ڊئنمارڪ پاسي مسجدون ۽ اسلامي اسڪول
”پوءِ هنن کي خبر نه پئي ته توهان عراقي نه پر مراڪشي آهيو، موراڪو کان آيا آهيو.“ مون پڇيو.
”خبر ڌوڙ پوندن، جهڙي عربي عراقي ٿا ڳالهائين تهڙي عربي اسان ٿي ڳالهائي.“ هن وراڻيو.
بهرحال وقت سان گڏ هنن اتراهن (Scandinavian) ملڪن ڌارين ماڻهن جي اچڻ تي ۽ رهائش اختيار ڪرڻ تي سختي شروع ڪئي ۽ اڄ هنن ملڪن جو پاسپورٽ حاصل ڪرڻ، ڪو سولو ڪم ناهي. جيئن ته هن پاسي ڪيترا ئي ماڻهو ايشيا توڙي آفريڪا جا، ٺڳ قسم جا ماڻهو، گهڻا آيا. ان ڪري هنن ملڪن ۾ ڌارين آيل ماڻهن ۾، ڏوهه جو تناسب گهڻو آهي. پاڪستان کان آيل Immigrants ۾ قاديانين جو تعداد گهڻو آهي. پر حق جي ڳالهه ڪبي ته اميگرنٽ ۾ قادياني سڀ کان گهڻو امن پسند ۽ تعليم يافته مڃيا وڃن ٿا. هو چاهي اچڻ وقت غريب ۽ مزدور طبقي جا هئا پر اڄ سندن اولاد پڙهي لکي وڏين پوسٽن تي آهي ۽ ٻئي نمبر تي ايراني مسلمان توڙي ڀئائي ۽ زوروسٽرن (باهه جا پوڄاري)، ٻين کان بهتر شهري سمجهيا وڃن ٿا، نه ته هتي رهندڙ ڌارين ۾ تعليم گهٽ آهي. سياسي يا سماجي ڳالهين ۾ حصو گهٽ آهي پر ڏوهن ۾ وڌيڪ آهي.
هتي ڊئنمارڪ توڙي ٻين ملڪن ۾ احمدين (قاديانين) جون مسجدون به الڳ آهن. اهڙي ئي هڪ مسجد ڊئنمارڪ جي گاديءَ واري شهر ڪوپن هيگن ۾ آهي، جنهن جو نالو ”نصرت جهان مسجد“ آهي. ان مسجد ۾ احمدي وڃن ٿا. هنن جا اتي ليڪچر ۽ سيمينار به ٿين ٿا. هو پنهنجو پاڻ ۾ ڪافي آرگنائيزڊ آهن. هڪ ٻئي جي مدد ڪن ٿا ۽ دنيا جي مختلف ملڪن ۾ تبليغ جو ڪم ڪندا رهن ٿا. سندن هڪ مسجد ۾، مون گهٽ ۾ گهٽ ويهه کن زبانن ۾ قرآن مجيد جا ترجما ڏٺا.
ڪوپن هيگن، آرهوس ۽ ڊئنمارڪ جي ٻين شهرن ۾ پڻ ڪافي مسجدون آهن. هتي جي ڪيترن رهاڪن جي چوڻ موجب، ڊئنمارڪ ۾ اڄ ڪلهه پنجاهه کان به وڌيڪ مسجدون آهن. هتي سرڪار طرفان مندر، مسجد، پگوڊا يا ڪنهن به قسم جي مذهبي عمارت ٺهرائڻ تي ڪا جهل پل نه آهي، پر هتي جا ڪجهه لوڪل Zoning قانون آهن، جنهن موجب عمارت ٺاهي وڃي ٿي.
1968ع ۽ 1969ع ۾ جڏهن منهنجو جهاز پهريون دفعو هنن ملڪن ڏي آيو هو ته ڪوپن هيگن ۾ رهندڙ مسلمانن کي اهو فڪر هو ته هنن مان ڪو وفات ڪري وڃي ٿو ته هن جي دفن لاءِ ڊئنمارڪ ۾ ڪو مسلمانن جو قبرستان نه آهي. هن جي لاش کي هتي جي گورن جي قبرستان ۾ دفن ڪيو وڃي يا پنهنجي وطن موڪليو وڃي ٿو، جنهن تي تمام گهڻو خرچ اچي ٿو ۽ فوتيءَ جا مائٽ قرضي ٿيو وڃن. اڄ ڊئنمارڪ ۾ ست اهڙا قبرستان آهن جن ۾ مسلمانن لاءِ ڌار سيڪشن ٺهيل آهن، جن ۾ مسلمانن کي دفن ڪيو وڃي ٿو. 2006ع ۾ ڪوپن هيگن ڀرسان برانڊبي شهر ۾ هڪ سڄو قبرستان مسلمانن لاءِ کوليو ويو آهي.
مسلمانن لاءِ ڌار اسڪولن جو جائزو ٿو وٺجي ته ڊئنمارڪ ۾ 1977ع تائين ڪو به الڳ اسڪول نه هو. مون کي ياد آهي ته 1978ع جي آخر ۾ اسان جو جهاز آرهوس بندرگاهه ۾ پهتو هو ته اتي رهندڙ اسان جي هڪ پنجابي واقفڪار فئمليءَ، اها خوشخبري ٻڌائي ته هيلزنگر (Helsingor) ۾ هڪ اسلامي اسڪول کليو آهي، جنهن جو هتي جي زبان ۾ نالو ”اسلامي عربي اسڪول“ “Den Islamic Arabiske Skole” رکيو ويو آهي. اڄ اهو اسڪول ملڪ جي اعليٰ اسڪولن مان آهي، جتي ڊئنش ۽ عربي زبان ۾ پڙهايو وڃي ٿو ۽ سڄي ملڪ جا مسلمان ٻارڙا هن اسڪول کي ترجيح ڏين ٿا.
مٿئين اسڪول کان علاوه ڊئنمارڪ ۾، اڄ ٻيا به 25 کن اسلامي اسڪول آهن، جن ۾ عربي پڙهائي وڃي ٿي ۽ ڪن ۾ ترڪي، ايراني ۽ اڙدو زبانن ۾ به پڙهايو وڃي ٿو. ڇو جو هتي عربن، ترڪن، ايرانين ۽ پاڪستانين جو وڏو تعداد آهي. آفريڪا جي ڪيترن ملڪن، جهڙوڪ سوڊان، صوماليا، جبوتي وغيره جا ٻار عربي اسڪولن ۾ وڃن، جو انهن ملڪن ۾ ٻي زبان عربي آهي، هو ان ڪري به عربي اسڪولن ۾ وڃن، جو قرآن ۽ حديث جا ڪتاب عربي ۾ آهن. روسي رياست جا ٻار جهڙوڪ: ترڪمانستاني، آذر بائيجاني، ازبڪ ۽ تاجڪ وغيره ايراني يا ترڪن جي اسڪول ۾ وڃن ٿا جو انهن ملڪن جي قومي يا ٻيو نمبر زبان فارسي يا ترڪي آهي. سڀ کان وڏو اسلامي اسڪول نوريبرو (Norrebro) شهر ۾ آهي، جنهن جو ڊئنش زبان ۾ نالو Dia Privatsrole آهي. ڪوپن هيگن ۾ موجود اسان جي پاڪستاني ايمبسيءَ وارن ٻڌايو ته هتي ٻه اهڙا اسڪول آهن جتي اڙدو مادري زبان جي حيثيت سان پڙهائي وڃي ٿي.