انتساب
گذريو وقت وديالا ۾ ڏينهن ڏاڍا شمشاد،
نه هئي چنتا نه هئي ڳڻتي، دلربا دلشاد،
آيا ڏينهن اَڀاڳا، دلڙي ٿي ناشاد،
جيئن مينگهه ناد، رڙي مانگهه مهينن ۾.
مٿيون خوبصورت شعر مون پنهنجو يا ڪنهن ٻئي شاعر جو ديدار لاءِ نه لکيو آهي، پر اهو شعر ديدار جو ئي آهي، جنهن کي هي پنهنجو ڪتاب منسوب ڪندي خوشي محسوس ڪريان ٿو.
ديدار جوڻيجو جا هڪ ٻه ٻيا شعر به منهنجي دماغ ۾ هن وقت هُري رهيا آهن، جيڪي امر جليل، ايوب خاصخيلي، علي بابا ۽ ٻين دوستن جي هڪ گڏجاڻيءَ ۾ ديدار پڙهيا هئا.
پهچندين نه انهيءَ پد تي، سالڪ پري ڀڄ،
چهرو چمڪي چڳ مان، جيئن ڪڪرن منجهان وڄ،
مشڪل آهي اڄ، بچڻ انهيءَ باهه مان.
---
مندون مٽيون سنڌ ۾، سياري سندا ڏينهن،
سرد هوائون سائيبيريا جون، مٿان وسن مينهن،
هينئڙو چوي هيئن، ملج اڄ ملهار ۾.
ديدار نالي جنهن شخص کي ڪتاب منسوب ڪيو اٿم، اهو فقط شاعر ناهي. دراصل ديدار جوڻيجو جي شاعري جيئن ته اڃا ڪتابي صورت ۾ ڇپجي ناهي، ان ڪري اها فقط اسان چند دوستن کي خبر آهي ته هُو هڪ شاعر آهي. دنيا هن کي هڪ چائلڊ اسپيشلسٽ جي حيثيت سان سڃاڻي ٿي.
ڊاڪٽر ديدار احمد جوڻيجو گذريل ٽيهارو سالن کان جناح اسپتال (J.P.M.C) ڪراچي جي ”نومولود ٻارن“ جي ڊپارٽمينٽ سان وابسته آهي ۽ شام جو تين تلوارن وٽ هلال احمر ۾ جوڻيجو اسپتال ۾ مريضن کي ڏسي ٿو.
ڊاڪٽر ديدار 6 نومبر 1952ع تي راڌڻ اسٽيشن ڳوٺ ۾ حاجي علي محمد جوڻيجو صاحب جي گهر ۾ جنم ورتو. ڊاڪٽر ديدار پاڻ ۾ ست ڀائر ۽ ٻه ڀينرون آهن. راڌڻ جهڙي هڪ ڳوٺ ۾ رهي ڪري هنن تعليم حاصل ڪئي. ان لاءِ هن جي والد کي به ڪريڊٽ هجي، جو هُو هڪ غريب پيءُ جو پٽ ٿي انگريزن جي ڏينهن ۾ نه فقط پاڻ تعليم حاصل ڪئي، پر پنهنجي معمولي پگهار مان هيترن ٻارن جون ضرورتون پوريون ڪيائين. ڊاڪٽر ديدار جو ڏاڏو امير بخش جوڻيجو ڳوٺ جو هڪ غريب هاري هو ۽ پيءُ حاجي علي محمد ٿورو گهڻو پڙهي تپيدار ٿيو ۽ رٽائرمينٽ ملڻ تي هن ڳوٺ ۾ ڪپڙي جو دڪان کوليو.
ڊاڪٽر ديدار جو وڏو ڀاءُ، جيڪو هن وقت 75 سالن جو آهي، ڳوٺ ۾ رهي زمينداري ڪري ٿو. ساڻس گڏ ٻه ٻيا وڏا ڀائر پڻ راڌڻ ۾ رهن ٿا، جن مان اياز جوڻيجو اريگيشن ڊپارٽمينٽ ۾ هوندو هو ۽ نجم الدين جوڻيجو هاءِ اسڪول ٽيچر هو. سندس چوٿون ڀاءُ نذير جوڻيجو جيڪو گڊو بئراج جو چيف انجنيئر هو ۽ 2005 ۾ سٺ ورهين جي ڄمار تي پهچڻ تي رٽائرڊ ٿيو، ڪراچيءَ ۾ ئي رهي ٿو. سندس پٽن آصف ۽ عمران سان منهنجي ڪجهه سال اڳ آمريڪا ۾ ملاقات ٿي هئي. هُو منهنجن ڀاڻيجن ثمير وسطڙو ۽ ضمير وسطڙو سان گڏ ڪراچي ڊفينس اٿارٽي اسڪول ۾ پڙهيا هئا. ان وقت USA ۾ مون کي اها خبر نه هئي ته اهي ڊاڪٽر ديدار جا ڀائٽيا آهن، پر هنن کي ميرٽ جي بنياد تي اسڪالر ۽ پوءِ نوڪري ملڻ تي اسان کي فخر ٿيو هو ته اسان جي ملڪ جا اهڙا به آهن، جيڪي آمريڪا جي نوجوانن سان مقابلو ڪن ٿا. بهرحال، ان معاملي ۾ آئون هميشه سائين نذير جوڻيجو جي واکاڻ ڪندو آهيان، ته هن شروع جي ڏينهن کان وٺي پنهنجي ٻارن تي ڌيان ڏنو آهي. کيسٽي پٽ ۽ هڪ ڌيءَ آهي. ٽيون پٽ خرم ڪراچيءَ ۾ رهي ٿو ۽ هن Ph.D ڪئي آهي ۽ سندن ڀيڻ قرآن اڪيڊمي مان B.Com ۽ زيبسٽ مان MBA ڪئي آهي ۽ هوءَ به پوزيشن هولڊر آهي.
ڊاڪٽر ديدار جو پنجون ڀاءُ بشير احمد تعليم مڪمل ڪرڻ بعد بزنس ۾ آيو. ان بعد ديدار جو نمبر آهي. سڀ ۾ ننڍو ڀاءُ ڊاڪٽر تميز آهي، جنهن سان منهنجي ڪيترن ئي سالن کان اي ميل ذريعي سلام دعا هلندي اچي. ڊاڪٽر تميز جوڻيجو اکين جو ماهر ڊاڪٽر آهي ۽ هن جهڙو قابل ۽ جهونو ڊاڪٽر ته، نه فقط ملائيشيا، سنگاپور يا عرب ملڪن ۾ نوڪري ڪري سگهي ٿو، پر انگلينڊ ۽ آمريڪا ۾ به پنهنجي مرضيءَ جي پگهار تي نوڪري حاصل ڪري سگهي ٿو، پر گذريل 15 سالن کن کان جڏهن کان اسان وٽ انٽرنيٽ عام ٿي آهي ۽ منهنجي ڊاڪٽر تميز سان واقفيت ٿي آهي. هُو آفريڪا کنڊ جي ئي ملڪن ۾ ڦرندو رهيو آهي. آفريڪا جا به ڪي ملڪ ڪينيا، سائوٿ آفريڪا، مراقش وغيره دلچسپ ملڪ آهن، پر هي الله جو بندو ڪڏهن سوڊان ۾ ته ڪڏهن لئانڊا ۾، ڪڏهن چاڊ ۾ ته ڪڏهن زائر ۾. هن وقت به هُو آفريڪا جي ملڪ نائيجر ۾ آهي. نائيجر جيڪو صحارا رڻ پٽ جو مُلڪ آهي، جنهن کي نه سمنڊ آهي، نه مينهوڳي جهڙي موسم. جتي رڳو لڪون لڳن ٿيون، جتي رڳو ڌوڙ اُڏامي ٿي، جتي نه درياهه آهن ۽ نه باغ بستان – جتي سندن ملڪ جا ڊاڪٽر، انجنيئر به نوڪري نه ٿا ڪرڻ چاهين، اُتي ڊاڪٽر تميز جوڻيجو جهڙا انسان به آهن، جيڪي خلق جي خدمت ڪرڻ جي جذبي هيٺ پنهنجي زندگي پيا گذارين. هُو شروع کان ٽاپ جو شاگرد ۽ ٽاپ جو ڊاڪٽر ٿي رهيو آهي.
ڊاڪٽر ديدار جوڻيجي جو به تعليمي رڪارڊ پنهنجن ڀائرن وانگر اعليٰ درجي جو رهيو آهي. هن پرائمري کان اٺين ڪلاس تائين تعليم راڌڻ مان حاصل ڪئي ۽ ڪلاس ۾ ٽاپ ڪيائين. مئٽرڪ جي امتحان ۾ سندس 84 سيڪڙو مارڪون هيون. 1971ع ۾ لارڪاڻي مان انٽر سائنس ڪرڻ بعد هن لياقت ميڊيڪل ڪاليج ڄامشوري ۾ داخلا ورتي ۽ 1978ع ۾ گرئجوئيشن ۽ ڪجهه مهينا جناح اسپتال ڪراچي ۾ هائوس جاب ڪرڻ بعد کيس اتي ئي نوڪري ملي وئي ته هُو اڄ تائين بچه وزچه وارڊ (Neonatology & Gynaecologist) سان ئي وابسته آهي.
ڊاڪٽر ديدار جي شادي 1988ع ۾ فضا نالي هڪ اصفهاني (ايراني) ڇوڪريءَ سان ٿي ۽ کيس درِ شهوار نالي هڪ ئي ڌيءَ ٻار آهي. درِ شهوار ايندڙ سال گرئجوئيشن مڪمل ڪندي ۽ ديدار به ايندڙ سال 60 سالن جو ٿيڻ تي رٽائرمينٽ حاصل ڪندو. سندس اهو ئي شوق آهي ته هُو ٻيو نه ته گهٽ ۾ گهٽ هڪ شاعري جو ۽ هڪ آتم ڪهاڻي جو ڪتاب ضرور لکي. هن جي آتم ڪهاڻي يا يادگيرين جو ڪتاب ضرور دلچسپ ثابت ٿيندو، جو هن جو نوڪريءَ جي سلسلي ۾ توڙي سماجي ڪمن ۾ ڪيترن ماڻهن، مشاهدن ۽ تجربن سان واسطو پيو هوندو، جيڪي ڳالهيون پڙهندڙ لاءِ ضرور معلوماتي ۽ رهنمائي ڪندڙ ثابت ٿينديون.
آخر ۾ سندس وري هڪ شعر لکان ٿو:
ڪو ڪو پکي ڪوجهو، ڪو ڪو لڳي هنج،
ڪنهن کي مليون خوشيون، ڪنهن کي مليو رنج،
زندگي هڪ شطرنج، کيڏج وڏي خيال سان.
نيڪ تمنائن سان
الطاف شيخ
16 مارچ 2011
ڪراچي