هڪ يونٽ ۾ پيڪ ٿيل...
سنڌ ۾ هونئن به ابن بطوطائن جو ڪال رهيو آهي. پر وري به جيڪي ٻه چار آهن انهن ۾ اسان جي هن من موجي يار، ”ڪتا ڀوڪندا رهن فقير رمندا رهن“ واري ڪار ڪندي، پنهنجي ڪم سان ڪم رکيو آهي. سندس اها سچائي ۽ همت ئي آهي جو هن وقت تائين گهٽ ۾ گهٽ، پنهنجي عمر جي حساب سان، برابر سنڌي ٻوليءَ جي جهولي ڪتابن سان سائي ڪندو رهيو آهي. يعني: هن وقت تائين ڇپجي آيل سندس ڪتابن جو تعداد لڳ ڀڳ ستر آهي. منهنجي خواهش آهي ته مان کيس سينچري ڪندي ڏسان.
الطاف شيخ هن وقت ڪا اڪيلي شخصيت نه پر هڪ مڪمل ادارو آهي ۽ مان هن جي نالي کان واقف تڏهن ٿيو هوس، جڏهن اٺين ڪلاس ۾ پنهنجي هاءِ اسڪول خانواهڻ ۾ پڙهندو هوس. اها واقفيت پري جي هئي. مان صرف کيس سندس سفرنامي واري ڪتاب جي معرفت سڃاڻڻ لڳس. مون کي اها خبر هئي ته الطاف شيخ رڳو سفرنامو لکندڙ هڪ خشڪ ۽ شوخ طبيعت وارو انسان هوندو. سندس ٻرنگي طبيعت يا کچڙي نما شخصيت جي خبر تڏهن پئي جڏهن ڪراچيءَ ۾ ساڻس ملڻ جو موقعو مليو.
الطاف شيخ پنهنجي صلاحيتن جي حوالي سان به هڪ منفرد انسان آهي. سندس طبيعت ۽ عادتون به نراليون آهن. ٻين انسانن جيان هن جي شخصيت ۾ به هر روپ موجود آهي. مثبت به آهي ته منفي به آهي. ذهن ۽ دماغ وارو ماڻهو به آهي ته هر دل عزيز به آهي. جيڪڏهن ڪنهن محفل ۾ ويٺو هوندو ته اهڙي خاموشي اختيار ڪندو، جهڙي خاموشي ڪنهن قبرستان ۾ بيٺل ۽ سڪي ويل ڪنڊيءَ جي ٿڙ جي هوندي آهي. وري جيڪڏهن موڊ ٿي پوندس ۽ ڳالهائڻ لڳندو ته ائين پيو محسوس ٿيندو ڄڻ سندس اندر ۾ ڪو بيقرار سمنڊ آهي جيڪو ڇوليون ويٺو هڻي. هونئن به سمنڊ سان سندس پراڻو ياراڻو آهي، سو ان جو اثر ته يقيناً سندس طبيعت به قبول ڪيو هوندو. ڪارو ٻڌ ڪمري سان، رنگ نه مٽي عادت ضرور مٽائي. چاليهه سال زندگيءَ جا سمنڊ جي حوالي ڪندڙ الطاف، ضرور سمنڊ جا به ڪي اثر قبول ڪيا هوندا. خوبصورت وجاهت ۽ قد ڪاٺ واري الطاف جو فرسٽ امپريشن ڏاڍو خوبصورت هوندو آهي. هو پنهنجي ڏيک ويک ۾ مڪمل پروفيسر/ دانشور لڳندو آهي. پروفيسر ته خير هو آهي، پر دانشوريءَ سان سندس گهٽ لڳي. هن جي ٻولي پڙهي ڏسو. توهان کي توهان جي پنهنجي ٻولي محسوس ٿيندي. ڪٿي به توهان کي گمان نه ٿيندو ته ڪنهن اهڙي ماڻهوءَ کي پڙهي رهيا آهيو، جنهن دنيا جهان لتاڙڻ کان پوءِ ويهي لکيو آهي ۽ ايتري ساري تپسيا کانپوءِ ضرور سندس ٻولي ۽ خيالن تي ڪي دانشوريءَ يا پاڻ پڏائڻ واري بيماريءَ جا اثر پيا هوندا. ها باقي سندس ذهانت تي ته کيس مان داد ڏيندس. هاڻي تازو ئي آمريڪا بابت جيڪي سندس ٻه ڪتاب ”نيو هالا کان نيويارڪ“ ۽ ”بخشو لغاريءَ کان بالٽيمور“ ڇپيا آهن، انهن ۾ هن سڄي آمريڪا جي تاريخ اٿلائي پٿلائي رکي آهي. اتان جي سماجي ۽ سائنسي ترقي، سياست، حڪومت، قانون سازي، تاريخ، جاگرافي، اينٿراپالاجي، ميڊيڪل سائنس، ڪهڙي ڪنڊ آهي، جيڪا هن نه لتاڙي هجي ۽ ان جا پردا چاڪ نه ڪيا هجن. ڪمال آهي! خاص طور تي اتي رهندڙ فيملين متعلق افسانوي انداز ۾ معلومات ڏيڻ، وري ڪنهن ڊراما نگار جيان ڪردارن/ ماڻهن جا رشتا ناتا، اصلوڪي رهائش تائين، پاڙون کوٽي ڪڍيون اٿائين. اهو الطاف جو ئي ڪمال آهي. ٻئي جي وس جي ڳالهه ناهي. هونئن ذهين ماڻهو جذباتي گهٽ ٿيندا آهن. يعني انهن ۾ جذبو جوش ملنساري، نه جي برابر هوندي آهي. جڏهن ته الطاف وٽ جذبو به اتم آهي. توهان سان جيڪڏهن تعلق جڙي پيس ته سندس پنهنجائپ ۽ قرب جي زنجيرن ۾ قابو ٿي ويندئو. مان ڪڏهن ڪڏهن سوچيندو آهيان ته هن ماڻهوءَ جي شخصيت کي سمجهڻ لاءِ مون کي ٻيو جنم وٺڻو پوندو. ڇو ته هن عمر ۾ کيس مڪمل طرح سمجهڻ، مون جهڙي ماڻهوءَ جو ڪم ناهي. ساڻس ڪچهري ڪندي ۽ سندس ڳالهيون ٻڌندي، ائين محسوس ٿيندو آهي ته هو عقل جي ميز ڪرسي رکي ڊي سي آفيس جي ٻاهران گڏ ٿيل ماڻهن ۾ عقل ورهائڻ جي تياري ڪري رهيو آهي. وري جڏهن جذباتي ڪيفيت ۾ مبتلا ٿئي ته ٻارن جيان ٻک هڻي بيهي رهندو، چوندو ته؛ ”هاڻ ڀلا هڪ فوٽو ٿي وڃي.“ وري جي خاموش ٿي ويندو ته ائين لڳندو ڄڻ سموري ڪائنات جو بار سندس ڪلهن مٿان اچڻو آهي ۽ ان کي جاءِ تي لڳائڻ لاءِ ڪا پلاننگ ويٺو ڪري. پنهنجي ڏيک ويک ۽ ڪپڙي لٽي ۾ شاهي ڏک ڏيندڙ، ان وقت بلڪل عوامي ۽ مزدور قسم جو ماڻهو نظر ايندو آهي، جڏهن لنڊي جي ڪنهن دڪان تان ڪا شرٽ ڪا پتلون پيو وٺندو. پوءِ اهو لنڊي جو دڪان ڪراچيءَ جو هجي يا سنگاپور يا ملائيشيا جي ڪنهن ننڍي شهر جو. هر جاءِ تي، هر ملڪ ۾، عوامي رنگ سندس شخصيت مٿان حاوي رهندو. وري جيڪڏهن پور پئجي ويس ته غنڊو ٿيندي به دير نه ڪندو. غنڊي مان مراد هروڀرو به اها نه ورتي وڃي جيڪا روايتي غنڊن جي هوندي آهي. منهنجو مطلب آهي ته اهو ضروري ناهي ته هر وقت توهان جي ڳالهه ٻڌي ۽ مڃي به! خاص طور تي ماني کائڻ جي حوالي سان جيڪڏهن کيس صلاح ڪبي ته ٺپ جواب ڏيندو. ان جواب ڏيڻ وقت سندس انداز بلڪل غنڊن وارو هوندو آهي. جڏهن ته ٻاهر جي ماني نه کائڻ يا ڪنهن سان ٻاهر ڊنر يا لنچ کان جواب ڏيڻ جا ٻه سبب ٿي سگهن ٿا. هڪ ته هو ٻاهر جي مانيءَ کي هائيجيڪ پوائنٽ آف وويو کان ڏسي ٿو ۽ ان کي هروڀرو جو معاشي بار سمجهي ٿو. اها ساڳي ماني، صاف سٿري نموني پنهنجي گهر ۾ ۽ گهٽ پئسن ۾ تيار ڪري به کائي سگهجي ٿي. باقي چانهه پيئڻ لاءِ ته ڪڏهن به نَهَه ڪندو. موڪلائڻ وقت، اهڙي فقيريءَ، مسڪينيءَ ۽ عاجزيءَ سان پيش ايندو جو دل پئي چوندي ته مٿس صدقي وڃجي. حيرت جو مقام اهو آهي جو هڪ ئي وقت اهي سڀ ڪيفيتون، رويا، عادتون ۽ اظهار، هڪ يونٽ ۾ پيڪ ٿي الطاف شيخ بنجي پون ٿا.
مون کي حيرت ان ڏينهن ٿي، جڏهن منهنجي لاءِ ڪجهه ڪتاب شربت جو شيشو ۽ ڪجهه گفٽ پيڪ کڻي آيو ۽ ڪچهري ڪندي ڪندي چوڻ لڳو؛ ”منظور، ڪالهه هوٽل ۾ ڪا تقريب هئي، اتي هڪ خوبصورت عورت اچي ملي. عورت ڇا نوجوان ڇوڪري هئي. پر هئي بلا جي سهڻي. مون کي چوڻ لڳي ته؛ مان توهان کي تمام گهڻو پسند ڪندي آهيان. توهان مون سان گڏجي لنچ يا ڊنر ڪريو. تون يقين ڪندين ته هن کي ڪهڙو جواب ڏنم!“ مون تجسس وچان کانئس پڇيو؛ ”ڪهڙو جواب توهان کيس ڏنو؟“
چوڻ لڳو؛ ”کيس چيم ته افسوس جو تون ۽ ڊاڪٽر منظور مون کي زندگيءَ ۾ تمام گهڻو دير سان مليا آهيو. جڏهن مان عمر جي آخري سرحدن کي ڇهڻ لڳو آهيان.“
مان سندس محبت واري ان ٻنڌڻ ۾ اهڙو ته جڪڙجي چڪو هوس جو هو وڌيڪ ڳالهائيندو ته رهيو پر مان خلائن ۾ پهچي چڪو هوس. مون کي پاڻ تي فخر محسوس ٿيڻ لڳو هو ته؛ ”يار واقعي مان به ڪا شيءِ آهيان جو الطاف شيخ جهڙو ابن بطوطا مون کي پسند ڪري ٿو!“ ذهن جي وٿاڻ ۾ پاڻ پڏائڻ ۽ وڻڻ جا خيال ڇيلڙن جيان هيڏي هوڏي ٽپا ڏيڻ ۽ مي مي ڪرڻ لڳا. خبر تڏهن پئي جو منهنجي ڪلهي ۾ ڀاڪر وجهي ڊرائيور کي ڪئميرا هٿ ۾ ڏئي چوڻ لڳو؛ ”ڀلا هڪ فوٽو ٿي وڃي.“ مان خوشنصيب آهيان جو الطاف شيخ جهڙو تمام وڏو ماڻهو، مون پنهنجي ويجهو ڏٺو آهي ۽ هو مون سان پيار به ڪري ٿو، باقي جيستائين تعلق آهي علمي، ادبي قد ڪاٺ ۽ ماڻهپي جو ته مان سندس اڳيان ڪجهه به ناهيان. هو تمام وڏو ماڻهو آهي. الله کيس جنهن خاص خوبيءَ سان نوازيو آهي، اهڙي خوبي گهٽ ماڻهن کي نصيب ٿيندي آهي.
ڊاڪٽر منظور قادر