امر جليل رائيس... ۽ ٻيا ڊش
”اخبار نه پڙهي اٿم،“ وراڻيومانس، ”پر ڊاڪٽر ذوالفقار سيال فون ڪري ٻڌايو آهي ته سنڌي ادبي سنگت وارا پاڻ ٻنهي کي لائيف اچيومينٽ ايوارڊ ٿا ڏين.“
امر جيل ٽهڪ ڏيندي چيو؛ ”لڳي ٿو هو اسان ڏاڙهين وارن کي پڪو مسلمان بنائڻ ٿا چاهين.“
اڄ کان پورا ويهه سال اڳ، 1989ع ڌاري، ملائيشيا حڪومت منهنجي ادبي خدمتن سبب، مون کي ايوارڊ ڏيڻ جو اعلان ڪيو هو. جنهن بابت، ملاڪا صوبي جي چيف سيڪريٽريءَ ايوارڊ ڏيڻ کان فقط ٻه ڏينهن اڳ، مون کي فون ڪري ٻڌايو هو. ڏهاڪو کن سال ڏور اوڀر ۽ ڏکڻ ايشيا جي بندرگاهن ۾ جهاز هلائڻ بعد، ملائيشيا جي هڪ خوبصورت رياست ملاڪا ۾ رهي پيو هوس، جتي جي مئرين اڪيڊمي جي مئرين انجنيئرنگ ڊپارٽمينٽ جي سرپرست جي حيثيت سان پنج ڇهه سال کان نوڪري ڪري رهيو هوس. درس و تدريس جي ڪم سان گڏ پنهنجو لکڻ پڙهڻ جو شوق به جاري رکيم. ملائيشيا بابت ڪيتريون ئي دلچسپ ڳالهيون عبرت ۽ هلال پاڪستان اخبارن ۾ لکندو رهيس، جن کي نيو فيلڊس پبليڪيشن جو مالڪ فيروز ميمڻ صاحب گڏ ڪري ڪتاب ڇپيندو رهيو... ”مڪليءَ کان ملاڪا...“، ”ڪولالمپور ڪجهه ڪوهه“ وغيره. چيف سيڪريٽريءَ فون تي ئي ٻڌايو؛ ”اسان کي پاڪستان ۾ موجود اسان جي اسلام آباد واري سفارتخاني ۽ ڪراچي واري قونصل خاني کان معلوم ٿيو آهي ته؛ توهان ملائيشيا ۽ پاڪستان جي وچ ۾ بهتر تعلقات پيدا ڪرڻ خاطر ملائيشيا ملڪ ۽ ان جي ادب، ڪلچر ۽ ثقافت کي پاڪستانين سان متعارف ڪرائي رهيا آهيو.“
بهرحال مون ته ان بابت سوچيو به ڪو نه هو. منهنجي لاءِ ته منهنجي سفرنامن ڇپجڻ ڪري پڙهندڙن جا جيڪي سيکاٽ، ميهڙ، تلهار ۽ بدين جهڙن سنڌ جي شهرن مان خط ايندا هئا، سي ئي وڏي ڳالهه هئا. مون کي ته خواب خيال ۾ به نه هو ته پرديس ۾، مفت ۾، مون کي هيڏو وڏو انعام ملي ويندو. اهي ڏينهن ياد ڪريان ٿو ته مون کي ان ايوارڊ جو ٻڌي ڪا خاص خوشي نه ٿي هئي، جيتري هينئر سنڌي ادبي سنگت جي ايوارڊ جو ٻڌي ٿي اٿم. جيتوڻيڪ ملائيشيا وارن مون کي هڪ خوبصورت سرٽيفڪيٽ کان علاوه، ٽن تولن جو سونو ٻلو (Medal) به ڏنو هو ۽ هن ايوارڊ PJK (Pingat Jasa Kebaktian) جي اهميت جو ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته ملائيشيا جا وڏا وڏا سرجن، انجنيئر، پروفيسر وغيره، هن ايوارڊ ملڻ بعد پنهنجي سڃاڻپ واري ڪارڊ تي نالي بعد مختلف ڊگريون لکڻ بدران فقط ۽ فقط PJK لکرائي ڇڏيندا آهن.
هيڏانهن ڪنهن مون کي ٻڌايو ته؛ ”سنڌي ادبي سنگت وارا ايوارڊ طور هڪ پلاسٽڪ جي شيلڊ ڏيندا.“ پر ان کي حاصل ڪرڻ لاءِ مون کي بيحد گهڻي خوشي ۽ Excitement محسوس ٿي. ڇو جو اهو ايوارڊ مون کي پنهنجن ماڻهن طرفان ملي رهيو هو. هونءَ ته اسان جي ملڪ جو اهو حال آهي جو سرڪاري انعام اڪرام گهڻو ڪري سرڪاري ڪامورن کي ملن ٿا يا وري انهن کي ملن ٿا جيڪي سرڪاري ڪامورن ۽ حاڪمن جي خدمت چاڪري ۽ ٽهل ٽڪور ڪن ٿا، جنهن کي ”لابي“ سڏيو وڃي ٿو. ڪنهن مون کي چيو؛ ”توهان کڻي ڪيترو به لکو پر توهان کي سرڪاري يا نيم سرڪاري اداري طرفان ايوارڊ ملڻ مشڪل آهي! ڇو جو توهان جي ڪابه لابي ناهي.“ ٻين اکرن ۾ لکڻ وارو ماڻهو، پنهنجي لياقت يا لکيت جي Quality کي بهتر بنائڻ لاءِ محنت ڪرڻ بدران وتي وقت جي حاڪمن جي چمچا گيري ڪندو.
ڊاڪٽر ذالفقار سيال، جڏهن سنڌي ادبي سنگت جي ايوارڊ جي خوشخبري ٻڌائي ته يڪدم پڇيومانس؛ ”اهو ايوارڊ مون کي واقعي ميرٽ تي ڏنو پيو وڃي يا دوستي ياريءَ ۾.“
”سنڌي ادبي سنگت جو جنرل سيڪريٽري دڙي شهر جو يوسف سنڌي آهي،“ ڊاڪٽر ذوالفقار ٻڌايو، ”جنهن نه توهان کي ۽ نه توهان کيس ڪڏهن ڏٺو آهي جو دوستي ياريءَ جو شڪ ڪجي. ٻي ڳالهه ته ايوارڊ لاءِ سنڌي ادبي سنگت وارا، سڄي سنڌ جي نمائندن کان راءِ پڇندا آهن ۽ توهان کي اهو ٻڌي خوشي ٿيندي ته وڏي ميجارٽيءَ امر جليل ۽ توهان لاءِ ووٽ ڏنو آهي.“
بهرحال امر جليل ته سنڌيءَ توڙي اڙدوءَ ۽ انگريزي ادب ۾ بيحد قدآور هستي آهي. اسان ڄامڙا، هن اڳيان ڪابه حيثيت نٿا رکي سگهون. امر جليل منهنجو ننڍپڻ کان دلپسند ليکڪ رهيو آهي. سنڌي لکڻين ۾ هو منهنجو استاد ۽ رهنما پڻ رهيو آهي. سٺ واري ڏهي جا ٻه سال کن، جيڪي مون ڪراچي شپ يارڊ ۾ ڪم ڪيو، هر هفتي ڪراچي جي وڪيل سائين نور الدين سرڪي صاحب جي آفيس ۾ ٿيندڙ سنڌي ادبي سنگت جي ميڙاڪي ۾، اسين پنهنجيون لکڻيون پڙهندا هئاسين ته امر جليل درستيون ڪندو هو. هن جا ادب بابت ڏاهپ وارا قول، مون کي هميشه ياد رهن ٿا ۽ انهن تي عمل ڪرڻ جي ڪوشش ڪريان ٿو. بهرحال مون لاءِ اها ڊبل خوشيءَ جي ڳالهه هئي ته مون کي هڪ ته ايوارڊ ڏنو ٿو وڃي ۽ ٻيو ته اهو ايوارڊ سنڌ جي عظيم هستي امر جليل سان گڏ ڏنو ٿو وڃي، جنهن جي مقابلي ۾ آئون ڪابه حيثيت نٿو رکان. بلڪه ڪجهه ڪجهه شرمندگيءَ جو احساس ٿي رهيو اٿم ته ڪٿي هو ڪٿي آئون؛ جنهن جو گذر سفر مهاڻن، ماڇين ۽ ساٽين جهڙي ”جينٽري“ سان ٿو ٿئي. وري منهنجيون ڪچيون ڦڪيون لکڻيون ”وقت گذاري“ خاطر آهن. عجيب اتفاق آهي جو اهو ساڳيو احساس، اڄ کان چاليهه سال اڳ 1969ع ۾ به ٿيو هوم. جڏهن ”پاڪستان اڪيڊمي آف ليٽرس“ سنڌي ادب ۾، امر جليل جي ڪهاڻين جي ڪتاب ”دل جي دنيا“ ۽ منهنجي سفر نامي ”منهنجو ساگر، منهنجو ساحل“ کي Best Book of the Year قرار ڏنو هو ۽ ان وقت ”نظر ڏنڀاڻيءَ“ خاطر جيڪا رقم (جملي رپيه 850) حڪومت پاڪستان علائقائي ادب لاءِ رکي هئي، ان جي اڌ جو چيڪ مون کي مليو هو ۽ اڌ جو امر جليل کي.
مون کي ياد ٿو اچي ته ان ڏينهن امر جليل، تاج جويو، پي ٽي وي جو مئنيجر عبدالڪريم بلوچ ۽ آئون صدر ۾ الفا نالي هڪ ريسٽورنٽ ۾ چانهن ۽ سمبوسا کائي پوءِ اڄ واري پاسپورٽ آفيس جي سامهون هڪ Shanty Town نموني جي سرڪاري بئرڪن مان هڪ ۾، شمشير حيدريءَ وٽ آيا هئاسين، جيڪو انهن ڏينهن ۾ نئين زندگيءَ جو ايڊيٽر هو. شمشير وٽ بنا کير جي ”کيري واري“ چانهه پي- يعني چانهه ٺاهڻ واري جي چوڻ مطابق هن کير وڌو آهي پر هو ”نه“ برابر- اسان ٻاهر نڪري، هاڻ روانا ٿياسين ته سامهون هڪ فوٽو گرافر جو دڪان ڏسي چيومان؛ ”هلو ته گروپ فوٽو ڪڍرايون!“ اسان چارئي ڄڻا اسٽوڊيو ۾ پهتاسين. مرحوم عبدالڪريم بلوچ ڏندن ڀڳل ۽ مر لڳل ڦڻي کڻي، پنهنجا وار سيٽ ڪيا. تاج بلوچ اسٽوڊيو ۾ رکيل ۽ اڳواٽ ڳنڍيون ٻڌل ٽائين مان هڪ کڻي ٻڌڻ ٿي چاهي ته جليل اها آئيڊيا ڊراپ ڪرڻ جي صلاح ڏنس ۽ پوءِ قطار ۾ ٿي بيٺاسين. اٺن ڪاپين جو آرڊر ڏنوسين، جيئن هرهڪ کي ٻه ملي سگهن. ٻن ڏينهن بعد آئون پنهنجي حصي جون ٻه ڪاپيون وٺي جهاز تي روانو ٿي ويس. انهن مان هڪ ڪاپي لورپول (انگلينڊ) پهچي، خيرپور جي لعل جوڻيجو کي ڏنم ۽ ٻي ڪاپي فريم ڪرائي جهاز جي ڪئبن ۾ ڀت تي ٽنگي ڇڏيم. هڪ پاسي کان تن ڏينهن جي فلمي هيروئن رحمان جي تصوير هئي ته ٻئي پاسي شرميلا ٽئگور جي. فوٽوءَ ۾ اسان هيرو ٿي لڳاسين. جهاز بدلي ٿيڻ تي اها تصوير ٻين جهازن تي به ٽنگيندو رهيس. سالن تي سال گذرڻ بعد احساس ٿيو ته اسان چارئي ڄڻا، ڏاڙهي مڇون ڪوڙيل عجيب مسخرا ٿا لڳون. بلڪه لسا پٽاٽا ٿا لڳون. پوءِ هڪ ڏينهن اها تصوير لاهي ڇڏيم ۽ الائي ڪيڏانهن گم ٿي وئي. هاڻ سوچيان ٿو ته اڄ اها هجي ها يا جي ڪنهن وٽ هجي ۽ مون کي ملي وڃي ته ضرور اخبار ۾ ڏيڻ چاهيندس، جيئن اڄ جا نوجوان 1969ع جي ان وقت وارن بيل باٽم هيروز جي، يعني اسان جي چال، ڍال ۽ پوشاڪ کي ڏسي سگهن ته ڪهڙا عجيب ٿي لڳاسين!
هڪ ٻي ڳالهه ياد آئي. 1971ع ۾ منهنجي شادي ٿي. اڄڪلهه ته ريڊيو ۽ ٽي ويءَ تان 24 ڪلاڪ رڌ پچاءَ جا طريقا سيکاريا وڃن ٿا. خاص ڪري الله ڀلو ڪري ادي سلطانه صديقيءَ جو، جنهن مسالا ٽي وي چئنل ڪڍي سڀني کي گهر ويٺي رڌ پچاءُ سيکاري ڇڏيو آهي. تن ڏينهن ۾ ٻاجهريءَ جي مانيءَ جي ترڪيب ٻڌائيندي به ڪيترن کي ٻرو چڙهندو هو. منهنجي زال کي رڌ پچاءُ صفا نٿي آيو. چڱو جو جهاز جي نوڪريءَ ڪري سڀ رڌو پڪو ٺهي ملندو هو. بندرگاهن ۾ مهمان ايندا هئا ته ڪمپنيءَ طرفان انهن جي ماني به جهاز طرفان هوندي هئي. ڪراچيءَ جڏهن به جهاز ايندو هو ته اسان امر جليل جي گهر اينداهئاسين، جيڪو انهن ڏينهن ۾ سعيد منزل (NJV اسڪول) واري لائين ۾ جميله اسٽريٽ تي هو. امر جليل سان منهنجي ادب ۽ ڪتابن تي ڪچهري هلندي هئي. تيسين سندس گهر واري، منهنجي زال کي هر دفعي ٻن ٽن مختلف ڊشن جون ترڪيبون ٻڌائيندي هئي. انهن سڀني ۾ اسان لاءِ دلپسند ۽ جهٽ پٽ واري ترڪيب چانور ٺاهڻ جي هئي. اڄ به جڏهن ماڻهو سنڌي برياني، بهاري ڪباب، پنجابي نان پاون جي ڳالهه ڪن ٿا ته اسان جي گهر ۾ ”امر جليل ڀت“ ياد ڪيو وڃي ٿو.
بهرحال مون پنهنجي تقرير ۾ ان ڳالهه جو اظهار ڪيو ته اڄ کان پورا ويهه سال اڳ يعني 1989ع ۾ مون کي ملائيشيا حڪومت طرفان جڏهن ادبي خدمتن ڪارڻ ايوارڊ مليو هو ته ڪوالالمپور ۾ موجود اسان جي سفارتخاني وارا ڏاڍا خوش ٿيا هئا ته ملائيشيا ۾ ان قسم جو ايوارڊ هڪ پاڪستاني Expatriate کي مليو آهي. ڌارئين ملڪ جي ايوارڊ حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجي ملڪ جي حڪومت کان اجازت وٺڻي پوندي آهي. اها به ان وقت جي سفير سيد عظمت حسن مون پاران اسلام آباد مان وٺي ملائيشيا جي حڪومت کي اطلاع ڪيو هو. هو سڀ ڏاڍا خوش هئا. مون کي رکي رکي ائين پئي فون ڪيائون ۽ خير عافيت پڇيائون ڄڻ ملائيشيا ۾ ان وقت آيو هجان ۽ ان کان پنج سال اڳ وارو مدو آئون پاڻ نه پر منهنجو پاڇو ملائيشيا ۾ ترسيل هو. سنڌي ادبي سنگت ايوارڊ جي مقابلي ۾ مون لاءِ ملائيشيا وارو ايوارڊ ڄڻ ”جنگل مين مور ناچا...“ وارو حساب هو. ايوارڊ ضرور مون کي مليو پر ڪهڙا منهنجا سڃاڻا ملائيشيا ۾ هئا جن تي لئه رکجي. مون وٽان پڙهي ويل شاگرد به اتي نٿي رهيا، جو منهنجا شاگرد جهازن جا انجنيئر ۽ نيويگيشن آفيسر هئا جيڪي فقط ٽن مهينن جو ڪورس ڪري پنهنجي پنهنجن جهازن تي هليا وڃن ٿا. هتي سنڌي ادبي سنگت جو ايوارڊ حيدرآباد ۾ ملي رهيو هو، جنهن شهر جا ماڻهو منهنجا هم زبان ۽ هم وطن ٿيا ۽ جن مون کي سڃاتو ٿي ۽ ڪيترن کي مون به سڃاتو ٿي.
ايوارڊ واري فنڪشن تي معلوم ٿيو ته مهمان نه فقط حيدرآباد کان پر سڄي سنڌ کان آيا آهن.