اڄ اُسهان ٿو پرائي ديس
دٻي جو ميدان، جتي ٽپهريءَ تائين موت ۽ زندگيءَ جو معرڪو لڳو هو، اتي نماشام تائين مڪليءَ جهڙي ماٺ اچي واسو ڪيو. سڄو ميدان عضون جو ڪوس - گهر هو. هر طرف لاشن جا انبار هئا. منظر اهڙو، جو دلير دهلجي وڃن ۽ ڏونگر ڏري پون! قبرستان جهڙي خاموشي وايو منڊل کي اڳري ويئي. هوائون ساهه روڪي بيهي رهيون.
....تڏهن، ميجر جيڪب جي ڪيمپ ۾ سر چارلس نيپيئر جو ڪٽڪ اچي پهتو. نيپيئر جو فتح جو سهرو پنهنجي سر تي رکڻ لاءِ آتو هو. هن اچڻ شرط جام چپن تي آندو، ۽ بيوگل وڄائڻ جو حڪم ڏنو چار سپاهي ميجر جيڪب جي تنبوءَ ٻاهران اچي بيٺا. بيوگلن جو رخ رت آلود آسمان ڏانهن ڪري، ڦڦڙن ۾ ساهه ڦوڪي، فتح جو آواز آلاپيائون. آواز تکو ۽ طويل هو، ۽ سنگينن وانگر سنڌ جي سيني ۾ لهي ويو.
سنڌ پاسو ورايو. موت جو فرشتو امان گهري پري ٿي بيٺو. هوشوءَ رت – هاڻيءَ جي مٽيءَ مان منهن مٿي ڪيو......
بيوگل جو آواز ٻڌي، سندس اتاولو روح سانوڻ جي سنڌوءَ وانگر بيقابو ۽ شهزور ٿي پيو. هن کاٻي ٻانهن وڌائي هڪ ڪهاڙي کڻي ورتي. ڪهاڙيءَ جي ڳن کي قابو ڪري، کوڙي، آهستي آهستي، هو ڪارڙو ۽ ڪوجهڙو، طاقتور ۽ قدآور جوڌو، لاشن جي وچ ۾ اٿي بيٺو. هن جو سڄو جسم رت جي کنهبي ۾ رڱيل هو. وارن کان پيرن تائين، عضوو عضوو زخمن کان چچرجي چور ٿي چڪو هوس. ماس لڱن کان ڌار ٿي ويو هوس. ساڄي ٻانهن ڪلهن کان ڪپجي، مشڪن جي هڪ تند ۾ لٽڪي رهي هيس. تيرن ۽ تلوارن، بڙڇين ۽ ڀالن، بندوقن ۽ سنگينن سندس سنڌ سنڌ پرڻ ڪري ڇڏيو هو. هن جي جسم تي چوونجاهه گهرا گهاو هئا.
هو اٿي بيٺو، ته عذاب جو احساس هيري جي ڪڻ وانگر سندس وجود مان پار ٿي ويو. ڪنڌ ۾ ڪنڍي تير جو رڪ ڦاٿل هوس، ۽ تير جي هيٺان تلوار جو اونهو گهاءُ هوس، جيڪو مشڪن کي ڪپيندو، مغزي ڏوريءَ تائين وڃي پهتو هوس.
هن آهستي آهستي اکيون کوليون. پنبڻين ۾ رت جا ذرڙا ياقوت جي داڻن وانگر پوتل هئس. تڪليف کان سڄو ماحول رٿ جي ڦيٿي وانگر ڦرندو محسوس ٿيس. اکين آڏو اوندهه اچي ويس. ڇپر ڇپن وانگر ڪري پيس. گوڏا وڃي رت هاڻي مٽيءَ سان لڳس. هن نرڙ ڪهاڙيءَ جي ڳن تي رکي ڇڏيو، سندس رڳ رڳ مان رت ٽمندو رهيو.
پوءِ، گهڙي کن رکي، سگهه ساري، ڪهاڙيءَ جي ڳن تي زور ڏيئي، ٻيهر اٿي بيٺو. ڦٽ کلي پيس، اندر ۾ عذاب جا آرا هلڻ لڳيس، پر هن آهه کي دل جي قيدخاني مان نڪري چپن تائين اچڻ نه ڏنو – دانهن نه ڪيائين. گهنڊ وجهي، ميجر جيڪب جي ڪيمپ ڏانهن ڏٺائين. سنڌ جي آزاد هوائن ۾ انگريزن جو رنگا رنگي جهنڊو جهولندو ڏسي، سندس وجود ۾ نفرت ۽ حقارت جو ٻرندڙ جبل ڦاٽي پيو. وڙهڻ لاءِ وک وڌايائين، پر وڌائي نه سگهيو. هو نهائينءَ وانگر کامندو، جيءَ ۾ جلندو رهيو.
پوءِ، اڪيلي سر، جتي سندس سورهيه سرويچ ساٿي سنڌڙيءَ تان جندڙي قربان ڪري شهيد ٿي چڪا هئا، هوشو زخمي شينهن وانگر گجگوڙ ڪري دشمن کي للڪاريو، پڪاريو، ...... رڻ گجيو، راڙو ٿيو.
بيوگل جي نڙيءَ ۾ ڀانءِ ته پلي جو ڪنڊو اٽڪي پيو. سر چارلس نيپيئر کان ڇرڪ نڪري ويو. ميجر جيڪب جي چپن تائين فتح جام ايندي ايندي ڇلڪي پيو. هو ٻيئي ۽ ڪئپٽن رچرڊسن تنبن مان ٻاهر نڪري آيا.
هوشوءَ کاٻي هٿ ۾ ڪهاڙيءَ جو ڳن مضبوط ڪري، هڪ ڌڪ سان لڙڪندڙ ساڄي ٻانهن ڪلهي کان ڌار ڪري ڇڏي.
انگريزن کان دانهن نڪري ويئي. سر چارليس نيپيئر حيرت مان، وچ ميدان ۾ بيٺل سنڌي سورمي ڏانهن ۽ پوءِ ميجر جيڪب ڏانهن ڏٺو.
ميجر جيڪب چيو، ”هيءُ هوشو آهي. اڄوڪيءَ جنگ ۾، هڪ ڊيميٽرس کان سواءِ رايل برٽش آرميءَ جا سڀئي جوڌا هوشوءَ سان زور آزمائي، مري مات ٿيا آهن.“
جنگجو پهلوان ڊيميٽرس مٿي کان پيرن تائين لوهه جي زرهه ۾ جهنجهيل هو، هو ٽنهي وٽ اچي بيٺو.
ميجر جيڪب چيو، ”مان سترهن جنگين ۾ وڙهيو آهيان، مون هوشوءَ جهڙو بي ڊپو ۽ سرڪش جرنيل نه ڏٺو آهي. سندس بي پناهه بهادري ڏسي، مون کي ساڻس نفرت ٿي ويئي آهي.“
ڊيميٽرس ماٺيڻي لهجي ۾ چيو، ”هوشو جيڪڏهن آسماني ڪتابن کان اڳ پيدا ٿئي ها ته سندس نالو حضرت شمعون سان گڏ لکيو وڃي ها. هن جي دليريءَ جا داستان ڏند ڪٿائن وانگر سنڌ ۾ صدين تائين ٻڌايا ويندا.“
”مونکي خبر آهي،“ سر چارلس نيپيئر چيو، ”مون کي اها خبر آهي ته اڄ رڻ تتي جڏهن هوشوءَ جي توب جو بارود ختم ٿي ويو هو، تڏهن هن لوهي توپ ڀاڪر ۾ ڀري، ڦيرائي، اسانجن سپاهين تي اُڇلائي هئي.“
ميجر جيڪب ڪيپٽن رچرڊسن ڏانهن ڏسندي چيو، ”ڪئپٽن، هوشوءَ اڄوڪي هڪ ڏينهن ۾ اسان جا ايترا ته جوڌا ماريا آهن جو ڳڻڻ کان ٻاهر آهن. مان توکي حڪم ٿو ڏيان ته کيس ماري، سندس سر سنگين تي چاڙهي، سر چارلس نيپيئر آڏو اچي پيش ڪر.“
ڪئپٽن رچرڊسن، پنهنجي جنگجو پهلوان ڊيميٽرس کي وٺي، ميدان ۾ ڪاهي پيو. هو ٻئي لاشن کي اورانگهيندا ڀڳل هٿيارن کي لتاڙيندا، وچ ميدان ڏانهن ڌوڪيندا ويا، جتي هوشو هماليا جبل وانگر ڳاٽ اوچو ڪيو بيٺو هو.
اڃا هو ٻيئي هوشوءَ کان ڪجهه پرڀرو هئا ته زرهه ۾ جهنجهيل ڊيميٽرس چيو، ”ڪئپٽن رچرڊسن، هوشوءَ جي بهادريءَ جو ذڪر منهنجي بزدليءَ جو اعتراف نه آهي.“
ڪئپٽن رچرڊسن منهن ورائي ڊيميٽرس ڏانهن ڏٺو.
ڊيميٽرس چيو، اڄوڪيءَ جنگ ۾ هوشوءَ جتي جتي پير رکيو ٿي، اتي ڌرتي ڌٻي ٿي، ڪنبي ٿي. تلوار جو وار ڪيائين پئي ته آسمان لرزيو ٿي.
”تنهنجن حواسن تي هوشوءَ جو خوف ڇانئجي ويو آهي،“
ڪئپٽن رچرڊسن چيو، ”هينئر هو زخمي آهي.“
”مون اڄ ڏينهن تائين فقط خوف جو نالو ٻڌو هو،“ ڊيميٽرس چيو، ”اڄ جڏهن هوشوءَ کي وڙهندي ۽ وار ڪندي ڏٺو اٿم، تڏهن خوف جو مفهوم سمجهيو اٿم.“
ڪئپٽن رچرڊسن کي منهن ۾ گهنڊ پيو. هو ٻيئي هوشوءَ ڏانهن وڌندا رهيا، ڳالهائيندا رهيا. نيٺ هوشوءَ کي سڏ پنڌ تي اچي پهتا.
ڪئپٽن رچرڊسن پنهنجي جنگجو پهلوان جي دل مٿي ڪرڻ لاءِ چيو، ”ڊيميٽرس، تون عهد روم جي گليڊيئٽرن جهڙو بهادر آهين. تنهنجا جنگي جوهر عظيم رچرڊ جي ڪارنامن سان ڀيٽڻ لائق آهن. تنهنجو وار آدمخور چيتي جي اڇل آهي. ڏسين ڇا ٿو، حملو ڪر!“
ڊيميٽرس هوشوءَ ڏانهن ڏٺو، هوشوءَ هٿ سان پنبڻين ۾ اٽڪيل سڪل رت جا ذرڙا، مهٽي، لاهي ڇڏيا. اڃ کان ٺوٺ ٿيل چپ ڏري پيا هئس. ڳيت ڏنائين، ته رت ٺينڊيون ڪندو ڦڦڙن ۾ وڃي ڦاٿس. هن ڊيميٽرس ڏانهن ڏٺو. ڪهاڙيءَ جي ڳن تي سندس مٺ لوهه وانگر قابو ٿي ويئي. آهستي آهستي ڦريو، ۽ ڪئپٽن رچرڊسن ۽ جنگجو ڊيميٽرس کي دوبدو ٿي بيٺو.
”ڊيميٽرس،“ ڪئپٽن رچرڊ سن رڙ ڪئي، ”ڏسين ڇا ٿو حملو ڪر.“
ڊيميٽرس ڪئپٽن رچرڊسن کان عمر ۾ وڏو هو. هن ڪئپٽن رچرڊسن ڏانهن ڏسڻ بنا چيو، ”ڪئپٽن، هيءُ هوشو، جنهن جو سنڌ سنڌ زخمن کان چور آهي، جيڪو وارن کان پيرن تائين رت ۾ رڱيل آهي، سو اڄ جڏهن اسان جي فوج تي ڪڙڪيو هو ته وڄ وانگر ڪڙڪيو هو، اسان جي صفن ڏانهن وڌيو هو ته طوفان وانگر وڌيو هو. جيئن جيئن بڙڇيون ۽ ڀالا لڳس پئي، تيئن تيئن گجيو ٿي. ڪئپٽن رچرڊ سن، ياد رک، هوشوءَ جو آواز صدين تائين سنڌ ۾ گونجندو رهندو.“
ڪئپٽن رچرڊسن اٽڪلي هو، حرفتي هو. هن پنهنجي جملي تي زور ڏيندي چيو، ”ته پوءِ ايڏي وڏي جرنيل کي مارڻ جو فخر حاصل نه ڪندين!“
ڊيميٽرس پنهنجو فولادي ٽوپ مٿي ڪري ڪئپٽن رچرڊ سن ڏانهن ڏٺو، ۽ چيو، ”هوشوءَ کي ڪوبه ماري نه سگهندو!“
ڪئپٽن رچرڊسن کي پنهنجي جنگجو پهلوان جو جواب ناگوار محسوس ٿيو. هن کهري لهجي ۾ ڊيميٽرس کي چيو، ”ڊيميٽرس مان، رايل برٽش آرميءَ جو ڪئپٽن رچرڊسن، توکي حڪم ٿو ڏيان ته هوشوءَ تي حملو ڪر!“
ڊيميٽرس سڌو ٿي بيٺو. مياڻ مان تلوار ڪڍندي چيائين، ”مان رايل برٽش آرميءَ جو معمولي پگهاردار سپاهي، تنهنجو حڪم مڃان ٿو. مان پنهنجي قيامت ڪاري ڪريان ٿو. هڪ گهايل ۽ زخمي سورمي تي وار ڪري، مان پنهنجيءَ ماءُ کي لڄايان ٿو.“
ڊيميٽرس وک کڻي هوشوءَ ڏانهن وڌي آيو. هڪ پگهاردار سپاهيءَ وانگر، تلوار سڌي ڪري هوشوءَ تي وريو.
هوشو ڪهاڙيءَ جي ڳن تي مٺ مضبوط ڪري، رهيل سهيل طاقت بدن ۾ ڀري، ٻانهن اُڀي ڪري، ڪهاڙي ڊيميٽرس کي اُڇلائي هنئي. ڪهاڙي کنوڻ وانگر کوندي، زرهه کي ڪاغذ وانگر ڪپيندي، ڦر سميت، اڌ ڳن تائين ڊيميٽرس جي سيني ۾ لهي وئي. ڊيميٽرس جي هٿ مان تلوار ڇڏائجي ويئي. وات وحشت مان ڦاٽي پيس، پر رڙ نه نڪتس. هو ڪري پيو. مٽيءَ جي بوتي وانگر ڀري پيو.
ڪئپٽن رچرڊسن بنا دير جي، اک ڇنڀ ۾، زهريلو ڀالو زخمي ۽ بي هٿيار هوشوءَ کي سموريءَ سگهه سان اُڇلائي هنيو. ڀالو هوشوءَ جي سيني کي چيريندو پٺيءَ تائين پار ٿي ويو. ڀالو هوشوءَ جي سيني ۾ کپي پيو.
هوشوءَ جي وات مان صدا بلند ٿي:
”مرسون مرسون، سنڌ نه ڏيسون!“
هوشوءَ پنهنجو هٿ ڀالي ۾ وجهي، سٽ ڏيئي، سيني مان ڇڪي ٻاهر ڪڍي ورتو. ڪئپٽن رچرڊ سن جو ساهه خوف کان سڪي ويو. هن هوش نه سنڀاليو هو جو هوشوءَ اُهو ڀالو چتائي ۽ کپائي، ڪئپٽن رچرڊسن جي کوپر تي وهائي ڪڍيو. ڪئپٽن جي ڪيبراٽي ذريون ذريون ٿي ويئي. هو رڙ ڪري، پهڻ وانگر ڌرتيءَ تي ڪريو ۽ برف وانگر ٺري ويو.
هوشوءَ اُجهامندڙ اک سان آسمان ڏانهن ڏٺو. آسمان تي لهندڙ سج رت – هاڻي لام ڇڏي ڏني هئي.
هوشوءَ ڌرتيءَ تي دان ڏنو. سندس هانءَ مان وهندڙ ۽ ٽمندڙ رت ڏسي، جا لڪيءَ چشما بند ٿي ويا. سنڌونديءَ جو وهڪرو ماٺ ۽ سانت ۾ سڪندو ويو. کير ٿر جون سر بلند چوٽيون جهڪنديون – هڪ طويل رڪوع ۾ نمنديون ويون.
هوشو ٿڙندو ٿاٻڙندو، وک کن وڌيو. اکين اڳيان اوندهه اچي ويس. اکين آڏو ماحول ڌنڌ ۾ ٻڏندو ويس. هو آهستي آهستي، گوڏا کوڙي، رت – ڀنيءَ ڌرتي تي ويهي رهيو.
روح اڻ – ڪٿ پولار ۾ ڀنواٽيون کائڻ لڳس، ڪائنات جي بي انت پکيڙ ۾ پکيءَ وانگر پرڙا هڻندو رهيس. ڪرنگهو ڪمان ٿيس. هو ابدي سجدي ۾ ڌرتيءَ تي جهڪي آيو. پنهنجا رت – هاڻا چپ سنڌ جي مٽيءَ سان ملائيندي چيائين،
”سنڌڙي منهنجي ماءُ،
جيجل منهنجي ماءُ،
تنهنجي سڏ تي سر ڏيئي،
مون جام شهادت پيتو.
اڄ اُسهان ٿو ديس پرائي،
جتان وري مان ورندس
صدين جا رخ موڙي،
حق جو جهنڊو عرش تي کوڙي،
۽ واڳ وقت جي موڙي،
مان تنهنجي سڏ تي ايندس.
جيجل منهنجي ماءُ،
سنڌڙي منهنجي ماءُ،
جڏهن به توتي اوندهه ايندي،
ظلم جي نگري ٿيندي،
رات ڏينهن کي اُڳري ويندي،
۽ کيپ ڪوڙ جي ٿيندي،
مان اِهڙي وقت ۾ ايندس،
۽ سر جو صدقو ڏيندس.
جيجل منهنجي ماءُ،
سنڌڙي منهنجي ماءُ
مان تنهنجي خاطر ڏاڍ ڏمر سان وڙهندس،
سر جي سين هڻي مان ايندس،
حق تان صدقي ٿيندس:
مان ايندو رهندس،
مرندو رهندس،
مري، وري مان جيئندس،
پر اڄ اُسهان ٿو ديس پرائي،
جتان وري مان ورندس.“
هوشوءَ پنهنجيءَ بيپناهه بهادريءَ ۽ بيمثال حب الوطنيءَ سان دٻي جي شڪست کي سنڌ جي سڀ کان وڏي فتح ۾ بدلائي ڇڏيو.
جنهن وقت ڪائنات مڪمل اوندهه ۾ گم ٿي رهي هئي، ۽ جنهن وقت انگريزن جي ڪيمپ مان ڪئپٽن رچرڊسن ۽ جنگجو ڊيميٽرس جي موت تي ٽرمپيٽ جي دردناڪ صدا بلند ٿي رهي هئي، تنهن وقت جنرل هوش محمد شيديءَ پنهنجي زندگيءَ جا آخري ساهه کنيا ..... ۽ پوءِ، ٿڪل ٽٽل ٻار وانگر، جيجل سنڌ جي هنج ۾ منهن رکي سمهي پيو. ■