سيلف پورٽريٽ
هالا جي مخدوم غلام حيدر هاءِ اسڪول ۾ ٽي درجا پڙهڻ بعد منهنجي ڪئڊٽ ڪاليج ۾ داخلا ٿي، جيڪو ڪاليج ٻه سال کن ميرپور خاص ۾ عارضي طور رهڻ بعد اڄ واري پيٽارو ڪئمپس ۾ شفٽ ٿيو. ان وقت 1960ع ۾ جڏهن ڪاليج جي پيڙهه جو پٿر رکڻ لاءِ اسين شاگرد ميرپورخاص کان پيٽارو پهتا هئاسين ته چوڌاري رڻ پٽ هو. ٻي جنگ عظيم جو هڪ رن وي ۽ ٻه ٽي ڊٺل هئنگر (جنهن ۾ هوائي جهاز بيهن ٿا) هئا. اڄ 50 سالن پڄاڻان يعني پوري اڌ صديءَ بعد، اهو هنڌ جنگل ۾ منگل ٿو لڳي.
ڪئڊٽ ڪاليج مان انٽر ڪرڻ بعد آئون اڪيلو ۽ (پهريون پڻ) هوس جيڪو چٽگانگ، بنگلاديش (ان وقت مشرقي پاڪستان) جي مئرين اڪيڊمي لاءِ چونڊجي ويس. ٻئي سال ٻيا به سنڌ کان آيا، جن ۾ ڪئپٽن بشير وسطڙو، ڳوٺ مچر (نوشهرو فيروز جو) ڪئپٽن احمد حسين مخدوم (درٻيلي جي زاهده مخدوم ۽ ثريا مخدوم جو ڀاءُ)، سانگهڙ جو ڪئپٽن رياض چوڌري ۽ ٻيا. آئون انجنيئرنگ برانچ ۾ رهيس. اڳتي هلي مئرين انجنيئرنگ (جهازن جي مشينن جي انجنيرئنگ) ۾ پوسٽ گريجوئيشن سئيڊن جي ڏاکڻي شهر مالمو جي World Maritime University مان ڪيم.
لکڻ پڙهڻ جو شوق ننڍپڻ کان پيدا ٿيو. والد مرحوم گل محمد شيخ ڪيترا ئي رسالا گهرائيندو هو، جن ۾ پهريون تصويرون پوءِ ننڍا ننڍا مضمون پڙهڻ شروع ڪيم. 13 سالن جي ڄمار ۾ جڏهن ڪئڊٽ ڪاليج پهتس ته ان وقت جي رسالن؛ بادل، گلستان ۽ ڳوٺ سڌار ۾ ڪچو ڦڪو لکڻ لڳس. ان بعد مئٽرڪ ۾ پهچي ڪاليج جي مئگزين جي ايڊيٽر ٿيڻ جو موقعو مليو ۽ پوءِ چٽگانگ مان بنگال جون ڳالهيون ”دريائن جي ديس مان“ جي عنوان سان لکڻ لڳس. هالا ۾ اسان جي مائٽي مٽي ۾ ڪيترا ئي اديب شاعر هئا، جهڙوڪ انور هالائي، سليم هالائي، شوڪت (جنهن جو پٽ امتياز ابڙو، اڄ ڪلهه ڪاوش ۾ مزاحيه ڪالم لکي ٿو)، اضعف هالائي (جنهن جا پٽ منصور ويراڳي، منور ۽ پوٽا ثاقب ابڙو، سهيل ابڙو وغيره شاعر، اديب ۽ ٽي وي ائڪٽر آهن.) خود منهنجي والد صاحب کي به لکڻ پڙهڻ جو شوق هو ۽ سندن ڪتاب ”ماکيءَ جي مک“، ”ڪوريئڙو“، ”ماڪوڙي“ ۽ هڪ ڪتاب پنهنجي ڪلاسي دوستن (سيد غلام مصطفيٰ شاهه ۽ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ) سان گڏجي لکيل ”گڏهه“، اڃا تائين مختلف ادارن طرفان وري وري ڇپبو رهي ٿو. حيدرآباد ۾ اچبو هو ته منهنجا ناناڻا بزنيس سان تعلق ضرور رکندا هئا پر منهنجي ناني سيٺ محمد حسن جي گهر ۾ وڏي لئبرري هئي ۽ اسان کي به هر وقت پڙهڻ لاءِ چوندو هو. سنڌ جو طنز و مزاح وارو ليکڪ حليم بروهي منهنجي ناني جي وڏي ڀيڻ (پڦو غلام فاطمه جو پٽ) به اتي ايندو هو يا هن وٽ وڃڻ تي اهي ئي ادبي ڳالهيون هونديون هيون. وائيس چانسلر نظير مغل، جسٽس حامد علي مرزا وغيره جيڪي منهنجي ناني جا ڀاڻيجا ٿين، اهي به ناني جي گهر ايندا رهندا هئا يا پاڙي ۾ سندن گهر وڃڻ ٿيندو هو ته هميشه لکڻ پڙهڻ جون ڳالهيون ڪندا هئا.
ڪئڊٽ ڪاليج ۾ اچي مطالعي جي اڃا به وڌيڪ عادت، اتي جي انگريز پرنسپال، ڪرنل ڪومبس وڌي. اهو اسان کي ڪتاب پڙهڻ تي ڏاڍو زور ڏيندو هو. ڪرنل ڪومبس اسان جي ڪاليج جو پهريون پرنسپال ٿي آيو هو. پاڻ برٽش آرمي جو ڪرنل ۽ ٻي جنگ عظيم جو جپانين وٽ قيدي Prisoner of war ٿي رهيو. هو اسان کي چوندو هو ته جنهن ماڻهوءَ کي مطالعي جي عادت آهي، اهو جهنگ ۾ به اڪيلو رهي سگهي ٿو. هن جي نصيحت جو احساس مون کي ڊگهن سامونڊي سفرن ۾ ٿيو، جڏهن چين کان ڪئناڊا، چاليهن ڏينهن راتين جو يا جپان کان ڪيوبا 35 ڏينهن راتين جو لڳاتار سفر ٿي ڪيوسين ۽ ڳالهائڻ لاءِ ڪا پهر نه هوندي هئي. ان وقت ڪتابن اسان کي مشغول رکيو ٿي. اسان پيٽارو ۾ سنڌي، اڙدو، ۽ انگريزي جا فقط ڪتاب نه پر مصنفن جا سڄا سڄا سيٽ پڙهيا. چٽگانگ ۾ به مون کي ان قسم جو ماحول مليو. منهنجي بنگالي دوست ڪلاس ميٽن جو ڪتاب پڙهڻ سان ايترو ته چاهه هيو جو مون کي شروع جي ڇهن مهينن اندر پنهنجي بنگالي زبان نه رڳو ڳالهائڻ پر لکڻ سيکاريائون. منهنجو روم ميٽ چيف انجنيئر راشد ڪاظمي ته سمهڻ کان اڳ اوڙي پاڙي جي ڪمرن مان ٻين ڪئڊٽن کي گڏ ڪري رابندر ناٿ ٽئگور جي ”گيتانجلي“ پڙهي ٻڌائيندو هو.
چٽگانگ ۾ موڪل جا ڏينهن آئون چٽگانگ ميڊيڪل ڪاليج جي هاسٽل ۾ نعيم دريشاڻي وٽ ويندو هوس. نعيم هاڻي ڪافي سالن کان لکڻ ڇڏي ڏنو آهي، پر تن ڏينهن ۾ سندس شاعري ٽيڙو، هائيڪو، روح رهاڻ ۽ سهڻي رسالي ۾ هر مهيني ڇپبا هئا. سندس هڪ آزاد نظم آهي:
آئون جنهن گهڙي
پنهنجي ماءُ جي ڪک مان نڪري
هن جهان ۾ آيس
تنهن گهڙيءَ کان
منهنجو پاڇو مون ساڻ هو
ڪالهه
ٻن ڏينهن جي بک کانپوءِ
ڀڳڙن مٺ جي عيوض
مون اهو سچو دوست
پنهنجو پاڇو
وڪڻي ڇڏيو.
بهرحال اتي چٽگانگ ۾ نعيم سان گهڻي ڀاڱي ادبي ڳالهيون ٿينديون هيون. حميد سنڌي، طارق اشرف، ولي رام ولڀ، وغيره هن جا دوست هئا، جن سان ڊاڪٽر نعيم مون کي اتي چٽگانگ ۾ ويهي متعارف ڪرايو.
جهازن جي ڊگهين مسافرين (Routes) تي جهازي، وقت پاس ڪرڻ لاءِ اڪثر پتي راند کيڏندا هئاسون، يعني تن ڏينهن ۾ جڏهن 60ع واري ڏهي جي آخري سالن ۾ جونيئر انجنيئر جي حيثيت سان جهاز تي چڙهيو هوس. پتي راند نه اچڻ ڪري آئون ٻين کان الڳ ٿلڳ ٿي ويس. پوءِ پنهنجي منهن مون ٿوري گهڻي پيسڪوٽ ۽ برج (جيڪي رانديون عام هيون) سکڻ جي ڪوشش به ڪئي پر ايڏو پختو رانديگر نه هجڻ ڪري ڪو به مون کي پنهنجو ڀيچي ٺاهڻ لاءِ تيار نه هو. ڏسڻ لاءِ ويندو هوس ته ڏسڻ جو موقعو به نه ملندو هو. رانديگرن مان ڪو چوندو هو يار اسٽيورڊ کي ته فون ڪر ته چانهه ٺاهي اچي. ڪو چوندو هو يار ڪنٽرول روم وارن کي ته ٻڌائي اچ ته آئون هتي آهيان، جيئن منهنجو جهاز هلائڻ جو وارو اچي ته مون کي هن ڪمري ۾ اطلاع ڪن وغيره وغيره. پوءِ هڪ ڏينهن فيصلو ڪيم ته فقط جهاز هلائڻو آهي، يعني ڊيوٽي ڪرڻي آهي ۽ پنهنجو منهن وٺي ويهڻو آهي.
پوءِ جهاز تي وقت پاس ڪرڻ لاءِ دوستن کي خط ۽ عبرت اخبار لاءِ ڪالم لکڻ لڳس. جنهن ۾ بندرگاهن، سمنڊ ۽ جهازن بابت اهي ڳالهيون هيون، جيڪي مون کي دلچسپ ۽ کلائيندڙ لڳيون ٿي يا اهي جن مان سمجهيم ته عام ماڻهوءَ کي معلومات به حاصل ٿيندي. شروع جي ڏينهن ۾ افسانوي نموني، انهن ڳالهين ۾ رومانيت ۽ دلڪشي پيدا ڪندو هوس ته جيئن سنڌ جا نوجوان، جيڪي سمنڊن جي ڪناري واري وطن ۾ رهي به سمنڊ جي نوڪري کان اڻڄاڻ آهن، تن جو هن فيلڊ ۾ چاهه پئدا ٿئي.
منهنجي پهرين ان قسم جي سفرنامي ”منهنجو ساگر، منهنجو ساحل“ تي رائيٽرس گلڊ جو ايوارڊ ملڻ تي به منهنجي لکڻ لاءِ دلچسپي وڌي، پر سڀ کان وڏي ڳالهه ته لکڻ منهنجي مجبوري هئي ڇو جو ڏينهن رات، سال جا 365 ڏينهن، جهاز تي رهي، ڊگهن سفرن جو وقت ڪاٽڻ لاءِ منهنجو وڏو هٿيار، لکڻ پڙهڻ هو.
60ع واري ڏهي ۾ سائين نورالدين سرڪي وڪيل صاحب جي آفيس ۾ به سنڌي اديبن جي گڏجاڻي ٿيندي هئي. منهنجو جهاز جڏهن به ڪراچيءَ ۾ لنگر انداز رهندو هو ته آئون اتي ويندو هوس. جتي منهنجي ملاقات ۽ دوستي امر جليل، نسيم کرل، شمشيرالحيدري، قمرشهباز، تاج بلوچ ۽ ٻين اديبن سان ٿي. هرڪو پنهنجي لکڻي پڙهندو هو. جنهن تي ٻيا تنقيد ڪندا هئا. آخر ۾ سرڪي صاحب جي خرچ تي، هڪ چانهن ۽ ڪجهه بسڪيٽ (نسيم کرل ٻه چانهيون ۽ گهڻا بسڪيٽ) کائي روانا ٿيندا هئاسين، يا وري نسيم کرل وٽ، جنهن هوٽل ۾ هو ٽڪيل هوندو هو، اچي رات جي ماني کائيندا هئاسين.
1971ع ۾ منهنجي مستوران گهلوءَ سان، جيڪا منهنجي ماسات به ٿئي، دادوءَ ۾ شادي ٿي. ڪجهه ڏينهن هالا ۾ گذاري وري اچي جهاز تي چڙهيس. اسان جو گهر يعني جهاز ٿيو. اسان لاءِ به اهو بهتر هو جو ٻين نوڪرين وانگر سيڌو سامان آڻڻ، رڌ پچاءُ ڪرڻ، گئس ۽ بجلي جا بل ڀرڻ جهڙن کٽراڳن کان بچيا پيا هئاسين. هر شيءِ ٺهي ٺڪي ملي ٿي. جهاز جي نوڪريءَ ۾ مون کي سڀ کان بهتر ڳالهه اها لڳي. آفيس وڃڻ لاءِ نه هو بس ٽئڪسي جو کٽراڳ ۽ نه پنهنجي ڪار ڪڍڻ جو مسئلو. بس رڳو پنهنجي ڪئبن جو در کولي، ورانڊو ٽپي پنهنجي جهاز جي آفيس جو يا انجڻ روم جو دروازو کولڻو پوندو هو.
ڪڏهن ڪهڙي ملڪ ۾ ته ڪڏهن ڪهڙي ملڪ ۾. ساڳئي وقت ڪڏهن پراڻي جهاز تي ته ڪڏهن نئين آٽوميٽڪ جهاز تي. پراڻن جهازن جو وري اهو فائدو هوندو جو ويجهن ويجهن بندرگاهن واري روٽ ملندي هئي. جيئن ڪراچي کان پوءِ ڏيڍ ڏينهن بعد بمبئي، هڪ ڏينهن بعد ڪولمبو، ٽن ڏينهن بعد پينانگ، هڪ ڏينهن بعد ڪوالالمپور، هڪ ڏينهن بعد سنگاپور ۽ پوءِ هانگ ڪانگ، جپان ۽ ڪوريا وغيره ۽ پوءِ ڪيترا ئي ڏينهن ان بندرگاهه ۾ رهيا پيا هوندا هئاسين.
نون جهازن ۾ ڊگهن روٽن تي هلندا هئاسين. ڪراچي کان ممباسا- جتان پوءِ موزمبق، پوءِ ڊڪار (سينيگال)، لاس پاماس (ڪناري ٻيٽ)، ڊئنمارڪ، ناروي وغيره. آٽوميٽڪ ۽ ماڊرن جهاز، ٽيڪنيڪلي به ته سونهن سوڀيا ۾ به، State of Art هئا. چيف انجنيئر جي حيثيت سان وڏو بيڊ روم، ڊرائنگ روم ۽ اٽيچڊ آفيس ملندي هئي. طوفانن ۽ خراب سمنڊن ۾ وري به تڪليف مون لاءِ هوندي هئي، ڇو جو جهاز مون کي هلائڻو پوندو هو. زال ۽ ٻارن لاءِ ته رڳو گهمڻ ۽ گهمڻ هوندو هو. خراب موسم ۾ سي سڪنيس Sea Sickness به ان کي تنگ ڪري ٿي، جيڪو جهاز هلائي ٿو، جيڪي ستا پيا هجن تن کي ڪهڙي پرواهه. کين وڌ ۾ وڌ رکي رکي چڪر، ننڊ جا گهيرٽ ۽ هڪ اڌ الٽي ٿي اچي. پر اهو عجيب اتفاق هو جو منهنجي زال توڙي ٻارن کي ائٽلانٽڪ، هندي وڏي سمنڊ توڙي بحر احمر ۽ ڀؤنچ سمنڊ ۾ ڪڏهن به سي سڪنيس نه ٿي. مون کي ڪمري ۾ ويٺي ويٺي به سخت ٿيندي هئي. الٽيون ڪري پيٽ خالي ٿي ويندو هو ۽ ڪڏهن ڪڏهن پيٽ ۾ ڪجهه نه هئڻ ڪري اٻڙاڪن تي رت ايندو هو. پر ان ڳالهه جي منهنجي عملي جي ماڻهن کي ڪڏهن به خبر نه پيئي. ڪٿي لڪي يا ڪمري ۾ اچي الٽيون ڪندو هوس. آخر تائين اها ڳالهه ظاهر نه ڪيم ۽ ڪرڻ به نه کپي. ڇو جو چاهي ڪهڙو به سمنڊ يا موسم ٿي وڃي، جهاز ته هلائڻو پوي ٿو. ٻي صورت ۾ جهاز ٿو ٻڏي. ٻي ڳالهه ته سي سڪنيس جو اثر سڀني کي ٿئي ٿو ۽ جي منهنجي عملي جي ماڻهن کي خبر پئجي وڃي ته چيف انجنيئر کي سخت سي سڪنيس ٿي پيئي آهي ته اهي به ويتر سست ٿي پون. ان ڪري هونءَ جو انجڻ جي چڪاس لاءِ رات جو هڪ ٻه چڪر هڻڻو پوندو هو، خراب موسم ۾ ٻيڻا چڪر ڪري ڇڏيندو هو، جيئن ڪنهن کي شڪ به نه پوي ته سي سڪنيس جي ڪري منهنجي ڪارڪردگي سست ٿي رهي آهي ۽ انجڻ تي يا جهاز هلائيندڙ انجنيئرن تي آئون اها اک رکي نٿو سگهان. ڪو جونيئر انجنيئر سي سڪنيس جي دانهن ڪندو هو ته آئون ٻاهريون ٻنو رکي وڏي اعتماد سان هن کي دڙڪو ڏيندو هوس:
There is nothing like Sea Sickness.
جيئن هرڪو پنهنجي ڪم ۾ رڌل رهي. ڪو سست ٿي ڪري پوندو ته ان جي ڊيوٽي ڪير ڪندو. ڪجهه به ٿي پوي، پر جهاز ته ڏينهن رات هلندو رهڻ کپي. ۽ خراب موسم ۾، هڪ هنڌ بيهارڻ بدران، خراب موسم ۽ خراب سمنڊ کي اُڪرڻ ۾ ئي عافيت آهي. هونءَ به اهڙي خراب موسم ۾ شل نه ڪو جهاز خراب ٿئي يا بيهي رهي. پوءِ ته ان جهاز کي گڏهه وانگر سمنڊ جيڪو ڪڏائي ٿو، ان ۾ چڱا ڀلا به بيحال ٿيو وڃن. بهرحال سمنڊ تي اهڙا خراب ڏينهن روز ڪو نه ٿا اچن. گهڻا ئي سٺن ڏينهن جي ئي رهي ٿي ۽ آن دي هول سامونڊي نوڪري جهڙي ٻي بهتر نوڪري ناهي ۽ مون وانگر ڪيترا ان قسم جي زندگيءَ مان ڪڏهن به بيزار نٿا ٿين. پر جيئن ٻار وڏا ٿين ٿا ته انهن جي تعليم جو مسئلو ٿئي ٿو. مون کي به ٻه ٻار ٿي ويا ۽ پهريان ٻه ٽي ڪلاس آئون کين جهاز تي پڙهائيندو رهيس. آخر مون کي سامونڊي نوڪريءَ کي خدا حافظ چئي، ڪنهن ڪناري جي نوڪريءَ جي ڳولا ڪرڻي پئي.
عرب ملڪن جي مون ڏاڍي تعريف ٻڌي هئي. ڪيترا ئي منهنجا هم وطني ۽ دوست ڊاڪٽر، سول انجنيئر، پروفيسر، پاڪستان ۾ تعليم ختم ڪري مختلف عرب ملڪن ۾ نوڪري ڪري رهيا هئا. انگلينڊ جي هڪ رسالي Economist ۾ ڪويت بندرگاهه جي چيف انجنيئر جي پوسٽ جو اشتهار آيو. مون Applyڪيو ۽ چونڊجي ويس. پنهنجي جهاز ران ڪمپنيءَ سان حال اوريم ته مون کي جهاز هلائڻ واري ڊيوٽي کان آجو ڪيو وڃي. هنن مون کي اجازت ڏني. ڪجهه مهينا ڪويت ۾ ڪم ڪيم، پر بنهه مزو نه آيو. عربن (يعني هنن اڄ جي عياش عربن) جي سوچ ۾ وڏو فرق محسوس ڪيم. ڪٿي جپان، يورپ، آمريڪا جهڙو سوچ جي آزادي وارو ماحول ۽ ڪٿي هي ٻوساٽيل ماحول. هڪ عرب پوءِ چاهي هو جاهل هجي، اڇو جبو پائي پير مرشد بڻجيو وڃي ۽ اسان جا ننڍي کنڊ جا ماڻهو هنن جي نظرن ۾ جهڙا باگڙي ۽ ڀيل. گورن انگريزن کان اهڙا متاثر جو ڳالهه ئي نه پڇ. پنهنجي آفيس ۾ لکيم ته پگهار گهڻي هوندي به هتي دل نٿي لڳي. آفيس وارن کي انهن ڏينهن ۾ ڪنهن چيف انجنيئر جي ضرورت هئي، جيڪو ڪمپني جي جپان ۾ ٺهندڙ نون آٽوميٽڪ جهازن تي نظر رکي. منهنجا اليڪٽرانڪ ۽ ڪمپيوٽر سائنس جا به ڪيترا ئي ڪورس ڪيل هئا. هنن مون کي ٽوڪيو جي IHI شپ يارڊ ۾ موڪليو جتي جهاز ٺهڻ وارا هئا.
جپان ۾ هونءَ به جهازن کي وٺي اچڻ وڃڻ لڳو رهيو، پر هاڻ جپان جي شهر ٽوڪيو ۾ رهڻ ڪري جپان کي وڌيڪ ويجهڙائيءَ سان ڏسڻ جو موقعو مليو. IHI (آشيڪاواجيما هَريما هيوي انڊسٽريز) جو هي ڪارخانو (شپ يارڊ) جنهن ۾ مالاڪنڊ جهڙا جهاز ٺهيا، ٽوڪيو جي مرڪزي علائقي گنزا ڀرسان آهي. رهائش جو بندوبست اتي رهيو. ڪناري جي هن نوڪريءَ ۾ ڇهه ست مهينا ته ڪناري ۾ رهڻ جا ملي ويا ٿي، پر جهاز تيار ٿيڻ تي ان کي چيف انجنيئر جي حيثيت سان يورپ ۽ آمريڪا وٺي وڃڻو پيو ٿي. هڪ دفعو وري ٻار جهاز تي چڙهيا ۽ سندن پڙهائي ڊسٽرب رهي.
1980ع کان اڳ تائين، ملائيشيا جا نوجوان جهاز راني جي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ پاڪستان، انڊيا ۽ آسٽريليا ويا ٿي. 1981ع ڌاري هنن جي حڪومت ملاڪا ۾ نيول اڪيڊمي کولي، جنهن جو سرپرست ڪئپٽن حمزه نور سان منهنجي ملاقات ٿي. بلڪه هڪ قسم جو آفيشل انٽرويو ٿيو. اڪيڊمي، ملاڪا شهر کان چاليهه کن ڪلوميٽر پري سمنڊ جي ڪناري تي هئي. ڳوٺ وڃڻ جي موڪل ٽن سالن ۾ هڪ دفعي جو شرط هو. ٻارن جي تعليم لاءِ ملئي زبان جا اسڪول هئا ۽ روزانو ملاڪا وڃڻو پيو ٿي. پگهار گهٽ هو، پر مون کي ملائيشيا جهڙو ملڪ ۽ ملاڪا جهڙي پرسڪون جاءِ ڌيان ۾ هئي ۽ پسند هئي. ان کان اڳ، ڏهه سال کن جپان ۽ ڪوريا ايندي ويندي ملائيشيا جي بندرگاهن ۾ ترسڻو پوندو هو. هتي جي ملئي زبان (جنهن کي هي بَهاسا ملائيشيا سڏين ٿا) هر هر اچڻ وڃڻ ڪري نه فقط آئون پر شادي بعد منهنجي زال به سکي ويئي هئي، سو جهاز هلائڻ جي نوڪري ڇڏي ملائيشيا جي هن اڪيڊمي جو مئرين انجنيئرنگ ڊپارٽمينٽ اچي سنڀاليم. جهازن جي ٻي برانچ، ناٽيڪل ۾ درٻيلي جو ڪئپٽن احمد حسين مخدوم مون کان اڳ ئي اتي موجود هو. هن سنگاپور مان شادي ڪئي هئي ۽ پنهنجي زال مونا ۽ هڪ پٽ سان گڏ رهيو ٿي. ان کان علاوه دنيا جي مختلف ملڪن جا جهازي ڪئپٽن ۽ چيف انجنيئر اتي پڙهائڻ لاءِ اچي چڪا هئا يا ايندا رهيا. پر پڙهائڻ وارن جي کوٽ هجڻ ڪري اسان کي ٽن سالن بدران چئن سالن بعد، وطن وڃڻ جي موڪل ملي. آئون ٽي مهينا کن موڪلون گذاري وري ملائيشيا واپس آيس. ڪئپٽن مخدوم برونائي هليو ويو، جتي جهازن جي سکيا جو نئون تعليمي ادارو کليو هو.
ملاڪا جي نيول اڪيڊمي کان علاوه سنگاپور جي ”پولي ٽِڪنڪ“ ۽ ملائيشيا جي ٿائيلينڊ جي ڀر ۾ شهر اپوح جي ”انگڪو عمر پوليٽِڪنڪ“ اداري ۾ وزيٽنگ پروفيسر جي حيثيت سان پڻ مون کي وڃڻو پيو ٿي. ان ريت ملائيشيا، سنگاپور ۽ ٿائيلينڊ جي ڪنڊ ڪڙڇ ڏسڻ جو موقعو ملي ويو. هونئن جهاز رستي اچبو هو ته فقط بندرگاهه ڏسي سگهبا هئا پر هاڻي شهر، ڳوٺ ٻهراڙيون ۽ ٻيٽ ڏسڻ جو موقعو ملي ويو. سنگاپور توڙي ٿائيلينڊ ۾ اسان پاڪستانين لاءِ ويزا جي سختي شروع نه ٿي هئي، سو پنهنجي ڪار ۾ يا بس ۾ پيو هڪ ملڪ کان ٻئي ملڪ ائين اچبو وڃبو هو، جيئن ڪو حيدرآباد کان ڪوٽڙي ۽ اتان ڄامشوري پهچي. سنگاپور کان ”تاناح ملايو ڪيريتا آپي“ (ملئي ڌرتي جي باهه تي هلندڙ ڪار- يعني ٻاڦ گاڏي- يعني ٽرين) ۾ چڙهبو هو ته سنگاپور ۽ ملائيشيا جي وچ وارو سمنڊ ٽپي، سڄو ملائيشيا لتاڙي، ٿائيلنڊ جي اڌ ملڪ مان ٿي 72 ڪلاڪن بعد وري ريل گاڏي اچي بئنڪاڪ جي ريلوي اسٽيشن تي ڇڏيندي هئي.
ملائيشيا، جپان، سئيڊن، آمريڪا ۽ چين ۾ منهنجو گهڻو رهڻ ٿيو. ان ڪري ان پاسي جي ملڪن تي گهڻا ڪتاب لکيا اٿم. ملائيشيا وارن جي حڪومت منهنجي لکڻين ۽ سندن ڏورانهن ۽ نئين اڪيڊمي کي سيٽ اپ ڪرڻ لاءِ مون کي ايوارڊ به ڏنو. سڀ کان وڏي ڳالهه ته هن پروفيشن ۾ يعني ماستري واري نوڪري ۾ مون کي لکڻ پڙهڻ لاءِ ڪافي وقت ملي ويو ٿي جنهن ڪري آئون بيحد خوش هوس. ملائيشيا ۾ شادين مرادين، ملڻ جلڻ ۽ ڪچهرين تي ماڻهو نه برابر وقت وڃائين ٿا. ان ڪري ڊيوٽي بعد هرڪو پنهنجي ذاتي ڪم ۽ وندر ۾ مصروف رهي ٿو. هتي جا ماڻهو هڪ ٻئي جي هورا کورا ۽ نوس نوس ۾ به نٿا وقت وڃائين. سندن ترقيءَ جو هڪ راز اهو به آهي نه ته ملئي ماڻهو ته اسان کان وڌيڪ چٽ ۽ ڳوٺاڻا هئا. پر انگريزن کان آزادي ملڻ بعد هنن جي ڳوٺ ڳوٺ جي وڏيري غير قانوني ۽ غير شرعي جويون رکڻ، شراب ڪواب جون محلفون سجائڻ، ڪڪڙ ويڙهائڻ، چوريون ۽ ڌاڙا هڻائڻ، اغوا ۽ ٻين جي زمينن تي قبضا ڪرڻ جا هڪ ٻئي سان مقابلا ڪرڻ بدران هُنن ڳوٺ ڳوٺ ۾ تعليمي ادارا، روڊ رستا، اسپتالون ۽ ڪارخانا نه فقط ٺهرايا پر اهي امن امان سان هلائڻ ۾ مدد ڪئي. هتي جي عوام، ڳوٺ جي ان وڏيري کي هيرو سمجهي ٿي، جيڪو ڳوٺ جي عوام جي ڀلائيءَ جو سوچي ٿو ۽ نه جنهن جي کيسي ۾ پوليس هجي. هتي وڏيرا، سردار ويندي سلطان (جيڪي واري وٽي تي ملڪ جا چئن سالن لاءِ بادشاهه ٿين ٿا) پنهنجي ٻارن تي عام ماڻهن کان وڌيڪ سختي ڪن ٿا، جيئن هو وڌيڪ تعليم يافته ٿي سگهن. صحيح معنيٰ ۾ تعليم حاصل ڪري سٺا ڊاڪٽر، انجنيئر ۽ سائنسدان ٿي سگهن ۽ پنهنجون اسپتالون، ڪارخانا ۽ فئڪٽريون کولي ٻين لاءِ روزگار مهيا ڪري سگهن.
آئون هن وقت 67 سالن جو ٿي ويو آهيان. ستن سالن کان رٽائرمينٽ جي زندگي گذاري رهيو آهيان، جنهن لاءِ وڏي عرصي کان تانگهي رهيو هوس. اڄ به ملائيشيا وارا مختلف ادارن مان ڪنهن جي نظرداري يا صلاحڪار جي حيثيت ۾ مون کي گهرائڻ چاهين ٿا، پر آئون آزاد زندگي گذارڻ چاهيان ٿو ۽ پنهنجي هابي لکڻ پڙهڻ ۾ مشغول رهڻ چاهيان ٿو. لکڻ پڙهڻ هاڻ مون لاءِ وندر نه پر نشو ٿي پيو آهي، جنهن جو اهڙو Addicted ٿي پيو آهيان، جو ان بنا مزو نٿو اچي. بهرحال هاڻي آئون پاڻ کي آزاد محسوس ڪريان ٿو. پٺيان جهاز هلائڻ يا جهازين لاءِ ليڪچر تيار ڪرڻ جو فڪر نه اٿم. ٻه ٽي مهينا ملائيشيا ۾ دوستن ۽ پراڻن شاگردن وٽ رهي آيس. ڪئڊٽ ڪاليج جي ٻن ڀائر دوستن جي پٽن جي دهلي ۽ بڙودا ۾ شادي ٿي ته آئون به ساڻن نڪري پيس ۽ ٻه مهينا کن مختلف شهرن جي مندرن، ڌرمشالائن، ننڍين هوٽلن ۽ فائيو اسٽار هوٽلن ۾ ساڻن گڏ گذاريم. تازو هاڻ هوائي جهاز رستي چار مهينا آمريڪا جي انهن شهرن ۾ رهي آيو آهيان، جن شهرن ۾ آئون پاڻي واري جهاز تي نوڪري خاطر ويندو هوس. انهن ڏينهن ۽ اڄ جي دور جو احوال پنهنجن ٻن ڪتابن ۾ قلمبند ڪيو اٿم. هڪ ”نيو هالا کان نيويارڪ“ ڇپجي چڪو آهي ۽ ٻيو ”ڳوٺ بخشو لغاري کان بالٽيمور“ پڻ تازو ڇپجي ويو آهي. ان سفر جو باقي احوال ”آمريڪا ڙي آمريڪا“ ڪتاب لکڻ ۾ مشغول آهيان.
جيستائين سوال وقت ملڻ جو آهي، ان لاءِ اهو چوندس ته Where there is a will, there are ways لکڻ جهڙين شين لاءِ هتان هتان وقت ڪڍندو رهان ٿو. ريڊيو، ٽي وي يا ماڻهن سان ملڻ جلڻ کان پري رهان ٿو. ڪچهرين پٺيان ٽائيم وڃائڻ کان گريز ڪريان ٿو. سڀ کان وڏي ڳالهه ننڍپڻ کان مون کي گهٽ ننڊ اچي ٿي. صبح جو سوير، فجر نماز کان به گهڻو اڳ، اٿان ٿو. چاهي اونهارو هجي يا سيارو، ڳوٺ هجي يا ولايت، آفيس هجي يا موڪل جو ڏينهن هجي. منجهند جو ڪلاڪ ڏيڍ سمهڻ جي ڪوشش ڪندو آهيان. جي ننڊ اچي ويندي آهي ته باقي ڏينهن بيحد توانو محسوس ڪندو آهيان ۽ شام جو تمام گهڻو لکي سگهندو آهيان.
مختلف وقتن ۾ مختلف اخبارن، رسالن ۾ لکندو آهيان. اڄ ڪلهه عبرت، هلال پاڪستان، ڪاوش ۽ اڙدو اخبار امت ڏي مضمون موڪليندو آهيان. رسالن مان ڪرزما، عبرت مئگزين، سرتيون، گل ڦل، سوجهرو ۽ اردو ۾ پاڪستان پوسٽ، سرگزشت ۽ اردو ڊائجسٽ ۾ مضمون ايندا رهن ٿا.
سڀني اخبارن ۽ رسالن جي ايڊيٽرن سان سٺاتعلقات آهن. بس رڳو سوجهري رسالي جي ايڊيٽر تاج بلوچ سان جنگ جوٽيل رهي ٿي جو هو منهنجا مضمون گم ڪريو ڇڏي. وري دڙڪا به اسان لکندڙن کي ڏئي ٿو ۽ کيس جي ڪجهه چئجي ٿو ته يڪدم ورندي ڏئي ٿو: ”توهان اديبن بيزار ڪري وڌو آهي. توهان اديبن ۽ شاعرن سان ڳالهائڻ به ڏيڏر تورڻا آهن.“
منهنجا هيستائين ستر کن ڪتاب ڇپجي چڪا آهن. صحيح تعداد جي گهڻي خبر ڪانهي، ڇو ته منهنجو ڪنهن به پبلشر سان ڪو واسطو نٿو رهي. آئون رڳو اخبارن ڏي ڪالم موڪليان ٿو، جيئن گهڻي کان گهڻا ماڻهو پڙهي سگهن. ڪو به ادارو يا ماڻهو منهنجا ڪتاب ڇپائي سگهي ٿو. منهنجي طرفان ڪنهن به اجوري يا رائلٽي وغيره جي گهُر ناهي. آئون پنهنجي پڙهڻ لاءِ ڪاپي به دڪان تان پاڻ خريد ڪندو آهيان. ان ڪري منهنجن دوستن کي جيڪڏهن آئون پنهنجو ڪتاب تحفي ۾ نٿو ڏيان ته دل ۾ نه ڪن ۽ جيڪڏهن ڪنهن کي ڏيان ٿو ته ان کي ان جو قدر ڪرڻ کپي، ان ڪري جو ان تي مون پنهنجي کيسي مان ٻه يا ٽي سؤ خرچ ڪيو آهي.
اڄ ڪلهه جي انٽرنيٽ ۽ ڪيبل جي دور ۾ جڏهن ماڻهن پڙهڻ گهٽائي ڇڏيو آهي ۽ دڪانن ۽ اسٽالن تي ڪتاب ۽ رسالا ائين پيا سڙن، ان دؤر ۾ علي نواز گهانگهري، فيروز ميمڻ، محمد علي ماجد، ناز سنائي، قربان منگي صاحب جهڙو ڪو پبلشر يا تاج بلوچ، فقير محمد ڍول، سرفراز عباسي، عرفان عباسي جهڙو ايڊيٽر رسالو ٿو شايع ڪري ته ان جي مهرباني آهي، جو هو اسان جهڙن اديبن ۽ شاعرن کي پڙهندڙن سان متعارف ٿو ڪرائي.