شخصيتون ۽ خاڪا

پروانو سيوھاڻي (فن ۽ شخصيت)

پروانو سيوهاڻي سنڌي ٻاراڻي ادب جو برجستو ۽ هاڪارو ليکڪ آهي. سندس شخصيت گهڻ پاسائتي آهي، پبلشر، ڊرامہ نويس، ڪھاڻيڪار، مترجم، ايڊيٽر، شاعر، تعليمدان سنڌي ٻاراڻي رسالي ”سرهاڻ“ جو  روح روان پڻ  رهيو آهي. معذور هوندي هن جيڪي  ڪتابن جا بار ڪلھي تي کنيان، انھن جا گواھہ اڄ بہ سنڌ جا ڪيترائي اديب شاهد آهن. هن ڪتاب کي  مرتب ڪرڻ جو مقصد  پرواني  جي شخصيت ۽ فن کي ظاهر ڪرڻ ۽ ڀيٽا ڏيڻ آهي. ھن ڪتاب ۾ پرواني سيوھاڻيءَ جي فن، ڪتابن ۽ شخصيت تي مختلف اديبن جي لکيل مضمونن، پرواني سيوھاڻيءَ ڏي آيل دوستن جي خطن ۽ پرواني کي ڏنل منظوم ڀيٽا کي سھيڙيو ويو آھي.

Title Cover of book پروانو سيوھاڻي (فن ۽ شخصيت)

پرواني سيوهاڻي کي سيليوٽ!

پرواني سيوهاڻي کي سيليوٽ!

- نصير مرزا

سنڌ جي نقشي ۾ اسان جو ٻار جنهن کي اسين ڪمزور ۽ هڏن جي مٺ، سمجهندا آهيون، اسان جي طاقت بنجندو وڃي. ٻار، جنهن کي اسين عام طرح ڪم عقل ۽ محض ٻار سمجهندا هئاسين موجوده هاڃيڪار حالتن ۾ اُهو اسان جي ڄڻ طاقت بنجي رهيو آهي.ان جو اندازو سنڌ سنڌ جي ڳوٺن ۽ شهرن ۾ ٿيندڙ هاڻوڪن جلوسن جي اڳواڻي ۽ قربانين کان سواءِ ، اُنهن جي منظم تنظيمن جي ڪارڪردگي مان به لڳائي سگهجي ٿي.
ذهين، باهمت ۽ پهلوان ؟ ٻارڙن جا ذهن ، رڳو تنظيمن ۾ ئي سرگرم ڪونه آهن .اُهي ادب ۾ به آهن .۽ خاص ڪري ٻاراڻي ادب ۾ پرواني سيوهاڻي کي سيليوٽ!
جنهن پنهنجي اڌ ۽ اڻ پوري وجود ذريعي، سنڌ جي ٻارڙن جا ذهن فتح ڪيا آهن، باوجود نحيف ۽ ڪمزور وجود رکندي، پرواني سيوهاڻيءَ جون ٻارڙن لاءِ ڪيل ڪوششون ۽ ڪاوشون، سنڌ جي وڏن وڏن ۽ سگهه ڀرين ادارن جي ڪارڪرگيءَ تي ڀاري آهن، اڄ پروانو سيوهاڻي، ٻارڙن جي ادب لاءِ ڪيل جاکوڙ جي باعث هڪ ادارو بڻجي چڪو آهي.
چون ٿا تاڙي هڪ هٿ سان ڪڏهن به ناهي وڄندي .ان لاءِ ٻئي هٿ جي اوس ضرورت پوندي آهي. اڄ ٻارڙن لاءِ ڪهاڻي کيتر ۾ کين تاڙي وڄائي وندرائڻ لاءِ هڪ هٿ اڪبر جسڪاڻي جو آهي ته ٻيو هٿ آهي پرواني سيوهاڻي جو . ڪيڏا نه هم وزن ۽ هم قافيا ليکڪ آهن ان کي چئبو آهي : ٻه ته ٻارهن .
ٻنهي ليڪن جي لاءِ ائين چوڻ بنهه غلط ڪونه ٿيندو ته سڪي جو،هڪ پاسو جسڪاڻي آهي ته ٻيو پاسو آهي سيوهاڻي.
جيتوڻيڪ ٻنهي جي ڪهاڻين جي موضوع لکڻ جو ڏانءُ سندن رت جي گروپن وانگر جدا جدا آهي،پر منجهن سنڌ جي ٻارڙن جا مامرا انهن جا اهنج، سرڪاري غير سرڪاري سطح تي غريب ٻارن سان ٿيندڙ زيادتيون اهڙا موضوع آهن، جن تي ٻنهي ڄڻن نهايت ذهانت سان لکيو آهي، پر اڃان به جنهن نقطي کي، پرواني سيوهاڻي پنهنجي ڪهاڻين ۾ آدرش طور پيش ڪيو آهي، اهو هي آهي ته سنڌ جي سڀني ٻارڙن جي هٿن ۾ هو مال چارڻ واري لٺ ۽ مٿي تي ڪاٺين جي ڀري ڏسڻ بدران ، ڪڇ ۾ ڪتاب ڏسڻ گهري ٿو.
هو چاهي ٿو ته سنڌ جي ڳوٺ ڳوٺ شهر شهر، ۾ ٻار علم جي روشني حاصل ڪن. پنهنجي ڪهاڻي”ملا مرئي ماءُ“، ۾ هن اهڙي خواهش جو اظهار به ڪيو آهي.۽ هن جي خواهش به اهڙي سماج جي تعمير لاءِ آهي جنهن ۾ ڪو به ٻار ملا خميسي جي مڪتب ۾ قيد نه رهي ، نه ئي مڪتبي روايت مطابق کيس در در وڃي خيرات جي ماني لاءِ هٿ ٽگڻو پوي . هن ڪهاڻي ۾ ٻارن کي مدرسي ۾ ويهاري حافظ، ملون يا مڪتي بنائڻ جو ناهي . جديد تعليم حاصل ڪرڻ جو آهي.
چڙي جي آتم ڪهاڻي نهايت دلچسپ ۽ معلوماتي ڪهاڻي آهي. هن ڪهاڻيءَ ۾ آتم ڪهاڻي ٻڌائڻ وارو انداز اختيار ڪري ، لوهر جي دڪان ۽ چڙي جي تياري جو مرحله وار ۽ ترتيب وار ذڪر هن نهايت مهارت سان ڪيو آهي. مٿين ٻنهي ڪهاڻين ۾ عجب هڪ جهڙائي پسجي ٿي. مثال طور چڙي کي لوهر جا ڌڪ جانو کي ملن جا ڌڪ ۽ مارون ساڳي ريت برداشت ڪن ٿا، پر جانو، اهو سڀ ڪجهه سهڻ جي باوجود جاهل جو جاهل، جڏهن ته چڙي پنهنجي مار ۽ ڌڪن مٿي ڌڪ برداشت ڪرڻ واري سزا کان پوءِ چوي ٿي: ٻارو اڄ مان ڇيلڙي جي ڳاني ۾ ٻڌل آهيان ۽ سڄو ڏينهن پئي پئي ٽن ٽن ڪريان .
پرواني سيوهاڻيءَ جي ڪهاڻين جي موضوعن تي نظر وڌم ته اُهي ، هن جي سياسي سجاڳي ۽ سماجي سرت جون گواهه نظرآيون .هن گهڻو ڪري پنهنجا موضوع هيٺئين ڪلاس جي اپالن ٻارڙن ،ميلن ملاکڙن ۾ حالتن هٿان مجبور ”ناچو“ ٻارن، مدرسي ۾ ديويءَ ۽ کٻڙن جا چها کائي حافظ قران ٿيندڙ معصومن جي روئداد بابت آهن.انهن موضوعن تي لکندي هن هر ڪهاڻي ءَ جي بندــ مٺ ۾ مقصد ۽ پيغام جو روشن ٽانڊاڻو ضرور رکيو آهي. ۽ ان ٽانڊاڻي جي روشنيءَ تي بقول پرواني جي ”ڪيترائي پروانا اچي گڏ ٿيا آهن .“
ڪهاڻي ناچو به ٻارڙن کي جاهل رکڻ ۽ انهن کي ناجائز ۽ ڪنڊاين واٽن تي گهلي وٺي اچڻ جي خلاف، ليکڪ جو احتجاج آهي،۽ منجهس هڪ حساس ليکڪ جي اک لڙڪن سان ڀريل پئي نظر اچي ڇو ته جنهن ٻار جي ڪلهي ۾ ٿيلهو ۽ وکون اسڪول ڏانهن هجڻ گهرجن، ان ٻار جي پيرن ۾ ڇير ۽ وکون انهن ماڻهن ڏانهن کچنديون نظر اچن جن جي هٿ ۾ ڳاڙهو نيرو نوٽ نظر اچي ٿو.
پلاند، اهڃاڻي ڪهاڻي ۽ جانورن جو شڪار ڪندڙ ظالم چيتي جي چالاڪين تي چٿر آهي، ظلم کي نهوڙڻ جو درس ڏئي ٿي.
ڪهاڻي احتجاج، سنڌ جي ۽ خاص ڪري حيدرآباد ڪراچي ۽ نواب شاهه جي هاڻوڪين حالتن کي نظر ۾ رکي لکي وئي آهي. هي ڪهاڻي ٻارڙن لاءِ وڏو اتساهه مهيا ڪري ٿي. پرواني سنڌ جي صورت حال کي هن ڪهاڻيءَ ۾ نهايت ذهانت سان اُڻيو آهي ۽ ائين ڪندي هن ٻارڙن لاءِ ڪامريڊ سوڍي جهڙا آدرشي ۽ رهنما ڪردار تي ٻارڙن کي اتساهڻ لاءِ ماڊل طور پيش ڪيو آهي. جيئن سنڌ جا ٻيا ٻارڙا سوڍي جي بهادري ۽ همٿ کي ڏسي ان جو اثر قبولين، خاص ڪري هن ڪهاڻي جي هڪ سٽ سان ڪير سهمت نه ٿيندو . ”اڄ جو ٻار ڪالهوڪي ٻار وانگر سست گيدي نه آهي پر ان کان ڪيترا ڀيرا وڌيڪ هوشيار ۽ چالاڪ آهي. اڄ جو ٻار ڏاڍو سجاڳ آهي .......“
ڪهاڻي واحد وسائينس، تاثر سان ٽمٽار ڪهاڻي آهي ۽ مينهن جو انتظار ڪندڙ ٻار (ڪوڏ) جي ڪهاڻي دل ڀڄائيندڙ روئداد آهي ۽ پڙهڻ سان وڏو تاثر پيدا ڪري ٿي. ڪهاڻي واحد وسائينس وانگر ڪهاڻي ”پسو پکيئڙن“ جو نه فقط عنوان نئون ۽ وڻندڙ آهي، پر اُن سان گڏو گڏ جهرڪ ۽ جهرڪيءَ جي همٿ جي نهايت سهڻي ڪهاڻي آهي. جن همٿ ۽ جرئت جو مظاهرو ڪندي، پنهنجي ننڍڙين ۽ نازڪ چهنبن سان، پڃري ۾ بند ٿيل”طوطي کي، جهرڪ ۽ جهرڪي هوا ۾ آزاد اُڏامندڙ ڏسي ڏاڍو خوش ٿين ٿا.“ شال اِها آزادي سنڌ جي هر جاندار کي حاصل ڪئي.
ڪهاڻي چنڊ ۽ چڪور پرواني جي خوبصورت لکڻي آهي. ڪهاڻيءَ جي اڻت ۽ اُن جي ٻولي فنڪارانه استعمال ڪئي وئي آهي.
زندگيءَ ۾، اسان ڪنهن جو قدر ڪيو آهي، جو اسان پرواني سيوهاڻيءَ جو ڪنداسين؟ خير هن حياتيءَ ۾ سندس قدر ٿئي نه ٿئي.سندس لاڏاڻي کان پوءِ هن جي ڪتبي وٽ سنڌ جا ٻار ضرور گلابن جي ورکا ڪندا. اِها ته خير مسقتبل جي ڳالهه ٿي، منهنجي طرفان اڄ ئي زنده حيات ۽ ٻارڙن جي وڏي ليکڪ پرواني سيوهاڻي کي سيليوٽ
ريڊيو پاڪستان حيدرآباد
19.10.1989