آءِ ايم فرام يُو ڪي (U.K)
”سنڌي ادب جا سرچشما“ ڪتاب ۾ يوسف سنڌي صاحب، امر جليل، اياز قادري ۽ ابراهيم منشيءَ کان نسيم کرل، نورالهديٰ شاهه ۽ نوردين سرڪي تائين 50 کن اديبن ۽ شاعرن جو احوال ته ڏنو آهي پر سندس (ليکڪ يوسف سنڌي) بابت هڪ سِٽَ به ڪٿي لکيل نه آهي. آئون هر وقت هن شخص بابت سوچيندو هوس ته ڪير ٿي سگهي ٿو! ٿي سگهي ٿو ته اسان وانگر پوڙهو هجي، گنجو هجي، گڪو هجي... پر اڄ يوسف سان ملي خوشي ٿي. هو ته فلمي هيرو وانگر جوان، سمارٽ ۽ هئنڊسم نڪتو. ملئي فلمن جي ڪنهن زماني جي هيرو ”پي راملي“ جهڙو لڳي رهيو هو. پي راملي اڄ به ملائيشيا وارن لاءِ ائين آهي جيئن ننڍي کنڊ جي ماڻهن لاءِ دليپ ڪمار! ڊاڪٽر نبي بخش هال ۾ گهڙي، خبر پئي ته آيل مهمانن ۾ آئون ٻيو هوس. مون کان اڳ ملتان پاسي کان آيل هڪ پنجابي اديب نذير پهوڙ صاحب هو.
”ٺهيو مڙيئي خير آهي!“ مون دل ئي دل ۾ سوچيو، ”آئون هونءَ به ادبي فنڪشن گهٽ اٽينڊ ٿو ڪريان. اڄ گهڻي کان گهڻن اديبن ۽ سنڌي ادبي سنگت جي ماڻهن سان ملاقات هڪ طرف ٿي ويندي ته هن عمارت (سنڌي لئنگوئيج اٿارٽي) جي ڀتين تي لڳل ڪاشي ۽ چٽسالي جو ڪم ڏسڻ لاءِ پڻ موقعو ملي ويندو.“
يوسف سنڌيءَ سان ڪچهريءَ دوران خبر پئي ته سندس واسطو ٺٽي ضلعي جي دڙو شهر سان آهي. يوسف دڙي شهر ۾ پهرين آڪٽوبر 1967ع تي جنم ورتو. پاڻ پرائمري ۽ سيڪنڊري تعليم پنهنجي ڳوٺ دڙو مان ئي حاصل ڪيائين. مئٽرڪ بعد، فرسٽ ييئر ۽ انٽر سجاول جي ڪاليج مان ڪري بي. اي ۽ ايم اي سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڪيائين. پاڻ ڪافي عرصي کان سنڌي ادبي سنگت جو ڪارڪن رهيو آهي. 2006ع کان، جڏهن ڊاڪٽر ذوالفقار سيال سنڌي ادبي سنگت جو سيڪريٽري هو، يوسف س. ا. س جي ”پبليڪيشن“ جو ڪم سنڀاليو ۽ سنڌي ادبي سنگت جا تيرهن هڪڙا ۽ ڇهه ٻيا پرچا ڪڍيا. يوسف سنڌيءَ جي ان ڪوشش کي، اتي موجود ٻيا به ساراهي رهيا هئا. پبليڪيشن ۾ يوسف جي ڪاميابيءَ جو سبب، سندس اخباري دنيا سان واسطو ۽ تجربو به چئي سگهجي ٿو. يوسف 2003ع کان 2006ع تائين هلال پاڪستان اخبار سان وابسته رهيو، جتي هو ”ڏاهپ“ نالي سنڌي ادب جو صفحو ڪڍندو هو.
يوسف سنڌي جي مٿي ذڪر ڪيل ڪتاب ”سنڌي ادب جا سرچمشا“ کان علاوه ٻيا ڪتاب به آهن، جيڪي مختلف ادارن ڇپرايا آهن:
- پسي تنهنجي تجلي.
- دڙي جا شاعر اديب ۽ تاريخ.
- نجم عباسي... سندس فن ۽ شخصيت.
- تو ڇو پيار ڪيو. (ناول).
ٿي سگهي ٿو ته سندس هڪ ٻه ٻيو به ڪتاب هجي پر هن وقت اهي ئي ياد اچي رهيا آهن.
سنڌي لئنگوئيج اٿارٽي جي عمارت جا ورانڊا ۽ بُڪ اسٽور جو چڪر هڻي، اندر هال ۾ اچي ويٺاسين. مهمانن جي آمد جي رفتار ايتري سُست هئي جو منجهند جا ٻارنهن ٿي ويا پر ڪي ويهارو کن مس آيا. اهي به سنڌي ادبي سنگت جا ئي ميمبر ڪارڪن هئا. پر اسان نٽهڻ اُس ۽ گرمي جو تاءُ نه جهلي اندر هال ۾ اچي پناهه ورتي هئي. هونءَ ته هتي ئي ڄاواسين، نپناسين پر هاڻ وڏو عرصو ٻاهر رهڻ بعد، يا شايد وڏي عمر جو ٿيڻ ڪري، جسماني Resistance گهٽجي ويو آهي. ان ڪري حيدرآباد جي گرمي برداشت نه پئي ٿئي. منهنجي خيال ۾ ان ڏينهن گرمي به ڪجهه سرس هئي.
جيئن يورپ ۾ سخت سردي ڪري ميلا ملاکڙا، فنڪشن ۽ ڪاڄ اونهاري ۾ ٿين ٿا، تيئن سنڌ جي سخت گرميءَ ڪري حيدرآباد، سکر، جيڪب آباد وغيره ۾ ان قسم جون محفلون مئي، جون، جولاءِ ۽ آگسٽ جهڙن اُلا وسائيندڙ مهينن بدران، سياري ۾ ٿين ٿيون. اهو به شڪر جو اسان وٽ ملائيشيا وانگر فقط هڪ موسم نه پر چار موسمون آهن. ان ڪري اسان وٽ ميلا ملاکڙا ۽ محفلون ۽ مجلسون اونهاري بدران ٻين مهينن ۾ رکيا وڃن ٿا ۽ ٿيڻ به ائين کپي، تڏهن ته امر جليل پنهنجي تقرير ۾ گرميءَ جي شڪايت ڪندي چيو ته:
”بابا ههڙي گرمي ۾، ڏينهن تتي جو توهان فنڪشن رکيو آهي! سنڌ ۾ ٻيون به ته موسمون ٿين ٿيون.“
بهرحال ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته سنڌ جو اونهارو ڪو وڻندڙ ناهي. خاص ڪري ان زماني ۾ جڏهن لائيٽ نه هئي تن ڏينهن ۾ ڇا حالت هوندي هئي. ان زماني ۾، ٿڌن ملڪن کان آيلن لاءِ، اونهاري ۾ سنڌ ۾ رهڻ ڪو سولو ڪم نه هو. تڏهن ته 1843ع ۾ سنڌ فتح ڪرڻ بعد سرچارلس نيپيئر ڏٺو ته حيدرآباد ۾ گرمي ايڏي آهي جو سندن اتي رهڻ، سندن وس جي ڳالهه ناهي. سو هن پهريون ڪم اهو ڪيو جو پنهنجي فوج جي ٻن ڪئپٽنن کي حڪم ڏنو ته اوسو پاسو جاچي اچن ته حيدرآباد جي هن گنجي ٽڪر کان علاوه ٻيو ڪهڙو علائقو رهڻ لاءِ بهتر آهي. هُنن ٺٽو، بدين ۽ ڪراچي پاسو چڪاسي، آخري رپورٽ ڏني ته ڪراچي سمنڊ جي ڪناري تي هجڻ ڪري بهتر آهي ۽ پوءِ ميرن جو حيدرآباد وارو تخت گاهه ڇڏي ڪراچيءَ کي گادي وارو شهر بڻايو وڃي.
ان ڏينهن جيتوڻيڪ ڪراچيءَ ۾ سخت گرمي هئي پر حيدرآباد ته جهڙو کورو لڳي رهيو هو. ڪراچيءَ کان ان وقت آيل ڊاڪٽر ذوالفقار سيال به اها ئي ڳالهه ڪئي. پر ٿوري دير کان پوءِ مون کي حيرت ٿي جڏهن منهنجي پٺيان واري قطار ۾ ويٺلن مان ٻن ڄڻن کان جڏهن ذوالفقار سيال سفر جو ۽ حيدرآباد جو احوال پڇيو ته هنن شڪر جو ڪلمو پڙهي چيو ته هتي وري به فرحت آهي!
ههڙي گرمي ۽ هي پيا چون ته فرحت لڳي پئي آهي! مون کي پنهنجي دادو واري ماسي ۽ اڄ کان اڌ صدي اڳ وارو زمانو ياد اچي ويو، جڏهن گذريل صديءَ جي پنجاهه واري ڏهي جي شروعاتي سالن ۾ اسان پرائمري اسڪول ۾ پڙهندا هئاسين ته اونهاري جي موڪلن ۾ اسين ڀائر ڀينرون ماءُ سان گڏ هالا کان حيدرآباد پنهنجي ناني جي گهر ايندا هئاسين. هالا ڳوٺ هو. حيدرآباد شهر هو. ان ڪري حيدرآباد وڻندڙ هو. هالا ۾ اڃا اليڪٽرسٽي نه آئي هئي پر اسان جو گهر ٿلهين ڀتين ۽ منگهن وارو هجڻ ڪري ناني جي حيدرآباد واري سرن سيمنٽ جي ڪمرن واري گهر کان ٿڌو هو. حيدرآباد اچي اسان کي آرائيون به ٿي پونديون هيون. انهن ڏينهن ۾ دادوءَ کان اسان جي ماسي به ٻارن سميت حيدرآباد نانا جي گهر ۾ اچي لهندي هئي ۽ هوءَ هميشه اهو چوندي رهندي هئي ته هتي حيدرآباد ۾ فرحت آهي. پوءِ گهڻو گهڻو پوءِ جڏهن اسين مئٽرڪ ۾ هئاسين ۽ ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو طرفان اسان کي جون جي مهيني ۾ دادو ۽ لاڙڪاڻي وٺي ويا هئا ته خبر پيئي ته انهن ڏينهن ۾ اتي جيڪا چِٽَ واري گرمي ٿئي ٿي ان جي مقابلي ۾ حيدرآباد جي گرمي ڪجهه به نه هئي.
مون پٺيان مُڙي هنن کان پڇيو ته هو ڪٿان آيا آهن؟ هڪ ٻڌايو ته هو قمبر کان آيو آهي ۽ ٻيو لاڙڪاڻي کان. چئبو ته هن فنڪشن ۾ فقط حيدرآباد جا نه پر سڄي سنڌ جا اديب آيا آهن.... بلڪ اڃا ته اچي رهيا آهن. هڪ ويهه ٻاويهه سالن جو سنهڙو نوجوان منهنجي ڀرسان اچي ويٺو. هن مون سان فوٽو ڪڍرائڻ ٿي چاهيو.
”توهان ڪٿان آيا آهيو؟“ مون ساڻس هٿ ملائي سنڌيءَ ۾ پڇيو پر هن عجيب Accent سان انگريزيءَ ۾ وراڻيو ”آءِ ايم هنس راج فرام يوڪي!“
”پر آهيو ته سنڌي نه؟“ مون وري سنڌيءَ ۾ پڇيومانس، پر هن وري انگريزيءَ ۾ جواب ڏنو.
“Yes I am Sindhi but From U.K”
مون به ديسي انگريز گهڻا ئي ڏٺا پر ههڙو نه. جيڪو انگريزيءَ جي جان نه پيو ڇڏي ۽ مون کي به انگريزي ڳالهائڻ تي مجبور پيو ڪري.
پر پوءِ خبر پيئي ته هو چرچا پيو ڪري ۽ هن جو U.K سان مطلب يونائيٽيڊ ڪنگڊم (انگلنڊ) نه پر عمرڪوٽ آهي. هيءَ ڳالهه ائين ٿي جيئن الهاس نگر (انڊيا) جو سنڌي بزنيس مين، سندن ڪارخانن ۾ ٺهندڙ شين تي ”ميڊ ان انڊيا“ جو ٺپو هڻڻ بدران ميڊ باءِ USA جو هڻندا آهن ۽ سندن USA مان مراد ”يونائيٽيڊ اسٽيٽس آف آمريڪا“ نه پر ”الهاس نگر سنڌي ايسوسيئيشن“ هوندو آهي.
اسي واري ڏهاڪي ۾ جڏهن آئون ملائيشيا ۾ نوڪري ڪري رهيو هوس ته اتي جي ڪنهن کاتي لاءِ، ملائيشيا وارن کي، ڪجهه پاڪستاني رکڻ جي ضرورت پئي. اميدوارن جي انٽرويو وٺڻ لاءِ مون سان گڏ هڪ ملئي آفيسر به هو. انٽرويو کان هڪ ڏينهن اڳ اسان جڏهن اميدوار جون C.Vs (بايو ڊيٽا) پڙهي رهيا هئاسين ته هڪ اميدوار انٽر ته حيدرآباد جي سٽي ڪاليج مان ڪئي هئي ۽ سندس ايم اي ايڪنامڪس جي ڊگري جي سامهون U.S لکيل هو. اسان ٻنهي کي سمجهه ۾ نه پيو اچي ته ان جو مطلب ڇا آهي ۽ جي آمريڪا (يونائيٽيڊ اسٽيٽس) مان هن M.A ڪئي آهي، ته ڪهڙي يونيورسٽيءَ مان؟ ٻئي ڏينهن هن کان پڇڻ تي خبر پئي ته هن جو U.S لکڻ مان مراد ”يونيورسٽي آف سنڌ“ آهي.