ڪاري ڪٿي آهي
”ڍولڻ، تنهنجي ڀيڻ ڪيتري ڪاري آهي؟“ هڪ ننڍڙي نينگر پڇيو.
ڍولڻ وراڻيو، ”سج لهڻ کان پوءِ ڪنهن کي نظر نه ايندي آهي.“
”ابول.“ نينگر وائڙو ٿي ويو. پڇيائين، ”تنهنجي ڀيڻ ٽنڊڻ ته ناهي؟“
”نه نه، ٽنڊڻ ناهي.“ ڍولڻ وراڻيو، ”ٽنڊڻ کان ڪجهه گهٽ ڪاري آهي.“
اوچتو ٻارن هڪدم هڪ مهل پاڻ ۾ ڳالهائڻ شروع ڪيو. سمجهه ۾ نه پئي آيو ته ڪنهن ڇا پئي ڳالهايو. هڪ ٻار ڪجهه برجستو هو. هن جو نالو مترڪو هو. هن سڀني کي ماٺ ڪرائيندي چيو، ”معاملو گڙٻڙ آهي. اسان کي پنهنجي پنهنجي گهر ۾ ڪارين جو فڪر ڪرڻ گهرجي.“
ٻار فڪر ۾ پئجي ويا. طمنچي چيو، ”منهنجي ماءُ ڏاڍي ڪاري آهي.“
”منهنجي ماءُ تنهنجي ماءُ کان وڌيڪ ڪاري آهي.“ مترڪي چيو، ”منهنجي ماءُ شيدياڻي آهي.“
وڏي بحث مباحثي ۽ سوچ ويچار کان پوءِ فيصلو ٿيو ته سڀ کان اڳ ٻار پنهنجي پنهنجي گهر ويندا. گهر ۾ جيڪا به ڪاري عورت هوندي ان کي خطري کان آگاهه ڪندا. ان کان هڪدم پوءِ پاڙي جي ڪنهن گهر ۾ قيد ڪاريءَ کي بچائڻ جي ڪا ترڪيب سوچيندا.
ٻار پنهنجن پنهنجن گهرن ڏانهن روانا ٿي ويا. ڊوڙندي ۽ سهڪندي سڀ کان اڳ ڍولڻ پنهنجي گهر پهتو. هيڏانهن هوڏانهن ڏٺائين. پوءِ وڏي واڪ ماءُ کان پڇيائين. ”امان متيري ڪٿي آهي؟“
ماءُ وراڻيو. ”مون کي ڪهڙي خبر ته ڪني ڇوري ڪٿي آهي. گهٽيءَ ۾ ڌڪا پئي کائيندي هوندي.“
ڍولڻ گهٽيءَ ۾ ڪاهي پيو. سندس پنجن سالن جي ڀيڻ متيري پاڙي جي ٻين ٻارڙين سان راند ڪري رهي هئي. ڍولڻ ڀيڻ کي هنج ۾ کڻي ورتو ۽ گهر موٽي آيو. ڀيڻ کي ماءُ جي هنج ۾ ڏيندي چيائين، ”لڪائي ڇڏينس. ڪهڻ آيا اٿس.“
ماءُ کيس ڇڙٻ ڪڍي، ”موئا، مٿو ته نه ڦري ويو اٿئي؟“
”منهنجو مٿو جائيتو آهي.“ ڍولڻ چيو، ”ڪات ڪهاڙا کڻي آيا آهن. ڪنهن به ڪاريءَ کي نه ڇڏيندا.“
ماءُ ڍولڻ کي ٿڦ وهائي ڪڍي، ڍولڻ جا ماشا گم ٿي ويا. ماءُ چيو، ”موئا بيحياءَ، پتڪڙي ڀيڻ کي ڪاري ٿو چوين!“
”ڪاري ناهي ته ٻيو وري ڇاهي! ”ڍولڻ رنڌڻي مان تئو کڻي آيو. ڪاوڙ ڪندي چيائين. ”ذري گهٽ هن تئي جهڙي ڪاري آهي. لڪائي ڇڏينس. ڪهي ڳڀا ڳڀا ڪري ڇڏيندس.“
متيريءَ گهرڙي ڍولڻ کي ڀونڊو ڏنو. پوءِ ڄڀ ڪڍي ڏيکاريائينس. ماءُ پادر ۾ هٿ وڌو. ڍولڻ وٺي ڀڳو.
ذري گهٽ ساڳئي وقت طمنچو گهر پهتو. ماڻس اُن مهل مينهن جو کير پي ڏهيو. هو ڀاڪر پائي ماءُ سان چنبڙي پيو. ماڻس پري ڪندس چيس، ”اصل نه ڏيندي مانءِ ٽڪو به، موئا جوئاري.“
طمنچو وري وڃي ماءُ سان چنبڙي پيو. روئڻهارڪي آواز ۾ چيائين. ”امان، تنهنجو خير ڪونهي. توکي ڪهڻ وارا پاڙي ۾ پهچي ويا آهن.“
ماڻس ڪن کان ڇڪي طمنچي کي پنهنجي سامهون بيهاريو، ”ڇورا، اهو وري ڇا پيو چوين؟“
”هڪڙي ڪاريءَ کي اُسر ويل ڪهي، ڳڀا ڳڀا ڪري واهه ۾ لوڙهي ڇڏيندا.“ طمنچي چيو، ”تون به گهٽ ڪاري ناهين امان. تون ڪٿي لڪي پئُه. توکي به ڪهي ڇڏيندا.“
”اڙي بدبخت ڇورا!“ ماءُ طمنچي کي بجا هڻندي اٿي بيٺي. چيائين، ”بيشرم، ماءُ کي ڪاري ٿو چوين!“
”مون کي مارين ڇو ٿي؟“ طمنچي سنگهه اُگهندي چيو، ”تون هن مينهن کان گهٽ ڪاري ناهين.“
ماءُ لٺ ۾ هٿ وڌو. طمنچو وٺي ڀڳو.
لڳ ڀڳ ساڳئي وقت مترڪو به پنهنجي گهر پهتو. سندس ماءُ ڪيچ مڪران جي شيدياڻي هئي. مترڪي ماءُ کي چيو، ”امان تون هڪدم ڪيچ مڪران هلي وڃ.“
ماءُ پڇيو. ”ڇو ڙي؟“
مترڪي چيو، ”ڪارين کي ڪهڻ وارا پهچي ويا آهن.“
ماءُ لاپرواهيءَ سان چيو، ”ڀلي ڪهن.“
مترڪي چيو، ”توکي به ڪهي ڇڏيندا.“
ماءُ مڪراني لهجي ۾ چيو، ”مون کي ڙي ڇو ڪهندا؟“
مترڪي چيو، ”تون بنهه ڪاري آهين، ان ڪري.“
”اڙي آئون ڪارو آهيان!“
مترڪي جي مڪراني ماءُ مذڪر کي مونث، ۽ مونث کي مذڪر ڪري ڳالهائيندي هئي. اصل چري ٿي پيئي. ”اڙي آئون ڪارو آهيان! آئون ڪارو آهيان!“
مترڪو ڊوڙ پائي آئينو کڻي آيو. ماءُ کي ڏيکاريندي چيائين. ”تُون ڪاري آهين، منهنجي ماءُ. ڏس. هن آئيني ۾ ڏس. تون ڪاري آهين.“
ماءُ مترڪي کي ڇڪي پنهنجي سامهون بيهاريو ۽ پوءِ کيس نڪ تي ٽڪر وهائي ڪڍيائين. مترڪو رت جون ٺينڍيون وهائيندو هليو ويو.
ڪجهه دير کان پوءِ سمورا ٻار گهران مار موچڙو کائي موٽي آيا ۽ پاڻ ۾ حالي احوالي ٿيا. ڪو اهڙو ٻار نظر نه آيو جنهن جي چڱيءَ چوکي مرمت نه ٿي هجي. ڪنهن جي مٿي تي ڊول، ڪنهن جي نرڙ تي گومڙو، ڪنهن جو چپ ڦاٽل، ڪنهن جو ڪن مروڙيل! هر ٻيو ٻار منڊڪائي پي هليو. گهر ۾ سڀني کي ٺاهوڪي مار ملي هئي. پاڻ ۾ گڏجي ويٺا. ٻارن کي ماجرا سمجهه ۾ نه آئي. ڍولڻ جي ڀيڻ متيري صفا ٽنڊڻ جهڙي ڪاري هئي. پر ماڻس کيس ڪاري مڃڻ لاءِ تيار نه هئي! مترڪي جي ماءُ شيدياڻي هئي. ڏامر جهڙي ڪاري هئي، پر پاڻ کي ڪاري مڃڻ لاءِ تيار نه هئي. طمنچي جي ماءُ مينهن جهڙي ڪاري هئي، پر ڪاري چوڻ تي طمنچي کي ٺاهوڪي مار ڪڍيائين. ان ڳالهه تي سڀني کي حيراني گهٽ ۽ پريشاني وڌيڪ ٿي پيئي.
پنهنجي پريشاني دور ڪرڻ لاءِ ٻارن فيصلو ڪيو ته هو ڪيئن به ڪري ڪاريءَ کي وڃي ڏسندا. جنهن کي اُسر ويل ڪهي. ڳڀا ڳڀا ڪري واهه ۾ وهائي ڇڏيندا. ٻارن اصل ۾ ڏسڻ پئي چاهيو ته ڪاري ڪيتري قدر ڪاري هئي جو پنج ڇهه جانٺا جوان کيس ڪهڻ لاءِ ڪانڀ ڪڍي بيٺا هئا. ڪاريءَ کي ڏسڻ کان پوءِ کين خبر پئجي سگهندي ته ڪاريءَ جي ڪاري رنگ ۽ متيريءَ، ۽ طمنچي ۽ مترڪي جي مائن جي ڪاري رنگ ۾ ڪهڙو فرق هو؟ ان کان پوءِ هو معلوم ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا ته ڇا جڳ جهان ۾ ڪاري رنگ تي بندش پئجي وئي آهي، خاص ڪري عورت جي ڪاري رنگ تي، جو جيڪا به ڪاري عورت زور آورن کي نظر ايندي تنهن کي ڪهي ڇڏيندا!
ٻارن ذري گهٽ اقوام متحده جهڙي ايجنڊا پنهنجي سامهون رکي ۽ ان تي عمل ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو. سڀ کان اڳ ٻار ان کوجنا ۾ پئجي ويا ته ڪاريءَ کي ڪهڙي گهر ۾ قيد ڪري ويهاريو هئائون. پاڻ ۾ ٻه ٻه ٿي، ٽوليون ٺاهي پاڙي جي گهرن ۾ اجايو سجايو ڪاهي پيا. ڪونه ڪو بهانو ٺاهي وٺن. بال ڪنهن جي گهر ۾ اڇلائي هڪدم در کڙڪائين. چَون، ”آنٽي، اسان جو بال اوهان جي گهر ۾ اچي ڪريو آهي.“ پوءِ لڳي وڃن بال ڳولڻ کي، پر نگاهون لائيٽ هائوس وانگر ڦيرائيندا رهن. ڪمرو ڪمرو جاچيندا رهن.
ڪڏهن پاڻي پيئڻ جو بهانو ڪري وڃي ڪنهن گهر جو در کڙڪائين. چون ”ماسي، اُس اصل ماري وڌو آهي. ٿڌو پاڻي ته پيئار.“
ٻارن کي نه هو هوش بک جو، ۽ نه اُڃ جو. پري پري تائين ذري گهٽ سموري پاڙي جو سروي ڪري ورتائون. کين ڪٿي به ڪاريءَ جي کڙڪ پئجي نه سگهي. هر گهر ۾ ماحول روز مرهه جهڙو هو. سس ننهن نڙاڻ جا جهيڙا، ڏيرن ڏيراڻين جا ڌمچر. ٻارن جو روڄ راڙو. پٽون ۽ پاراتا – موئا مرين، ٽيهڙ تپ چڙهيئي. شل ڄنگهه ڀڄيئي، دستگير جي ڇپ پويئي. هر گهر مان نج سنڌي سڀيتا ليئا پئي پاتا.
ٻار مايوس ٿي ميڙ ڪري ويهي رهيا. هڪٻئي کان پڇي پڪ پي ڪيائون ته پاڙي جو گهر کانئن رهجي ته نه ويو آهي. تڏهن طمنچي چيو، ”ها، جيئند پتاشي جو گهر رهجي ويو آهي.“
حيرت وچان سڀني پڇيو، ”ڇو؟“
طمنچي چيو، ”سندس گهر ٻاهران ٻه ٽي جيپون بيٺل هيون.“
طمنچي جي ساٿي بوڙينڊي چيو، ”۽ جيپن ۾ گهانگهٽ مڇن وارا هٿيار کنيون ويٺا هئا.“
ٻارن کي تعجب لڳو. معاملي جي تهه تائين پهچڻ لاءِ ميڙ ڪري نڪري پيا. مترڪي سندن اڳواڻي پي ڪئي. جيئند پتاشي جي گهر ٻاهران برابر ڪجهه جيپون بيٺل هيون. ڪجهه هٿياربند جيپن ۾ ويٺا هئا ۽ ڪجهه جيپن مان لهي بيٺا هئا. سگريٽن جا ڪش پئي هنيائون. مترڪي سوچ ويچار کان پوءِ طمنچي ۽ بوڙينڊي کي وڌيڪ معلومات حاصل ڪرڻ لاءِ مهم تي روانو ڪيو. پاڻ ٻين ٻارن سميت هندن جي ڊٺل ڌرم شالا ۾ لڪي ويهي رهيو.
ڪجهه دير کان پوءِ طمنچو ۽ بوڙينڊو موٽي آيا. خبر چار لهي آيا. طمنچي چيو، ”جيئند پتاشي جي اوطاق تي پتاشن جو سردار آيل آهي.“
مترڪي پڇيو، ”۽ ڪاري؟“
طمنچي چيو، ”ڪاري جيئند پتاشي جي ڌيءَ آهي.“
بوڙينڊي چيو، ”ڪاريءَ کي يا ته ڪهي ڇڏيندا، يا پتاشن جو سردار ڪاريءَ کي سام ڪري پاڻ سان وٺي ويندو.“
سام اکر ٻارن لاءِ نئون هو. لفظ ٻڌي وائڙا ٿي ويا. سام جي ڪا معنيٰ کين سمجهه ۾ نه پئي آئي. معنيٰ ته پري جي ڳالهه آهي، ٻارن کي سمجهه ۾ نه پئي آيو ته سام سنڌي لفظ آهي، انگريزي Sam آهي. اردو لفظ آهي، پارسي لفظ آهي، يا هندي لفظ آهي؟
بوڙينڊي سٺي صلاح ڏيندي چيو، ”هلو ته هلي سائين مراد علي مينڌري کان ٿا پڇئون.“
مراد علي مينڌرو رٽائرڊ پرائمري ماستر آهي. ايتري پينشن ملي ويندي اٿس جو ٽن ڏينهن کان پوءِ هڪ ويلو ماني کائي سگهندو آهي ۽ خدا جو ۽ حڪومت اسلامي جمهوريه پاڪستان جو شڪر ادا ڪندو آهي.
مراد علي مينڌرو ٻارن سان ملي خوش ٿيو. سام جي معنيٰ سمجهائڻ کان اڳ هن ٻارن کي چيو. ”مون کي اهو ڏسي ڏاڍي خوشي ٿي آهي ته سنڌ ۾ اڃا اهڙا ٻار ڄمن ٿا جن کي علم جو اونو آهي.“ ان کان پوءِ ماستر مراد علي مينڌري مثال ڏيئي ٻارن کي سام جي معنيٰ سمجهائي. هن چيو، ”سام جي معنيٰ آهي هڪ بيوس ٻڪريءَ کي خونخوار بگهڙ جي پناهه ۾ ڏيئي ڇڏڻ.“
ماستر مراد علي مينڌري جي ڏنل مثال تي سوچيندي ۽ ويچار ڪندي ٻار ڊٺل ڌرم شالا ۾ موٽي آيا. تيستائين کين ڏنل مثال جي معنيٰ سمجهه ۾ اچي ويئي. هنن محسوس ڪيو ته ڪاري قيدياڻي بيوس ٻڪري هئي ۽ پتاشن جو سردار خونخوار بگهڙ هو. ڪاري قيدياڻيءَ کي يا ته ڪهي ڇڏيندا، يا پتاشن جي سردار جي پناهه ۾ ڏيئي ڇڏيندا.
”پر، ڪاريءَ ڏوهه ڪهڙو ڪيو آهي؟“ ڍولڻ اوچتو سوال پڇي ٻار کي وائڙو ڪري ڇڏيو. هنن جو سمورو ڌيان ڪاريءَ جي ڪاري رنگ طرف هو، ڍولڻ جو سوال ٻڌي ٻار عجب وچان هڪٻئي ڏانهن ڏسڻ لڳا.
”ڪاريءَ جي ڏوهه بابت اسين پوءِ سوچينداسين.“ مترڪي چيو، ”سڀ کان اڳ ڏسڻ گهرجي ته ڪاري قيدياڻي ڪيتري قدر ڪاري آهي جو منهنجي شيدياڻي ماءُ هڻي منهنجو بينو نڪ ڀڃي وڌو آهي.“
ان ڳالهه سڀني ٻارن کي منجهائي وڌو. ڪاري قيدياڻيءَ تائين پهچن ته ڪيئن پهچن! کيس ڏسن ته ڪيئن ڏسن! پاڻ ۾ صلاح مشوري کان پوءِ اها ذميداري مترڪي کڻي ورتي. ان ڪم ۾ مدد لاءِ هن طمنچي ۽ بوڙينڊي کي ساڻ کنيو. باقي ٻار ڌرم شالا ۾ ويهي رهيا.
مترڪي، طمنچي ۽ بوڙينڊي پريان ئي پريان جيئن پتاشي جي گهر تي لامارا ڏنا. ڀرپاسي کان ٺهيل ٻين جائين جو جائزو ورتو. ائين ڪندي هو ٽيئي پاڻ کي هندي ۽ انگريزي فلمن جا جاسوس محسوس ڪرڻ لڳا. سندن همت وڌي ويئي. ڀولي وانگر بجليءَ جي ٿنڀن ۽ وڻن تي چڙهي ويا. اُتان جيئند پتاشي جي گهر جو جائزو وٺندا رهيا. پوءِ جڏهن ملان کي چڪر ڏيئي مسيت جي موناري تي چڙهي ويا، تڏهن اتان کين ڏسڻ لاءِ جيئند پتاشي جي گهر جو سٺو منظر مليو، کين اڱڻ وائکو نظر پي آيو. مڙس وڃي ويٺا هئا پتاشن جي جرڳي ۾ جنهن جو اجلاس اوطاق ۾ پي هليو. تنهن ڪري پڌر ۾ ڪو مرد هلندي ڦرندي ڏسڻ ۾ نه پي آيو. باقي جڏهن به ڪا زائفان پڌر مان لنگهي پي تنهن ڪجهه گهڙي کن ترسي هڪ طرف ڏٺو پي ۽ پوءِ رئي سان اکيون اُگهي اڳتي هلي پي ويئي. غور ڪرڻ سان ٻارن محسوس ڪيو ته ان طرف ڪا ڪوٺي هئي. هنن کي پڪ ٿي ويئي ته ڪاري ان ڪوٺيءَ ۾ هئي. هنن ڪوٺيءَ جو رخ ۽ نقشو ذهن نشين ڪري ڇڏيو ۽ مسيت جي موناري تان هيٺ لهي آيا.
جيئند پتاشي جي گهر پٺيان سوڙهي گهٽي هئي. ٻارن کي اندازو لڳائڻ ۾ دير نه لڳي ته ڪاري جنهن ڪوٺيءَ ۾ قيد هئي. تنهن ڪوٺيءَ جي پوئين ڀت سوڙهي. غليظ ۽ بدبودار گهٽيءَ ۾ هئي. ٽيئي ٻار گهٽيءَ ۾ پهچي ويا. گهٽيءَ سان انيڪ گهرن جون ڀتيون بيٺل هيون. ٿورڙي سوچ ويچار کان پوءِ ٽيئي ڄڻا ڪاريءَ واريءَ ڪوٺيءَ جي ڀت ٻاهران وڃي بيٺا. اهو ڏسي سندن واڇون ٽڙي پيون ته ڀت ۾ مٿي هڪ روشندان هو ۽ روشندان ڀرسان بجليءَ جو پراڻو پول بيٺل هو.
گهٽيءَ مان ڪنهن جي لنگهڻ جو امڪان ان ڪري گهٽ هو جو گهٽيءَ ۾ گوڏي جيڏو گندو پاڻي بيٺل هو. ٻار جيئن ته وڏي مهم تي نڪتل هئا تنهن ڪري کين نه هئي ڪني پاڻيءَ جي پرواهه، نه ئي غلاظت جي، طمنچي ۽ بوڙينڊي جي ڪلهن تي پير رکي مترڪو بجليءَ جي پراڻي پول تي چڙهي ويو. جڏهن چوٽ چڙهيو، تڏهن ڳاٽ اڳتي ڪري روشندان مان ڪوٺيءَ ۾ جهاتي پاتائين. هو ڪافي دير تائين اندر ڏسندو رهيو ۽ پوءِ آهستي آهستي هيٺ لهي آيو. مايوس پي لڳو. چيائين، ”ڪوٺيءَ ۾ ڪاري ته ڪونهي.“
”ائين وري ڪيئن!“ طمنچو ڀولي وانگر بجليءَ جي پول تي چڙهي ويو. روشندان کي ويجهو ٿي اندر جهاتي پاتائين. ڪافي دير تائين اندر ڏسڻ کان پوءِ هن ڪنڌ هيٺ ڪري مترڪي ۽ بوڙينڊي ڏانهن ڏٺو ۽ وري جهاتي پائي روشندان مان اندر ڪوٺيءَ ۾ ڏسڻ لڳو. ڪجهه دير کان پوءِ وائڙو ٿي هيٺ لهي آيو. چيائين، ”برابر، ڪوٺيءَ ۾ ڪاري ڪونهي.“
بوڙينڊي کي مترڪي ۽ طمنچي جي ڳالهه تي اعتبار نه آيو. هو طمنچي ۽ مترڪي جي ڪلهن تي پير رکي بجليءَ جي پول تي چڙهي ويو. روشندان وٽ پهچي جهاتي پائي اندر ڪوٺيءَ ۾ ڏٺائين. وري ڇرڪ ڀري ٻنهي سنگتين ڏانهن ڏٺائين، ٻيهر روشندان مان ڪوٺيءَ ۾ ڏٺائين. ڪجهه دير کان پوءِ انڪار ۾ مٿو لوڏيندي هيٺ لهي آيو. چيائين، ”يار، ڪوٺيءَ ۾ ڪاري ته ڪونهي.“
طمنچو، مترڪو ۽ بوڙينڊو ڌرم شالا ۾ انتظار ڪندڙ پنهنجن ساٿين ڏانهن موٽي ويا. انهن سان حالي احوالي ٿيا. ڍولڻ پڇيو، ”ته پوءِ ڪوٺيءَ ۾ ڇا هو؟“
مترڪي وراڻيو، ”ڪوٺيءَ ۾ کير جهڙي هڪ اڇي ڇوڪريءَ کي کٽ سان ٻڌي ڇڏيو هئائون.“
هڪ ٻار پڇيو، ”توکي پڪ آهي مترڪا ته هوءَ ڪاري نه هئي.“
مترڪي وراڻيو، ”هوءَ کير جهڙي اڇي هئي.“
طمنچي چيو، ”هوءَ مکڻ وانگر اڇي هئي.“
”مکڻ ميرو هوندو آهي.“
مترڪي چيو، ”هوءَ کير جهڙي هئي، صفا اڇي.“
”ڇوڪري مون به ڏٺي هئي.“ بوڙينڊي چيو، ”هوءَ ڌونئري جهڙي اڇي هئي.“
طمنچي، بوڙينڊي ۽ مترڪي جي شاهديءَ کان پوءِ ٻارن کي پڪ ٿي ويئي ته ڪوٺي ۾ قيد ڪيل ڇوڪري ڪاري نه هئي، بلڪه اڇي هئي. ٻارن کي تشويش وٺي ويئي. هڪڙي کنڊي ۽ ٺوڙهي ٻار چيو. ”ائين ته ناهي، راڄن رنگن جا نالا مٽائي ڇڏيا آهن! ڪاري رنگ کي اڇو ۽ اڇي رنگ کي ڪارو سمجهڻ لڳا آهن؟“
کنڊي جي ڳالهه تي ٻارن غور ڪيو، ويچار ڪيو. هنن محسوس ڪيو ته رنگن وڏي گڙٻڙ ڪري وڌي آهي. هو غلام محمد درزيءَ جي دڪان تي ويا. کانئس اڇي ڪپڙي ۽ ڪاري ڪپڙي جا ٻه ٽڪر ورتائون. هنن پاڻ ۾ ڪجهه اهم فيصلا ڪري ورتا. اول ماستر امداد علي مينڌري وٽ ويا. ماستر ٻارن کي ڏسي خوش ٿيو. پڇيائين. ”وري پنهنجي علم ۾ اضافو ڪرڻ آيا آهيو ڇا؟“
مترڪي ڪاري رنگ جو ڪپڙو ماستر کي ڏيکاريندي پڇيو، ”سائين، اسان کي ٻڌايو ته هن ڪپڙي جو رنگ اڇو ته ناهي؟“
”اڙي! چريا بريا ته نه ٿي پيا آهيو!“ ماستر حيران ٿيندي چيو، ”مٿو ته جائيتو اَٿوَ نه؟“
”اسان جي مٿي جو فڪر نه ڪريو سائين.“ مترڪي چيو، ”اسان کي ٻڌايو ته ڪپڙي جو هيءُ ٽڪر ڪهڙي رنگ جو آهي؟“
ماستر شڪجي پيو. ڪپڙو هٿ ۾ کڻي جاچي ڏٺائين. پوءِ چيائين، ”ڪاري رنگ جو آهي – سئو فيصد ڪاري رنگ جو آهي.“
وري اڇي رنگ جو ڪپڙو ماستر کي ڏيکاريندي مترڪي پڇيو، ”۽ هن ڪپڙي جي ٽڪر جو رنگ ڪهڙو آهي؟“
ماستر حيرت وچان اڇي رنگ واري ڪپڙي جو ٽڪر هٿ ۾ کڻي جاچي ڏٺو. چيائين. ”سئو فيصد اڇو رنگ آهي – بنا ڪنهن شڪ شبهه جي.“
ماستر مراد علي مينڌري کي حيران پريشان ڇڏي ٻار ٻاهر نڪري آيا. پنهنجي فيصلي تي عمل ڪرڻ لاءِ جيئند پتاشي جي گهر جو رخ ڪيائون. اڳواڻي مترڪي، بوڙينڊي ۽ طمنچي کي ڏيئي ڇڏي هئائون. واٽ تي ڪنهن به ڪنهن سان ڪونه ڳالهايو. ماٺ ڪري هلندا رهيا. جيستائين جيئند پتاشي جي گهر ٻاهران پهتا تيستائين پتاشن جي سردار پنهنجي فيصلي کان سڀني کي آگاهه ڪري ڇڏيو هو. سندس فيصلو راڄن قبول ڪيو هو.
مايوس ٿيڻ جي باوجود مترڪو، بوڙينڊو ۽ طمنچو اوطاق ۾ ڪاهي پيا. ٻيا ٻار اوطاق جي در ٻاهران بيهي رهيا. ايتري ۾ سموري جڳ جهان جي ٻارن کي به سموري مامري جي ڀڻڪ پئجي ويئي. ويا اوطاق جي در ٻاهران گڏ ٿيندا! طرحين طرحين جا ٻار هئا، ڪي سنهڙا، ڪي ٿلهڙا، ڪي بندرا، ڪي ڊگهڙا، ڪي ڪارا، ڪي سانورا، ڪي اڇڙا، ڄڻ سانوڻيءَ جو درياهه هو، ويو ٿي چڙهندو.
ٻارن کي ڏسي اوطاق ۾ چوٻول ٿيو. ٽيئي ٻار پتاشن جي سردار سامهون وڃي بيٺا. مترڪي پنهنجو ۽ پنهنجن ٻن ساٿين جو تعارف ڪرائيندي چيو. ”منهنجو نالو سائينءَ ڏنو ٺپر آهي. ماڻهو مون کي مترڪو سڏيندا آهن. هيءُ آهي طمنچو، پر اصلي نالو اٿس پير ڏنو واڍو ۽ هيءُ آهي خدا ڏنو کرکلو، سڏيندا آهيونس بوڙينڊو.“
پتاشن جو سردار ڪجهه تعجب وچان ٻارن ڏانهن ڏسندو رهيو. راڄن مان ڪي ماڻهو الر ڪري اُٿيا، پر پتاشن جي سردار هٿ جي اشاري سان کين ويهاري ڇڏيو.
مترڪي وڌيڪ تعارف ڪرائيندي چيو، ”اسين ٽيئي گورنمينٽ پرائمري اسڪول ڇگڙو، ديهه ديڳڙو، تحصيل جاتي، تعلقو ڪڀي نهين آتيءَ جا شاگرد آهيون.“
سردار ڏاڍي شفقت سان پڇيو، ”ابا، ڪو ڪم اَٿَوَ؟“
مترڪي چيو، ”سائين، اوهان کي غلط ٻڌايو اٿائون. هوءَ جنهنکي اوهان ڪهائڻ جو فيصلو ڪيو آهي، سا اصل ۾ ڪاري ناهي.“
سردار جي منهن تان مرڪ غائب ٿي ويئي. راڄن جا ڪن کڙا ٿي ويا. سردار جي وات مان سڙٻاٽن ۾ نڪري ويو، ”هوءَ ڪاري ناهي!“
”قسم آهي نور جو، هوءَ اصل ڪاري ناهي.“ مترڪي چيو، ”اسان ٽنهي کيس ڏٺو آهي، هوءَ کير جهڙي اڇي آهي.“
بوڙينڊي هڪدم چيو، ”صفا ڌونئري جهڙي آهي.“
قهري سردار ٽنهي ٻارن کي اشاري سان اڳتي اچڻ لاءِ چيو. ٽيئي ٻار سردار جي سامهون وڃي بيٺا. سردار کين اڃا اڳتي اچڻ لاءِ چيو. ٻار اڳتي وڌي وک کن تي سردار جي سامهون بيهي رهيا. سردار ٻانهون ڊگهيري ٻارن کي پاڻ ڏانهن ڇڪي ورتو ۽ آهستي چيو، ”مون کي خبر آهي ته هوءَ اڇي آهي، تنهن ڪري مارايانس نه ٿو. پاڻ سان سام ۾ وٺي ٿو وڃانس.“ ■