الطاف شيخ ڪارنر

ڏيھہ پرڏيھہ جو سفر

هي سفرنامو يورپ ۽ خاص ڪري ڊنمارڪ بابت آهي. هن ڪتاب جو مهاڳ ڊاڪٽر منظور قادر لکيو آهي جڏهن ته امداد سومري ۽ عمر قاضي جا ڪتاب ۽ الطاف شيخ بابت رايا شامل آهن.
  • 4.5/5.0
  • 3533
  • 1276
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • الطاف شيخ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book ڏيھہ پرڏيھہ جو سفر

جهاز سان گڏ ديس واسين جو ٻڏڻ

ڪجهه ڏينهن کان اسان وٽ پاڪستان ۾ توڙي دنيا جي انيڪ ملڪن ۾، فنلئنڊ جي ٺهيل پاڻيءَ واري جهاز ڊئنيءَ جي ٻڏڻ جو چوٻول اڃا تائين جاري آهي. سنگاپور جي مالڪ جي هن جهاز ڊئني (سڄو نالو: Danny F2) تي پاڪستاني عملو به هو، جنهن جو وڏو تعداد اڃا تائين غائب آهي. يعني هنن جا لاش نه ملي سگهيا آهن. هنن جا مائٽ مٽ، جن جو تعلق سوات پاسي جي ڳوٺن سان آهي، اڃا تائين ان اميد تي آهن ته ٿي سگهي ٿو هو ڪنهن وڏي ڇول يا طوفاني هوا جي زورتي ميڊيٽرينن (ڀؤنچ) سمنڊ جي ڪنهن ڪناري واري ملڪ تي وڃي پيا هجن. هو زخمي حالت ۾ يا دماغي توازن وڃائڻ ڪري، پاڻ بابت نه ٻڌائي سگهندا هجن. ان ڪري جهاز ۾ ڪم ڪندڙ اهي خلاصي جن جا لاش اڃا نه مليا آهن انهن جا عزيز ۽ دوست، مختلف ملڪن ۽ دنيا جي سامونڊي ادارن کي هر روز اي ميل ذريعي پنهنجن پيارن جا پار پتا ٻڌائيندا رهن ٿا.
ائين نه آهي ته ٽائيٽينڪ جهاز بعد هن جهاز ٻڏڻ جو پهريون واقعو آهي. ڏٺو وڃي ته پاڻيءَ جا جهاز ٽائيٽينڪ جهاز کان اڳ ۽ پوءِ به، اڄ ڏينهن تائين ٻڏندا رهن ٿا. انگلنڊ جي اخبار لائيڊ لسٽ جنهن ۾ جهازن جي حادثن، ٻڏي وڃڻ، ڪورٽ ۾ هلندڙ ڪيسن ۽ انهن جي مرمت جون خبرون اچن ٿيون، پڙهندي ڪڏهن ڪڏهن مون کي ائين محسوس ٿيندو آهي ته دنيا جي مختلف سمنڊن ۾ روزانو گهٽ ۾ گهٽ هڪ جهاز ته ٻڏي ئي ٻڏي ٿو ۽ ننڍيون ٻيڙيون ۽ بتيلا ته خبر ناهي ڪيترا ٻڏن ٿا. پاڻيءَ جي جهازن (Ships) جي مقابلي ۾ هوائي جهاز(Aeroplanes) ڄڻ ته اٽي ۾ لوڻ برابر تباهه ٿين ٿا. جڏهن ته هوائي جهاز جي تباهيءَ جي خبر يڪدم پئجيو وڃي ۽ اخبارن ۽ ريڊين ذريعي، هاڻ ٽي وي ۽ انٽرنيٽ ذريعي، جهنگل جي باهه وانگر پکڙجيو وڃي. پاڻيءَ جي جهاز جي خبر، ميڊيا تائين رسندي پراڻي ٿيو وڃي ۽ ان کي اهميت نٿي ڏني وڃي. ويندي ٽائٽينڪ جهاز جي ڳالهه به لئه مِٽ ٿي وڃي ها پر ان ۾ چڙهيل مسافر سؤ سيڪڙو اهم ماڻهو هئا، ان تي سوار اخبار ۽ ريڊيو سان تعلق رکندڙ جرنلسٽ هئا.
هڪ ٻي ڳالهه جيڪا پاڻيءَ جي جهاز ٻڏڻ کي اهم نٿي بنائي اها هيءَ آهي ته پاڻيءَ جو جهاز، سمنڊ ۾ غرق ٿيڻ کان اڳ، منجهس چڙهيل مسافر، توڙي جهاز هلائڻ وارا ٻيڙين ذريعي يا لائيف رئفٽ ذريعي پاڻ بچايو وٺن. لائيف جئڪيٽ ته هرهڪ وٽ ٿئي ٿي ۽ جيڪي Life Boats ۾ سوار نٿا ٿيو سگهن ۽ سمنڊ ۾ تڙڳندا رهن ٿا، انهن کي به اوسي پاسي جا جهاز اچيو بچائين يا ڪنارو ويجهو آهي ته جهٽ پٽ هيليڪاپٽر به پهچيو وڃن. لائيف جئڪيٽ، جنهن ۾ ڪارڪ ڀريل ٿئي ٿو (جيڪو ڪاٺ کان به گهڻو گهڻو هلڪو ٿئي ٿو) اهو ماڻهو کي گهٽ ۾ گهٽ 24 ڪلاڪ سمنڊ اندر ٻڏڻ کان بچائي ٿو. ڪارڪ (Cork) دراصل اهو ڪاٺ جو قسم آهي جنهن مان بوتلن جا ٻوچ (ڍَڪ) ٺهن ٿا. بهه؛ ڪارڪ، پلاسٽڪ ۽ ڪپهه کان به هلڪو ٿئي ٿو. ڪارڪ جي نه ٻڏڻ تان، ٽائٽينڪ جهاز ٺاهڻ وارن انجنيئرن جي ڳالهه ٿي ياد اچي، جن هي جهاز ٺاهڻ بعد وڏي يقين سان اعلان ڪيو هو ته ”ڪارڪ ٻڏي سگهي ٿو پر هي جهاز هرگز نه.“ ۽ واقعي ٽائيٽينڪ جهاز ۾ وڏي سلامتي (Safety)رکي وئي هئي پر هو پهرئين ئي سفر تي، پهرئين ئي رات ٻڏي ويو. ان جو تفصيلي احوال ”موج نه سهي مڪڙي“ ڪتاب ۾ ڪري چڪو آهيان.
پاڻيءَ جي جهاز ۽ هوائي جهاز جي حادثي ۾ اهو به فرق آهي ته هوائي جهاز توڙي ان جا مسافر ان ئي گهڙيءَ تباهه ٿيو وڃن. جڏهن ته پاڻيءَ وارو جهاز فقط ڪڏهن ڪڏهن ٽائٽينڪ وانگر منٽن جا فيصلا ٿئي ٿو نه ته کيس ٻڏندي ڪلاڪ ڇا ڏينهن به لڳيو وڃن ۽ ان ۾ سوار ماڻهو آرام سان ٻيڙين کي جهاز تان لاهي ان ۾ چڙهيو ويهن. ان کان علاوه بين الاقوامي قاعدي موجب اوسي پاسي جي جهازن کي سڀ ڪم ڪاريون ڇڏي، حادثي واري جاءِ تي پهچي ٻڏندڙن کي بچائڻو آهي ۽ ٻيڙين ۾ سوار ماڻهن کي به پنهنجي جهاز تي چاڙهي ڀر واري بندرگاهه ۾ پهچائڻو آهي. ظاهر آهي ٻيڙيءَ ۾ تيل جي ٽانڪي ايتري ته ننڍي ٿئي ٿي جو اها وڌ ۾ وڌ سؤ کن ڪلوميٽر هلي سگهندي.
پاڻيءَ جو جهاز، جيئن ئي ٻڏي ٿو ته ان ۾ لڳل ٽرانسميٽر SOS جو سگنل (Save Our Souls) ۽ جهاز جي ٻڏڻ واري پوزيشن ٽرانسمٽ ڪري ٿو ۽ اوسي پاسي جا جهاز، سمنڊ جي ان جاگرافيائي هنڌ تي، ٻڏندڙن کي بچائڻ لاءِ يڪدم پهچيو وڃن. هو پهرين سمنڊ ۾ ترندڙن کي رسن ذريعي ڇڪي پنهنجي جهاز تي چاڙهين ٿا، پوءِ انهن کي کڻن ٿا، جيڪي جهاز تان لٿل ٻيڙين يا لائيف رئفٽ ۾ ويٺل آهن. ڪڏهن ڪڏهن سخت طوفان يا مڇريل سمنڊ جي اتاهين ڇولين ڪري اهو ڪم ڏکيو ٿيو پوي. ڪڏهن ته انهن وڏين ڇولين ڪري ڪاٺ يا فائبر جي ٻيڙي پنهنجي ٻڏندڙ جهاز سان ٽڪرائجيو ڇيتيون ڇيتيون ٿيو وڃي ۽ ماڻهو زخمي حالت ۾ سمنڊ ۾ تڙڳڻ لاءِ مجبور ٿيو وڃي. بچاءَ جو آپريشن ويتر مشڪل ٿيو پوي. جيڪڏهن سياري جي مند آهي يا رات جو وقت آهي. خط استوا وارو فقط ڪجهه حصو بچيل رهي ٿو نه ته اتر توڙي ڏکڻ ڏي ڇا ته سخت سيءُ رهي ٿو. جهاز ٻڏڻ مهل جهاز ۾ سوار مسافر کي هميشھ کپي ته ٻه ٽي قميصون، سوئيٽر ۽ ڪوٽ پائي پوءِ لائيف جئڪيٽ پائي، ٻڏندڙ يا سڙندڙ جهاز مان ٽپو ڏئي پاڻ کي سمنڊ حوالي ڪري. سوچيو ته يورپ، جپان، آمريڪا يا آسٽريليا پاسي جي سخت سردي جنهن ۾ ماڻهو ڪمري ۾ به هيٽر ٻاري ويهي ٿو ان جي طوفان هوا ۽ سمنڊ جي ٿڌي پاڻيءَ ۾ ڇا حالت ٿيندي هوندي! هن بدنصيب ڊئني جهاز جو به اهڙي مصيبت سان واسطو پئجي ويو. هيءُ جهاز انهن مان هڪ آهي جيڪي منهنجي سامهون تيار ڪيا ويا.
جن ڏينهن ۾ (14 نومبر 1975ع) هي جهاز فنلئنڊ جي ابو (Abo) شپ يارڊ ۾ ٺهي لانچ ٿيو هو، يعني هن کي خشڪ گودي (Dry Cock) ۾ تيار ڪري، هاڻي منجهس انجڻ وغيره فِٽ ڪرڻ لاءِ سمنڊ ۾ لاٿو ويو هو، تن ڏينهن ۾ اسان جي ملڪ جو هڪ جهاز رنگا متي نالي ان بندرگاهه ۾ مرمت هيٺ هو. آئون ان جهاز تي سيڪنڊ انجنيئر هوس ۽ اسان بيلجم جي بندرگاهه ائنٽورپ ۽ ڊئنمارڪ جي بندرگاهه ڪوپن هيگن ۾ ڪراچيءَ کان آندل ڪارگو لاهي هاڻ جهاز جي روٽين مرمت لاءِ ان بندرگاهه ۾ پهتا هئاسين، جو ان بعد فنلئنڊ جي بندرگاهه هيلسنڪي مان سامان چاڙهڻو هئوسين. ”ابو“ فنلئنڊ جو بندرگاهه آهي. جنهن کي ترڪُو (Turuku) بندرگاهه به سڏين ٿا. فنلئنڊ وارن سفرنامن ۾ لکي چڪو آهيان ته فنلئنڊ ۾ سندن زبان فنش کان علاوه ٻي زبان سئيڊش هلي ٿي جو فنلئنڊ تي سئيڊن جي شهنشاهه جي ڪيترا ئي سال حڪومت هلي ۽ اڄ فنلئنڊ خودمختيار هجڻ جي باوجود فنلئنڊ جي شهرن جي گهٽين ۽ روڊن جا نالا ٻنهي زبانن ۾ لکيل آهن، بلڪه ٻنهي دورن جا نالا هلندا اچن، جيئن کڻي چئجي ته ڪراچي جي رستي تي اڄ وارو نالو آءِ آءِ چندريگر روڊ به لکيل هجي ته مئڪلوڊ روڊ به. يا فيصل آباد شهر جي ريلوي اسٽيشن تي فيصل آباد به لکيل هجي ته پراڻو نالو لائلپور به.
سو فنلئنڊ جي هن بندرگاهه جو سئيڊش نالو اَبو (Abo) آهي ته فنش نالو ترڪو (Turku) به آهي، جتي جي شپ يارڊ ۾ مٿيون اڀاڳو جهاز ڊئني ٺهيو ۽ جتي انهن ئي ڏينهن ۾ اسان جي جهاز جي به وڏي رپيئر هلي رهي هئي. ان کان علاوه پوسٽ گرئجوئيشن دوران فيلڊ ٽرپ لاءِ منهنجو هن بندرگاهه ۾ اچڻ ٿيندو هو ۽ هي بندرگاهه اورا (Aura) ندي جي ڇوڙ وٽ آهي. يا کڻي چئجي ته هن نديءَ جي منهن وٽ آهي، جتي اها بالٽڪ سمنڊ ۾ اچيو ٿي ڇوڙ ڪري.
هن جهاز ڊئني (Danny F-2) جو ٺهڻ وقت نالو ڊون ڪارلوس (Don Carlos) هو ۽ هي ان وقت هڪ ملڪ کان ٻئي ملڪ ڪارون ڍوئڻ لاءِ ”ڪار ڪئريئر“ جهاز طور ٺاهيو ويو هو. هي جهاز جپان ۾ ٺهندڙ ڪارون مختلف ملڪن؛ ملائيشيا، سنگاپور، ٿائلنڊ ويندي پاڪستان ۽ ايران پهچائيندو رهيو يا جرمني ۽ فرانس ۾ ٺهندڙ ڪارون اسپين، دبئي ۽ آمريڪا ڍوئيندو رهيو. پوءِ آهستي آهستي ائين ٿيو جو هر ملڪ جپان، فرانس، انگلنڊ يا جرمني مان ڪارون گهرائڻ بدران، پنهنجي ملڪ ۾ اهي ڌاريون ڪارون، سوزوڪي ۽ ٽويوٽا کان فاڪس وئگن ۽ مرسيڊيز ٺاهڻ لڳو. ان کان علاوه پنهنجي مڪاني نالي واريون ڪارون جيئن ته پروٽون ساگا (ملائيشيا) موروتي ۽ ائمبسڊر (انڊيا)، خيبر، مهراڻ وغيره (پاڪستان) ٺاهڻ لڳا. نتيجي ۾ دنيا جي سمنڊن تي هلندڙ ڪار ڪئريئر جهاز بيڪار ٿي ويا. مٿئين جهاز، ڊان ڪارلوس جي مالڪ 1994ع ۾ پنهنجي ڪار ڪئريئر جهاز کي اوڻي پوڻي ۾ وڪڻي پنهنجي جان آجي ڪئي.
نئين خريدار، هن جهاز کي سنگاپور جي شپ يارڊ ۾ آندو، جتي مٿس ٽي چار مهينا ڪم هلندو رهيو ۽ وڏي ڊاهه ڊوه ۽ تبديلي کان پوءِ هن جهاز کي ڪار ڪئريئر بدران Cattle Carrier (رڍون ٻڪريون ۽ ڍور ڍڳا ڍوئڻ وارو) جهاز بڻايو ويو ۽ سندس نالو ڊان ڪارلوس بدران ”ڊئني ايف ٽو“ رکيو ويو ۽ هاڻ هي جهاز نيوزيلئنڊ يا آسٽريليا کان رڍون/ٻڪريون کڻي سعودي عرب، دبئي ۽ ڪويت پهچائڻ لڳو. يا وري وچ آمريڪا کان مختلف وهٽ، ڀؤنچ سمنڊ جي ملڪن لبنان، اسرائيل، لبيا وغيره آڻڻ لڳو. ٻڏڻ وقت به هن تي 10250 رڍون ۽ ارڙهن هزار کن ڍڳيون، مينهون، گابا ۽ پاڏا هئا جيڪي هي جهاز ڏکڻ آمريڪا جي ملڪ يوروگئي (Uruguay) جي بندرگاهه مونٽي وڊيو کان کڻي شام ملڪ جي بندرگاهه تارتارس ڏي وڃي رهيو هو ته لبنان جي بندرگاهه طرابلس (Tripoli) کان فقط 11 ناٽيڪل ميل (20 کن ڪلوميٽرن) جي فاصلي تي خراب موسم ۽ رف سمنڊ جي سختي نه سهي اونڌو ٿي پيو ۽ ڪلاڪ اندر سمنڊ اندر غرق ٿي ويو. هن بدنصيب سفر ۾ هن جهاز تي ڇهه مسافر ۽ 77 جهاز هلائيندڙ عملي جا ماڻهو هئا، انهن مان 38 ماڻهو ٻڏڻ کان بچايا ويا ۽ 9 ڄڻن جا لاش مليا آهن. باقي 35 ماڻهن جي اڃا خبر نه پئجي سگهي آهي. هيءُ حادثو ڊسمبر جي 17 تاريخ واري رات جو ٿيو. اڄ ان کي پورا ٻه هفتا ٿي ويا آهن.
مڪاني ٽائيم موجب پوري چئين وڳي جيئن ئي ٻڏندڙ جهاز جو Distress سگنل جاري ٿيو ته ڀر واري ملڪ لبنان جي نيوي جا جهاز ۽ لبنان ۾ موجود جرمني ۽ اٽلي جي نيويءَ جا جهاز جاءِ واردات ڏي روانا ٿيا. ان کان علاوه ساٺيڪو ميلن جي رينج ۾ لنگهندڙ پاڻيءَ جا جهاز پڻ ان ڊگهائي (Longitude) ۽ ويڪرائي ڦاڪ (Latitude) تي پهچڻ لاءِ مُڙيا جتي هي حادثو ٿيو هو. پاڻيءَ جي جهازن کان علاوه، قبرص (Cyprus) ٻيٽ جي پوليس جا Bell412 نالي هيليڪاپٽر پڻ جاءِ واردات تي پهچي ويا. سياري جو سج ميڊيٽرينينين ۾ 5 بجي ئي لهيو وڃي. جنهن وقت مدد لاءِ مختلف جهاز ۽ هيليڪاپٽر وغيره پهتا ته چوڌاري اونداهه ٿي ويئي هئي. وهٽ ته سمورا (اٺاويهه هزار کن) سمجهو ته مري چڪا هئا ۽ جي ڪو بچيل به هجي ها ته ظاهر آهي، هي سڀ انهن کي نه پر انساني جانين کي بچائڻ لاءِ اتي پهتا هئا.
ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته هن جهاز جي ٻڏندڙن کي بچائڻ ڪو آسان ڪم نٿو چئي سگهجي. اها ئي ڳالهه جيڪا شروع ۾ لکي آيو آهيان ته رات جي اونداهيءَ ۾ ٻڏندڙن کي سمنڊ تي ڳولڻ ڏکيو ٿيو پوي، جيڪي هڪ هنڌ موجود هجڻ بدران، سمنڊ جي ڇولين ۽ هوا جي تيک سبب ٽيهه چاليهه چورس ميلن جي ايراضيءَ تائين پکڙجيو وڃن. ان رات سمنڊ به سخت خراب هو. چوڌاري جبلن جيڏيون ڇوليون هيون. ان کان علاوه سخت طوفان لڳي رهيو هو. دراصل انهن طوفاني هوائن ۽ ڌڪا ڏيندڙ طاقتور ڇولين ڪري هي جهاز ڊئني، ساڄي کاٻي رول ڪري ڪري، نيٺ کاٻي پاسي اونڌو ٿي پيو ۽ ويو منجهس پاڻي ڀربو. سمنڊ ۾ ٻڏندڙن کي بچائڻ ۾ سؤ سيڪڙو ڪاميابي ان ڪري به نه ٿي جو چوڌاري وهٽ جا لاش پکڙيل هئا. ذرا تصور ڪريو ته پنجويهه ڇويهه هزار مئل رڍن، ٻڪرين ۽ ڍڳين جي وچ ۾ رات جي وقت، سخت ڇولين ۾ انسانن کي ترندو يا انهن جي لاشن کي سڃاڻڻ ڪيڏو ڏکيو ڪم آهي ۽ ههڙي بارش ۽ سخت سيءَ ۾ انسانن جو پاري جهڙي سمنڊ ۾ 24 ڪلاڪ جيئرو رهڻ به وڏي ڳالهه آهي. بهرحال بين الاقوامي قانون موجب مختلف ايجنسيون ٽي ڏينهن ٽي راتيون، ميڊيٽرينين سمنڊ جي وڏي حصي جي ڳولا ڪنديون رهيون پر باقي 35 ماڻهن جا لاش نه سمنڊ مان ۽ نه مختلف ملڪن جي سامونڊي ڪنارن Beaches تان هٿ اچي سگهيا آهن.
ائين به نه آهي ته هي ڪو ننڍو جهاز هو. 15 هزار ٽن وزن کڻڻ واري هن جهاز جي ڊيگهه 203 ميٽر يعني 600 فوٽ هئي ۽ ويڪر 28 ميٽر يعني 90 کن فوٽ هئي. کيس هلائڻ واري مين انجڻ سلزر Rnd اڄ به مضبوط ۽ ڀروسي واري انجڻ مڃي وڃي ٿي ۽ جهاز جي رفتار 20 ناٽ (اٽڪل 37 ڪلوميٽر في ڪلاڪ) هئي جيڪا پاڻيءَ جي جهاز لاءِ تمام سٺي اسپيڊ آهي. جيئن ته جهاز بنا بيهڻ جي يڪو مهينو ٻه، ڏينهن رات هلي سگهي ٿو سو اهو سمجهجي ته 24 ڪلاڪن ۾ جهاز 800 کن ڪلوميٽر فاصلو طئي ڪيو ٿي. وهٽ کڻڻ کان اڳ ۾، جڏهن هي جهاز ڪار ڪئرير هو ته هر سفر ۾ پنج هزار ڪارون کنيائين ٿي. ان مان پڙهندڙ اندازو لڳائي سگهن ٿا ته هن گهڻ - ماڙ جهاز تي ڪيتري گهڻي Space هئي. ان کان علاوه جهاز هلائڻ لاءِ ڪئپٽن، چيف انجنيئر، نيويگٽرن، 6 کن مئرين انجنيئرن، مڪين ڪنواڍن، خلاصين کان بورچي ڀنگيءَ تائين 77 ماڻهن جي ضرورت پيئي ٿي جنهن لاءِ اوتريون ڪئبنون (ڪمرا هئا ۽ هي اهو جهاز آهي جنهن سن 2000 ۾ مئڊونا نالي جهاز جا 25 ڄڻا ٻڏي مرڻ کان بچايا هئا. مئڊونا جهاز آسٽريليا ڏي ويندڙ رستي تي ڪوڪوز (Cocos) نالي ٻيٽن وٽ ٻڏي ويو هو ۽ ڊئني جهاز جي خلاصين وڏي همت کان ڪم وٺي، ان جهاز جا سڀ ماڻهو بچائي ورتا هئا. پر افسوس جو اڄ ان جهاز جي باقي 35 ماڻهن کي ڪناري کان فقط 20 کن ڪلوميٽرن جي فاصلي تي حادثو ٿيڻ جي باوجود ڪو به نه بچائي سگهيو. ڪڏهن ڪڏهن ائين به ٿيندو آهي. وچ سمنڊ تي ماڻهو بچي ويندو آهي پر حالتون سازگار نه هجڻ تي ڪناري جي ويجهو به غرقِ درياهه ٿي ويندو آهي.
جهاز ڪنهن سمنڊ اندر موجود ٻيٽ سان يا ڪنهن ٻئي جهاز سان ٽڪرائجي تباهه ٿيندو آهي، باهه لڳڻ ڪري تباهه ٿيندو آهي يا وري طوفاني ڇولين ۾ جهاز جي رول ڪرڻ تي، يعني ساڄي کاٻي جهڪڻ تي سندس اندر رکيل ڳرو سامان رسا ڇنائي هڪ پاسي ڍرڪڻ ڪري جهاز ان پاسي ايترو ڍرڪي ويندو آهي جو بلڪل Capsize (اونڌو) ٿي ويندو آهي ۽ پوءِ ان ۾ پاڻي ڀرجڻ ڪري ويندو آهي سمنڊ اندر داخل ٿيندو. هن جهاز ۾ اهڙو لوهي ڳرو سامان ته نه هو جو هڪ طرف ڍرڪي جهاز جو توازن Stability خراب ڪري. پر اهو شڪ ڪيو پيو وڃي ته هن جهاز جو ترو ۽ ديوارون زنگ لڳڻ ڪري ڪافي ڪٽجي ۽ ڪمزور ٿي ويون هيون ۽ جهاز جي مالڪ پئسو بچائڻ خاطر انهن کي صحيح نٿي ڪرايو. هن شايد اهو پئي سوچيو ته جهاز ايڏو پراڻو ٿي ويو آهي جو هن کي هي آخري سفر ڪرائي اسڪرئپ ڪرايو وڃي. يعني لوهه جي اگهه ۾ وڪيو وڃي. اهو ئي سبب آهي جو جهاز جي مالڪ آخري سالن ۾ هن جهاز کي لائيبيريا ۽ پوءِ پاناما جهڙن بدنام ملڪن ۾ رجسٽرڊ ڪرايو. هي ملڪ سامونڊي دنيا ۾ ان ڪري بدنام آهن جو هنن کي جهاز هلائيندڙ انسانن جو خيال نٿو ٿئي. اهي ٻڏي مرن تي ڀلي مرن. جهاز جي صحيح چيڪنگ ڪرڻ بنا، ته آيا اهو جهاز Sea Worthy (سمنڊ ۾ سلامتيءَ سان هلڻ جي قابل) آهي يا نه، جهاز جي مالڪن کان رشوت وٺي هنن جا جهاز رجسٽرڊ ڪريو ڇڏين. جهاز جا مالڪ پوءِ ائين ئي پيا جهاز هلائين. ايتري قدر جو جهاز جا مالڪ صحيح قسم جا قابل جهاز ران نٿا رکن ته به هنن جي جهاز جي رجسٽري قائم رهي ٿي.
لائيڊ لسٽ جهڙين اخبارن ۾ آهي ته هن جهاز ڊئنيءَ کي سال 2005ع ۾ اڊيلائيڊ نالي بندرگاهه ۾ ڏوهاريءَ جي حيثيت سان ٻَڌو ويو هو. يعني کيس بندرگاهه مان ٻاهر نڪري سمنڊ ۾ وڃڻ کان روڪيو ويو هو جو ان بندرگاهه جي سرويئرن ۽ پورٽ ڪنٽرول اٿارٽي وارن هن جهاز ۾ ڪيترا ئي نقص (Defects) ڳولي ورتا هئا. سندسن نيوگيشن جي ناڪارا بتين ۽ ريڊيو ٽرانسميٽر کان علاوه، سندس لوهي ڀتين ۾ به سوراخ هئا ۽ جهاز جا دروازا به واٽر ٽائيٽ نه هئا پر جهاز جا مالڪ اهو وعدو ڪري بندرگاهه مان نڪري ويا هئا ته هو پاناما ۾ وڃي ٿا مرمت ڪرائين، جتي هي جهاز رجسٽرڊ هو. لڳي ٿو هنن اتي ڪجهه نه ڪرايو ۽ هينئر ميڊيٽرينين سمنڊ ۾ طوفاني رات ۾ جهاز جون ديوارون ٽُٽڻ يا جهاز جو ترو نڪرڻ ڪري منجهس پاڻي ڀرجي ويو ۽ اونڌو ٿي سمنڊ اندر هليو ويو. ايترو آهي جو کيس ٻڏڻ ۾ ڪلاڪ کن لڳي ويو، تيسين جهاز ۾ موجود ماڻهو (سواءِ ڪئپٽن جي) لائيف جئڪيٽون پائي جهاز مان نڪري آيا. اها ٻي ڳالهه آهي ته سندن بچاءَ لاءِ جيتوڻيڪ وڏو اٽالو پهچي ويو پر طوفاني اونداهي ۽ سرد رات ۾ ميلن ۾ پکڙيل، هزارين جانورن جي لاشن ۾ مليل انسانن جو سؤ سيڪڙو بچاءُ ٿي نه سگهيو.
هن جهاز تي اڌ کن سرحد پاڪستان پاسي جا پٺاڻ خلاصي هئا ۽ ٻيا فلپينو ۽ سائوٿ آمريڪا جا هئا. جهاز جو ڪئپٽن برطانيا جو انگريز هو جنهن لاءِ زندهه بچيل جهاز وارن اهو ئي ٻڌايو ته هن آخر تائين جهاز نه ڇڏيو. پراڻين سامونڊي روايتن موجب هو جهاز تي آخر تائين بيٺو رهيو. جهاز جڏهن پاسيرو ٿي اونڌو ٿي ويو ته ڪئپٽن به ان سان گڏ سمنڊ اندر غائب ٿي ويو.
جهاز جو ڪئپٽن، جهاز جي مالڪ جي نمائندگي ٿو ڪري بلڪه پراڻي زماني ۾ ته جهاز جو مالڪ ئي جهاز جو ڪئپٽن هوندو هو ۽ هو ئي سوداگر هو ۽ پنهنجي جهاز تي پنهنجو مال رکي ڌارئين ملڪ ڏي سودي لاءِ نڪرندو هو. جهاز جو مالڪ بلڪ هاڻ جهاز جو ڪئپٽن، پيءُ جو درجو رکي ٿو. هن لاءِ جهاز جا سمورا آفيسر ۽ خلاصي ٻچن وانگر آهن. هو پاڻ تي اهو فرض سمجهي ٿو ته جهاز جي ٻڏڻ کان اڳ، جهاز جي سمورن مسافرن ۽ جهاز هلائيندڙ عملي کي خطري کان آگاهه ڪري، جيئن هو جهاز جي تباهه ٿيڻ کان اڳ، لائيف جئڪيٽ پائي مقرر ٻيڙيءَ ۾ سوار ٿي ٻيڙيءَ کي سمنڊ ۾ لاهين. سٺو ڪئپٽن اهو آهي جيڪو سڀ کان آخر ۾ جهاز ڇڏي. يعني پهرين پنهنجي سمورن ماڻهن کي ٻيڙين ۾ سوار ڪري، پوءِ آخر ۾ پاڻ جهاز ڇڏي، ٻيڙيءَ ۾ ويهي. يا ٻيڙي جهاز تان هيٺ لهي سمنڊ تي پهچي ته پوءِ پاڻ رسي ذريعي هيٺ لهي اچي ٻيڙيءَ ۾ ويهي.
هونءَ به جهاز کي تيستائين نه ڇڏجي، جيسين سؤ سيڪڙو پڪ نه ٿي وڃي ته هاڻ هي جهاز بچي نه سگهندو. جهاز جا جڏهن سڀ ماڻهو جهاز کي ڇڏي ٿا ڏين ته اهڙي جهاز کي Abandoned جهاز سڏجي ٿو. يعني نڌڻڪو جهاز ۽ بين الاقوامي قانون مطابق Abandon ڪيل جهاز ڪنهن جي به ملڪيت ناهي. ڪو به ماڻهو اچي ان تي قبضو ڪري سگهي ٿو. ڪيترا دفعا ائين به ٿيو آهي ته فقط ٿورو خطرو محسوس ڪري جهاز جي سڀني ماڻهن جهاز کي ڇڏي ڏنو هوندو. ڪن صورتن ۾ ته جهاز جو ڪئپٽن سڀ کان اڳ ڀڄي ويو هوندو. بعد ۾ طوفان ٽري وڃڻ بعد خبر پيئي هوندي ته جهاز بچي ويو. يا باهه لڳڻ تي جهاز جو سڄو عملو ڀڄي ويو هوندو. بعد ۾ خبر پيئي هوندي ته هڪ محدود حصو ساڙڻ بعد باهه اجهامي وئي يا ان دوران اهڙي سخت طوفاني بارش ٿي جو باهه يڪدم وسامي وئي. پوءِ اهڙن نڌڻڪن جهازن تي اتان لانگهائو ٻيا جهاز قبضو ڪري وٺندا آهن.
هڪ دفعو اسان کي به هڪ اهڙو Abandon ڪيل جهاز، آفريڪا کنڊ جي هيٺان، ڪيپ آف گڊ هوپ وٽ مليو هو. اسان جي جهاز تان اسان ٽن چئن ڄڻن پنهنجي جهاز جي ٻيڙي هيٺ لاهي ان نڌڻڪي جهاز تي پهتاسين. ان جهاز جي ”بوسن اسٽور“ مان رسا ڪڍي جهاز جي فاڪسل (اڳئين حصي) سان ٻڌي پوءِ پنهنجي جهاز جي پٺ سان ٻڌاسين. بهرحال ان ۾ اڌ ڏينهن لڳي ويو. پوءِ اسان جي جهاز هن نڌڻڪي جهاز کي ڇڪڻ شروع ڪيو.
جنهن وقت اسان ان نڌڻڪي جهاز تي پهتا هئاسين ان کان ڪلاڪ کن بعد ٻيا به ٻه جهاز اتي پهچي ويا پر اسان کي ان جهاز تي موجود ڏسي، هو افسوس جا هٿ ملڻ لڳا ته ههڙو شڪار سندن هٿن مان نڪري ويو. اسان خوش هئاسين ته اسين صحيح وقت تي پهچي وياسين ۽ مفت جي جهاز تي قبضو ڪري ورتوسين. اسان جي ڪمپني به خوش ٿيندي ته هڪ بدران ٻه جهاز اچي ويا ۽ اسان کي به وڏا انعام اڪرام ملندا. بهرحال ان نڌڻڪي جهاز کي اسان جي جهاز ٽي ڪلاڪ کن مس ڇڪيو هوندو ته ”ڪيپ آف گڊ هوپ“ جي خراب سمنڊ ۽ ان جي لهرن ٻنهي جهاز تي ايڏو پريشر وڌو جو هڪ هڪ ٿي ٽوئنگ واريون ٽئي رسيون ٽُٽي پيون ۽ اسان کان اهو جهاز ڪافي پٺيان هليو ويو ۽ جيسين اسان جو جهاز وڏو چڪر ڪاٽي پٺيان مڙي ۽ اسان هڪ دفعو وري ٻيڙيون لاهيون، تنهن کان اڳ پٺيان ايندڙ ٻن جهازن مان هڪ جهاز جي عملي ان نڌڻڪي جهاز تي قبضو ڪري ورتو. اسان اڌ ڏينهن ضايع ٿيڻ ۽ خوار خراب ٿيڻ تي افسوس ڪندا اڳين منزل ممباسا ڏي وڌڻ لڳاسين. بعد ۾ پنهنجي هڪ ٻي غلطي به محسوس ڪئيسين ته اهڙي جهاز جي ”بوسن اسٽور“ يا ڪنهن بند ڪمري ۾ هرگز نه گهڙجي جو خبر ناهي اهڙي جهاز جا ڪمرا ڪيترن ڏينهن کان بند هجن ۽ منجهن زهريلي گئس جا اثر هجن.
بهرحال ڪي ڪئپٽن اهڙا به ٿين ٿا، خاص ڪري انگريز قوم جا جيڪي نه فقط آخر تائين ان ٻڏندڙ جهاز سان گڏ رهن ٿا پر جهاز سان هڪ قسم جي Attachnent ڪري، هو پنهنجي ٻڏندڙ جهاز جي غرق ٿيڻ سان گڏ پاڻ به پنهنجو پاڻ کي سمنڊ اندر داخل ڪريو ڇڏين. جيئن هن جهاز ڊئني ايف ٽُو جي ڪئپٽن ڪيو ۽ هي هو برٽشر (انگريز). جهاز جي زندهه بچيل خلاصين مان هڪ پاڪستاني خلاصيءَ ٻڌايو ته ڪئپٽن کي جيئن ئي کڙڪ پيئي ته سندس جهاز هن طوفاني موسم ۽ مڇريل سمنڊ جي سَٽ نه پيو جهلي سگهي ۽ منجهس پاڻي ڀرجڻ ڪري جهاز List ٿي پيو آهي، يعني پاسيرو ٿي ويو آهي ته هن سڀني مسافرن ۽ جهاز جي عملي کي گهرائي لائيف جئڪيٽون پائڻ ۽ ٻيڙيون لاهي جهاز کي ڇڏڻ لاءِ چيو.
هڪ خلاصيءَ اهو به ٻڌايو ته هنن کي جهاز ٻڏڻ جو شڪ ڪئپٽن جي اطلاع ڏيڻ کان ٻه ڪلاڪ کن اڳ پئجي ويو هو، جڏهن هنن ڪوئن کي جهاز تان ٽپ ڏئي سمنڊ ۾ ڪرندو ڏٺو.
هيءَ ڪوئن واري ڳالهه به عجيب آهي. صدين کان وٺي اڄ تائين، دنيا جي ڪيترن جهاز ران (Seafarers) ۽ سامونڊي سفر ڪندڙ مسافرن جو اهو يقين آهي ته جهاز جي تباهيءَ جي پهرين خبر جهاز ۾ موجود ڪوئن کي پوي ٿي. هو جهاز ٻڏڻ کان گهڻو اڳ جهاز تان ٽپ ڏيندي نظر اچن ٿا. جهاز گهر مثال آهي، بلڪه ڪنهن هاسٽل جي بورچي خاني وانگر آهي، جتي هر ويلي تي پنجاهه سٺ ماڻهن جي ماني تيار ٿئي ٿي. چانور، دالين کان وٺي پستن بادامن تائين، بسڪيٽن، نمڪو کان کنڊ ۽ ڳڙ تائين هر شيءِ تمام گهڻي مقدار ۾ جهاز جي اسٽور رومن ۾ موجود ٿئي ٿي. جهاز جو ڪراچي کان ڪئناڊا تائين 30 ڏينهن جو سفر هوندو ته سيڌو 50 يا سٺ ڏينهن جو کڻڻو پوي ٿو جو متان رستي تي جهاز خراب ٿيڻ تي، مرمت ۾ ڪجهه ڏينهن لڳي وڃن يا منزل تي پهچڻ بعد خبر پوي ته اندر بندرگاهه ۾ جاءِ خالي ناهي سو ٻاهر کلئي سمنڊ ۾ ئي هفتو ڏيڍ انتظار ڪرڻو آهي. ان ڪري راشن پاڻيءَ جو فالتو هجڻ ضروري آهي. خاص ڪري کاڌي جي شين جو. ڇو جو پاڻي ته وري F.W.E Vaporator مشين ذريعي سمنڊ جي کاري مان مٺو ٺاهي سگهجي ٿو. جهاز کڻي ٽئنڪر (تيل کڻڻ وارو) هجي يا وهٽ، جانور يا ڪارون کڻڻ وارو، منجهس ڪوئا موجود ٿين ٿا ۽ جي جهاز جنرل ڪارگو کڻڻ وارو آهي يا اناج کڻڻ وارو ته پوءِ ان جهاز تي ڪوئن جون ڪالونيون رهن ٿيون ۽ ڪڏهن ته زهريلي دوا ڇڙڪڻ (Fumigation) وارن کي گهرائي ڪوئن کي مارڻو پوندو آهي. ڪجهه عرصي کان پوءِ وري ساڳيو حال ٿيو وڃي. جهاز تي ڪوئا ڪيئن چڙهن ٿا؟ اهي هڪ ته سامان سان گڏ چڙهن ٿا. هو اناج جي ٻورين ۽ سيڌي جي کوکن ۾ لڪل ٿين ٿا. هر بندرگاهه جي گدامن ۾ به ڪوئا ٿين ٿا، بلڪه بندرگاهن جا ڪوئا گهڻو کائڻ ڪري صحت مند نظر اچن ٿا. آفريڪا جي ڪيترن بندرگاهن ۾ ته اهڙا به ڪوئا نظر آيا آهن جيڪي نه قفط ٻلن جهڙا ٿلها ٿنڀرا ٿين ٿا پر کين هُش هُش ڪري هڪل ته ڀڄي وڃڻ بدران ڪاوڙ ۾ ڏند شيڪين ٿا. هي ڪوئا وجهه ملڻ تي جهاز جي گئنگ وي (ڏاڪڻ) ذريعي مٿي چڙهيو اچن. سڀ کان گهڻا ڪوئا رسين ذريعي جهاز تي اچن ٿا جن سان جهاز کي بندرگاهه ۾ کتل ڪِلن سان ٻڌو وڃي ٿو. ڪيترن جهازن تي، ڪوئن کي رسن ذريعي مٿي چڙهڻ کان روڪڻ لاءِ، انهن رسن جي اڌ رستي تي هڪ گول پليٽ لڳائي ويندي آهي، جيئن ان کي عبور ڪرڻ مهل ڪوئو ترڪي وڃي هيٺ سمنڊ ۾ ڦهڪو ڪري.
پاڻ ڪوئن جي اها ڳالهه ڪري رهيا هئاسين ته هنن کي جهاز ٻڏڻ جي اڳواٽ خبر پوي ٿي. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته قدرت ڪيترن جانورن توڙي پکين ۾، ڪجهه اهڙا حواس (Senses) رکيا آهن جو کين طوفان لڳڻ، بارش يا زلزلي جهڙين شين جي سمڪ انسان کان اڳ پئجيو وڃي. کيکڙي کي توهان ڪاٺ جي پيتيءَ ۾ بند ڪري رکندؤ، تڏهن به کيس خبر پئجيو وڃي ته وير (High Tide) ڪڏهن ٿي ۽ Low Tide ڪڏهن. ڪميءَ جا ٻچا آنن مان نڪرڻ بعد سمجهيو وڃن ته سمنڊ جو ڪنارو ڪهڙي طرف آهي، وغيره. ڪوئن کي ٻي ڪنهن ڳالهه جي ڄاڻ پوندي هوندي ته هوندي، جيئن ٻليءَ کي ڏسڻ بنا کين ٻليءَ جي خوشبوءِ مان خبر پئجي وڃي ته دشمن اچي رهيو آهي، يا کين اها خبر پوندي هجي ته جهاز جي ڪهڙي گدام ۾ سندن دلپسند شيءِ رکيل آهي، وغيره پر کين ان ڳالهه جي ڪا ڄاڻ نٿي رهي ته جهاز تباهه ٿي رهيو آهي. اها هڪ فقط مِٿ (Myth) يعني خيالي ڳالهه آهي.
جهاز جو جيڪو بنهه هيٺيون پليٽ فارم آهي، جنهن کي بلجز (Bilges) سڏجي ٿو، ان مان جهاز جي پائيپن جو نيٽ ورڪ گذري ٿو ۽ اهو علائقو اهڙو آهي جتي هڪ ته ماڻهن جو وڃڻ نٿو ٿئي ۽ ٻيو ته پائيپن، تارن ۽ ٻين شين سان اهڙو ته ڳتيل ٿئي ٿو جو ڪوئا هن علائقي ۾ وڏي سلامتي سان رهن ٿا. جهاز جي مختلف مشينن جو ليڪ ٿيل تيل، پاڻي يا جهاز جي ڌوپ جو پاڻي هن هيٺئين طبقي (Bilges) ۾ جمع ٿئي ٿو جيڪو هر ”ڊيوٽي واچ“ (چئن ڪلاڪن) ۾ بلج پمپ ذريعي سمنڊ ۾ ٻاهر اڇلي خالي ڪيو وڃي ٿو. پر جڏهن جهاز جي تري يا ڀتين ۾ سوراخ ٿئي ٿو ۽ پاڻي ڌوڪي اچي ٿو ته بلجز هيڪاندو ڀرجيو وڃن ۽ جيسين ڪجهه ڪلاڪن بعد اڃا گهڻو پاڻي گڏ ٿئي ۽ جهاز جي ٻڏڻ جي جهاز وارن کي خبر پوي، ڪوئا هيٺيون علائقو ڇڏي مٿي ڊيڪ (عرشي) ڏي ڀڄن ٿا، جتي ماڻهن جي هلچل ۽ گوڙ گهمسان جي خوف کان پاڻيءَ ۾ کڻيو ٽپو ڏين.
ڪيترا دفعا جهازن کي جڏهن باهه لڳي ٿي ته ان وقت ته ڪوئن کي هوش ئي نٿو اچي. هو ان حالت ۾ پاڻ کي جهاز جي تري ۾ سڪون سان سمجهن ٿا، جيسين باهه هيٺ پهچي کين باربي ڪيو بنايو ڇڏي. يا جهاز جي مٿئين حصي ۾ سوراخ ٿيڻ تي کين هوش به نٿو اچي. جهاز وارا سڀ ٻيڙين رستي جهاز ڇڏيو ڏين ۽ هي هيٺ تري ۾ ٻڏيو وڃن.
بهرحال هن جهاز ’ڊئني‘ جي سوارن جو افسوس ٿو ٿئي ته جيتوڻيڪ سندن جهاز ائٽلانٽڪ يا پئسفڪ جهڙي وڏي سمنڊ ۾ نه ٻڏو هو. اهو ميڊيٽرينين سمنڊ ۾ ٻڏو ، جنهن جي چوڌاري يورپ، ايشيا ۽ آفريڪا جا امير ۽ سامونڊي دنيا ۾ ڪافي سڌريل ملڪ آهن ۽ هي جهاز ته لبنان جي ڪناري کان فقط يارهن ناٽيڪل ميلن (يعني 20 کن ڪلوميٽرن) جي فاصلي تي هو جيڪو فاصلو، جي سمنڊ ۽ موسم صحيح هجي ها ته ڊئني جهڙو جهاز مني ڪلاڪ ۾ ڪري سگهيو ٿي پر جهاز صفا ڏئي وٺي بيهي رهيو. منجهس سمنڊ جو پاڻي ايڏي ته تيز رفتار سان اندر وڃڻ لڳو جو سندس سموريون انجڻيون پاڻيءَ هيٺ اچي بند ٿي ويون ۽ جهاز اڳتي وڌڻ بدران ويو هڪ پاسي اونڌو ٿيندو ۽ ڪلاڪ اندر سمنڊ ۾ غرق ٿي ويو. جهاز تي سوار ماڻهن کي ايترو ٽائيم ملي ويو جو هو جهاز ڇڏي ٻيڙين ۾ سوار ٿي ويا. جيئن ته شروع ۾ لکي آيو آهيان ته سخت بارش، طوفان ۽ خراب سمنڊ هو، جنهن جي آفت جيڏين ڇولين ۾ هنن جون ٻيڙيون هڪ ٻئي سان ٽڪرائجي اونڌيون ٿي پيون.
دراصل اهڙي خراب سمنڊ ۾ هن ڊنئي جهڙا وڏا لوهي جهاز به ڇوڏي جيان لڳن ٿا، پنهنجي سامونڊي زندگيءَ ۾ مون ڪيترا دفعا اهو ڏٺو ته اهڙي خراب سمنڊ ۾ جنهن ۾ ڇهه ڇهه ماڙ جيڏي ڇول هجي، اهڙي ڇول جي Crest (چوٽيءَ) تي جڏهن جهاز جو وچ ايندو آهي ته ڪئبن جي دري بند هجڻ جي باوجود جهاز مان نڪرندڙ چيچاٽ ٻڌڻ ۾ ايندا آهن. ڪجهه سيڪنڊن لاءِ ائين لڳندو آهي ته ڄڻ جهاز بيد جي سنهي ڏنڊي هجي جنهن کي ڪنڊن کان جهلي چٻو ڪيو وڃي، جيئن ان جو وچ مٿانهون رهي ۽ پاسا هيٺ. ائين لڳندو آهي ڄڻ ڄاڻ ته جهاز وچ مان ٽُٽو ۽ اهڙي موسم ۾ ڪيترا ئي جهاز وچ مان ٻه اڌ ٿي پوندا آهن، جن مان ڪن جون تصويرون هن وقت مون وٽ آهن ۽ ٿي سگهي ٿو هي مضمون ڪنهن اهڙي اخبار يا رسالي ۾ ڇپجي جنهن ۾ هڪ اڌ ڦوٽو ڏيڻ جي گنجائش هجي. سو اهڙي سمنڊ ۾ ڪاٺ يا فائبر جي ٻيڙي ڪهڙي حيثيت رکي ٿي. هن جهاز تان لاٿل ٻئي لائيف بوٽون اونڌيون ٿي پيون ۽ سخت سيءَ ۽ بارش ۾ جهاز وارا سيني سان ٻڌل لائيف جئڪيٽ جي زور تي ترڻ لڳا.
هن جهاز سان ٽريجڊيءَ جي ڳالهه اها به آهي ته جيئن سندس Distress سگنل ٽرانسمٽ ٿيو ته اسرائيل، لبنان، شام، يونان ۽ ٻين ڀر وارن ملڪن ڏي ويندڙ جهاز هن ڊئني جهاز جي ٻڏندڙن کي بچائڻ لاءِ روانا ٿي ويا. ڪنارو ويجهو هجڻ ڪري هيليڪاپٽر به پهچي ويا. اهڙي صورت ۾ جهاز ۾ سوار هنن 80 کن ماڻهن کي سمنڊ مان ڪڍڻ ۾ ڪلاڪ به نه ٿو لڳي، ڀلي کڻي اهي ماڻهو ويهه کن ميلن جي قطر واري ايراضيءَ ۾ پکڙيل هجن. اڪيلي سر هيليڪاپٽر ئي ٻه ٻه، ٽي ٽي ماڻهو هڪ ئي وقت کڻندو، ڪنهن به جهاز جي ڊيڪ (عرشي) تي ڦٽا ڪندو وڃي ها. پر افسوس جي ڳالهه اها هئي ته اهي اسي کن ماڻهو ٽيهه هزار کن جانورن جي لاشن سان مڪس ٿيل هئا ۽ اهڙي حالت ۾ صاف موسم ۽ ماٺي سمنڊ ۾ ئي ماڻهن کي پري کان سڃاڻڻ ۾ دقت ٿئي ٿي. هتي سياري جي موسم ڪري ڌنڌ هڪ طرف هو ته سخت بارش جو وسڪارو ٻئي طرف. هن پاسي جي ڌنڌ بابت اسان جو ايشيائي ماڻهو سوچي نٿو سگهي. يورپ جهڙو ڌنڌ، هن ڀيري پنجاب ۾ ٿيو آهي، جنهن ڪري اتي ٽرئفڪ بند ڪئي وئي، ڇو جو ڏيک (Visibility) بنهه برابر وڃيو ٿئي. چند ميٽرن جي فاصلي تي به ڪا شيءِ نظر نٿي اچي. بهرحال هن جهاز ۾ سفر ڪندڙ ماڻهن جي اڀاڳ تي افسوس ٿو ٿئي ته هر قسم جي مدد يڪدم اچڻ جي باوجود ٽيهه کن ماڻهو لاپته آهن، جن ۾ گهڻائي پاڪستان جي غريب خلاصين جي آهي، انهن جي مائٽن جو انٽرنيٽ تي اي ميل پڙهڻ سان اکين ۾ ڳوڙها ڳڙيو اچن. هڪ حيدر سعد نالي نينگر جو آهي جنهن لکيو آهي ته منهنجو وڏو ڀاءُ سجاد علي ۽ چاچو روزمن خان ڊئني جهاز تان لاپته آهن جيڪڏهن ڪنهن کي به انهن جي خبر پوي ته مون کي هن اي ميل ائڊريس يا فون تي اطلاع ڪجو. هڪ ٻئي اهڙي خط ۾ پڻ هڪ شاگرد پنهنجي چاچي جمشيد خان ولد زرين خان جو پڇيو آهي، جنهن جي زندهه هجڻ يا لاش ملڻ جي اڃا ڪا خبر پئجي نه سگهي آهي. هڪ باچا علي نالي جو سوات کان اي ميل آهي ۽ دنيا جي ماڻهن کي اپيل ڪئي اٿس ته سندس والد محترم محمد رشيد جي ڪنهن کي خبر هجي ته هن کي سندس ائڊريس تي اطلاع ڪن. سندس والد جنهن جهاز ”ڊئني ايف ٽو“ تي هو، اهو لبنان ڀرسان ٻڏي ويو آهي.
هونءَ ههڙين حالتن ۾ لاش سمنڊ جي سطح تي ترندا نظر اچن ٿا يا هاءِ ٽائيڊ ۾ ڀر واري ڪناري تي اڇلجيو وڃن. اهڙن موقعن تي شارڪ مڇيون به اچيو گڏ ٿين ۽ زندهه ماڻهن تي به حملو ڪن ٿيون پر هي حادثو جنهن هنڌ تي ٿيو آهي، اهو شارڪ مڇين کان بدنام ناهي، باقي گهڻا ڏينهن گذرڻ تي ننڍيون مڇيون لاش کي چچريو ڇڏين. مٿين پاڪستانين مان جن جي اي ميل سان گڏ فون نمبر به هئا انهن مان هڪ کي فون ڪيم جيڪو نمبر سوات جو آهي. سميع الله نالي هڪ ويهن سالن جي ڇوڪري فون کنيو. تنهن ٻڌايو ته:
”هن حادثي ۾ منهنجو پيءُ جمشيد خان لاپته آهي. ٽي هفتا ٿي ويا آهن، هن جي لاش جي خبر نه پئجي سگهي آهي.“
هن ٻڌايو ته هن جو پيءُ هن جهاز تي خلاصي هو ۽ کيس ٻه مهينا ٿيا ته نوڪري ملي هئي.
”هن کي اها نوڪري ڪيئن ملي؟“ مون پڇيومانس.
”اسان جي ڳوٺ جي هڪ ايجنٽ منهنجي پيءُ کان سوا لک رپيا وٺي اها نوڪري ڏياري.“ هن ٻڌايو.
”توهان جي پيءُ هي جهاز ڪراچي ۾ Join ڪيو يا ڪنهن ٻئي ملڪ ۾؟“ مون پڇيومانس.
”هن کي هتان باءِ ايئر يونان موڪليو ويو هو، جتي هي جهاز بيٺل هو. هن کي 700 ڊالر مهيني جي پگهار تي جهاز تي رکيو ويو. اڄ هن جي ڪا خبر نٿي پوي.“
”توهان ڇا ٻڌو آهي ته جهاز کي ڇا ٿيو؟“ مون پڇيومانس.
”خبر ناهي، اسان کي ته ڪابه ڳالهه سمجهه ۾ نٿي اچي،“ سميع الله ٻڌايو، ”مون ته ڪڏهن جهاز به نه ڏٺو آهي.“
”پر جيڪي بچي ويا آهن اهي ڇا ٿا چون؟“ مون پڇيومانس.
”ڪي اهو ٿا چون ته جهاز تي ڪنهن کان غلطيءَ ۾ جانورن وارو در کلي ويو ۽ سخت طوفاني بارش ۽ خراب سمنڊ جي ڪري پاڻي جهاز اندر ڪاهي آيو. ڪي چون ٿا ته جهاز بيحد پراڻو هو. مالڪ ان جي مرمت به نٿي ڪرائي ۽ جهاز جون هيٺيون پليٽون نڪرڻ ڪري جهاز ٻڏي ويو. جهاز کي رڳو ٻاهران روغن ڪرائي پئي هلايائون.“
”پوءِ اهڙي جهاز تي ته هرگز نوڪري نه ڪرڻ کتي ٿي.“ مون چيومانس.
”ها بلڪل. اسان جي ماڻهن اتي پهچي هن جهاز تي نوڪري نه ڪرڻ جو ارادو ڏيکاريو ته جهاز جي مالڪ جي پٽ (مالڪ ڪڏهوڪو وفات ڪري ويو آهي) چيو ته بس هن جهاز کي هڪ يا ٻن سفرن ۾ هلايو ته پوءِ توهان کي نئون وٺي ٿو ڏيان.“
سميع الله ٻڌايو ته هن جي پيءُ قرض کڻي ايجنٽ کي نوڪريءَ لاءِ ڏنو هو. اهو قرض ته نه لٿو پر اسان جو پيءُ به هليو ويو. ايجنٽ وٽ وڃون ٿا ته هو به چوي ٿو ته آئون ڇا ڪريان. ان جاءِ تي ڪويت جي يا BP شيل ڪمپني جو جهاز هجي ها ته اسان پوين جي به پرگهور لهي ها.“
”توهان جي پيءُ جهاز تي وڃڻ کان اڳ ڪراچي ۾ شپنگ آفيس جي رجسٽر تي هن جهاز جي ڪمپني جي نمائندن سان معاهدي تي صحيح ڪئي؟“ مون پڇيومانس.
”نه. هُو ته هتان سڌو ولايت هليو ويو، جتي هو جهاز تي وڃي چڙهيو. پاڪستان حڪومت کي کپي ته هوءَ جهاز وارن تي زور آڻي جيئن هو لاش جي ڳولا ڪري اسان تائين پهچائين ۽ اسان جي پيءُ جي ڪيل ٻن مهينن جي پورهئي جا پئسا اسان کي ڏين، جيئن اسان جو قرض لهي سگهي...“
هڪ غريب، بيروزگار ۽ مجبور ماڻهوءَ تي ڇا ته غم جا پهاڙ ڪري پيا هوندا. هنن جي پيءُ کي جهاز تي نوڪري ملڻ تي هنن ڇا ڇا نه خواب جوڙيا هوندا. هاڻي هو پريشان آهن ۽ سمجهه ۾ نٿو اچين ته جهاز جي مالڪ کي ڪٿي ڳولين. مدد حاصل ڪرڻ لاءِ ڪهڙو در کڙڪائين؟
اسان جي ملڪ جا هزارين ماڻهو، ملڪي ۽ غير ملڪي جهازن تي ڪم ڪن ٿا. ڪي جهاز هلائڻ وارا مئرين انجنيئر ۽ نيويگيٽر آهن ته ڪي خلاصي (مزور ٽائيپ) آهن. اڄ کان منو صدي کن اڳ سامونڊي نوڪريءَ ۾ فقط ڪڇي، ڪوڪني ۽ مڪراني هئا يا پٺاڻ. هاڻ هر صوبي جا ماڻهو نظر اچن ٿا. سنڌ جي به ڪيترن وڏن توڙي ننڍن شهرن جا جوان، دنيا جي مختلف جهازن تي نظر اچن ٿا. ڪيترا جهازن تي نوڪري حاصل ڪرڻ لاءِ انتظار ڪري رهيا آهن ته ٻيا زيرِ تعليم آهن. انهن مڙني ۽ انهن جي مائٽن عزيزن لاءِ گائيڊ طور هتي اها ڄاڻ ڏيڻ چاهيان ٿو ته فارين گوئنگ شپ يعني ڌارين ملڪن ڏي ويندڙ جهاز تي نوڪري تي چڙهڻ کان اڳ ملڪ جي شپنگ ڪمپني آفيس ۾ آرٽيڪلس جي رجسٽر تي صحيح ڪرڻ ضروري هوندو آهي. جهاز کڻي ملڪي هجي يا غير ملڪي ۽ جهاز تي نوڪري ڪندڙ چاهي ڪئڊٽ هجي يا چيف انجنير، رسا ڇڪڻ وارو هڪ خلاصي هجي يا بورچي ۽ ڀنگي، هن لاءِ هن رجسٽر تي صحيح ڪرڻ ضروري ٿئي ٿو. جهاز جي نوڪري، هڪ قسم جو جهاز جي مالڪ ۽ نوڪري ڪرڻ واري جي وچ ۾ معاهدو ٿئي ٿو جنهن ۾ پگهار ۽ سهوليتن کان علاوه کاڌي خوراڪ جو مقدار لکيو ويندو آهي ته جهاز ران تي نوڪري ڪرڻ واري کي جهاز تي ڪهڙي ڪهڙي ڊيوٽي ڪرڻي آهي ۽ روزانو ڪيترا ڪلاڪ ۽ ان مقرر ڊيوٽيءَ کان وڌيڪ ڪم ڪرڻ تي ڇا اوور ٽائيم ملندو. ان معاهدي تي جهاز تي نوڪري ڪرڻ وارو ۽ جهاز جو مالڪ صحيح ڪندو آهي، جيڪو ڪم حڪومتي اداري، گورنمينٽ شپنگ آفيس جي اڳيان ٿيندو آهي ۽ اهي وچ ۾ ضامن پوندا آهن.
جهاز اگر ٻئي ملڪ ۾ بيٺل هوندو آهي ته به ان جهاز تي هوائي جهاز رستي وڃڻ کان اڳ، ڪراچي ۾ شپنگ آفيس ۾ رجسٽر تي صحيح ڪرڻ ضروري آهي. جهاز جي مالڪ جي غير موجودگيءَ ۾ هو پنهنجو ڪو مڪاني نمائندو مقرر ڪندو آهي، جنهن کي شپنگ آفيس ۾ اچي ان معاهدي تي صحيح ڪرڻي پوي ٿي. ان سان اهو فائدو ٿئي ٿو ته جهاز جو مالڪ ڪنهن به پورهيت سان ظلم نٿو ڪري. نوڪري پوري ٿيڻ تائين هو (مالڪ) پورهيتن جي ويلفيئر جو ذميوار ٿئي ٿو ۽ ههڙن حادثن جي حالت ۾ جهاز تي نوڪري ڪندڙن جا وارث پنهنجي ملڪ جي شپنگ آفيس ۾ پهچيو وڃن ۽ اها آفيس مالڪن تي دٻاءُ وجهي سگهي ٿي. آرٽيڪلز تي Sign On ڪرڻ مهل، يعني جهاز تي نوڪري ڪرڻ جي معاهدي واري رجسٽر تي صحيح ڪرڻ مهل، هر جهاز ران کي پنهنجي وارثن جو به نالو لکڻو پوي ٿو، يعني جهاز ران جي موت تي ڪنهن کي اطلاع ڪيو وڃي يا مري ويل جي بقاياجات ڪنهن جي حوالي ڪئي وڃي. جهاز جي مالڪن لاءِ هيءُ سسٽم سٺو آهي جو جهاز تي نوڪري ڪرڻ واري جي گڙٻڙ ڪرڻ تي هن جي حڪومت کي آگاهه ڪري سگهجي ٿو.
ڪي ڪي جهازن جا مالڪ، کوٽي نيت جا ٿين ٿا. بلڪ آئون ته اهو چوندس ته هو اهڙا ته پٿردل ۽ ظالم ٿين ٿا جو مٿن رڳو پئسو ڪمائڻ جو ڀوت سوار ٿئي ٿو. اهي ماڻهو، جيڪي گهر ٻار ڇڏي سمنڊ جي ڏکين حالتن ۾ سندن جهاز هلائين ٿا، تن جو کين بلڪل فڪر نٿو ٿئي. هو ٻڏن يا مرن، کين سندن جهاز جا انشوئرنس ڪمپنيءَ کان پئسا ملڻ کپن. ڪيترا ته اهڙا به جهازن جا مالڪ ٿين ٿا، جيڪي جڏهن ڏسن ٿا ته سندن جهاز هاڻ اهڙو ته پراڻو ٿي ويو آهي جو ان کي وڌيڪ هلائڻ لاءِ وڏو خرچ ڪرڻو پوندو يا جيڪڏهن وڪڻندا ته کين ردي (Scrape) جي اگهه جا پئسا ملندا ته هو ڇا ٿا ڪن جو جهاز کي ڇڏيو ڏين ته ڀلي ٻڏي وڃي. سندن جهاز هلائڻ لاءِ هو هر ماڻهوءَ کي وڌيڪ پگهار آفر ڪن ٿا ۽ ڪيترا ئي ماڻهو اڻ ڄاڻائيءَ يا لالچ ۾ اچي، هنن جو جهاز هلائين ٿا. لڳي ٿو ته هي جهاز Danny به اهڙي قسم جو هو جو ڪالهه جڏهن ڇهن پاڪستانين جا لاش، شام ۽ لبنان کان ڪراچي پهتا ته انهن سان گڏ آيل هڪ همراهه جيڪو خوش قسمتيءَ سان بچي ويو اهو ٻڌائي رهيو هو ته جهاز جي لوهي پليٽن ۽ تري جي اهڙي حالت هئي جو ذري ذري ٿي پوندڙ سوراخن کي، سيمينٽ سان بند ڪرڻو پيو ٿي. هاڻ ٻڌايو ته اهڙو جهاز طوفانن ۽ خراب سمنڊ ۾ ته ڇا ماٺي سمنڊ ۾ هلائڻ به ڪيڏو خطرناڪ آهي. اڄ ڪلهه بين الاقوامي قاعدا قانون ايڏا سخت آهن جو جهاز جي لوهي پليٽ ۾ ڪٽ لڳڻ ڪري فقط معمولي ڳار (Wastage) تي سڄي پليٽ بدلائڻي پوي ٿي. دنيا ۾ لائبيريا ۽ پاناما جهڙا ٽي چار ملڪ اهڙا آهن، جن جي حڪومت جهازن جي مالڪن کي آزاد ڇڏي ڏنو آهي، هنن تي ڪا سختي نٿي ڪئي وڃي.
اهو ئي سبب آهي جو ڪيترا ئي ٺڳ جهاز اونر (مالڪن) پنهنجي جهاز کي پنهنجي ملڪ ۾ رجسٽر ڪرائڻ بدران اهڙن ملڪن ۾ رجسٽر ڪرائين ٿا ۽ پنهنجي جهاز تي پنهنجي ملڪ جو جهنڊو جهولائڻ بدران انهن ڌارين ملڪن جو جهنڊو جهولائين ٿا، ان ڪري اهڙي جهاز لاءِ چيو ويندو آهي ته اهو Flag of Convenience وارو جهاز آهي، يعني جهاز جي مالڪ پنهنجي فائدي لاءِ پنهنجي جهاز کي ٻئي ملڪ ۾ رجسٽرڊ ڪيو آهي ۽ اهو فائدو صاف ظاهر آهي ته هڪ طرف ٽئڪس بچائڻ ۽ ٻئي طرف جهاز تي اهي سهولتون مهيا نه ڪرڻ، جيڪي بين الاقوامي قانون موجب ضروري آهن، جي صورت ۾ ڏئي ٿو. هي جهاز ڊئني ايف ٽو به پاناما ۾ رجسٽرڊ ٿيل هو، جيتوڻيڪ جهاز فنلئنڊ ۾ ٺهيو هو ۽ جهاز جو مالڪ سنگاپور جو شهري هو.
پنهنجي تجربي مطابق جهاز ران (Seafarers) کي هميشھ اها صلاح ڏيندو آهيان ته اهڙن جهازن تي پگهار کڻي گهڻو هجي، پر Sail نه ڪجي. اهڙن جهازن تي ڪپتان ۽ انجنيئر به خاص تعليم يافته ۽تجربيڪار نٿا رکيا وڃن. ان قسم جا ڪيترا ئي جهازن جا مالڪ، پنهنجن جهازن تي جيڪو اسٽاف رکن ٿا اهو انهن جي ملڪ جي شپنگ آفيس جي معرفت گهرائڻ بدران ڊئريڪٽ گهرائين ٿا، يعني ڪنهن به معاهدي تي ائگريمينٽ نٿو ڪيو وڃي ۽ حڪومت کي Involve نٿو ڪيو وڃي. هن ٻڏي ويل جهاز ڊئنيءَ جي مون کي خبر ناهي پر جي بدنصيب خلاصي پاڪستان شپنگ آفيس جي معرفت نه ويا آهن ته ههڙي صورت ۾ جڏهن جهاز جي مالڪ سان ڪو قانوني Contract ناهي ته حڪومت به ڇا ٿي ڪري سگهي. ان قسم جا شپ اونر (جهازن جا مالڪ) اهڙا ته فراڊي قسم جا ٿين ٿا جو سندن نئشنلٽي هڪ ملڪ جي هوندي آهي، رهندا ٻئي ملڪ ۾ آهن، جهاز جي آفيس ٽئين ملڪ ۾ کوليندا آهن ۽ جهاز رجسٽرڊ وري چوٿين ملڪ ۾ ڪندا آهن ۽ جهاز تي ڪم وارا خلاصي ۽ جهاز هلائيندڙ پنجين ۽ ڇهين ملڪ جا رکندا آهن، جيئن هن قسم جو واقعو ٿئي ٿو ته هو ڳولي نه لڀي سگهجن ۽ نه وري ڪا لکپڙهه جهڙي شيءِ هجي، جنهن ذريعي ڪورٽ ۾ قانوني طرح ڪيس وڙهي سگهجي. ٿي سگهي ٿو هن جهاز جا مالڪ به ان قسم جا هجن جو ٽي هفتا ٿي ويا آهن، بقول سوات جي نينگر جي جنهن سان منهنجي فون تي ڳالهه ٻولهه ٿي، هنن کي جهاز جي مالڪ فون تائين نه ڪيو آهي، نه ته عام حالتن ۾ اهڙن حادثن تي جهازن جا مالڪ، قانوني ۽ اخلاقي طرح ٻڌل آهن ته ٻڏي ويلن جي وارثن جي پوئواري ڪن ۽ کين معاوضو ڏيڻ کان علاوه ڳرو انشورنس به وٺرائي ڏين. ههڙن جهازن جا مالڪ، جهاز هلائڻ وارن جو ته انشوئرنس نٿا ڪرائين پر پنهنجي جهاز جو به انشوئرنش نٿا ڪرائين. انشوئر به ڪهڙي ڪمپني اهڙن جهازن کي ڪندي جن جي ڀڳل لوهي پٽين کي سيمينٽ لڳائي ائٽلانٽڪ ۽ ميڊيٽرينين سمنڊ ٽپايا ٿا وڃن.
ياد رهي ته ڪابه انشورنس ڪمپني تيسين ڪنهن جهاز کي انشوئر نٿي ڪري جيسين کين پڪ نه هجي ته هي جهاز Seaworthy آهي يعني جهاز جي بناوٽ ۽ مشينري هر لحاظ کان Safe هجي. هڪ پراڻي جهاز ران (Seafarer) جي حيثيت سان منهنجو اڄ جي نوجوان جهازران (آفيسرن توڙي خلاصي) کي اهو ئي ميسيج آهي ته اهڙي جهاز تي نوڪري ڪرڻ کان پاسو ڪن جيڪو پاناما يا لائبيريا جهڙن ملڪن ۾ رجسٽرڊ هجي. يعني ان جهاز تي اهڙي ڪنهن ملڪ جو جهنڊو هجي. بندرگاهه ۾ هر جهاز تي ٻه جهنڊا نظر ايندا آهن. هڪ جهنڊو ان جي پٺئين حصي تي لڳل هوندو آهي، جيڪو ان ملڪ جو هوندو آهي، جنهن ملڪ ۾ اهو رجسٽر ٿيل آهي. جنهن ملڪ جي بندرگاهه ۾ جهاز بيهندو آهي، ان ملڪ جو جهنڊو جهاز جي وچ واري Mast (کوهي) تي لڳل هوندو آهي. سو پٺئين جهنڊي کي ڏسي معلوم ٿي سگهي ٿو ته جهاز ڪهڙي ملڪ ۾ رجسٽرڊ ٿيل آهي ۽ ڪنهن به جهاز تي نوڪري ڪرڻ جي ملڪ جي گورنمينٽ شپنگ آفيس کي ڄاڻ هجڻ ضروري آهي، ڇو جو اهڙن ٺڳ جهازن جي مالڪن سان وري به حڪومت جي مشينري مقابلو ڪري سگهي ٿي. هڪ ٻڏي ويل غريب خلاصيءَ جا ٻار انصاف لاءِ ڪنهن وٽ وڃن! اهو جهاز جيڪو صحيح طرح انشوئر ٿيل ناهي اهو سڀ ۾ خطرناڪ آهي. انشوئر ٿيل جهاز کي، ان جي مالڪ کي، ٺيڪ ٺاڪ رکڻو پوي ٿو. ڇو جو انشوئرنس ڪمپني پنهنجي ڪلاسيفڪيشن سوسائٽي جي سرويئرن ذريعي، هر وقت جهاز تي نظر رکي ٿي ۽ جهاز ۾ هر ٿيندڙ خرابيءَ لاءِ مالڪ کي خبردار ڪن ٿا ته هو جهاز ۾ پئدا ٿيل اهو نقص (Fault) هڪدم ٺيڪ ڪرائي، ٻي صورت ۾ ان جي جهاز کي هلڻ کان روڪيو ڇڏين.