رڳو ڇوڪرين جون ڪهاڻيون ڏئي ٿو...
انهن ڏينهن ۾ لکڻ وارا ٿورا هئا ته رسالا به بنهه نه برابر هئا. نسيم کرل چرچا ڀوڳ به ڏاڍا ڪندو هو. هڪ دفعي نئين زندگي رسالي جو ايڊيٽر مولوي عبدالواحد سنڌي به موجود هو. منهنجي خيال ۾ ان ڏينهن عبدالواحد سنڌي صاحب سان سنڌ اسلاميه هوٽل (بولٽن مارڪيٽ) ۾ سندس جنم ڏينهن ملهائي رهيا هئاسين. يا شايد سندن رٽائرمينٽ تي الوداعي دعوت ڏئي رهيا هئاسين. نسيم کرل ٿوري تعريف ڪري چيو ته سائين عبدالواحد صاحب پنهنجي رسالي ۾ اسان جون ڪهاڻيون گهٽ ڏنيون ٿي، رڳو ڇوڪرين جون ڏيڻ پسند ڪندو هو. جواب ۾ اسان ڏاڍو کِليا هئاسين جڏهن سائين عبدالواحد آريسر چيو ته ”نسيم کرل اجايو ناراض آهي. هي منهنجي عمر آهي ڇوڪرين سان عشق ڪرڻ جي؟ آئون ته اهو چاهيان ٿو ته عورتن جي همت افزائي ڪئي وڃي جو سنڌي ادب ۾ تمام ٿوريون عورتون لکن ٿيون.“ پر ان ڏينهن لڳي ٿو ته نسيم کرل سخت ڪاوڙ ۾ هو. هوٽل مان نڪرڻ بعد تاج بلوچ، امر جليل، آغا سليم ۽ مون کي جهلي چوڻ لڳو بهتر آهي، گهٽ ۾ گهٽ اسان مان ڪو به ”نئين زندگي“ رسالي لاءِ نه لکي. نسيم کرل جي وڃڻ بعد مون امر جليل کي چيو ته توهان ته وڏا ليکڪ آهيو ۽ هر رسالو توهان جي ڪهاڻي ڇپيندو، اسان لاءِ ته اهو ئي نئين زندگي رسالو آهي. سو هاڻ ڇا ڪجي.
امر جليل ٽهڪ ڏيئي چيو: ”نسيم کرل جا اهي وڏيرڪا حڪم آهن. هفتي کن کان پوءِ پاڻهي پرچي ويندو ۽ چوندو ته نئين زندگي لاءِ ئي لکو.“ پوءِ اسان امر جليل جي فليٽ تي اچي چانهه پيتي هئي، جتي هن هڪ ڳالهه واهه جي ڪئي ته؛ اسان اديبن کي اهو نه سوچڻ کپي ته اخبار يا رسالي جو مالڪ ڪير آهي؟ اسان جو دوست آهي يا دشمن؟ اسان کي پڙهندڙ جو سوچڻ کپي ۽ انهن جو سوچي لکڻ کپي. رسالو يا اخبار کڻي سرڪاري هجي يا ڪنهن سياسي پارٽي جي، پر اها گهڻن کان گهڻن ماڻهن تائين پهچي ٿي ته اسان کي ان ۾ ضرور لکڻ کپي. ڪراچيءَ جي هنن ادبي محفلن ۾ مٿي ڄاڻايل اديبن کان علاوه ٻيا به ڪيترا ئي ايندا هئا، جهڙوڪ آزاد جتوئي، اقبال جتوئي، سليم خواجا، مورائي، يوسف شاهين، تاجل بيوس، عنايت ۽ هدايت بلوچ وغيره.
مٿي ذڪر ڪيل ڇوڪريون، جن لاءِ نسيم کرل صاحب کي شڪايت هئي ته نئين زندگي جو ان وقت جو ايڊيٽر عبدالواحد صاحب رڳو انهن جون لکڻيون ڇپي ٿو، ڪير هيون...؟ ثميره زرين، ماهتاب محبوب، ريٽا شاهاڻي، رشيده حجاب، جميلا نرگس، پروين سومرو وغيره.
بهرحال اهي جيڪي پوءِ سنڌي ادب جا چمڪندڙ ستارا ثابت ٿيون، پر بقول نسيم کرل جي ”ڇوڪريون“، اڄ ستر کي پهچي ويون آهن، ڪي ويچاريون ته الله کي به پياريون ٿي ويون آهن. هنن تمام سٺو لکيو ۽ تمام وڏو نالو پيدا ڪيو آهي.