الطاف شيخ- سدا سيلاني!
"ہم اگر عشق نہ کرتے تو حکومت کرتے"
ائين اگر اسان به عام زندگيءَ جي پنجوڙ ۾ نه ڦاسون ها ته جيڪر سيلاني هجون ها. اهي سيلاني جن جي لاءِ هڪ سرائڪي شاعر چيو آهي ته: ”هو ڪکن کان به هلڪا هوندا آهن.“
مان پنهنجي مزاج ۾ تمام گهڻو رومانٽڪ ماڻهو آهيان ۽ منهنجي نظر ۾ رومانس، ڪنهن عورت جي وجود سان مشروط نه هوندو آهي. جهڙيءَ طرح پروين شاڪر لکيو آهي ته:
پینے والی نگاہ ہے درکار
آنکھ کو چاند کا سبو ہے بہت
تهڙيءَ طرح رومانوي ٿيڻ جي لاءِ به ماڻهوءَ کي هڪ رومانوي روح جي ضرورت هوندي آهي. اهو رومانوي روح يقينًا رولاڪ ئي هوندو. ڇو ته رومانس جو مطلب ئي اهو هوندو آهي؛ جيڪو ڪڏهن به هڪ جاءِ تي ترسي نه پوي. اهو مزاج مون سدائين سيلانين ۾ محسوس ڪيو آهي. اهي سيلاني جيڪي منهنجا آئيڊيل آهن. ان ڪري ئي مون چيو ٿي ته؛ جيڪڏهن مان عام زندگيءَ جي جڪڙ ۾ نه ڦاسان ها ته هوند سيلاني هجان ها!
ان سلسلي ۾ مون کي حيرت ان وقت محسوس ٿيندي آهي، جڏهن مان الطاف شيخ جهڙي تمام ذميوار ۽ زماني جي جوابدارين کي احسن نموني سان سرانجام ڏيندڙ شخص کي، هڪ سيلانيءَ جي روپ ۾ ڏسندو آهيان. وري مون کي سڀ کان وڌيڪ حيرت ان وقت ٿيندي آهي، جڏهن مان ذري گهٽ سڄي دنيا گهمي ايندڙ ماڻهوءَ کي اڄ به ايتري معصوميت واري ڪردار سان ٽمٽار ڏسان ٿو. ڇو ته هيءَ دنيا جيترو گهڻو گهمجي ۽ هن دنيا ۾ جيترو وڌيڪ ماڻهن سان ملجي، ايترو وڌيڪ انسانن کي ماڻهن مان اعتبار جو عنصر گهٽ ٿيندو محسوس ٿيندو. ڪيتري نه عجب ڳالهه آهي ته دنيا جي گردشن الطاف شيخ کان هڪ ٻار جهڙو مزاج نه کسيو آهي. هو اڄ به جنهن محفل ۾ هوندو آهي ته ان ۾ هڪ ٻار جهڙي بيچيني هوندي آهي. هن سان منهنجي ملاقات هڪ دوست جي پٽ جي شاديءَ جي دعوت ۾ ٿي. مان ان دعوت ۾ سڀ کي نوٽ ڪندو رهيس. وي آءِ پي دعوت سبب هر ماڻهو پنهنجي مفاد واري چڪر ۾ هو ۽ هن جي ڪوشش هئي ته ڪنهن نه ڪنهن وڏي ماڻهوءَ سان ملاقات جو ”شرف“ حاصل ڪري، پر ان سڄي محفل ۾ الطاف شيخ اهو ماڻهو هو، جنهن جي لاءِ اها محفل هڪ محفل نه پر ڄڻ ته هڪ ساحل تي هڪ ميلو هو ۽ هو ان ميلي جي هر جهلڪ کي پنهنجي ۽ پنهنجي ڪئميرا جي اک ۾ محفوظ ڪرڻ جي ڪوشش ۾ رُڌل هو. ان کي ڏسي مان ڪافي دير تائين هن جي باري ۾ سوچيندو رهيس ته دنيا ۾ اهڙا عجيب ۽ اجنبي انسان به آهن ۽ اهي ماڻهو ئي هن دنيا جو حقيقي حسن آهن. انهن ماڻهن سبب، هيءَ دنيا وڌيڪ خوبصورت محسوس ٿئي ٿي.
ان رات مون کي ياد آيو ته الطاف شيخ جو نالو ادب جي دنيا ۾ ان وقت گونجيو هو، جڏهن سنڌ جو سماج نئين سر پنهنجو پاڻ سنڀالي رهيو هو. جڏهن سنڌي سماج سوچي رهيو هو ته؛ ”هن کي ڇا ڪرڻ گهرجي؟“ ان وقت سنڌ جي سياست جي سرواڻي به، سنڌي ادب ڪري رهيو هو. ان وقت ۾ الطاف شيخ سنڌ جي نوجوانن جي ذهنن ۾ نوان تصور ٺاهڻ جي ڪامياب ڪوشش ڪئي. هن نهايت معصوميت سان سنڌي سماج جي ان سوچ تي ڀرپور وار ڪيا، جنهن سوچ جي لاءِ گهر کان ٻاهر نڪرڻ جو مطلب پرديسي ٿيڻ هوندو آهي ۽ پرديسي سنڌي زبان ۾ تمام قابلِ رحم لفظ آهي. جهڙيءَ طرح الطاف شيخ پنهنجي غير ملڪي تجربن جي سلسلي ۾ سنڌي سوسائٽيءَ کي اهو حوصلو بخشيو ته هو پنهنجي گهر ۽ تر جي ڪنڊ مان ٻاهر نڪري، اها دنيا ڏسن، جيڪا الڳ رنگ ۽ ڍنگ واري آهي. مجبوريءَ سبب ته هرڪو هجرت ڪندو آهي پر الطاف شيخ اسان ماڻهن کي چيو ته انسان کي خوشيءَ سان ٻاهر نڪرڻ گهرجي. اهڙيءَ طرح هن سنڌ جي روايتي سوچ جي گهيري کي پوريءَ طاقت سان ٽوڙيو. ان سلسلي ۾ اهم ڳالهه اها هئي ته هن اها ڳالهه ڪنهن به غرور ۽ تڪبر سان نه ڪئي. هن سنڌ جي مٿان طنز ڪرڻ بدران بلڪل پنهنجائپ سان اهي ڳالهيون ائين سليون، جيئن ٻهراڙين ۾ ڪچهريون ٿينديون آهن. هو اسان جي سادگيءَ ۽ اڻڄاڻائيءَ جو وڏو فائدو وٺي ٿي سگهيو ۽ کوڙ سارا ڪوڙ هڻي ٿي سگهيو. هو پنهنجن جڙتو عشقن جا داستان ٻڌائي اسان جي نظر ۾ هيرو ٿي پئي سگهيو. جڏهن ته هن ان قسم جي ڪا به حرڪت نه ڪئي. هن جيڪو ڏٺو ۽ هن جيڪو تجربو حاصل ڪيو، اهو سادگيءَ سان بيان ڪيو. ان ڪري سندس لکڻين سنڌي ذهنن جي مٿان مثبت اثر وڌو.
مون ان ڳالهه تي به غور ڪيو آهي ته قومون ترقي ائين ڪنديون آهن، جڏهن انهن جا ڪي نمائندا وڏا سمنڊ جهاڳي ايندا آهن ۽ پاڻ سان ڏندين آڱريون آڻڻ جهڙيون خبرون آڻيندا آهن ۽ انهن خبرن کي ٻُڌي ٻين جي دلين ۾ به شوق جي جوت جلندي آهي. اسان جي سماج ۾ ان قسم جو ڪم ان الطاف شيخ ڪيو، جنهن کي مان فخر سان پنهنجو دوست سڏي سگهان ٿو. هن پنهنجي کري طبيعت سبب، ڪڏهن به ڪُوڙ ۽ ڪُپت وارو ڪم نه ڪيو آهي.
هو جيڪو هالا جو آهي، ان کي ڏسندي مون کي ان رات شاهه جو اهو شعر ياد اچي رهيو هو ته:
”کنڀ نه کاري تنهن کي، جو هالاري هوءِ،
توڙي ڌوٻي ڌوءِ، ته به لالي ان جي نه لهي.“
هو هالا جي مخصوص سماج جو ماڻهو، واقعي جنڊيءَ تان لٿل ڪنهن اهڙي شو پيس جهڙو آهي، جنهن کي ڏسندي ماڻهوءَ جي اکين جي بک نه لهي.
هن سماج ۾ هڪ سٺو ماڻهو هجڻ ئي وڏي وَٿ جهڙي ڳالهه آهي. جيڪڏهن اهو ماڻهو ڪارائتو به هجي ته پوءِ سون مٿي سهاڳي واري شيءِ ٿي پوي ٿو. الطاف شيخ کي ان ڳالهه جي پروڙ آهي ته ڪتابن کان ڪٽيل قوم کي، جيڪڏهن ڪتابن سان ڪنهن ٻيهار واڳيو ته اهي سنڌ ۾ ٻه ماڻهو هئا؛ هڪ الطاف شيخ ۽ ٻيو امر جليل! امر جليل تي ته مان هڪ الڳ ڪالم لکڻ چاهيان ٿو. جيستائين الطاف شيخ جو تعلق آهي ته هيءُ به پنهنجي مزاج ۾ امر جليل جيان هڪ ٻاجهارو ماڻهو آهي. هن ڪڏهن به هن قوم کان پنهنجي ان ڪردار اد اڪرڻ جو ڪو سلو نه گهريو آهي، ڇو ته هو انهن ماڻهن مان آهي، جيڪي وٺڻ واري ڪار ۾ نه پر ڏيڻ واري راهه جا پانڌيئڙا هوندا آهن. جڏهن ته هو هالا جو آهي، ان جُوءِ جو آهي، جيڪا پيرن جي آهي. هو شيخ هجڻ جي باوجود، هڪ سخي روح جو مالڪ آهي.
مون به ٿوري گهڻي سياحت ڪئي آهي ۽ مون اها ڳالهه به نوٽ ڪئي آهي ته ماڻهو ڪجهه وقت جي سياحت کان پوءِ تنگ اچي ويندا آهن ۽ خاص طور تي جيڪي سامونڊي سفر ڪندا آهن، انهن کي ته سمنڊ جي بوءِ به نه وڻندي آهي. الطاف شيخ اهو باڪمال ماڻهو آهي، جنهن ۾ اڄ به نوان ڏيهه ڏسڻ جي خواهش آهي ۽ هن جي روح جو رولاڪ ٻار اڃا تائين انهن سامونڊي سفرن مان نه ڍاپيو آهي. هن جي ياري انهن مسافرن سان آهي، جنهن ۾ انسان صرف دنيا کي ئي نه پر پنهنجو پاڻ کي به پرکيندو آهي. ان حساب سان جيڪڏهن مون کان الطاف شيخ جي لاءِ ڪو ٻن لفظن ۾ راءِ گهري ته مان جيڪر اهو ئي چوندس ته ”سدا سيلاني...“ اهي لفظ مون شيخ اياز جي ان بيت مان ورتا آهن، جيڪو ”ڀونئر ڀري آڪاس“ ۾ آهي، جنهن ۾ هن چيو آهي ته:
”سدا سيلاني، آهي ساهه اياز جو،
ڳچيءَ ۾ ڳاني، پرين وجهه نه پيار جي!“
اياز کي به سير سفر جو تمام گهڻو شوق هو پر هو پنهنجي تمام گهڻين لاحاصل تمنائن سبب اها تمنا به تڪميل کي نه پهچائي سگهيو. ان جي باوجود هن جو ساهه سيلاني هو.
سنڌ جي ساهه کي سيلاني بنائڻ ۾ الطاف شيخ جو تمام وڏو ڪردار آهي. هڪ جمود واري معاشري ۾ ماڻهن کي تحرڪ جي تمنا سان ملائڻ ڪا معمولي ڳالهه آهي؟! ان لاءِ انسان ۾ يا ته تمام گهڻي ڏاهپ هجي يا قدرت پاران عطا ڪيل ڏات! مان سمجهان ٿو ته الطاف شيخ کي ڏاتر اها ڏات ڏني آهي، جنهن کي هن سنڌ ۾ ائين ورهايو آهي، جيئن هڪ صوفي پنهنجي روح جي راحت کي انسانن ۾ ورهائيندو آهي.
سيلاني ماڻهو، سدائين هر ساحل تي، ڪجهه نه ڪجهه ڏئي ويندا آهن. منهنجو خيال آهي ته هن صرف سنڌ واسين کي ئي گهڻو ڪجهه نه ڏنو آهي پر ڏورانهن ڏيهن جي ماڻهن کي به هن پنهنجي معصوم محبت وارو وکر ججهو ڏنو هوندو. هن ٻين ڏيهن جي ماڻهن سان پنهنجي پيار جي ڪهڙي ورڇ ڪئي؟ اهو سوال مان الطاف شيخ کان ضرور پڇندس ۽ ان جو جواب مان اوهان سان به شيئر ڪندس.
عمر قاضي