڻ سان اهو عڪس اکين ۾ تري آيو. مان سندس نالي ٻڌڻ کانپوءِ واري خوشيءَ جي ڪيفيت بيان نٿو ڪري سگھان، ته منهنجي اندر خوشيءَ جي لهر ڊوڙي وئي ۽ يقين نه ٿي آيو ته هي اهو ئي چاچا پروانو سيوهاڻي آهي، جنهن جا ڪهاڻي ـ ڪتابَ ۽ شايع ٿيل رسالا اسان گھر ۾ پڙهندا آهيون.
”توهان ٻه منٽ بيهو... مان اچان ٿو...“
مون گھر اچي امڙ کي ٻڌايو ته ”امي، ابوءَ جو دوست چاچو پروانو سيوهاڻي آيو آهي. چوي ٿو ابُو آهي!؟“
امڙ چيو: ”کيس بيٺڪ ۾ ويهار! ۽ انهن سان ويهه! چاچا (چاچا اختر) اُٿي ته انهن سان پاڻهي ڪچهري ڪندو.“
اسانجي گھر سان ملحقه اها بيٺڪ (مهمان خانو)، هڪ ڪمري ۽ هڪ ننڍي اڱڻ تي مشتمل هئي، جيڪا سنڌ جي ثقافتي ’اوطاق‘ واري وصف تي ته پوري ڪانه لهندي هئي، پر اسان الائي ڇو ان کي ’اوطاق‘ ئي چوندا هئاسين. پر اها ’اوطاق‘ اها تاريخي جاءِ هئي، جتي اسان ننڍپڻ ۾ پروفيسر ڊاڪٽر عطا محمّد حاميءَ، استاد بخاريءَ، نشتر ناٿن شاهيءَ، مومن مليرائيءَ، بردي سنڌيءَ، ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌيءَ، ڊاڪٽر ميمڻ عبدالغفور سنڌيءَ، انيس انصاريءَ، ڊاڪٽر نواز علي ’شوق‘، تاج صحرائيءَ، راشد مورائيءَ، محسن ڪڪڙائيءَ، احمد خان ’مدهوش‘، اسحاق راهيءَ، جوهر بروهيءَ، ناظم منگيءَ، واجدَ، چاچا فتاح عابد لاشاريءَ، صوفي جھامنداس ’عاشقَ‘، مينهي خان سوز ٻروچ، سائين فتاح هاليپوٽي ۽ مرتضيٰ اعظم عباسيءَ سميت سنڌ جي الائي ڪيترين علمي، ادبي توڙي ثقافتي شخصيتن کي ايندي، بابا ۽ ڏاڏا بابا سان ڪچهريون ڪندي ڏٺو ۽ ٻُڌو... لطيف ادبي سنگت جون گڏجاڻيون ۽ مشاعرا ٿيندي ڏٺا. استاد بخاري، سرڪش سنڌي ۽ چاچا مختار گھمرو ته ڄڻ اسانجي گھر ــ ڀاتين وانگر هئا، جن جُون ان بيٺڪ ۾ ڪيل اڪيچار ڪچهريون اڃا به اکين ۾ آهن.
مُون گھران هدايتون ملڻ کانپوءِ، جلدي واپس اچي چاچا پرواني کي اهو ئي بيٺڪ جو ٻيڪڙيل در کولي اندر اچڻ لاءِ چيو ۽ کيس بيٺڪ جي ڪمري جو دروازو کولي ويهاريو. پکو هلائي، گھر وڃي ٿڌي پاڻيءَ جو ڀريل جڳُ ۽ گلاس کڻي آيس. پگھر ۾ شل چاچي پرواني مونکان نالو پڇيو.
”چاچا سائين، مان ياسر...“
”اڇا... اهو ئي ياسر، جنهنجو سلسلو ’شاعرن ۽ اديبن جا اصلي ۽ ادبي نالا‘ اسانجي ’سرهاڻ‘ ۾ ڇپبو آهي!؟
”جِي چاچا...“ مون شرمائيندي هائوڪار ڪئي.
شرمائي ’ها‘ ڪرڻ جو هڪ سبب اهو به هو جو مان ان سلسلي تحت ڪجھه شاعرن ۽ اديبن جا اصلي ۽ ادبي نالا ته پاڻ، چاچا مختار گھمري يا سائين سرڪش سنڌيءَ کان پڇي ابُوءَ کي لکي ڏيندو هئس، پر ان ۾ باقي نالا بابا پاڻ شامل ڪري ’سرهاڻ‘ رسالي کي موڪليندو هو، تنهنڪري منهنجو ان سلسلي ۾ عمل دخل گھٽ هوندو هو، سو مان اهو ڪريڊٽ پاڻ طرف ويندو ڏسي شرمائي رهيو هئس، ته اها اصل محنت ته منهنجي پيءُ جي آهي، جنهنجو ڪريڊٽ مونکي پيو ملي. اهو سلسلو بابا روزاني ’هلال پاڪستان‘ جي ٻارن جي صفحي ”ٻارڙا اکين جا تارڙا“ ۾ شروع ڪيو هو. هر هفتي ڪن به 10 سنڌي اديبن جا اصلي توڙي ادبي نالا ٻه ڪالمي صورت ۾ ڇپبا هئا. ان سلسلي جون ويهارو کن قسطيون تن ڏينهن ۾ ڇپيون، يعني هڪ محتاط اندازي موجب سنڌ جي 200 کن شاعرن جا اصلي توڙي ادبي نالا ان سلسلي تحت شايع ٿيا. جيڪو يقيناً ان دؤر جي حساب سان پنهنجي نوعيت جو هڪ اهم ڪم هو، پر درحقيقت ان سڄي ميڙي چونڊيءَ جو ڪريڊٽ مقصود گل صاحب ڏانهن وڃي ٿو، پر ان وقت بابا، ٻار جي حيثيت سان مونکي لکڻ لاءِ همٿائڻ جي ڪري ڪجهه ڪچو ڦِڪو ڪم مونکان ڪرائي، ان تي منهنجو نالو پئي ڏنو. ان سلسلي جون ڪجهه قسطُون چاچا پرواني پاران شايع ٿيندڙ رسالي ’سرهاڻ‘ ۽ ڪجهه قسطُون سڪندر سرواڻ صاحب پاران تن ڏينهن ۾ شايع ٿيندڙ ’مُرڪَ‘ رسالي ۾ به شايع ٿيون هيون.
چاچا پرواني سان ان مختصر حال احوال کان پوءِ پنهنجي اها اتاولائپَ پنهنجي ڄائي ڄم جي ’ڪرائيم پارٽنر‘ پنهنجي ڀيڻ ’گُڏيءَ‘ (نائله) سان ونڊڻ لاءِ وري گھر آيس. (گھر ۽ ان بيٺڪ جي وچ ۾ هڪ دروازو ۽ هڪ ننڍي ڏيڍي هوندي هئي، جيڪا اسانجي گھر جي وڏي اڱڻ جِي هڪ ڪُنڊ کان گھر ۾ داخل ٿيندي هئي.) گھر آيس ته گُڏي اکيون مهٽيندي ان وقت منجھند جي ننڊ مان اُٿي رهي هئي.
”اڙِي ٻُڌ! خبر ٿئي ٻاهر اوطاق ۾ ڪير آيو آ!؟
”ڪير...!؟“
”چاچو پروانو سيوهاڻي... ’سرهاڻ‘ وارو...“
”ائِي... نه... نه...“
”الا.. جائي با...“
”ائِي... پو هلئون ني...“
”منهن ٻُنهن ڌوئي وٺ ته هلي ملايانءِ...“
خير! ٿوري دير ۾ مان گُڏيءَ کي وٺي چاچا پرواني وٽ اوطاق ۾ آيس ۽ ڪجهه منٽ گُڏيءَ کان اڳ چاچا سان ڪيل ملاقات سبب پنهنجو پاڻ کي ان ڄاڻ سُڃاڻ جي حوالي سان سينيئر ۽ سُونهون سمجھندي، پاڻ کي معتبر سمجھي، ساڻس ملرايم. جهڙوڪر مان چاچا کي سالن کان سُڃاڻيندو هجان.
چاچا پروانو اسان ٻنهي سان ملي ڏاڍو خوش ٿيو ۽ اسانجي ڪچهري شروع ٿي وئي. ٿوري دير ۾ چاچا اختر الائي چاچا منظر به اچي ويو ۽ ان اچي چاچا پرواني کي اٽينڊ ڪيو ۽ سندس تواضح وغيره جو انتظام ڪيو، پر مان ۽ گُڏي، چاچا سان مسلسل ويٺا رهياسين ۽ ان پرواني سيوهاڻيءَ سان ڳالهه ٻولهه جو اعزاز حاصل ڪري رهيا هئاسين، جنهنکي هن وقت تائين اسان فقط پڙهندا آيا هئاسين.
رات ٿي... معمول موجب سج لٿي پُڄاڻان ابُو نئين ديري مان آيو (تن ڏينهن ۾ سندن ملازمت نئين ديري شگر مل ۾ هوندي هئي) ۽ باقي ڪچهريءَ ۾ هن اسانکي ’جُوائن‘ ڪيو. بابا جي اچڻ سان چاچا پرواني پنهنجي مخصوص ڳالهائڻ واري انداز ۾ ساڻس اسان ٽنهي ٻارن جي ايڏي تعريف ڪئي، جو اسان ٽنهي جو سينو ڦُوڪجي ويو. چيائين: ”ادا گلَ! توهانجي سُلڇڻن ٻارن مونکي هرگز بور نه ٿيڻ ڏنو... واهه جي ڪچهري ڪئي اٿائون...“
ابوءَ سان چاچي پرواني جي ڪيل ان ڪچهريءَ دؤران خبر پئي ته اهو ٿيلهو، جيڪو چاچا ساڻ هو، اهو سڄو ’سرهاڻ‘ جي تازن شمارن ۽ ’سرهاڻ پبليڪيشن‘ جي هڪ ٻن ٻين تازن آيل ڪتابن سان ڀريل هو. جڏهن انهن ڪتابن بابت ڪچهري شروع ٿي، ته اسانکي اهو حڪم مليو ته اسان گھر وڃي ماني کائون، هوم ورڪ ڪريون ۽ پوءِ سمهي رهون. ان پهرين ملاقات کانپوءِ واپس سيوهڻ وڃي، چاچا پرواني ’سرهاڻ‘ جو جيڪو پهريون شمارو شايع ڪيو، ان ۾ منهنجو، ناصر ۽ گڏيءَ جو نالو قلمي دوستيءَ واري سلسلي ۾ پنهنجي پاران شايع ڪيو هئائين.
اها هئي سنڌي ٻال ــ ساهت جي چراغ جي ان پرواني سان منهنجي پهرين ملاقات، جنهن سان ٻارن جو سنٻڌ، سائين اسرار شام ۽ ويجھڙ ۾ اسان کان وڇڙي ويل اياز پاٽوليءَ جي عشق کان هرگز گھٽ والحانه ناهي. خبر ناهي ڇا سبب هو! يا چاچا پرواني جي الائجي ڪهڙي مصروفيت هئي! جو هُو نومبر 2022ع ۾ حيدرآباد ۾ سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري پاران، ٻارن جي ادب بابت ڪوٺايل ٻن ڏينهن واري قومي ڪانفرنس جي ان سيشن ۾ شرڪت لاءِ نه اچي سگھيو، جنهن ۾ نصير مرزا صاحب کي اياز پاٽولي صاحب ۽ چاچا پرواني سيوهاڻيءَ سان ڪچهري ڪري ٻارن جي ادب لاءِ ڪيل جدوجهد جي حوالي سان سندن وهي کاتي جا ورقَ کولڻا هئا. مون به چاچا پرواني کي ان سيشن ۾ ٻُڌي سندس جيون جي حوالي سان سندس ئي زباني وڌيڪ ڄاڻڻ پئي چاهيو، پر ان سيشن ۾ رڳو اياز صاحب سان ڪچهري ٻُڌي سگھياسين. شايد اهو پاٽولي صاحب جي زندگيءَ جو آخري پروگرام هو.
منهنجِي چاچي پرواني سان ٿيل ان پهرين ملاقات (جنهن سان مون هن مضمون جو آغاز ڪيو) کانپوءِ اهو رابطن، خط و ڪتابت ۽ مُکا ميلن سلسلو مسلسل جاري رهيو، ڇاڪاڻ ته تڏهن ’سرهاڻ‘ رسالو لڳاتار شايع ٿيندو هو ۽ جڏهن به ’سرهاڻ‘ جو نئون شمارو شايع ٿيندو هو، ته هي سنڌي ٻارن جي ادب جو هيرو، اهو رسالو سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ کڻي وڃي، مختلف اسڪولن اندر پاڻ وڪرو ڪندو هو. هُو ’وَن مين آرمي‘ هو. هُو ’سرهاڻ‘ جو مالڪ ۽ CEO به پاڻ هو، سرڪيوليشن مينيجر به پاڻ هو، ’پورٽر‘ به پاڻ هو، ’لوڊر‘ به پاڻ هو ته ’هاڪر‘ به پاڻ...! ۽ کيس اهي سمورا پورهيا ڪرڻ ۾ ڪوبه عارُ يا شرم ڪونه هو. هُن ٻالڪ ادب جي اها ’سرهاڻ‘ هِن ستم ظريف زماني ۾ اڪيلي سر پئي ڦهلائي ۽ ان ڏس ۾ خارَ به هيڪلي سِر پئي سَٺا. ان سلسلي ۾ اسانجي شهر رتيديري ۽ ان جي آسپاس جي اسڪولن لاءِ جڏهن به چاچا اهو ٿيلهو ’سرهاڻ‘ سان ڀَري ايندو هو، ته اهي ٻه ٽي ڏينهن اسان وٽ ئي قيام ڪندو هو. اهو سمجھو ته ان مهم ۾ رتيديري جو ’المنظر هائوس‘ سندس ’ڪئمپ آفيس‘ هئي، جتي هُو رات رهي، صبح جو اُن ٿيلهي مان مخصوص تعداد ۾ رسالا کڻي طئي ٿيل اسڪولن ۾ وڃي اهي وڪرو ڪري، وري شام جو اسان وٽ ’المنظر گھر‘ ۾ چار پهر بابا وارن سان ڪچهري ڪرڻ توڙي آرام ڪرڻ ايندو هو، وري ٻئي ڏينهن ٻئي ڪنهن ڀر واري شهر يا ٻهراڙين تائين ’سرهاڻ‘ جي سرهاڻ ورڇي وري سانجھيءَ ڌاري اسان وٽ موٽي ايندو هو ۽ ٻن ٽن ڏينهن کانپوءِ جڏهن اهو ڀارِي ڀَرڪم ٿيلهو رسالن کان خالي ٿي ويندو هئس، ته پوءِ پروانو واپس سيوهڻ هليو ويندو هو. اسانکي تن ڏينهن ۾ (ٻالجتيءَ ۾) ته اها ڳالهه سمجھه ۾ ڪانه ايندي هئي، پر بعد ۾ چاچا پرواني پاڻ ڪچهرين ۾ ٻڌايو ته مقصود گل صاحب نه رڳو ’سرهاڻ‘ جي مواد جي لحاظ کان سندس مدد ڪندو هو، بلڪه مڪاني اسڪولن جي هيڊماسترن ڏانهن سفارشي خط لکي ڏيڻ جي ڏس ۾ به سهڪار ڪندو هئس ته جيئن چاچي پرواني کي خوشدليءَ سان هو پنهنجي اسڪول ۾ ٻارن تائين ’سرهاڻ‘ پهچائڻ ڏين، ڇاڪاڻ ته اسانجي تعليمي ادارن ۾ ويٺل ڪئين استاد توڙي منتظمَ، ٻارن لاءِ ٻارن جي ادب جي اهميت اڄ به ڪونه ٿا سمجھن ۽ اهڙي عمل کي نٿا همٿائن، جنهن سان ٻارن جي ذهني اوسر ٿئي.
ان ئي زماني وارين ملاقاتن ۾ هڪ ڀيري سياري ۾ چاچو پروانو اسان وٽ آيو هو ته مون ۽ گُڏيءَ (نائله) بابا کان سوالنامو ٺهرائي، چاچي پرواني کان انٽرويو ورتو هو، جيڪو بعد ۾ چاچي پرواني جي جوابن سان لکي فيئر ڪري اسان ’سرهاڻ‘ ۾ ئي شايع ٿيڻ لاءِ موڪليو هو، جيڪو شانائتي نموني سان ’سرهاڻ‘ ۾ ڇپيو به هو. جنهنجو ڊرافٽ فائينل ڪرڻ ۾ ابوءَ اسانجي مدد ڪئي هئي. اسان ڀيڻ ڀاءُ کي ان انٽرويوءَ ۾ ئي پهريون دفعو اهو ڄاڻي حيرت ٿي هئي ته چاچا پرواني جو اصل نالو منظُور سُومرو آهي. ’سرهاڻ‘ جا پراڻا پرچا کوٽبا ته انهن ۾ اهو انٽرويو ڪٿي نه ڪٿي ضرُور ملندو. هن انٽرويوءَ جو عنوان ابُوءَ ڪجهه هن طرح ڏنو هو: ’ٻارن جي اديب ۽ پبلشر سان ٻارن جي ڪچهري‘
مان پرواني سيوهاڻيءَ جي ان طرح سان بي لوث انداز ۾ ٻارن جا ڪتاب لکڻ، ڇپائڻ توڙي کپائڻ واري اڻٿڪ ۽ اڻ ڪٿ جدوجهد کي ڏسان ٿو، ته مُونکي لفظ نٿا مَلن ته کيس ٻارن جي ادب جي ايڏي وڏي خدمت جو خراج ڪيئن پيش ڪجي! سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪتاب لکڻ ۽ ڇپائڻ جيڏو وڏو مسئلو آهي، کپائڻ ان کان به وڏو مسئلو آهي. اهڙي ڏکئي دؤر ۾ هي شخص پنهنجي هر مجبوريءَ کي بالائي طاق رکي، اهي ’سرهاڻ‘ سان ڀريلَ ٿيلها پنهنجن ڪلهن تي کڻي سَري کان لاڙ، اُتر کان ٿر، ڪاڇي کان ڪوهستان ۽ وچولي کان ناري پار تائين، جُھڙيءَ ۾ ڦُڙيءَ ۾ رُليو... رڳو پنهنجي روزي رزق لاءِ نه، بلڪه سنڌيءَ ۾ ٻارن جي ادب جي ڦهلاءَ لاءِ ايڏو جاکوڙيو اٿائين، جو ان جي ڪٿَ ڪنهن ننڍڙي تحرير يا تقرير ۾ ڪرڻ منهنجي ته ڇا! ڪنهنجي به وس جي ڳالهه ڪانهي! اهو ئي سبب آهي جو مقصود گل 1985ع ۾ شايع ٿيل پنهنجو ٻارن لاءِ ڇپيل پهريون ڪتاب ”ڪرڻا ڪرڻا“ پرواني جي نالي منسوب ڪيو، جنهن ارپنا ۾ هن تحرير ڪيو:
”سنڌ ڌرتيءَ جي سدوري پُٽَ پرواني سيوهاڻيءَ جي نالي، جيڪو ٻالجتيءَ کان وٺي ٻاراڻي ادب جي سينڌ سنواريندو رهي ٿو.“
اهو ، ڌرتيءَ جي هڪ اهم نمائنده شاعر جو پنهنجي جونيئر اديب ۽ ٻارن جي ادب جي جاکوڙيءَ لاءِ هڪ وڏو ’ڪامپليمينٽ‘ آهي، جيڪو هن لفظن جي تحسين طور کيس ارپيو. ”ڪرڻا ڪرڻا“ جِي اشاعت کان 8 سال پوءِ ’سرهاڻ پبليڪيشن‘ کي پنهنجو ٻارن جي ڪهاڻين جو ڪتاب ”هٺيلي هرڻي“ ڇاپڻ لاءِ ڏيڻ پڻ مقصود گل جو پرواني سان پيارَ توڙي ’سرهاڻ‘ تي ويساهه جو دليل هو. هن ڪتاب جي ”روشن تارن ڏانهن“ جي عنوان سان ڇيپل پنهنجي پبلشر نوٽ ۾ پروانو، مقصود گل جي ڪهاڻين بابت لکي ٿو:
”هي من موهيندڙ ڪتاب ٻارن جي من موهيندڙ ڪهاڻيڪار ۽ شاعر، ادل مقصود گل جي نڪور ڪهاڻين جو مجموعو آهي. هن مجموعي ۾ هر ڪهاڻي بامقصد ۽ باتصوير آهي ۽ ها ٻارو! هر ڪهاڻي پنهنجو مَٽُ پاڻ آهي.“
جيئن جيئن منهنجي عمر وڌندِي وئي، تيئن تيئن چاچا پرواني سان منهنجي خط و ڪتابت ۽ ’سرهاڻ‘ ۾ منهنجي لکڻ جو سلسلو وڌندو رهيو. پرائمري پاس ڪري هاءِ اسڪول ۾ داخل ٿيس ته منهنجي (ادب جي ميدان ۾) لکڻ جو وقت معين ڪيو ويو ۽ بي دريغ لکڻ کان بابا منع ڪيو. ان وچ ۾ جڏهن جڏهن مان بابا کي خاص ڪري ڪوئي نظم لکي تصحيح لاءِ ڏيندو هئس، ته ابُو اهو پاڻ وٽ رکي ڇڏيندو هو ۽ ڪافي سارن ڏينهن کانپوءِ ان ۾ تصحيح ڪري ڏيندو هو، ته جيئن ڇپجڻ جي لالچ ۾ گھڻو لکڻ جي ڪري منهنجو تعليمي سلسلو متاثر نه ٿئي! البته ڪنهن خاص پروگرام ۾ شرڪت لاءِ لکڻ جي دعوت بابا پاڻ ڏيندو هو ۽ لکڻ ۾ رهنمائي به ڪندو هو ۽ ان کي اسٽيج تي پيش ڪرڻ جي مشق پڻ پاڻ ڪرائيندو هو. انهن ڏينهن ۾ مان ذهني طور اڃا ايترو بالغ ڪونه هئس، جو شاعر ۽ نثرنويس جي وچ ۾ فرق سمجھي سگھان. مان سمجھندو هئس ته جيئن منهنجو پيءُ شاعر به آهي ۽ ڪهاڻيون توڙي ڪالم به لکي ٿو، ايئن ئي سڀ اديب ٻَئِي ڪم ڪري سگھندا هوندا. گڏوگڏ اهي ڪنهنجي شعر جي اصلاح به ڪري سگھندا هوندا. سو مون انهن ڏينهن ۾ ٻارن لاءِ ”گھڙيال“ تي هڪ نظم لکيو، جيڪو ايترو ته بيڪار هو، جو ان کي جيڪڏهن مان اڃا به نثر جي صورت ۾ لکان ها ته وري به منهنجي عمر جي لحاظ کان اهو گھڙيال بابت ڪو چڱڙو مضمون ٿي ڇپجي سگھي ها. مون اهو نظم ابوءَ کي بغير ڏيکارڻ ۽ ٻڌائڻ جي ٽپال جي هڪ روپئي واري نيري لفافي ۾ وجھي، ان مٿان چاچا پرواني جي ايڊريس لکي، کيس اهو چئي موڪلي ڏنو ته هن نظم جِي پهريان تصحيح ڪجو... ان کي بحر وزن ۾ آڻجو.. پوءِ ڇاپجو.
مون ٻار کي ڪهڙي خبر! ته چاچي پرواني ويچاري جو پري پري تائين شاعريءَ سان ڪو اٿڻ ويهڻ آهي ئي ڪونه! مونکي ياد آهي ته مون ان سان ’پينڊوليم‘ واري ڪلاسِيڪل گھڙيال جو هڪ اسڪيچ ٺاهي، ان ۾ پينسلين وارا رنگ ڀري پڻ نظم سان گڏ موڪليو هو. ڪجهه عرصي کانپوءِ اهو نظم ’سرهاڻ‘ جي ايندڙ شماري ۾ جيئن جو تيئن ڇپيو ۽ ان ۾ هڪ اکر جو به فرق نه هو. (شايد چاچا پرواني اهو سمجھي ڇاپيو هجي، ته مقصود گل صاحب اها شاعري ڏٺي هوندي ۽ اُنَ پڪ سان اِنَ شاعريءَ جون خاميون دُور ڪري ڇڏيون هونديون.) ان نظم جي اشاعت کانپوءِ بابا جيڪو منهنجو ڪلاس ورتو، اهو ته هڪ الڳ داستان آهي. بابا جو موقف اهو هو ته ”تو مونکي موڪلڻ کان اڳ هي نظم ڇو ڪونه ڏيکاريو... ڪيڏي بيڪار شاعري آ... ڪجهه ان جي ٺاهه ٺُوهَه ڪجي ها نه...!“
مون مُنهن ڀيلو ڪري وراڻيو: ”ابوُ، مون چاچا پرواني کي چيو هو ته ان کي ٺيڪ ڪري ڇاپجو.. پر هُن اُن جي ’ڪريڪشن‘ ڪئي ئي ڪانه!“
ابوءَ ڪاوڙ ۾ چيو: ”چاچنهن پروانو شاعر آ!؟“
ان کانپوءِ ٻالڪپڻ ۾ مُون پنهنجي ڪابه تحرير بابا کي ڏيکارڻ ۽ سندن تصحيح کانسواءِ ڪنهن به اخبار يا رسالي کي ڪانه موڪلي.
مقصود گل صاحب نه رڳو چاچا پرواني جي ڪم جو معترف هو، بلڪه ساڻس ڏاڍي حُجت به رکندو هو. کيس شادي نه ڪرڻ واري نڪتي تي جڏهن چيڙائيندو هو ۽ چوندو هئس ته ”هل! ته مان ٿو ڪرايان تنهنجي شادي...“ ته پروانو پنهنجي مخصوص لڄاري انداز ۾ ڪَنِي ڪَترائيندي کلي پنهنجي ئي هڪڙي تاڙي پنهنجي ٻئي هٿ تي هڻندو هو ۽ دير تائين کلندو رهندو هو. مقصود صاحب پرواني جي پَر پُٺ به ڪڏهن سنجيدگيءَ سان ته ڪڏهن ڪنهن نمڪين نُڪتي تي سندس ذڪر پيو ڪڍندو هو.
مونکي ياد آهي ته 12 جنوري 2015ع تي مان امڙ ۽ ابوءَ کي لاڙڪاڻي مان جڏهن ڪراچيءَ وٺي پئي ويس (جيڪو مقصود صاحب جي زندگيءَ جو آخري ڊگھو سفر هو، جنهن کان مهينو بعد ئي هُو ان کان به ڊگھي سفر تي روانو ٿي ويو) ته اسان ان ڏينهن منجھند جي ماني کائڻ لاءِ سيوهڻ ۾ ’سيوهڻ ڊوائين ريسٽورنٽ‘ تي ڊراٻو ڪيوسي. اتي ماني کائيندي به بابا کيس ياد ڪيو هو ۽ خواهش ظاهر ڪئي هئي ته ’اڪيلا هجئون ها ته ملندا هلونس ها!‘
افسوس! جو اهو پروانو، جنهنکي سندس سينيئر دوستَ ۽ وڏي ڀاءُ جهڙي مقصود گلَ پنهنجي وفات کان مهينو اڳ سندس ئي شهر ۾ پئي ساريو، ان پرواني سان ان ڏينهن کانپوءِ سُتت ئي... ڏيڍ مهيني کن جي اندر... منهنجي ملاقات ٿي، پر ايڇ. ايم. خوجه آڊيٽوريم نوابشاهه ۾ سندس اُن وڏي ڀاءُ جهڙي اديب دوست جي مرتيي پُڄاڻان ڪوٺايلَ تعزيتي ريفرنس ۾...
پروانو، پنهنجي نوع جو اهڙو نرالو سپاهي آهي، جنهن سنڌ اندر ٻاراڻي ادب جي واڌاري لاءِ اهو مثالي ڪم ڪيو آهي، جو سنڌي ٻارن جي ادب جو وڏي ۾ وڏو ايوارڊ سندس نالي سان منسوب ڪري، صدين تائين سنڌ جي ٻارن جي ادب جي کيتر ۾ خدمتون انجام ڏيندڙن کي ڏبو رهجي، ته به مان سمجھان ٿو ته ڀيٽا طور اهو ان لاءِ گھٽ آهي. ۽ خود پروانو، ٻارن جي ادب جي بي لوث خدمتن جي عيوض ڪنهن به طور ’ستارهء امتياز‘ ۽ ’تمغهء امتياز‘ جهڙن ملڪ جي اعليٰ ترين سِول اعزازن کان گھٽ جو حقدار هرگز ناهي.
سنڌي ٻوليءَ ۾ ٻارن جي ادب جي ڏُڪر واري هن دؤر ۾، جڏهن سنڌيءَ ۾ ٻارن جا ’سرهاڻ‘ سميت لڳ ڀڳ سمورا رسالا مري چُڪا آهن ۽ اڄ جي ٻار جي هٿ ۾ ڪتاب بدران ’گيجيٽس‘ آهن، اهڙي مايوس ڪُن وقت ۾ پرواني جهڙا ڪردار سچ پچ ته ميوزيم ۾ رکڻ جهڙا آهن، جيئن ايندڙ نسلن کي ٻڌائي سگھجي، ته ڪنهن دؤر ۾ پرواني جهڙا ديوانا به هئا، جيڪي نه رڳو ٻارن لاءِ سنڌيءَ ۾ صحتمند ادب لکندا ۽ لکرائيندا هئا، بلڪه سهڻا سنڌي ڪتاب ۽ رسالا ڇاپيندا به هئا ۽ بنا ڪنهن ذاتي لوڀ ۽ لالچ جي، بنا ڪنهن شهرت يا دولت جي خواهش جي، بنا ڪنهن ستائش جي تمنا جي، سنڌي ساهت جي جھولي ذرخيز ادب سان ڀريندا هئا.
شايد ايندڙ نسلَ ان ڳالهه تي يقين به نه ڪن ۽ اهڙن ڪردارن کي معجزو سمجھن!