ويساهه، ويساهه : پهرئين ڇاپي جي آتم ڪٿا
1940ع ڌاري ڊو ميڊيڪل ڪاليج جي توسيع لاءِ ضرورت محسوس ڪئي ويئي هئي. ڊو ميڊيڪل ڪاليج سان لڳو لڳ اين جي وي هاءِ اسڪول جي عمارت هوندي هئي. ٻئي تعليمي ادارا سرڪاري هئا. فيصلو ڪيو ويو ته ايندڙ وقت ۾ تعليمي ضرورتن جي پورائي لاءِ اين جي وي هاءِ اسڪول جي هڪ عاليشان عمارت ٺاهرائي ويندي. تنهن ڪري اين جي وي اسڪول کي ڊو ميڊيڪل ڪاليج جي سامهون ڪوٽوال بلڊنگ ۾ عارضي طرح شفٽ ڪيو ويو هو، ۽ اسڪول جي اصلوڪي عمارت ڊو ميڊيڪل ڪاليج کي ڏني ويئي هئي. مون کي ياد نه ٿو اچي ته ڪوٽوال بلڊنگ ۾ مرهٽن جو يا گجراتين جو ڪو اسڪول هوندو هو. ڪوٽوال بلڊنگ اسڪولي عمارت هئي. اُتي مون کي پهرين درجي ۾ داخله وٺي ڏني هئائون. سن هو 1946 ع.
اين جي وي هاءِ اسڪول جي نئين بلڊنگ لاءِ سرڪار بندر روڊ تي سعيد منزل ڀرسان ڪا قديم سرڪار ي آفيس ڪيرائي پٽ ڪري ڇڏي، ۽ اسڪول جي عمارت جو ڪم شروع ڪرايو هو. سعيد منزل جي ڀرسان ايڊلجي ڊنشا بلڊنگ جي اٺين نمبر فليٽ ۾ اسان جو گهر هو. اسان جي فليٽ ۾ آخري ڪمري جو رخ سڌو سنئون اُن طرف هو جتي پراڻي سرڪاري آفيس کي ڊاهي اين جي وي اسڪول جي اڏاوت شروع ڪئي هئائون. رتن تلاءُ اسڪول ۾ پرائمري تعليم پرائڻ دوران مون اين جي وي اسڪول جي اڏاوت کي آهستي آهستي اُسرندي ڏٺو هو. هندستان جي ڪنهن جابلو علائقي مان پٿرن جا پهاڙ آڻي گڏ ڪيا هئائون. سوين راجستاني ڪاريگر پٿرن کي ماپ مطابق ٽُڪي، پٿرن مان بلاڪ ٺاهيندا هئا. سپروائيزر فُٽ پٽيون ۽ فيتا کڻي هڪ هڪ بلاڪ جي چڪاس ڪندا هئا.
سوين مزور ۽ مستري اسر ويل اچي لوهي ڇيڻين ۽ مترڪن سان پٿر ٽُڪڻ شروع ڪندا هئا. سوين ڇيڻين ۽ مترڪن جو هڪ لئي ۽ هڪ تال ۾ آواز شام تائين ٻڌڻ ۾ ايندو هو. پوئين ڪمري جي بالڪونيءَ ۾ امان صندل وجهي ڇڏيو هو. امان گهڻو ڪري پٽاٽا بصر ۽ ٻيون ڀاڄيون صندل تي پلٿي ماري، ويهي ڇليندي هئي، واندي ويهي نه سگهندي هئي. ڪم ڪار نه هوندو هوس ته صندل تي ويهي اخبارون ۽ سچل سائين جو رسالو پڙهندي هئي. ڪڏهن ڪڏهن ٽڪ ٻڌي سوين مسترين ۽ مزورن کي ڇيڻين تي مترڪا هڻندي ڏسندي هئي، ۽ الاءِ ڇا سوچيندي هئي!
گارڊن روڊ واري برهاني بلڊنگ مان شفٽ ڪري اسين 1942 ع ۾ ايڊلجي ڊنشا بلڊنگ واري فليٽ ۾ آيا هئاسين. تن ڏينهن ۾ به پٿرن کي ڇيڻين ۽ مترڪن سان ٽڪي بلاڪ ٺاهڻ جو ڪم هلي رهيو هو. پراڻي ڊٺل سرڪاري عمارت جو ملبو کڄي رهيو هو. لاڳيتو چار پنج سال ساڳي تال ۽ ساڳي لئي سان ايندڙ ڇيڻين ۽ مترڪن جو آواز منهنجي ٻال اوسٿا (ننڍپڻ) جو حصو ٿي ويو آهي. اين جي وي هاءِ اسڪول جي نئين عمارت هٿن سان ٽُڪي، گهڙي ٺاهيل لکين ڪروڙين بلاڪن سان تيار ڪيل آهي. اين جي وي هاءِ اسڪول جي موجوده ابتر حالت ڏسي مان شدت سان محسوس ڪندو آهيان ته برصغير جي هِن حصي ۾ اسين رهڻ وارا اهڙي عاليشان عمارت جي لائق ۽ قابل نه هئاسين. هينئر ته عمارت جي مٿان سنگمرمر تي لکيل اين جي وي هاءِ اسڪول وارو پٿر پٽي لاهي ڇڏيو اٿائون. اُن هنڌ سيمنٽ سان لکايو اٿائون، اين جي وي بلڊنگ.
اهڙي طرح راجسٿان ۽ جيسلمير کان گهرايل پٿر ۽ ماربل سان ٺاهيل اين جي وي هاءِ اسڪول جي عاليشان عمارت قبضه خورن لاءِ سڻڀو گرهه ٿي پيئي آهي.
اين جي وي هاءِ اسڪول جي نئين عمارت جي هڪ حصي تي سڀ کان پهرين سنڌ اسيمبليءَ ناجائز قبضو ڪيو هو. (48-1947ع) ان وقت ڪراچي پاڪستان جي گاديءَ وارو هو. سنڌ اسيمبليءَ جي پنهنجي عمارت مرڪزي سرڪار جي استعمال ۾ هئي جتي وفاقي يا قومي اسيمبليءَ جا اجلاس هلندا هئا. ان کان پوءِ سنڌ حڪومت جي ڊائريڪٽوريٽ آف ايجوڪيشن اين جي وي هاءِ اسڪول جي هڪ حصي تي قبضو ڪري آفيس کولي. (1950ع) ڏسنديئي ڏسندي سنڌي ادبي بورڊ اين جي وي هاءِ اسڪول جي ٻئي حصي تي قبضو ڪري آفيس کولي ڇڏي. اِهي سرڪاري قبضا هئا، هر لحاظ کان ناجائز هئا. پوءِ خيرن سان پي ڊبليو ڊي وارن اسڪول جي هڪ حصي تي قبضو ڪري ورتو. پوءِ ته هڪڙا دفتر کليا پي ته ڪي بند پي ٿيا. اسڪول ويو تباهه ٿيندو.
روزگار سبب اٺاويهه سالن واري جلاوطني ڪاٽي ڪراچي موٽي آيس، (2001ع) دل ٻال اوسٿا (ننڍپڻ) جا پيرا کڻڻ لاءِ ڇڪ کاڌي. ڊاڪٽر امداد بلوچ ۽ مان اين جي وي اسڪول ڏسڻ وياسين. امداد بلوچ ۽ مون ساڳي سال (1953ع) اين جي وي اسڪول مان ميٽرڪ ڪئي هئي. ايم بي بي ايس ڪرڻ کان پوءِ امداد اي اين ٽي يعني نڪ، ڪن ۽ ڳلي جي بيمارين لاءِ علاج ۽ سرجريءَ ۾ ٻاهران اسپيشلائيز ڪيو، ۽ اڳتي هلي بينظير ڀٽو جي معالج ٿيو.
اين جي وي هاءِ اسڪول جي موجوده حالت ڏاڍي افسوسناڪ آهي. عمارت ڏسي ڏاڍو ڏک ٿيو. ان اسڪول سان منهنجي روح جو رشتو آهي، جيئن رتن تلاءُ پرائمري اسڪول سان آهي. اسڪول ويران ۽ تباهه حال پي ڏٺو. ورانڊن ۾ ڀڳل ٽٽل ميزن، ڪرسين ۽ ڊيسڪن جا ڊهه، ڪنسٽرڪشن جو رهجي ويل سامان. ڪلاسن جون ڊيسڪون پراڻيون ۽ اُڏوهي کاڌل - ڪلاس روم اونڌاها - دز - مٽي - ڄارا - سنگمرمر جون ڏاڪڻيون غلاظت ۽ پان جي پيڪن ۽ ٿُڪن سان ٿڦيل! ٽائليٽ ايتري قدر بدبودار، گندا ۽ ڪراهت آميز جنهن جو اوهين تصور به ڪري نٿا سگهو. جيئن اُجڙيل ۽ برباد ٿيل سنڌ ڏسي مون کي شاهه لطيف جي هڪ بيت جو مفهوم واضح صورت ۾ نظر ايندو آهي، تيئن اين جي وي هاءِ اسڪول جي هاڻوڪي حالت ڏسي ساڳئي شعر جو مفهوم دل تي تري آيو. ”جتي هنج هئا، اتي ڪانوَن ڪانگيرا ڪيا.“
اسڪول جي احاطي ۾ غير قانوني اڏاوتون، ۽ اڌ ۾ ڇڏيل اڏاوتن لاءِ آندل ريتي، بجري، بلاڪ، ۽ ڀڳل ٽٽل شٽرنگ جا تختا پيا هئا. اسڪول جي جنهن حصي تي پنجاهه ورهيه اڳ ڊائريڪٽوريٽ آف ايجوڪيشن قبضو ڪيو هو، ساڳئي حصي تي هينئر هڪ اين جي او جو قبضو آهي. اسڪول اندر چار سو والن جيتري زمين الله جي نالي ۾ ڦٻائي ڪنهن ملان مسيت، ۽ مسيت مٿان پنهنجو گهر ٺاهرائي ڇڏيو آهي. هيٺ الله جو گهر، ته مٿان ملان جو گهر! الله جي نالي ۾ جنگيون ٻڌيون ۽ تاريخن ۾ پڙهيون هيون سين. هينئر، مسلمانن لاءِ الڳ ٿلڳ ٺاهيل ملڪ پاڪستان ۾ الله جي نالي ۾ زمينن ۽ ماڻهن جي املاڪ تي ناجائز قبضا ڏسي رهيا آهيون. ڪا جهل پل ڪونهي. ملان ڏندين ڏاند ٿي پيا آهن. اسڪول جي ڪجهه ٻين حصن تي به قبضا ڪيل هئا. اسڪول جي ٽين ماڙ ڪاٺ ڪٻاڙ لاءِ ڇڏيل هئي.
خبر ملي ته ميٽرڪ ڪلاس ۾ سنڌي شاگردن جو ڪل تعداد نو (9 )آهي. اِن حقيقت جي آئيني ۾ اوهين ڪراچيءَ ۾ سنڌين جو آئيندو ڏسي سگهو ٿا. هيڊ ماستر جي آفيس ڪنهن مفلس جي آفيس محسوس ٿي. 1947ع کان پوءِ ورثي ۾ مليل اين جي وي هاءِ اسڪول جي هيڊ ماستر جي آفيس عاليشان فرنيچر ۽ هر طرف جرڪندڙ الماڙين سان سينگاريل هوندي هئي. الماڙين ۾ تجلا ڏيندڙ ۽ چمڪندڙ ٽرافيون، ڪپ، شيلڊون، ٻِلا ۽ انعامن ۾ مليل قيمتي ساونيئر سينگاريل هوندا هئا. اِهي انعام اڪرام اسڪول جي ڪرڪيٽ، فٽبال، ڊبيٽنگ ۽ ڊراماٽڪ سوسائٽيءَ جي ٽيمن سڄي هندستان ۾ ٿيل مقابلن ۾ کٽيا هئا. موجوده هيڊ ماستر جي آفيس ۾ ردي سرڪاري ميز ۽ چئن ڪرسين کان سواءِ ڪجهه نه هو. هڪ طرف بدزيبا ريڪ رکيل هئا، جن تي پراڻن فائيلن جا انبار ۽ ڳنڍين ۾ ٻڌل پراڻا رجسٽر پيا هئا. ڄارن ۽ دز سان ڍڪيل ڪٻاڙ خاني ۾ مون کي هڪ ٽرافي (ڪپ) نظر آئي. رمال ڪڍي، ٽرافيءَ تان دز لاٿم. ڇنڊيم. اُڪريل اکر ظاهر ٿي پيا. اين جي وي هاءِ اسڪول جي ڊراماٽڪ ڪلب اُها ٽرافي 1932ع ۾ ڪلڪتي ۾ ڪرايل رابندر ناٿ ٽيگور ڊراما فيسٽيول ۾ حاصل ڪئي هئي. باقي انمول ڪپ، ٽرافيون، شيلڊون، ۽ انعام ڪيڏانهن ويا. ڪير کڻي ويو، ڪنهن کي ڪا خبر ڪونهي. برماٽيڪ جي فرنيچر ۽ الماڙين بابت به ڪنهن کي ڪا سڌ نه هئي.
1947ع کان اڳ جتي جتي منهنجين يادن جا جهان آباد هئا، سي جهان، 1947ع کان پوءِ ابتر حالتن ٽيهٺ سالن ۾ اُجاڙي ڇڏيا آهن. ڪو سبب ته آهي جو مان هن ملڪ ۾ خوش ناهيان. اُتاولو آهيان. پنهنجي وطن ۾ پاڻ کي جلاوطن محسوس ڪندو آهيان.
اين جي وي هاءِ اسڪول مان ئي مون کي عقيدن، يقينن، ۽ اعتبارن بابت صوفين جي واٽ جو ڏس مليو هو. سن هو 1946ع. منهنجي عمر هئي ڏهه سال. هندستان جي ورهاڱي بابت افواهن ملڪ ۾ رڻ ٻاري ڏنو هو. صدين جا رشتا ناطا، محبتون ۽ چاهتون، رواداري، لحاظ، احترام، ۽ ڀروسا سياسي ڀنڀٽ ۾ وٺجي ويا هئا. ڪنهن کي ڪنهن تي اعتبار نه رهيو هو. مان پهرين درجي ۾ پڙهندو هوس. تڏهن اين جي وي اسڪول عارضي طرح ڪوٽوال بلڊنگ ۾ هلي رهيو هو. اين جي وي هاءِ اسڪول جي پنهنجي اصلي عمارت ۾ ڊو ميڊيڪل ڪاليج کوليو هئائون. اسڪول جي نئين عاليشان عمارت ذري گهٽ تيار ٿيڻ تي هئي. سر آهوجا اسان کي انگريزي پڙهائيندو هو. وچولي قد وارو، اڇو، سهڻو ۽ صاف شفاف هوندو هو. ڪڏهن سوٽ، ته ڪڏهن اڇو پاجامون، ڪڙتو ۽ مٿي تي اڇي گانڌي ٽوپي پائي ايندو هو. ڪلاس ۾ اسين ويهه ٻاويهه شاگرد هوندا هئاسين. مان ڪاري ڪوجهي کي سر آهوجا ڏاڍو ڀائيندو هو.
هڪڙي ڏينهن سر آهوجا سلوار قميص ۽ مٿي تي جناح ٽوپي پائي آيو. اسين شاگرد وائڙا ٿي وياسين. مون کي چٽي طرح ياد آهي ته سر آهوجا ڏاڍو وساميل وساميل پي ڏٺو. پيرڊ ورتائين، پر ڌيان ٻئي ڪنهن طرف هُئس. رسيس مهل جڏهن اسين ڪلاس مان ٻاهر پي نڪتاسين، سر آهوجا مون کي سڏ ڪيو. پاڻ ڪرسيءَ تي ويٺو هو. مان سر جي ڀرسان وڃي بيٺس. سر آهوجا ڪجهه ڪجهه هٻڪندي مون کان پڇيو، ”تون صبح جو ننڊ مان جاڳڻ کان پوءِ ڇا پڙهندو آهين؟“
مون کي ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي، چيم، ”مان ته ڪجهه به نه پڙهندو آهيان.“
”اري نه ڀائي، نه.“ سر آهوجا چيو، ”توهين مسلمان پڙهندا آهيو نه، لا الله الا الله اڳتي ڇا چوندا آهيو؟“
چيم، ”محمد الرسول الله.“
سر آهوجا پينسل پنو کڻي ورتو، ۽ چيو، ”ٻيهر ٻڌاءِ.“
مون سر آهوجا کي ٻه ٽي دفعا ڪلمو پڙهي ٻڌايو.
سر آهوجا ڪلمو لکي ورتو، ۽ مون کي پڙهي ٻڌايو. اِئين هن ٻه ٽي دفعا ڪيو. پڇيائين، ”ٺيڪ پيو پڙهان نه؟“
مون هاڪار ڪئي. سر آهوجا ڪاغذ ويڙهي قميص جي کيسي ۾ وڌو، ۽ ڀڻڪن ۾ ڪلمو ياد ڪندو رهيو. لهجي سان گڏ پاڻ به خوف وچان ڪنبندو رهيو.
ان ڳالهه کي چوهٺ پنجهٺ سال گذري ويا آهن. پر، مان اُن گهڙيءَ جو درد وساري نه سگهيو آهيان. ڪراچيءَ ۾ ايڪڙ ٻيڪر فساد ٿي پيا. اسڪول بند ٿي ويو. خبر پيئي ته سر آهوجا ٻارين ٻچي هندستان هليو ويو هو. تمام ننڍي عمر ۾ مون ماڻهن کي مذهبن جي نالي ۾ دربدر ٿيندي، وڙهندي، مرندي، ماريندي، وڇڙندي، ۽ محبتن کي نفرتن ۾ بدلجندي ڏٺو هو.
جنوري 1947ع ۾ اين جي وي هاءِ اسڪول ڪوٽوال بلڊنگ مان شفٽ ٿي سعيد منزل جي پاسي کان پنهنجي نئين عمارت ۾ آيو. اسان جي فليٽ جو پويون ڪمرو بنهه اسڪول جي سامهون هوندو هو. ڪجهه عرصي کان پوءِ مون اسڪول کان سڏ پنڌ تي ٿياسافيڪل سوسائٽيءَ جي هفتيوار ليڪچرن ۾ وڃڻ شروع ڪيو. ٿياسافيڪل سوسائٽي پارسين جي سوسائٽي هئي جنهن کي پنهنجي عمارت هوندي هئي. عمارت ۾ هڪ هال ۽ ڪتابن سان سٿيل لائبريري هوندي هئي. هال ۾ اسٽيج جي مٿان ٿياسافيءَ جي باني فلاسافر ايني بيسنت جو قول وڏن اکرن ۾ لکيل هوندو هو. ڪوبه مذهب سچ کان مٿاهون ناهي. ان قول ۾ مذهبن بابت منهنجي ويچار جي تصديق ٿيل هئي. ساڳيئي هال ۾ 62-1960ع دوران منهنجا اردوءَ ۾ لکيل ڊراما اسٽيج ٿيا هئا.
انهن ئي ڏينهن ۾ مون پهريون دفعو مذهبن بابت امان کان سچل سرمست جو هڪ بيت ٻڌو هو.
مذهبن ملڪ ۾ ماڻهو منجهايا،
پيرن، پنڊتن، بزرگن بيحد ڀلايا،
ڪي نمازون نوڙي پڙهن، ڪن مندر وسايا،
اوڏو ڪين آيا عقل وارا عشق کي.
اُهو ڏينهن، اڄوڪو ڏينهن مان مذهبن جي مونجهارن کان آزاد ٿي ويو آهيان. الف الله - ب جي بات ويئي.
جيڏانهن ڪيان پرک، تيڏانهن سڄڻ سامهون. سو هيءُ، سو هو، سو اجل، سو الله، سو پرين، سو پساهه، سو ويري، سو واهرو.1 سو رام، سو رحيم. سو ڪاشي، سو ڪعبو. سو هرهنڌ هوئي آهي.
آپے آہو آپے چیتا، آپے مارن دھایا
آپے صاحب آپے بردہ، آپے مل وکایا 2
هو آهي، اِن کان اڳتي ڪنهن کي ڪا خبر ناهي. هڪ کي انيڪ روپ ڏيئي ماڻهو وڃي مونجهارن ۾ پيا آهن. انت بحر دي خبر نه ڪائي، رنگي رنگ ڄمايا واري رمز سمجهه ۾ آئي. مون کي مونجهارن کان مڪتي ملي ويئي. پڇندا آهن، ته تون ڪير آهين؟هندو آهين، مومن آهين، مسيحي آهين، يهودي آهين، يا گوتم جو گياني آهين؟ جواب ۾ مان سچل سائينءَ جي سِٽَ جهونگاريندو آهيان: ڪو ڪيئن چوي، ڪو ڪيئن چوي - مان جوئي آهيان، سوئي آهيان.
نا میں مومن وچ مستیاں
نا میں وچ کفر دیاں ریتاں
نا میں پاکاں وچ پلیتاں
نا میں موسیٰ، نہ فرعون3
رب نه عرش تي آهي، نه فرش تي آهي، رب نه مسجد ۾ آهي، نه مندر ۾ آهي. رب انسان جي اَندر ۾ آهي. ڪل جڳ ۾ وڳوڙ تڏهن پيداٿيو جڏهن هڪ کي انيڪ روپ ڏيئي ماڻهن هڪ کي وساري ڇڏيو. پنهنجي پنهنجي خدا جي برتريءَ لاءِ ماڻهن رت جا درياهه وهائي ڇڏيا. قدرتي آفتن، زلزلن، آتش فشائن، سونامين، ۽ سمنڊن جي اُٿلڻ سان ايتريقدر وڏي تعداد ۾ ماڻهو نه مئا آهن، ۽ نه دربدر ٿيا آهن جيڏي تعداد ۾ ماڻهو مذهبن جي نالي ۾ جوٽيل جنگين ۾ مئا آهن، ۽ دربدر ٿيا آهن. سائنس، ٽيڪنالاجي، ۽ شعور ۾ بي انتها اوسر جي باوجود مذهبن جي نالي ۾ وحشتناڪ ڪارروايون ختم ٿي نه سگهيون آهن. اُٽلندو انهن ڪارروائين ۾ اضافو ٿيو آهي. طالبان مذهبي جنونيت جو هڪ ڀيانڪ روپ آهن.
امر جليل
14-04-2010
B-702, Sand View Homes
Frere Town, Clifton
Karachi, Sindh