ڪتاب ”اڏام“ جي ڪهاڻين جو جائزو
- اڪبر جسڪاڻي
سيوهڻ سنڌ جو قديم شهر آهي. هي شهر قلندر لعل شهباز جي حوالي سان ڏيهان ڏيهه مشهور آهي. قلندر لعل شهباز جو مانُ ۽ مرتبو سڀني سنڌ جي اوليائن کان بلند ۽ افضل آهي..... سيوهڻ سنڌ جي قديم شهرن ۾ شمار ٿئي ٿو ۽ هن شهر ۾ ڪيتريون ئي علمي ۽ ادبي شخصيون پيدا ٿيون آهن ، جن علم ۽ ادب لاءِ تمام گهڻو پاڻ پتوڙيو آهي.
ٻاراڻي ادب جي حوالي سان هڪ شخصيت به سيوهڻ ۾ آهي جنهن کي سيوهڻ جو هر ٻار سڃاڻي . اهو آهي اسان جو پيارو ” پروانو سيوهاڻي“.
پروانو سيوهاڻي نه رڳو ٻارن جو ليکڪ آهي . پر ان سان گڏ پبلشر ۽ هڪ معياري رسالي ”سرهاڻ“ جو ايديٽر پڻ آهي. پرواني سيوهاڻيءَ جو اهو ڪمال آهي ته بنا ڪنهن مدد جي ڪتاب ڇپرائي ، پنهنجي سر اڪيلو سڄي سنڌ ۾ وڃي ڪتاب به کپائيندو آهي، انهيءَ حوالي سان به پرواني سڄي سنڌ گهمي ڏٺي آهي. سنڌ جو هر اديب ۽ استاد کيس چڱي نموني سان ڄاڻن به ٿا ۽ سڃاڻن به ٿا.
هن باهمت نوجوان کي ڏسي ،اهو سوچي سگهجي ٿو ته جي سنڌ ۾ اهڙا باهمت نوجوان آهن ته سنڌ کي ڪا لهر لوڏو ڪونهي. جيئن ڪو امير ماڻهو سال ۾ گهمڻ ڦرڻ لاءِ ڪنهن يورپي ملڪ ويندو آهي، تيئن اديب کي جڏهن ڪجهه پئسا بچندا آهن ته ڪتاب ڇپرائيندو آهي. ائين پرواني سيوهاڻي پنهنجي پگهار مان ڪجهه بچائي، هي ٻارن جي ڪهاڻين جو ڪتاب ڇپرايو اٿس. هونئن به پرواني ٻارن لاءِ ڪافي ڪتاب ڇپرايا آهن. سندس مشهور ڪتاب ”منهنجون يادو منهنجو ننڍپڻ آهي“ آهي.جيڪو ڪافي دلچسپ آهي. جنهن کي ماڻهو پڙهي پرواني جي ننڍپڻ جي زندگيءَ جو احوال کان واقف ٿين ٿا!
پرواني جي ڪهاڻين جو هي مجموعو (اُڏام) جنهن ۾ مختلف وقتن تي پرواني جون لکيل ڪهاڻيون آهن، جيڪي ”سرهاڻ“ ۾ به ڇپجي چڪيون آهن، پر هڪ هنڌ ڪتابي صورت ۾ هاڻي اوهان جي آڏو آهن . پرواني جي ڪهاڻين ۾ نصيحت سان گڏ سماج جي غلط رسمن جو به ذڪر آهي، جن پڙهي ٻار جي عمل ڪن ته سندن مستقبل سنوارجي سگهجي ٿو .
سندس ڪهاڻي ”پئڻ بلا“ عنوان جي لحاظ سان ته بلا جو نالو آهي جا ”ٿر“ ۾ سُتل ماڻهوءَ جي منهن ۾ زهر هاري ويندي آهي ۽ انسان کي ننڊ ۾ ننڊ ڏياري ڇڏيندي آهي.
تيئن اڄڪلهه اسان وٽ وڊيو گيم جي وبا به ٻارن کي تعليم کان پري ڌڪي رهي آهي. هن ڪهاڻيءَ ۾ هڪ ٻار وڊيو جي شوق ۾ اسڪول نه ٿو وڃي. سمورو وقت وڊيو جي دڪان تي ضايع ڪري ٿو۽ امتحان ۾ فيل ٿئي ٿو . ان وقت ٻار جي اندر جو ٻار سجاڳ ٿئي ٿو ۽ سڀني ٻارن ، نوجوانن ۽ وڏي عمر جي ماڻهن کي گڏ ڪري ان خلاف تحريڪ هلائي ان کي بند ٿو ڪرائي . ڪاش ! اسان جا ٻار ڪهاڻي پڙهي ان تي عمل ڪن .
سندس ٻي ڪهاڻي ”وقت جي آتم ڪهاڻي“ آهي. هونئن به چوڻي آهي ته وقت ۽ وير ڪنهن جو انتظارڀنه ڪندا آهن .تيئن هن ڪهاڻي ۾ دلچسپ نموني سان وقت پنهنجي پاڻ ڪهاڻي ٻڌائي ٿو ۽ ٻارن کي چئي ٿو ته مان ڪنهن جو به انتظار نه ڪندو آهيان . پر جيڪي منهنجو احساس نه ڪندا آهن ، تن کي ئي وڏو نقصان پوندو آهي. هن ڪهاڻي مان ٻارن کي اهو احساس ٿيندو ته منٽ ۽ ڪلاڪ ڪيترا نه قيمتي آهن جن کي ضايع نه ڪجي ، پر پابندي سان وقت جو احساس ڪري پڙهڻ گهرجي .
”اُڏام“ ڪهاڻيءَ ۾ هڪ ٻار جا احساس آهن. جيڪو پهريون ڀيرو پيءُ سان گڏ جهاز ۾ چڙهڻ لاءِ ايئرپورٽ تي پهچي ٿو ۽ جهاز ڏسي خوش ٿئي ٿو. پيءُ کي چئي ٿو ته بابا جهاز آيو آهي. اهو جهاز اُهو نه آهي، ٻار کي هوران کوران ان وقت ختم ٿئي ٿي، جڏهن رن ــ وي تي اُهو جهاز اچي ٿو.ان تي اهو ٻار چڙهي ٿو. اتي جو ماحول ٻار تي ڪهڙو اثر ڪري ٿو . اهو ڪهاڻي پڙهڻ سان معلوم ٿيندو، هي هڪ مڪمل افسانو آهي ٻارن لاءِ ۽ وڏن لاءِ به .
سندس ٽئين ڪهاڻي ”چنڊ جو عاشق“ هن ۾ چَڪورَ جي لازوال محبت جيڪا چنڊ سان آهي. جنهن کي سنڌ جي سمورن شاعرن پنهنجي شاعريءَ ۾ آندو آهي. اتي ٻارن کي پرواني سيوهاڻيءَ چنڊ ۽ چڪور جي ڪهاڻي ٻڌائي آهي. جنهن ۾ مسلسل جدوجهد جو سبق آهي. جيئن چڪور چنڊ تائين نه ٿو پهچي سگهي، پر پنهنجي اُڏام چنڊ ڏانهن جاري رکندو آهي . جيستائين سندس پَرن ۾ طاقت هوندي آهي ۽ ائين اُڏامي اُڏامي ڪِري پوندو آهي، پر چنڊ سان محبت جو رشتو نه ڇڏيندو آهي.
”علم جي ڳولا“ ڪهاڻيءَ ۾ ، هڪ فقير جي گهر ۾ جنم وٺندڙ ٻار جا جذبا آهن، جيڪو پنڻ کي خراب سمجهي ٿو ۽ ٻارن کي اسڪول ويندو ڏسي، سوچي ٿو ته مان به انهن ٻارن جيان پڙهان. ايئن اهو ٻار، اسڪول ۾ وڃي ٿو. جتي هڪ رحمدل استاد ٻار جا جذبا ڏسي کيس چئي ٿو ته پٽ تون پڙهه. آءٌ توکي پڙهائيندس. ڪاش هيءُ ڪهاڻي پڙهي، استاد ۽ ٻار جيڪي سرنديءَ وارا آهن ، اهڙن ٻارن جي مدد ڪن ته علم جي زيور سان نوازجي وڃن ۽ ڪلهي تي پنڻ جي گودڙي بجاءِ ڪتابن جو ٿيلهو هجين !
”جيڪو منهنجي من ۾ آهي“ سائنسدان ۽ موهن جو دڙو ڪهاڻيون به نصيحت آموز ڪهاڻيون آهن .”جيجل“ ڪهاڻيءَ ۾ هو شو جو ڪردار آهي. جيڪو هڪ ٻار آهي ۽ سنڌ ڌرتيءَ سان محبت ڪري ٿو. ايئن هن ڪهاڻيءَ ۾ هوشو شيدي، سنڌ جي عظيم جرنيل جو ذڪر به آهي، جنهن ميرن جي صاحبيءَ ۾، انگريزن سان وڙهندي شهيد ٿيو هو. هن ڪهاڻيءَ ۾ سنڌ ڌرتيءَ جا سمورا ڏک بيان ڪيل آهن. جن لاءِ ننڍو سوچي ٿو ته مان پنهنجي ڌرتيءَ کي اهڙن ظلمن کان آجو ڪرائيندس . ڪاش! اسان جو هر ٻار، نوجوان ۽ وڏڙا هوشوءَ جهڙو جذبو سنڌ لاءِ رکن ته ڪڏهن به ڪو ڌاريو سنڌ ڌرتيءَ ڏانهن ميري اک سان نه ڏسي سگهندو . جي ڏسندو ته اها اک ڪانه هوندس .
جتي ٻاراڻو ادب اٽي ۾ لوڻ برابر ڇپجي رهيو آهي، اتي پرواني سيوهاڻيءَ کي جَسُ هجي جو هي ٻاراڻو ڪتاب ڇپائي بيٺل پاڻيءَ ۾ (ٻاراڻي ادب ۾) پٿر اڇلائڻ جي برابر آهي، جنهن جي ڪري پاڻيءَ ۾ تحرڪ ايندو. ايئن ڪاش اسان جي ٻاراڻي ادب ۾ واڌارو ٿئي.آخر۾ اهوئي چوندس ته شال ڌڻي سائين پرواني کي سگهه ڏئي، جيئن ٻارن لاءِ سهڻا ۽ سٺا ڪتاب ڇپرائي ، ٻاراڻي سنڌ ادب کي مالا مال ڪري.