الطاف شيخ ڪارنر

ڏيھہ پرڏيھہ جو سفر

هي سفرنامو يورپ ۽ خاص ڪري ڊنمارڪ بابت آهي. هن ڪتاب جو مهاڳ ڊاڪٽر منظور قادر لکيو آهي جڏهن ته امداد سومري ۽ عمر قاضي جا ڪتاب ۽ الطاف شيخ بابت رايا شامل آهن.
  • 4.5/5.0
  • 3533
  • 1276
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • الطاف شيخ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book ڏيھہ پرڏيھہ جو سفر

ملڪ جي ستياناس ٿيڻ جو ڪارڻ...

سنڌي ادبي سنگت طرفان ايوارڊ جو فنڪشن، حيدرباد ۾ سنڌي لئنگوئيج اٿارٽيءَ جي عمارت ۾ صبح جو يارهين بجي رکيو ويو هو. مئي جو مهينو، يارهين بجي فنڪشن، معنيٰ سخت گرمي ۽ ٽاڪ منجهند ئي ٿي! ڪراچيءَ مان نڪرڻ کان اڳ، وري به پڪ ڪيم. معلوم ٿيو ته اهو ئي صحيح ٽائيم آهي، جيڪو دعوتنامي واري ڪارڊ ۾ پڻ لکيل آهي. ٿي سگهي ٿو فنڪشن اڃا به دير سان شروع ٿئي، جيئن اسان جي ملڪ ۾ هر ڪم دير سان ٿئي ٿو. وقت جي پابنديءَ جهڙي ڪا شيءِ ناهي! پر مون يارهين کان پنج منٽ اڳ پهچڻ جو فيصلو ڪيو ۽ دير ڪري پهچڻ جو Risk نٿي کڻڻ چاهيو. متان ڪو اهو سمجهي ته اسان کي ايوارڊ ٿو ملي ان ڪري لئه رکڻ لاءِ دير ڪئي اٿئون. جيئن اسان وٽ چيف گيسٽ ۽ ٻيا وڏا ماڻهو ڪندا آهن. هو تيسين دعوت ۾ نه پهچندا آهن. هوڏانهن جيسين کين پڪ نه ٿئي ته وڏي خلق اچي گڏ ٿي آهي ۽ هرهڪ الله کان ٻاڏائي پيو ته چيف گيسٽ اچي ته فنڪشن شروع ٿئي. چيف گيسٽ اچي ته ماني لاءِ سڏ ٿئي. ٻيا ته ٺهيو پر اسان جي ملڪ جا، ڳريون فيون وٺندڙ، ڊاڪٽر ۽ سرجن به وقت تي نه ايندا آهن. رسيپشن هال ۾ رکيل سڀ ڪرسيون مريضن سان ڀرجي وينديون. ڪيترا بيمار بيٺا هوندا پوءِ ڪمپائونڊر يا نرس ڊاڪٽر کي فون ڪري چوندو؛ ”سائين هاڻ گهران نڪرو.“ بهرحال ان سان ڪا وڏ ماڻهپي يا ڊاڪٽر جي مشهور هجڻ جو ماڻهن تي Impact نٿو پوي. بلڪه ماڻهن جي وقت جو زيان هڪ طرف ٿو ٿئي، جيڪو هڪ قومي نقصان پڻ آهي ۽ ٻئي طرف انتظار ڪندڙ دعوتي يا مريض، چيف گيسٽ توڙي دير سان ايندڙ ڊاڪٽر کي ٻڪ کڻي دعا ڏيڻ بدران پِٽون ۽ پاراتا ڏين ٿا.
آئون ڪراچي هاءِ وي لتاڙي، واڌو واهه وٽ سوا ڏهين بجي پهچي ويس. ٻن ٽن کان پڇڻ بعد آخر هڪ همراهه ٻڌايو ته سنڌي لئنگوئيج اٿارٽي جي بلڊنگ سنڌ ميوزم ڀرسان آهي. اسان وارو ڊرائيور سنڌ ميوزم جو پڇائيندو اڳتي وڌندو رهيو... آئون ٿورو ماضيءَ جي ”ميمري لين“ ۾ هليو ويس، جڏهن ڊاڪٽر ارباب رحيم سنڌ جو چيف منسٽر هو ۽ آئون سندس آفيس ۾ اهو چئي اٿيو هوس ته کڻي ڇا به ٿي پوي ته سنڌي لئنگوئيج اٿارٽي جي آفيس ۾ ڪڏهن به نه ويندس.
ارباب رحيم ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو جو آهي. مون کان ڏهاڪو کن سال جونيئر ٿيندو. مون کيس چيف منسٽر ٿيڻ کان اڳ ڪڏهن به نه ڏٺو هو. هڪ ڏينهن اتر سنڌ جا ٻه اديب مون وٽ آيا ته سندن ڪنهن مائٽ آفيسر لاءِ، وزيراعليٰ کي بدليءَ جي سفارش ڪريان.
مون کين ٻڌايو؛ ”هڪ ته بدلي اهڙي شيءِ آهي جنهن جي سفارش جي خلاف آهيان، اڃا به ڪا ناانصافي ٿي رهي هجي ته اها ٻي ڳالهه آهي. ٻي ڳالهه ته وزيراعليٰ پيٽارو جو ضرور آهي پر منهنجو نه دوست آهي نه سڃاڻو. وڏي ڳالهه ته اهڙن ماڻهن کي ٻئي ڪنهن سان ملڻ جو وقت ڪٿي آهي ۽ آئون اجايو هن جي آفيس ٻاهران هلي پنهنجو وقت ڇو خراب ڪريان.“ پر هنن مون کي هن آفيسر جي دردناڪ ڪهاڻي ٻڌائي مون کي مطمئن ڪيو. چيائون؛ ”هن نيڪ آفيسر جي بدلي نه ٿيندي ۽ گهر کان پري رهيو ته سندس بيمار هجڻ ڪري سندس موت ٿي سگهي ٿو.“ بهرحال اهو ناممڪن سمجهي به مون سي ايم هائوس فون ڪيو. سيڪريٽريءَ ان ئي وقت وزيراعليٰ کي فون پاس ڪيو ۽ ارباب صاحب تمام سٺي نموني سان ڳالهايو ۽ منهنجو پاڪستان ۾ هجڻ سبب، هن ملڻ جي به خواهش ظاهر ڪئي. مون کيس ڪم جي ڳالهه ٻڌائي. هن منهنجي ڳالهه ٻڌي، ٿوري دير لاءِ ماٺ ٿي ويو. پوءِ چيائين؛ ”توهان چئو ٿا ته هن جي بدلي ضرور ڪندس پر توهان کي هتي جي ماحول جي خبر ناهي. اهو آفيسر ايماندار ناهي ۽ پنهنجي بدلي بدنيتي تي ڪرائي ٿو.“ ٻن ڏينهن بعد مون کي هڪ سٺي دوست جو فون آيو جيڪو ان وقت سنڌ حڪومت ۾، ان کاتي جو سيڪريٽري هو، جنهن سان مٿئين آفيسر جو واسطو هو. هن خوش خير عافيت ڪرڻ بعد ٻڌايو؛ ” مون کي توهان جي ريفرنس سان وزيراعليٰ هدايتون ڏنيون آهن ته ان آفيسر جي بدلي ڪئي وڃي. ڪجهه پراجيڪٽ اهڙا آهن، جن ۾ گهپلو ڪرڻ ۽ پئسو کائڻ جي چڪر ۾ هو سکر بدلي ڪرائڻ ٿو چاهي ۽ سندس ڳوٺ ۽ گهر ٻار ته پاڻ ان شهر کي ويجهو آهي، جتي هن وقت هن جي نوڪري آهي!“
پنهنجي دوست کان اها حقيقت معلوم ٿيڻ تي منهنجي ضمير گوارا نه ڪيو ڪو اهو ڪم انساني همدردي خاطر آهي. مون پاڻ کي ان گناهه جهڙي ڪم ۾ شامل ڪرڻ نٿي چاهيو ۽ يڪدم ارباب صاحب کي سندس ڏنل موبائيل فون تي ٻڌايم؛ ”منهنجي سفارش کي نه مڃيو وڃي، باقي پاڻ يا واسطيدار کاتو هن آفيسر جي بدلي ڪرڻ چاهي ٿو ته ڀلي ڪري.“
ڪجهه ڏينهن بعد آئون اسلام آباد هوس ته ارباب صاحب جي سيڪريٽري جو فون آيو ته ارباب صاحب ملڻ ٿو چاهي.
”آئون هن وقت ڪراچي کان ٻاهر آهيان، جيئن ئي ايندس ته ساڻس اچي ملندس.“ مون کيس ٻڌايو.
ارباب صاحب سي ايم هائوس ۾ ئي رهيو ٿي ۽ فجر نماز هن هر صورت ۾ مسجد ۾ پڙهي ٿي. مون ڏٺو آهي ته هڪ نمازيءَ سان بنا ڪنهن وقت ضايع ڪرڻ جي ملڻ جو بهترين هنڌ مسجد آهي. بهرحال آئون سندس آفيس ۾ پهچي ويس. چانهه جو اڃا پهريون ڍڪ مس ڀريم ته ارباب صاحب چيو ته؛ ”واندو ويٺو آهين. ڀلي سوچ! سنڌي لئنگوئيج اٿارٽي جي چيئرمين جي پوسٽ لاءِ اسان تنهنجي لاءِ سوچيو آهي.“ منهنجو ارباب صاحب سان ڪلاڪ ٻه بحث هليو. پر منهنجي انڪاري ڳالهه نه مڃيائين ۽ هفتو کن سوچڻ لاءِ ڏنائين. ٻاهر نڪري ان وقت جي سيڪريٽري ايوب شيخ کي چيم ته ديندار ماڻهو آهين، دعا ڪر ته صاحب جي دماغ مان اها ڳالهه نڪري وڃي ته توهان کي مٺائي کارائيندس. ايوب کي خبر هئي ته آئون پنهنجي طبيعت وارو موڊي ماڻهو آهيان ۽ ان قسم جي سرڪاري نوڪري جنهن ۾ ڪامورڪو پڻ جو پهلو هجي، منهنجي مزاج جي ئي خلاف آهي. هن کان اڳ به جڏهن لياقت علي جتوئي وزيراعليٰ هو يا جنرل معين حيدر گورنر هو ته مون کان ڪجهه اهڙين نوڪرين لاءِ پڇيو ويو هو. مون اسان جي عظيم شاعر ۽ سنڌي ڪهاڻيڪار شيخ اياز ۽ حميد سنڌي جو حال ۽ انجام ڏٺو هو. منهنجا ان سلسلي ۾ اهي Views رهيا آهن ته ڪنهن به سنڌي اديب يا شاعر کي ان قسم جي پوسٽ قبول ڪرڻ لاءِ خبردار رهڻ کپي، ڇو جو ڊيوٽي سر انجام ڏيڻ جي معاملي ۾، سندن ٿوري به ڪوتاهي، کين نه پر هڪ ”اديب“ يا ”شاعر“ کي بدنام ڪريو ڇڏي. ٻي ڳالهه ته اهي اهڙيون نوڪريون آهن جن ۾ توهان سڀني کي خوش نٿا ڪري سگهو. بهرحال ٻيو ڪو اديب يا شاعر اهڙي ڪنهن پوسٽ لاءِ اهل ٿي سگهي ٿو پر آئون هرگز نه. ان ڪري جو منهنجي نوڪريءَ جي نوعيت؛ جهاز هلائڻ توڙي جهازي آفيسرن کي پڙهائڻ، مختلف رهي آهي. آئون پنهنجي ملڪ جي ماحول کان ايترو Familiar به نه آهيان. منهنجي پنهنجي فلاسفي اها آهي ته هرهڪ کي اهو ڪم ڪرڻ کپي جنهن جي هن کي ڄاڻ ۽ تجربو هجي. اسان جي ملڪ جي ستيا ناس ٿيڻ جو هڪ اهو به ڪارڻ آهي ته اسان وٽ غلط جاين تي غلط ماڻهو مقرر ٿيل آهن. مون سڄي عمر جهاز هلايو، هاڻ جي مون کي توهان ”سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ“ جو، يا ”سنڌي ادبي بورڊ“ جو چيئرمين ڪري رکندؤ ته ظاهر آهي ان اداري جي ستياناس ٿيندي، توڙي کڻي آئون هڪ سؤ ڪتابن جو ليکڪ هجان، توڙي کڻي آئون سخت قسم جو ايماندار ۽ نيڪ نمازي هجان، پر جيئن ته مون کي هتي جي ادارن جي ڪم جي نه ڄاڻ آهي، نه مزاج جي واقفيت ته آئون پنهنجي ديوٽي ڪيئن ٿو صحيح طرح سرانجام ڏيئي سگهان؟ اها ٻي ڳالهه آهي ته اسان وٽ ڪيترا ئي اهڙا آهن جيڪي ڊيوٽي ڏيڻ جي خيال کان نه، ۽ نه وري سنڌ جي خدمت ڪرڻ جي جذبي طور، پر پنهنجي نالي خاطر ۽ معاشي مفاد لاءِ، هڪ ئي وقت ڪيترن ئي ادارن جا ميمبر، ڊائريڪٽر، چيئرمين ٿيو پيا هلن. هاڻ مون کي ڪو ٻڌائي ته هڪ ماڻهو، هڪ ئي وقت ڪيئن ٿو مختلف ادارن سان نباهه ڪري سگهي؟! ”سائين توهان جو ڪو جهاز هجي ته اهو هلائڻ لاءِ تيار آهيان، جنهن ڪم جو آئون ماهر آهيان.“ بحث دوران مون ارباب صاحب کي چيو. جنهن شايد ”جهاز“ بدران ”جهاد“ سمجهيو جو هن يڪدم چيو؛ ”مون لاءِ ته في الحال اهو ئي جهاد آهي ته سنڌ جي مختلف ادارن لاءِ صحيح ماڻهو ڳوليان پر تون به ساٿ نٿو ڏين.“
”سائين آئون جهاد نه پر جهاز پيو چوان.“ مون ورجايو، ”اهو ان ڪري ته توهان اهو نه سمجهو ته آئون توهان لاءِ ڪو ڪم ڪرڻ نٿو چاهيان. آئون جهاز هلائڻ جو ماهر آهيان. توهان مون کي ڀلي کڻي ڪو پراڻو جهاز ئي ڏيو، انشاءَ الله طوفانن ۽ خراب سمنڊن مان به اُڪاري منزل تي وٺي ايندوسانس.“
”۽ هي سنڌي لئنگويج اٿارٽي کي دڳ لائڻ لاءِ...؟“
”سائين ان ۾ مون کي ٽپائڻ، يا ان ٻيڙيءَ جو ناکئو مون کي بنائڻ، ائين آهي جيئن پوڙهي باندر کي نوان ڪرتب سيکارڻ. ٻي ڳالهه ته جنهن عمر ۾ آئون آهيان، ان ۾ مون کي يا ڪنهن ٻئي کي سرڪاري نوڪري ته هرگز ڪرڻ نه کپي. ملائيشيا ۾ ان ڪري سرڪار طرفان رٽائرمينٽ جي عمر 55 سال مقرر ٿيل آهي.“
مون کين ٻڌايو ته نه فقط ملائيشيا ۾ پر ان سڄي ريجن ۾ نيوزيلينڊ آسٽريليا تائين، ويندي پاپا نيوگني ۾ به رٽائرڊ ٿيڻ جي اها ئي عمر آهي ۽ سچ پچ ڏٺو وڃي ته ملڪ ۽ قوم جي خدمت لاءِ اسان وٽ ايشيا ۾ اها عمر صحيح آهي. اسان وٽ صحت جو معيار اهڙو آهي جو سٺ سالن وارو يا ان جي ويجهن سالن وارو Efficiency سان ڪم نٿو ڪري سگهي، جيڪو هڪ نوجوان ڪري سگهي ٿو. ملائيشيا ۾ ته اهو مشهور آهي؛ ڪنهن اداري جو خانو خراب ڪرڻو هجي ته ان اداري تي سٺ سالن واري يا ان کان وڏي عمر واري کي رکيو وڃي. اسان سڀني کي خبر آهي ته سٺ کان وڏي عمر وارو سائين مظهر صديقي جهڙو ڪو ايڪڙ ٻيڪڙ انسان مس هجي، جيڪو Energetic هجڻ کان علاوه خلق جي خدمت جو به سوچيندو هجي نه ته گهڻائي انهن جي آهي جيڪي پگهار ۾ عوام جي ٽئڪسن جو پئسو وٺن ٿا پر عوام جي خدمت ڪرڻ بدران هو ان وزير يا صاحب جا موسٽ اوبيڊنٽ سرونٽ ٿي ڪم ڪن ٿا، جن هنن کي نالائق سمجهندي به وڏي نوڪري ڏني آهي.
ارباب صاحب مون کي ٻيو دفعو به چانهه تي گهرايو ۽ اها سندن مهرباني سڏيندس جو هن مون ۾ ايڏو اعتماد رکيو ٿي، پر مون آخر تائين سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ، سنڌي لئنگوئيج اٿارٽي يا ڪنهن ٻئي اهڙي اداري ۾ وڃڻ کان معذرت ڪئي.
”توهان جا هي ٿورا لاهڻ لاءِ آئون توهان وٽ توهان جي ڳوٺ هلي اچي مهرباني چوندس... پر هينئر نه، جڏهن توهان هن ”وڏ وزارت“ تان لهندؤ.“
ارباب صاحب منهنجو اهو آخري جملو شايد غلط سمجهيو، جو هن ٿورو ڪاوڙ ۽ ڏک مان مون کان پڇيو، ”ڇا مطلب، ڀائي جان! توهان مون کي هن عهدي تي نٿا ڏسڻ چاهيو؟“
”منهنجو مطلب آهي ته هينئر ته توهان وڏا وزير آهيو هرڪو پيو سلامي ٿئي. لهڻ وقت فقط آئون ئي توهان جو هي ٿورو اچي مڃيندس ته توهان جي دل ۾ مون لاءِ اهميت آهي. باقي منهنجي چاهڻ يا نه چاهڻ سان ڇا ٿيندو، آخر هڪ ڏينهن هيءَ ڪرسي ڇڏڻي آهي. هن کان اڳ اسان جو پيٽارين دوست لياقت جتوئي هو، ان کان اڳ مظفر شاهه هو، جنهن سان گڏ آئون ميٺارام هاسٽل ۾ رهيس، ان کان اڳ ۾ سائين غوث علي شاهه هيو جنهن سان شوڪت جماڻي ڪري ڀائرن واري دوست هئي... اڄ هنن مان ڪو به ناهي.“
جيستائين ارباب رحيم وڏو وزير رهيو، هو مون کي سنڌ جي ڪنهن اداري جي پوسٽ تي ڪم ڪرڻ لاءِ مطمئن ڪندو رهيو، خاص ڪري سنڌي لئنگوئيج اٿارٽي جو چيئرمين ٿيڻ لاءِ ۽ آئون به ڏکويل دل سان معذرت ڪندو رهيس. ڏک ان ڳالهه جو ته صوبي جو اعليٰ آفيسر مون کي هڪ وڏي پوسٽ جي آفر ڪري رهيو آهي ۽ آئون ان لاءِ انڪار ڪري رهيو آهيان. پر هو منهنجي خلوص نيتي ۽ فلسفي کي نٿو سمجهي.
هڪ دفعي ملائيشيا ۽ انڊيا جي مختلف يونيورسٽين ۾ ليڪچر ڏئي ڪراچيءَ پهتس ته حڪومتون بدلجي چڪيون هيون. ارباب صاحب سان ملڻ لاءِ مون ڪراچي واري گهر يا سندس ڳوٺ وڃڻ جو ارادو ڏيکاريو. معلوم ٿيو ته ارباب صاحب اسلام آباد ۾ آهي. انهن ڏينهن ۾ منهنجو هفتي لاءِ دبئي وڃڻ ٿيو. پهريون دفعو 1968ع ۾ منهنجو دبئي وڃڻ ٿيو هو. ان وقت دبئي هڪڙو ڳوٺڙو هو ۽ سندس بندرگاهه ايڏو ته ننڍو هو جو اسان جو ويهه هزار ٽنن جو جهاز به اندر اچي نٿي سگهيو ۽ هاڻ چاليهه سالن بعد، هفتو کن دبئي ۾ رهي ان جو سفرنامو لکڻ لاءِ موٽيس ٿي ته آخري ڏينهن، ڪنهن ٻڌايو ته ارباب رحيم صاحب دبئي جي ڀرسان واري عرب رياست ”عجمان“ ۾ رهي ٿو. پڪ ٿيڻ تي مون ڀڄي ڊڪي پنهنجي ان ڏينهن وڃڻ جي اڏام ڪئنسل ڪرائي، ٻئي ڏينهن تي ڪرائي. شام جو ٺُل (جيڪب آباد) جي هڪ نوجوان آٽي ايڪسپرٽ شوڪت سرڪي سان گڏ عجمان روانو ٿيس. سڀني دوستن کي حيرت ٿي ته ارباب صاحب ته هاڻ وڏو وزير نه رهيو آهي، آئون ان سان ملڻ ڇو پيو وڃان. پر مون ساڻس هاڻ ملڻ پاڻ تي فرض ٿي سمجهيو. شوڪت سرڪيءَ کي ان ڪري کنيم جو هو نه فقط رستي (هاءِ وي) جو پر عجمان شهر جو به واقف آهي. ڳولي ڳولي نيٺ سندن فلئٽ واري عمارت هٿ آئي، جنهن جي سورهين يا سترهين ماڙ تي سندن فلئٽ هو. سندن ٿري نوڪر، جيڪو ساڻن گڏ ٿو رهي، اهو هيٺ وٺڻ لاءِ پهتو ۽ اسان جي فلئٽ تائين رهنمائي ڪئي. ارباب صاحب سان ڳالهين ڪندي، مون کين چيو ته؛ ”توهان جا لک ٿورا جو توهان مون کي هڪ اهم پوسٽ لاءِ اهل ٿي سمجهيو پر منهنجي نه ڪرڻ جي باوجود توهان هر وقت خبر ناهي ڇو ضد ڪندا رهيئو؟“
کلندي چيائين؛ ”ڪيترا ماڻهو مون وٽ رڳو چانهه پيئڻ ايندا هئا ته ٻاهر وڃي ماڻهن تي وڏي لئه رکندا هئا پر توهان عجيب ماڻهو آهيو. هيڏي وڏي پگهار ۽ ٺٺ واري پوسٽ لاءِ هميشه انڪار ڪندا رهيئو. ان ڪري مون به چاهيو ٿي ته توهان جهڙو ئي ماڻهو ان پوسٽ تي صحيح رهندو ۽ ڪنهن طرح توهان کي راضي ڪريان. خاص ڪري سنڌي لئنگوئيج اٿارٽي لاءِ.“
اسان اها به ڳالهه ياد ڪري، کلڻ لڳاسين جڏهن هڪ ڏينهن فون تي ارباب مون کي (شايد چرچي ۾) چيو ته؛ ”ڀلا تنهنجي انڪار جي باوجود آئون حڪومت سنڌ طرفان ليٽر اشو ڪري توهان کي زوريءَ سنڌ لئنگوئيج اٿارٽي آفيس موڪليان ته پوءِ؟“
”بس پوءِ وري اسان وڏي صاحب کي رجوع ٿينداسين.“ مون چيو هو.
”جنرل مشرف کي؟“ ارباب صاحب پڇيو.
”سائين جنرل مشرف کان به مٿانهين سرڪار، يعني رب پاڪ کي. مشرف ته مون کان پورو سال سينئر هو. هو ڪٿي ٿو مون کي سڃاڻي.“
بهرحال ان بعد مون ڪيترا دفعا سوچيو ته سنڌي لئنگوئيج اٿارٽي جي بلڊنگ وڃي ڏسان، جنهن ۾ سنڌي ثقافت ۽ ادب سان واسطو رکندڙ ڪيتريون شيون آهن پر منهنجو حيدرآباد وڃڻ ئي نه پئي ٿيو. اڄ سنڌي ادبي سنگت جو فنڪشن اٽينڊ ڪرڻ ۽ ايوارڊ وٺڻ خاطر، منهنجي ڪار، مون کي ان اداري جي عمارت ڏي ڍوئي وڃي رهي هئي.