ڪانسٽيٽيوشن ايوينيو تي موت
مان ڏاڍي عجب نموني مري ويو آهيان! مري وڃڻ جي باوجود مان پوري يقين سان محسوس ڪري سگهان ٿو، ته ڪجهه دير اڳ مان جيئرو هوس، ۽ پنهنجن پيرن تي بيٺل هوس. ڪانسٽيٽيوشن ايوينيو تي ڦهڪو ڪري، ڪِري پوڻ، ۽ مري وڃڻ کان اڳ مون پنهنجي ماروٽ موليٰ بخش ڪاري لاءِ واجهايو هو. پُراسرار نموني، اوچتو ئي اوچتو، هُو ڪيڏانهن غائب ٿي ويو هو. هلندي چلندي، ڳالهائيندي ٻولهائيندي هو گم ٿي ويو هو! مون کي ڏاڍو تعجب ٿيو هو. کن لاءِ سمجهيو هوم ته شايد جهنگ جي خيال سان جهنگ ڏانهن هليو ويو آهي. پر پوءِ، ڪافي دير تائين انتظار ڪرڻ جي باوجود جڏهن موليٰ بخش موٽي نه آيو، تڏهن، مون جهنگ ڏانهن منهن ڪري کيس سڏ ڪيو هو. موليٰ بخش هو هو هو!
موليٰ بخش ڪاري بدران جهنگ مان ٻه چار بگهڙ نڪري آيا هئا. منهنجو ساهه سُڪي ويو. چپ خشڪ، ۽ نرڙ آلو آلو ٿي پيو. مون زندگيءَ ۾ اڳ ڪڏهن به ڪنهن بگهڙ کي دوبدو نه ڏٺو هو. اکيون خوانخوار – رت هاڻيون، ڏند چنهنبائي ۽ تکا، ڪن کڙا، نڪ جون ناسون ڦونڊاريل، وات کليل، هٿ جيڏي ڄڀ ٻاهر نڪتل! هو مون ڏانهن جوهه وجهي ڏسي رهيا هئا. اُتان کسڪي وڃڻ ۾ مون پنهنجي عافيت ۽ خيريت سمجهي هئي. اک بچائي مون ڪانسٽيٽيوشن ايوينيو تي هلڻ شروع ڪيو هو – اول آهستي ۽ پوءِ تکو، ڳپل کن وکون کڻي، ڪنڌ ڦيرائي مون بگهڙن ڏانهن ڏٺو هو. بگهڙ ڳاڙهين اکين سان مون ڏانهن ڏسي رهيا هئا. مون هڪدم ٻيهر هلڻ شروع ڪيو. اسلام آباد ۾ طرحين طرحين جا جانور آهن. بگهڙ، گدڙ، سوئر، ڀولا وغيره. پر، جڏهن ڪپڙا لٽا پائي، ۽ تيل ڦليل ڪري سامهون ايندا آهن، تڏهن جهڙا ماڻهو! ڪافي اڳتي نڪري وڃڻ کان پوءِ، مون وري دل ٻڌي پٺتي نهاريو. ڏٺم ته بگهڙ اسيمبليءَ جي عمارت ڏانهن وڌي رهيا هئا. جڏهن اسيمبليءَ جي ويجهو پهتا، تڏهن چوڪيدارن، اردلين ۽ نائب قاصدن ڀڄي وڃي ڪرينن، بلڊوزرن، ۽ روڊ رولرن پٺيان پناهه ورتي هئي، ۽ بگهڙ اسيمبلي بلڊنگ ۾ داخل ٿي ويا هئا.
تڏهن، مون اول آسمانن ڏانهن ڏٺو هو، ۽ پوءِ ڌرتيءَ ڏانهن. ان کان پوءِ، ڦهڪو ڪري مان ڪري پيو هوس، ۽ مري ويو هوس. مون کي پنهنجي اوچتي مري وڃڻ کان وڌيڪ مولا بخش ڪاري جي گم ٿيڻ تي تعجب آهي!
موليٰ بخش ڪارو اصل ۾ ايڏو ڪارو نه هو، جو ڪارو سڏجڻ ۾ اچي! حقيقت هن ريت آهي، جو اسان جي ڳوٺ رئيس هڻ کڻ خاشخيليءَ ۾ ٻه موليٰ بخش هئا. هڪ اسان وارو ماروٽ، ۽ ٻيو ماستر رب ڏني عرف ربن جو پُٽ. اسان وارو ماروٽ موليٰ بخش رنگ جو سانورو هو. ماستر رب ڏني عرف ربن جو پٽ رنگ جو اڇيرڙو هو، پر ايڏو به نه جو ڏسڻ ۾ انگريز اچي! ٻنهي موليٰ بخشن جي سڃاڻپ خاطر ماستر رب ڏني عرف ربن جو پٽ موليٰ بخش، اڇو سڏجڻ ۾ آيو، ۽ اسان وارو ماروٽ موليٰ بخش، ڪارو.
پر، موليٰ بخش ڪارو ويو ڪيڏانهن! مان برابر مري ويو آهيان – عين قومي اسيمبليءَ جي عمارت جي سامهون، ڪانسٽيٽيوشن ايوينيو تي. ان ۾ ڪنهن به قسم جي شڪ شبهه جي گنجائش نه آهي. موليٰ بخش ڪاري لاءِ واجهائيندي مان جڏهن ڦهڪو ڪري، ۽ ڦيراٽي کائي ڪاري ڏامر جي ويڪري سڙڪ تي ڪري پيو هوس، تڏهن اونڌي منهن ڪريو هوس. اسيمبلي عمارت جي حفاظت ڪندڙ، سادن ڪپڙن وارا ڪجهه ڪمانڊو قسم جا ماڻهو رستو پار ڪري مون ڏانهن وڌي آيا هئا. مون کي چرسي يا هيروئني سمجهيو هئائون. مون کي لانگ بوٽن جي ٺوڪرن سان اُٿاري کڙو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئائون. مون کي دل تي ماءُ ڀيڻ جون گاريون به ڏنيون هئائون. پر مان پنهنجي جاءِ تي ائين، جيئن ڇپ! تڏهن، منجهائن هڪ ٿلهي ڪمانڊو نما شخص، جنهن مون کي سڀ کان وڌيڪ گاريون ڏنيون هيون، ۽ پاسراٽين ۾ لانگ بوٽ جون لتون هَنيون هُيون، ڏاڍي ڊرامائي انداز ۾ مون کان پري ٿي ويو – اُبتي پير هٽندو ويو، ۽ رڙيون ڪري پنهنجن برجستن ساٿين کي به پري ٿيڻ جي تلقين ڪندو ويو، ”هٽي وڃو، پري ٿيو، پري ٿيو، هٽو هٽو.“
سندس ساٿين هڪدم هٽڻ شروع ڪيو. هڪ ڄڻي ٿلهي ڪمانڊو کان پڇيو، ”خير ته آهي! ڳالهه ڇاهي؟“
ڪمانڊي سهڪندي، ۽ مون ڏانهن اشارو ڪندي چيو هو، ”اِهو شخص دشمن جو ايجنٽ آهي – ٽائيم بم قسم جو ايجنٽ آهي. سمورو بارود سان ڀريل آهي. ڪنهن به وقت وڏي ٺڪاءَ سان ڦاٽي پوندو، ۽ وڏي تباهي مچائيندو.“
اها ڳالهه ٻڌڻ شرط سمورا طاقتور ۽ صحتمند ڪمانڊو هڪدم ڌرتيءَ تي ليٽي پيا هئا، ائين، جيئن بمباريءَ کان اڳ زمين تي ليٽي پئبو آهي.
”توهين ٽائيم بم تي نظر رکو.“ ٿلهي ڪمانڊو چيو، ”مان بم ڊسپوزل يونٽ کي اطلاع ڪري اچان ٿو.“
ٿلهو ڪمانڊو ڊوڙندو اسيمبلي بلڊنگ ڏانهن هليو ويو هو.
مون کان سڏ پنڌ تي ليٽيل ڪمانڊو نما شخص منهنجي باري ۾ قياس آرايون ڪرڻ ۾ مصروف ٿي ويا هئا.
”سامهون پيل ٽائيم بم، جهڙو ماڻهو!“
”سائنس ڏاڍي ترقي ڪئي آهي!“
”هو ٽائيم بم ناهي. هو ٽائيم بم قسم جو ماڻهو آهي.“
”هو ماڻهو ناهي. هو ماڻهوءَ جهڙو، يا ماڻهوءَ جي نسل جهڙو ٽائيم بم آهي.“
”اُستاد چيو پئي ته هو بارود سان ڀريل آهي، ۽ ڦاٽي پوڻ کان پوءِ وڏي تباهي آڻيندو.“
”استاد چيو پئي ته هو ڪنهن دشمن ملڪ جو ايجنٽ آهي!“
”ممڪن آهي.“
”ڪهڙي ملڪ جو؟“
”هندستان جو، اسرائيل جو.“
”آمريڪا جو به ٿي سگهي ٿو.“
”آمريڪا سان اسان جا ڏاڍا دوستاڻا ناتا آهن.“
”روس جو؟“
”شايد.“
”ڀوتان جو؟“
”نه. ڀوتان سان به اسان جا سٺا تعلقات آهن.“
ان کان پوءِ هو سڀيئي وڏي سوچ ۾ گم ٿي ويا هئا. پاڻ ۾ سُس پُس ڪئي هئائون، جيڪا مون کي سمجهه ۾ نه آئي هئي. مان سمجهان ٿو، مختلف ملڪن جا نالا کڻي هنن هڪٻئي کان منهنجي باري ۾ راءِ ورتي هئي ته مان ڪهڙي ملڪ ۽ ساخت جو ٽائيم بم هوس – پر هو ڪنهن به راءِ تي متفق نه ٿيا هئا.
۽ پوءِ منجهائن هڪ ڄڻي رڙ ڪندي چيو هو، ”مان سمورو مامرو سمجهي ويو آهيان. هيءُ ديسي ساخت جو بم آهي.“
تڏهن اوچتو، هنن پاڻ ۾ ڳالهائڻ بند ڪري ڇڏيو هو.
هنن جڏهن پاڻ ۾ ڳالهائڻ بند ڪري ڇڏيو، تڏهن مون ٻيهر موليٰ بخش ڪاري جي باري ۾ سوچڻ شروع ڪيو هو. متان سمجهو ته مري وڃڻ کان پوءِ ماڻهو سوچڻ ڇڏي ڏيندو آهي! نه نه. ائين نه آهي. مان جيستائين جيئرو هوس، ۽ توهان وانگر ساهه کڻي سگهندو هوس، تڏهن ڀائيندو هوس ته مري وڃڻ کان پوءِ سڀ ڪجهه ختم ٿي ويندو آهي! حواس ۽ اندريون ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏينديون آهن! پر، مان ڀُليل هوس. ڪانسٽيٽيوشن ايوينيو تي ڪري پَوَڻ، ۽ مري وڃڻ کان پوءِ مون محسوس ڪيو آهي ته، مري وڃڻ کان پوءِ ماڻهوءَ جي سوچ ختم نه ٿيندي آهي – اُٽلندو، مري وڃڻ کان پوءِ ماڻهو وڌيڪ سوچڻ لڳندو آهي!
گهٽ ۾ گهٽ مون سان ته ائين ئي ٿيو آهي.
جڏهن کان مري ويو آهيان، لاڳيتو موليٰ بخش ڪاري جي باري ۾ سوچي رهيو آهيان. منهنجي مري وڃڻ کان ڪجهه دير اڳ تائين هو مون سان ساڻ هو. سنئون سڌو ماڻهو هو. غيبات نه هو، جو اوچتو ئي اوچتو گم ٿي ويو هو. مان سندس اڳ پُٺ کان ڀلي ڀت واقف آهيان. ماروٽ هئڻ جي ناطي، مان کيس چڱي طرح سڃاڻان ٿو.
موليٰ بخش ڪاري ميٽرڪ ڪرڻ کان پوءِ ڳوٺ رئيس هڻ کڻ خاشخيليءَ جي پرائمري اسڪول ۾ ماستري ڪئي هئي. هو ڏينهن جو ٻارن کي پڙهائيندو هو، ۽ رات جو پاڻ پڙهندو هو. پڙهائيندي ۽ پڙهندي، هو ايم اي ڪري ويٺو. ان دوران هن ڳوٺ جي ماٺي ماحول ۾ عجيب قسم جي بيچيني پکيڙي ڇڏي. بظاهر ڪجهه نه ڪندو هو. پنهنجي پڙهڻ ۽ پڙهائڻ واري ڪرت سان ڪم رکندو هو. بس، روزانو شام جو، بس اسٽاپ جي ڀرسان صديق جي ڊرائيور هوٽل ۾ وڃي ويهندو هو، ۽ محفل مچائيندو هو. ماڻهن کي اخبارن مان خاص خاص خبرون پڙهي ٻڌائيندو هو، ۽ پوءِ ڳوٿريءَ مان ڪو ڪتاب ڪڍي پڙهي ٻڌائيندو هو. ڪتاب انگريزي يا ٻئي ٻوليءَ ۾ هوندو ته تڙي کڙي ترجمو ڪندو ويندو هو. الاءِ ڪهڙا ڪهڙا ڪتاب ماڻهن کي پڙهي ٻڌائيندو هو. انهن ڏينهن ۾ مان نوڪريءَ سانگي ڳوٺ کان ٻاهر ڌڪا کائيندو هوس، ۽ پوءِ ڌڪا کائيندي کائيندي اسلام آباد کان اچي نڪتو هوس. ٻڌو هوم ته موليٰ بخش خبيث قسم جي ڪتابن جا ترجما ڪري ماڻهن کي پڙهي ٻڌائيندو هو. ڪجهه عرصي کان پوءِ ڳوٺ جا ماڻهو اُهي ماڻهو نه رهيا، جيڪي صدين کان هئا. سندن سوچ بدلجي ويئي. ڳوٺ جي چئن چڱن ۽ بيٺلن کي موليٰ بخش ڪاري جي اها حرڪت پسند نه آئي. پڄنديءَ وارا هئا. هنن هٿ پير هڻي موليٰ بخش کي نه فقط نوڪريءَ مان ڪڍرائي ڇڏيو، پر کيس علائقي جو ناپسنديده شخص قرار ڏياري، پوليس جي مدد سان ڳوٺ مان در بدر ڪرائي ڇڏيو. انهن وارداتن جي خبر مون کي ڳوٺ مان ايندڙ چٺين چپاٽين مان پوندي رهندي هئي. ۽ پوءِ هڪڙي ڏينهن موليٰ بخش ڪارو پاڻ اسلام آباد کان اچي نڪتو – انصاف جي تلاش ۾، پر گم ٿي ويو.
قومي اسيمبليءَ جي سامهون. ڪانسٽيٽيوشن ايوينيو تي مان اونڌي منهن مئو پيو هوس. سڏ پنڌ تي ڪمانڊو قسم جا برجستا ڪجهه ماڻهو مون تي نظر رکي فوجي انداز ۾ زمين تي ليٽيا پيا هئا. تڏهن، سندن اُستاد بم ڊسپوزل، يعني بمن کي ناڪارو ڪرڻ واري جٿي سان ظاهر ٿيو. جيئن ئي بم ڊسپوزل ڪرڻ وارا ڪارندا منهنجي ويجهو پهتا، ڪمانڊو قسم جا جانٺا زمين تان اُٿي، هڪدم اُتان هليا ويا. فقط سندن اُستاد موجود رهيو.
بم ناڪارو ڪرڻ وارن مان هڪ ڄڻو ڊڄندي ڊڄندي، ڏاڍي خبرداريءَ سان منهنجي ويجهو آيو. ٻئي طرف کان هڪ ٻيو ڄڻو، هوبهو ساڳئي انداز ۾ منهنجي ويجهو آيو. اهو تماشو مون کي ڏاڍو دلچسپ محسوس ٿيو هو. سندن چرچائين جهڙي چال تي مون کلڻ چاهيو هو، پر، پوءِ محسوس ڪيو هوم ته مري وڃڻ کان پوءِ ماڻهو سوچي ته سگهندو آهي، پر کِلي نه سگهندو آهي. پير پير ۾ کڻندا، ٻئي ڄڻا منهنجي ويجهو آيا. اوزارن سان مون کي چڪاسيو هئائون. پوءِ، مايوسيءَ وچان منهن ورائي، پريان بيٺل ساٿين ڏانهن ڏسي ناڪار ۾ ڪنڌ لوڏيو هئائون. سمورا ڪارندا مون ڏانهن وڌي آيا هئا. جن مون کي اوزارن سان تپاسيو هو، تن مان هڪ ڄڻي چيو هو، ”هيءُ ڪنهن به قسم جو ٽائيم بم نه آهي. ماڻهو آهي.“
هنن پڻ ٺوڪرن سان مون کي اُٿارڻ جي ڪوشش ڪئي هئي. ”هيروئن جو وڏو وزم ورتو اٿائين“، منجهائن هڪ ڄڻي چيو هو. ٻن ڄڻن مون کي کنڀي، ٻانهن ۽ ڪلهي کان جهلي، ڦيرائي سڌو ڪري ڇڏيو هو، ۽ منهنجو منهن آسمان ڏانهن ٿي ويو هو. تڏهن کان منهنجو منهن آسمان ڏانهن آهي. هڪ ڄڻي منهنجي ٻانهن مٿي ڪري، ڪارائيءَ تي آڱريون رکي منهنجي نبض تلاش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي. سندس منهن تي تعجب تري آيو هو. هن جُهڪي، پنهنجو ڪن منهنجي سيني تي رکي، دل جي ڌڙڪڻ جو آواز ٻڌڻ جي ڪوشش ڪئي هئي. ڪجهه دير جي جستجو کان پوءِ هو ڇرڪي، هٽي ويو هو. پنهنجن ساٿين ڏانهن ڏسندي چيو هئائين، ”هيءُ شخص مري ويو آهي.“
ڪمانڊو قسم جي اُستاد هٿ جي اشاري سان پنهنجي هڪ ماتحت کي سڏ ڪيو هو. ويجهو اچڻ تي کيس چيو هئائين، ”ڪنهن اسپتال کي هڪدم فون ڪريو، ۽ حاڪم وقت جي سواري اچڻ کان اڳ هيءُ لاش هتان کڻائي ڇڏيو.“
تڏهن کان مان ڪانسٽيٽيوشن ايوينيو تي پيو آهيان، ۽ ايمبولينس جو انتظار ڪري رهيو آهيان، ۽ پنهنجي ماروٽ موليٰ بخش ڪاري جي باري ۾ سوچي رهيو آهيان.
مون کي هڪ ڏينهن مرڻو هو. مان مري ويو آهيان. پر، موليٰ بخش ڪارو ڪيڏانهن ويو! اهڙي پُراسرار نموني الوپ ٿيڻ کان بهتر آهي ته ماڻهو مري وڃي! ته پوءِ، موليٰ بخش ڪارو مرڻ بدران الوپ ڇو ٿي ويو آهي! اِهو ته چڱو ٿيو جو مان مري ويو آهيان. جيئرو هجان ها، ته موليٰ بخش ڪاري جي مائٽن، خاص ڪري پنهنجي ماميءَ، گُلان پٺاڻيءَ کي ڪهڙو جواب ڏيان ها، جن پَٽَ سَٽ ڪري، ڀاڙو ڀَتو هٿ ڪري موليٰ بخش ڪاري کي داد فرياد لاءِ اسلام آباد روانو ڪيو هو، ۽ منهنجي حوالي ڪيو هو! اسلام آباد جي راڄڌانيءَ ۾ نوڪري ڪندي جيئن ته مون کي ڏهه – پنڌرهن سال گذري ويا آهن، بلڪه گذري ويا هئا، تنهن ڪري ڳوٺ هڻ کڻ خاشخيليءَ ۾ منهنجن مائٽن کي پڪ هئي ته مان اهڙو ڪو وَيَل نه هوندس، ۽ موليٰ بخش ڪاري کي انصاف وٺي ڏيڻ ۾ وسان ڪين گهٽائيندس: کيس انصاف کيسي ۾ وجهي اسلام آباد مان روانو ڪندس! پر، انصاف کي ته ڇڏيو، مان ته مرڳو موليٰ بخش ڪاري کي صحيح سلامت واپس ڪرڻ جهڙو به نه آهيان! مان مري ويو آهيان. ڪلاڪ ڏيڍ کان ڪانسٽيٽيوشن ايوينيو تي، اسيمبلي عمارت جي عين سامهون، رستي تي مئو پيو آهيان. موليٰ بخش ڪارو ڪيڏانهن گم ٿي ويو آهي. عجيب ماجرا آهي!
موليٰ بخش ڪارو ڊپٽي ڪمشنريءَ لاءِ درخواست کڻي اسلام آباد نه آيو هو. هُو پرائمري ماستري موٽائي وٺڻ، ۽ پنهنجو نالو علائقي جي ناپسنديده ماڻهن جي لسٽ مان ڪڍائڻ جي درخواست کڻي آيو هو. ڪُجهه ڏينهن کان مون وٽ رهيل هو. وڏي جاکوڙ کان پوءِ اسان پنهنجي ڳوٺ هڻ کڻ خاشخيليءَ جي ايم اين اي، يعني قومي اسيمبليءَ ۾ پنهنجي ڳوٺ جي طرفان چونڊائي موڪليل ميمبر کي ڳولي هٿ ڪيو هو. جڏهن به وٽس وياسين، هو اسان کي ڏاڍو مصروف نظر آيو هو – ملڻ ۽ اسان سان ڳالهائڻ کان پڙ ڪڍي بيٺو هو. هُو ايتريقدر مصروف نظر ايندو هو، جو اسيمبليءَ جي اجلاس ۾ وڃڻ جي به کيس فرصت نه ملندي هئي. شروعات ۾ هو جڏهن ڳوٺ هڻ کڻ خاشخيليءَ مان چونڊجي آيو هو، تڏهن ٻه ٽي دفعا اسيمبليءَ جي اجلاس ۾ شريڪ ٿيو هو. هڪ دفعي چَوَن ٿا ته اسيمبليءَ جو اجلاس هلندي کيس ننڊ کڻي ويئي هئي. ان کان سُتت پوءِ، هو ڏاڍو مصروف ٿي پيو هو، بلڪه آهي، مصروف ٿي پيو آهي، ۽ اسلام آباد ۾ مصروف زندگي گذاريندو آهي. هن موليٰ بخش ڪاري سان ملڻ ۽ ڳالهائڻ کان بنهه انڪار ڪري ڇڏيو هو.
اسين به سندس در جي چانئٺ جهلي ويهي رهيا هئاسين. هڪڙي ڏينهن مصروفيت دوران الاءِ ڇو ٻاهر نڪتو. اسان ٻنهي تي نظر پيس ته باهه ٿي ويو. رڙ ڪندي پڇيو هئائين، ”اڙي بدبختوءَ! ڪير آهيو جو منهنجي لاءِ چچڙ ٿي پيا آهيو؟“
اول مون ڳالهايو هو، چيو هيم، ”سائين، مان ڳوٺ هڻ کڻ خاشخيليءَ جي مشهور ۽ معروف قاصائيءَ مراد جو پٽ آهيان، ۽ پنڌرهن سالن کان قوم جي خدمت ڪري رهيو آهيان.“
ڪاوڙ وچان چيو هئائين، ”اڙي، مون کي ووٽ ڏيئي مون تي احسان ڪيو اَٿَوَ ڇا!“
”نه، سائين نه! اها ڳالهه ناهي.“ ڏاڍي نماڻي نوع ۾ چيو هوم، ”مون ته اوهان کي ووٽ به نه ڏنو هو: ڪنهن کي به ووٽ نه ڏنو هو. منهنجو ووٽ ڳوٺ ۾ هو، ۽ چونڊن دوران مان هتي هوس، اسلام آباد ۾، ۽ قوم جي خدمت ڪري رهيو هوس.“
ڪجهه ڪجهه ٺريو هو. مڇن تي تائو ڏيندي پڇيو هئائين، ”ڪهڙو ڪم اٿئي؟“
”ڪم مون کي ناهي.“ چيوم هوم، ”ڪم موليٰ بخش ڪاري کي آهي. منهنجو ماروٽ آهي. منهنجيءَ ماميءَ گلان پٺاڻيءَ جو پٽ آهي. منهنجو مامو مري ويو آهي.“
ميمبر صاحب جوهه وجهي موليٰ بخش ڪاري ڏانهن ڏٺو هو. ڏسندي ئي ڏسندي سندس اکيون رت هاڻيون ٿي پيون. ناسون ڦونڊارجي ويس. ڏند چنهبائي، تکا، ۽ ڪات جهڙا ٿي پيس. منهنجو ساهه وڃي پيرن ۾ پيو هو. ڪنبندي ڪنبندي چيم، ”سائين، موليٰ بخش ڪاري اوهان کي ووٽ ڏنو هو. هن اوهان لاءِ ورڪ به ڪيو هو.“
منهنجي ڳالهه ٻڌي اڻٻڌي ڪندي هو سڌو وڃي موليٰ بخش ڪاري جي مٿان بيٺو هو.
موليٰ بخش ڪارو بنا ڪنهن تاثر جي ميمبر صاحب ڏانهن ڏسي رهيو هو.
مون وچ ۾ چيو هو، ”سائين، موليٰ بخش ڪارو ڳوٺ هڻ کڻ خاشخيليءَ ۾ پرائمري ماستر هو. ايم اي آهي. کانئس نوڪري کسي، کيس ڳوٺ مان دربدر ڪيو اٿائون.“
”مون کي خبر آهي – مون کي خبر آهي.“ ميمبر صاحب ڏند ڪرٽيندي چيو هو، ”مون کي حيرت آهي، ته هيءُ اڃا تائين جيل کان ٻاهر ڇو آهي!“
ڪجهه نه سمجهندي مون ميمبر صاحب کان پڇيو هو، ”سائين، جيئندا قبلا، منهنجي ماروٽ موليٰ بخش ڇا ڪيو آهي؟“
”هن ڳوٺ هڻ کڻ خاشخيليءَ جي ماڻهن ۾ بيچيني، بي اطميناني، ۽ بدامني پکيڙي آهي.“ ميمبر صاحب چيو هو، ”مون کي سموريون خبرون ملنديون رهيون آهن - سنڌ ۾ لڳندڙ ڌاڙن پٺيان تنهنجي ماروٽ جو هٿ آهي. هليا وڃو - نڪري وڃو - ٻيهر هن طرف آيا آهيو، ته ٽيپ کارائيندو مانوَ.“
ميمبر صاحب در ڦهڪائي اندر هليو ويو هو، ۽ وري ڏاڍو مصروف ٿي ويو هو.
موليٰ بخش ڪارو اُٿي بيٺو هو. هُن ڪنڌ جهڪائي ڪانسٽيٽيوشن ايوينيو تي هلڻ شروع ڪيو هو.
واٽ تي مون کانئس پڇيو هو، ”موليٰ بخش، تو ڳوٺ هڻ کڻ خاشخيليءَ جي ماڻهن کي ڇا چيو آهي؟“
هن جواب نه ڏنو هو.
مون کانئس پڇيو هو، ”تو ڳوٺ وارن کي اِهو ته نه ٻڌايو آهي ته، سج نه اوڀر مان اڀرندو آهي، ۽ نه اولهه ۾ لهندو آهي - ڌرتي پنهنجي گردش سبب ڪڏهن اوندهه جو، ۽ ڪڏهن روشنيءَ جو سفر ڪندي آهي! سج اٽل آهي.“
موليٰ بخش ڪاري ڪو جواب نه ڏنو هو. ڪنڌ جهڪائي، هو ڪانسٽيٽيوشن ايوينيو تي هلندو رهيو هو.
مون موليٰ بخش کان پڇيو هو، ”تو ڪٿي ڳوٺ وارن کي اهو ته نه ٻڌايو آهي، ته ڳوٺ جي سُڪل کوهه ۾ سچ پچ پاڻي ڪونهي – ۽ ٿوهر پوکي ڏاڙهونءَ ۽ صوف جي اُميد نه لڳائبي آهي!“
تڏهن، موليٰ بخش ڪارو هلندي هلندي عين اسيمبليءَ جي عمارت آڏو بيهي رهيو هو. هن ڏاڍي عجيب، پڙاڏي جهڙي آواز ۾ چيو هو، ”ڪڏهن ڪڏهن ائين به ٿيندو آهي، جو پوکبو ته ڏاڙهون ۽ صوف جو ٻج آهي، پر موٽ ۾ ٿوهر ملندو آهي.“
موليٰ بخش ڪاري جو آواز منهنجي روح ۾ لهندو ويو. منهنجو وجود ڪنبڻ لڳو. مون پنهنجي اندر انيڪ آوازن جا انيڪ پڙاڏا ٻڌا، ”ڪڏهن ڪڏهن ائين به ٿيندو آهي، جو پوکبو ته ڏاڙهونءَ ۽ صوف جو ٻج آهي، پر موٽ ۾ ٿوهر ملندو آهي.“
مان ڦهڪو ڪري، ڪِري پيس. ڪانسٽيٽيوشن ايوينيو تي مري ويس. موليٰ بخش ڪارو هڪدم الوپ ٿي ويو.
مون کي مُئي ٻه ڪلاڪ کن گذري ويا آهن. ڪجهه راهگير بيهي رهيا آهن، ۽ اچرج وچان مون ڏانهن ڏسي رهيا آهن. لڳي ٿو، هنن سڙڪ تي مُئل ماڻهو پنهنجيءَ زندگيءَ ۾ پهريون دفعو ڏٺو آهي. اسيمبليءَ جي عمارت آڏو لوهي شيخن جو لوڙهو بيهارڻ لاءِ هلندڙ ڪم بيهجي ويو آهي. لوهي شيخن کي ڏامر ۾ سيمنٽ ۽ ڪانڪريٽ سان ڦاسائيندڙ مزور مون ڏانهن ڏسي رهيا آهن. اسيمبليءَ جي عمارت آڏو بيٺل ڪمانڊو قسم جي ماڻهن ۽ قانون نافذ ڪرڻ وارن ادارن جي ڪارندن ۾ ڏاڍي بيچيني آهي. هو هڪ ايمبولينس جي اچڻ جا منتظر آهن. حاڪم وقت جي سواري اچڻ کان اڳ هو منهنجو لاش اسيمبلي بلڊنگ آڏو کڻائڻ چاهين ٿا.
منهنجي چو طرف تماشائين جو تعداد وڌي رهيو آهي. هڪ تماشائيءَ چيو آهي، ”جڏهن لوهه جي شيخن جي پڃري جهڙي ڀت اسيمبلي بلڊنگ آڏو اڀي ڪئي ويندي، تڏهن ان مان ٻه فائدا حاصل ٿيندا. هڪ ته ڪوبه ڪارو ڪوجهو اسيمبلي بلڊنگ جي ويجهو اچي نه سگهندو، ۽ ٻيو ته ڪو به اهڙو تهڙو شخص اسيمبلي بلڊنگ جي عين سامهون مري نه سگهندو، ۽ ملڪ لاءِ بدناميءَ جو باعث نه ٿيندو.“
مان سمجهان ٿو، ايمبولينس اچڻ کان اڳ حاڪم وقت جي سواري پهچي ويندي. حاڪم وقت آمريڪا ۾ اسٽيچو آف لبرٽي (آزاديءَ جي مجسمي) آڏو اگربتي ٻارڻ جهڙو نمايان ڪارنامو ڪري موٽيو آهي. هو پنهنجا تاثرات، ۽ مشاهدا ميمبرن کي ٻڌائڻ لاءِ هوائي اڏي کان سڌو اسيمبليءَ ڏانهن اچڻو آهي. مون کي حيرت آهي ته منهنجو لاش کڻڻ لاءِ اڃا تائين ڪابه ايمبولينس نه پهتي آهي!
ائين برابر آهي ته مان اسيمبلي عمارت جي عين سامهون، ڪانسٽيٽيوشن ايوينيو تي مري ويو آهيان، ۽ هينئر ڏسڻو اِهو آهي ته حاڪم وقت جي سواري اچڻ کان اڳ مون کي کڻڻ لاءِ هڪ ايمبولينس ايندي، يا حاڪم وقت جي شاهي سواري ايندي! پر مان موليٰ بخش ڪاري جي باري ۾ سوچي رهيو آهيان. ڪٿي ائين ته ناهي، جو موليٰ بخش ڪاري مون وانگر مري وڃڻ تي گم ٿي وڃڻ کي ترجيح ڏني آهي - ڇو جو مري ويل موٽي نه ايندا آهن، پر، گم ٿيل تاريخ جي صفحن مان ٻيهر موٽي ايندا آهن! ■