رليف ڪيمپ
ٻه ڏينهن اڳ اک ڇنڀ ۾ گولين جو وسڪارو ٿيو هو، ۽ اک ڇنڀ ۾ انيڪ مرد، عورتون ۽ ٻار دڪانن اندر، دڪانن کان ٻاهر، فٽپاٿن ۽ رستن تي ڪري پيا هئا. انيڪ مري ويا هئا، ۽ انيڪ زخمي ٿي پيا هئا. گولين جي وسڪاري ۾ متاثر ٿيل ماڻهن جي امداد لاءِ انتظاميه طرفان رليف ڪيمپ قائم ڪيو ويو هو. مختلف محڪمن جي ڪجهه ملازمن جي ڊيوٽي رليف ڪيمپ ۾ لڳائي ويئي هئي. رفيق گنجو، سليمان سنڌي ۽ مان ٻن ڏينهن کان ڪيمپ ۾ ڪم تي هئاسين. ڊيوٽيون وراهيل هيون. مان گولين جي وسڪاري ۾ مري ويل ۽ زخمي ٿيل ماڻهن جا تفصيل رجسٽر ۾ اُتاري رهيو هوس. سڀ کان وڌيڪ پيهه منهنجي ٽيبل تي هئي. هو منهنجي ٽيبل جي بلڪل سامهون، ڪجهه پَرڀرو ويٺو هو، ۽ آسمان ڏانهن ڏسي رهيو هو.
سوچيم، ضرور انسان جي جديد ايجادن، ۽ جهالتن جو ماريل آهي، ۽ هوش حواس وڃائي ويٺو آهي. مان ٽيبل ڇڏي هن جي پاسي کان وڃي بيٺس. پنهنجو تعارف ڪرائڻ کان پوءِ مون جوڳين جهڙي شخص کي چيو، ”پنهنجو نالو ۽ ايڊريس لکاءِ، ۽ ٻڌاءِ ته گولين جي وسڪاري ۾ تنهنجو ڪهڙو نقصان ٿيو آهي؟
هو خاموش ويٺو رهيو. هن مون کي، ۽ منهنجي عهدي کي ڪابه اهميت نه ڏني. اڳ وانگر آسمان ڏانهن ڏسندو رهيو. مان کيس وک کن ويجهو وڃي بيٺس. چيم، ”تون مون کي گولين جي وسڪاري جو ماريل ٿو ڏسجين. منهنجي ڳالهه ٻڌ، مان گولين جي وسڪاري کان متاثر ٿيل ماڻهن جا تفصيل گڏ ڪري رهيو آهيان. تون مون کي پنهنجي باري ۾ ٻڌاءِ.“
هو تڏهن به خاموش رهيو. اک آسمان ۾ اٽڪيل هئس. ڄڻ اڏامي ويل خوابن ڏانهن ڏسي رهيو هو. سوچيم، سودائي آهي، جيڪي ٿي گذريو آهي تنهن تي پڇتائي رهيو آهي، يا پڇتاءَ جي احساس کان آزاد ٿي ويو آهي. پر، خاموش رهي هو پنهنجو نقصان ڪري رهيو هو. سرڪار طرفان مئل ۽ زخمين لاءِ معاوضي ۾ وڏي رقم رکيل هئي. مون وڏي واڪ چيو، ”آسمان ڏانهن ڏسڻ سان ڪجهه هڙ حاصل نه ٿيندوءِ. ڪجهه ڳالهاءِ. ڪجهه ٻڌاءِ.“
ڄڻ پٿر جو بت هو. خاموش. جواب نه ڏنائين، ۽ نه ئي ڪنڌ ورائي مون ڏانهن ڏٺائين.
”يار، تون به ڪو عجيب قسم جو متاثر ٿيل ماڻهو آهين!“ مون ڪجهه ڪجهه ڪاوڙ وچان رڙ ڪندي چيو، ”اڙي تون ٻوڙو ته ناهين؟“
هن آسمان مان اک ڪڍي، ڪنڌ ورائي مون ڏانهن ڏٺو.
”ان جو مطلب آهي ته تون ٻوڙو ناهين.“ چيم، ”تون مون کي پنهنجي باري ۾ تفصيل سان ٻڌاءِ.“
هو چُپ چاپ مون ڏانهن ڏسندو رهيو.
کيس سرڪار طرفان معاوضي جي رقم جا تفصيل ٻڌائيندي چيم،“ گولين جي وسڪاري ۾ جيڪڏهن تون مري ويو آهين، ته توکي پنجاهه هزار رپيا ملندا.“
هن جي ويران چپن تي اُداس مُرڪ ليئو پاتو ۽ غائب ٿي ويئي. مون کي پنهنجي جملي جي حماقت جو احساس ٿيو.
چيم، ”جيڪڏهن تنهنجي هڪ ٽنگ ضايع ٿي ويئي آهي ته توکي ڏهه هزار رپيا ملندا، ۽ جيڪڏهن تنهنجيون ٻئي ٽنگون ضايع ٿي ويون آهن ته پوءِ توکي پنجويهه هزار رپيا ملندا.“
هڪ دفعو ٻيهر هن جي اُداس چپن تي سياري جي اُس وانگر مرڪ ليئو پاتو ۽ غائب ٿي ويئي. ڏٺم ته هن جون ٻئي ٽنگون سلامت هيون.
هڪدم چيم، ”ضايع ٿيل ٻانهن جو معاوضو سرڪار ڏهه هزار رکيو آهي.“
ساڳي، سانجهيءَ جهڙي اُداس مُرڪ هن جي چپن تي تري آئي.
هن جا سمورا عضوا سلامت هئا. هٿ، پير، ڪن، نڪ، اکيون!
مان مٿو کنهندو رليف ڪيمپ ۾ پنهنجي ڪرسيءَ تي وڃي ويٺس. ڪجهه سوچي، هڪدم اُتي وڃي رفيق گنجي کي ٻانهن ۾ هٿ وڌم. کيس ڇڪيندو رليف ڪيمپ کان ٻاهر وٺي آيس. جوڳين جهڙي شخص ڏانهن اشارو ڪندي چيم، ”يار گنجا، هيءُ شخص مون کي متاثرين مان ٿو لڳي، پر بدبخت پنهنجي باري ۾ ڪجهه به نه ٿو ٻڌائي.“
رفيق گنجي اُن شخص ڏانهن ڏسندي چيو، ”ٿي سگهي ٿو، گولين جي وسڪاري ۾ هن جي ماءُ مري ويئي هجي.“
”اِهو تون ڪيئن ٿو چوين؟“ مون تعجب وچان پڇيو.
”جڏهن ماءُ مري ويندي آهي، تڏهن ٿوري دير لاءِ سڀ ڪجهه مري ويندو آهي.“ رفيق گنجي چيو، ”هن وقت اِن شخص لاءِ سموري ڪائنات، ماحول، تون، مان، اسين سڀئي مري ويا آهيون.“
رفيق گنجو ۽ مان هن جي پاسي کان وڃي بيٺاسين. مون کيس سمجهائڻ واري نوع ۾، همدرديءَ سان چيو، ”يار ڳالهه ٻڌ، معاوضي ۾ سرڪار توکي ٻي ماءُ ته ڏيئي نه سگهندي. باقي، مُئل ماءُ جي عيوض توکي پنجاهه هزار رپيا ملي سگهندا.“
نرڙ تي گُنڊ پئجي ويس. منهنجي ڳالهه ڄڻ ناگوار لڳس.
مون رفيق گنجي کي چيو، ”لڳي ٿو، هن جي زال گولين جي وسڪاري ۾ مري ويئي آهي.“
”وڏو ڪو احمق آهين.“ رفيق گنجي چيو، ”اڙي جيڪڏهن زال مري ويئي هجيس ها ته هينئر ٻوٿ لٽڪائي نه ويٺو هجي ها، ٽهڪ ڏئي ها، جهمريون پائي ها.“
”لَوَ ميرج ڪرڻ وارا توهين زالن جا دشمن ٿيندا آهيو.“ مون رفيق گنجي کي ڦٽ لعنت ڪندي چيو، ”شڪر آهي، مون جنهن سان محبت ڪئي هئي. تنهن سان شادي نه ڪئي آهي.“
”يار ناراض ڇو ٿو ٿئين.“ رفيق چيو، ”ٺهيو، کڻي پڇئونس ٿا.“
رفيق اُن شخص سان مخاطب ٿيندي چيو، ”منهنجو دوست پرديسي ٺيڪ پيو چوي. پنجاهه هزارن ۾ توکي ٻي ماءُ ته ملي نه سگهندي. باقي، يقين ڪر، پنجاهه هزار رپين ۾ هڪ عدد ٺيڪ ٺاڪ زال ضرور ملي ويندءِ.“
اُن شخص اکين ۾ شور وجهي رفيق گنجي ڏانهن ڏٺو. سندس نگاهن ۾ الاءِ ڇا هو، جو رفيق گهٻرائجي مون ڏانهن ڏٺو ۽ چيو، ”لڳي ٿو، هن جو جوان پٽ مارجي ويو آهي.“
منهنجو تجسس وڌي ويو. مان هن جي ويجهو ڌرتيءَ تي ويهي رهيس. هڪ ڪاغذ ڏانهنس وڌائيندي چيم، ”تون جيڪڏهن ڳالهائي نه ٿو سگهين ته هن ڪاغذ تي پنهنجي روئداد لکي ڏي – باقي پورائو مان پاڻ ڪندس.“
هن ڪاغذ نه ورتو. ڪاغذ ڏانهن ڏسندو رهيو.
رفيق گنجي چيو، ”هن جي پاسي کان اهڙي نموني نه ويهه، بيوقوف. اعليٰ آفيسرن جي اچ وڃ لڳي پئي آهي.
سمجهندا، معاوضي جي رقم مان گهوٻي هڻڻ جي ترڪيب پيا سوچين.“
رفيق گنجو مون کي ٻانهن کان ڇڪيندو رليف ڪيمپ ۾ وٺي آيو. چيائين، ”ٻيا ماڻهو به بيٺا آهن. وڃي پنهنجو ڪم ڪر.“
ڪرسيءَ تي ويهڻ کان پوءِ مون ڪيمپ کان ٻاهر ڏٺو. جوڳين جهڙو شخص پٿر جي بت وانگر ويٺو هو، ۽ آسمان ڏانهن نهاري رهيو هو.
تڏهن، مون محسوس ڪيو ته اِن وچ ۾ ڪافي ماڻهو منهنجي ميز جي چو طرف گڏ ٿي ويا هئا. گولين جي وسڪاري ۾ ڪنهن جو پٽ مري ويو هو، ڪنهن جي ڌيءَ، ڪنهن جو ڀاءُ، ڪنهن جي ڀيڻ! گولين جي وسڪاري ۾ هر رشتو مري ويو هو!
هڪ شخص هڪ روئيندي عورت کي وٺي آيو. هوءَ هڏڪين سان روئي رهي هئي. ان شخص چيو، ”هن جي ماءُ گولي لڳڻ سان مري ويئي آهي.“
عورت سُڏڪن ۾ چيو، ”مون کي ڪجهه نه گهرجي، ڪجهه نه گهرجي. مان ماءُ جو معاوضو نه وٺنديس.“
”بيوقوف نه ٿيءُ، فرخنده“ مرد ڪجهه سخت لهجي ۾ عورت کي چيو، ”تون معاوضو وٺين، يا نه وٺين، تنهنجي ماءُ ٻيهر جيئري نه ٿيندي.“
عورت آهستي آهستي هڏڪين سان روئيندي رهي.
مرد مون ڏانهن ڏسندي چيو، ”تون تفصيل لِکُ، ۽ پوءِ، هن مون کي مري ويل عورت جا تفصيل ٻڌايا – عمر ستر سال، گهر نمبر فلاڻو، گهٽي نمبر فلاڻي، گهريلو عورت، ٻئي پاڙي ۾ ماڻهن جا ٿانوَ ٿپا مليندي هئي، ۽ ٻوهاري پوچو ڪندي هئي. موٽندي، گولين جي وسڪاري جو شڪار ٿي ويئي. وارث فرخنده، ڌيءَ.
مون تفصيل رجسٽر ۾ لکي ڇڏيا.
مرد پڇيو، ”معاوضي جو چيڪ ڪڏهن ملندو؟“
”تمام جلد.“ مون رجسٽر مڪمل ڪندي چيو. ”ڪونه ڪو وزير، ايم اين اي، يا ايم پي اي چيڪ کڻي تو وٽ ايندو. چيڪ ڏيندي اخباري فوٽو گرافرن کان فوٽا ڪڍرائيندو، فاتح پڙهندو، دعا لاءِ هٿ کڻندو، اکين ۾ آب آڻيندو: ۽ اِها سموري ڪاروائي ٽيليويزن وارن کان رڪارڊ ڪرائيندو، ۽ شام وارين خبرن ۾ هلرائيندو.“
اُن شخص جون واڇون وڃي پاپڙين سان لڳيون. هو خوشيءَ وچان ذري گهٽ ٽهڪ ڏيئي کلڻ جهڙو ٿي پيو. مون کي تعجب ٿيو. هن عورت کي ٻانهن ۾ هٿ وجهندي چيو، ”هَلُ فرخنده.“
مون اُن شخص کان پڇيو، ”مرحومه تنهنجي ڇا هئي.“
هن مرڪندي وراڻيو، ”منهنجي سس هئي.“
روئيندڙ عورت ۽ کلندڙ مرد رليف ڪيمپ مان ٻاهر نڪري ويا.
مون ڪيمپ کان ٻاهر ڏٺو. جوڳين جهڙو شخص چپ چاپ ويٺو هو، ۽ آسمان ڏانهن نهاري رهيو هو.
ان وچ ۾، چار وٽيل سٽيل جوان پيهه چيري منهنجي سامهون اچي بيٺا. هڪ جوان چيو، ”اسان جو پيءُ مري ويو آهي.“
پڇيم، ”گولي لڳي هئس.“
چيائين، ”نه.“
چيم، ”معاوضي لاءِ ماڻهوءَ کي گوليءَ جو لڳڻ لازمي آهي.“
هن ٻين نوجوانن ڏانهن ڏٺو. جنهن نوجوان جي قميص جا چاريئي بٽڻ کليل هئا، اڳتي وڌي آيو. چيائين، ”اسان جو پيءُ گولين جي وسڪاري دوران مري ويو هو، عين انهيءَ وقت.“
مان منجهي پيس.
سليمان سنڌي، جنهن گولين جي وسڪاري ۾ مال ملڪيت جي نقصان جا تفصيل تحرير پئي ڪيا، پنهنجي ميز ڇڏي مون وٽ آيو. چيائين، ”پَرَ ڀَر و هلي منهنجي ڳالهه ٻڌ.“
نوجوانن سان معذرت ڪري مان سليمان سنڌيءَ سان ڪجهه پرڀرتو وڃي بيٺس.
سليمان سنڌيءَ چيو، ”مان انهن چئني شودن کي سڃاڻان. منهنجي گهر جي ويجهو رهندا آهن.“
پڇيم ”پيءُ ته سچو پچو هين نه؟“
وراڻيائين، ”ويچارو معذور هو، اڌ رنگ جو مريض هو. هي چاريئي مشٽنڊا کيس روزانو صبح جو پير سائينءَ جي درگاهه تي ڇڏي پاڻ سٽيبازيءَ تي نڪري ويندا هئا.“
چيم، ”چَوَن ٿا ته گولين جي وسڪاري دوران مري ويو هو.“
سليمان چيو، ”ها، گولين جي وسڪاري دوران ٿڙندي ٿاٻڙندي پير سائينءَ جي درگاهه وٽان اٿيو هيو، ۽ گندي پاڻيءَ جي ناليءَ ۾ ڪري، مري ويو هو.“
”هي شودا آهن، يا نه آهن، ان ڳالهه کي ڇڏي ڏي.“ چيم، ”اول مون کي ٻڌاءِ ته معاوضي لاءِ گوليءَ جو لڳڻ ضروري آهي، يا نه آهي.“
وراڻيائين، ”رفيق گنجي کان ٿا پڇئون. افلاطون قسم جو ٺوڙهو آهي.“
اسين رفيق گنجي وٽ آياسين. کائنس صلاح ورتي سين. رفيق چيو، ”گولين جي وسڪاري دوران مري وڃڻ ڪافي ناهي - گوليءَ جو لڳڻ ضروري آهي.“
اسين ٽيئي نوجوانن وٽ آياسين. مون نوجوانن کي چيو، ”ساري، معاوضي لاءِ توهان جي پيءُ جو مرڻ فقط ڪافي ناهي. کيس گوليءَ جو لڳڻ ضروري آهي.“
نوجوانن هڪٻئي ڏانهن ڏٺو. جنهن نوجوان جي نڪ هيٺان هيبتناڪ مڇون هيون، تنهن چيو، ”مون کي خبر هئي ته توهان جهڙا ڀوڪ ڪونه ڪو قانوني نقطو ضرور اٿاريندا.“
ٻين ٽن ڄڻن کيس روڪڻ جي ڪوشش ڪئي.
هن چيو، ”منهنجي ڀائرن کي به خبر ڪونهي. هي ڏس. مون پوسٽ مارٽم ۾ لکرايو آهي ته گولي کائڻ کان پوءِ اسان جو پيءُ گندي پاڻيءَ جي نالي ۾ ڪري پيو هو، ۽ مري ويو هو.“
مون پوسٽ مارٽم رپورٽ ڏٺي. برابر. لکيل هو، گولي لڳڻ کان پوءِ پوڙهو گندي پاڻيءَ جي نالي ۾ ڪري پيو هو، ۽ مري ويو هو.
مون نوجوانن کي چيو، ”برابر. توهين معاوضي جا حقدار آهيو.“
مون رجسٽر ۾ پوڙهي جا تفصيل لکي ڇڏيا.
مڇن واري نوجوان پڇيو، ”معاوضي وارو چيڪ ڪڏهن ملندو؟“
وراڻيم، ”عنقريب ڪو نه ڪو امير، وزير، ڪبير، اخباري نمائندن فوٽو گرافرن، ريڊيو ۽ ٽيليويزن پروڊيوسرن جي جلوس سان توهان جي گهر ايندو، ۽ سموري ڪاروائي، چيڪ ڏيڻ جي، رڪارڊ ڪرائيندو.“
هو گدگد ٿي هليا ويا.
سليمان سنڌيءَ چيو، ”يار، اهو سراسر ظلم آهي. اهي چاريئي مشٽنڊا پنهنجي پوڙهي پيءُ سان سٺو برتاءُ نه ڪندا هئا.“
”اجايو جذباتي نه ٿيءُ سليمان“ رفيق گنجي چيو، ”ڪاغذن ۾ پوڙهو گولي لڳڻ سان مئو آهي. چاريئي نوجوان سندس پٽ آهن، تنهن ڪري وارث آهن، معاوضي جا قانوني حقدار آهن.“
سليمان کي سخت ڪاوڙ لڳي. هو قانون کي سَت سُريون ٻڌائيندو هليو ويو، ۽ وڃي پنهنجي سيٽ تي ويٺو.
اڳئين ماڻهوءَ جي نقصان جا تفصيل لکڻ کان اڳ مون رليف ڪيمپ ٻاهران ويٺل گم سم شخص ڏانهن ڏٺو. گوڏن تي ٻانهون ۽ ٻانهن تي کاڏي رکي هيس. اکيون تصور ۾ ڪنهن تروري تي کُتل. ائين پئي لڳو، شاهه سائينءَ جي بيت جي تفسير هو. ”مونا طور سينا سدا سنياسين – فڪر فرهي هٿ ۾ ماٺ مطالع ڪن.“
اوچتو، ميز تي زور سان هٿ هڻي ڪنهن منهنجو ڌيان پاڻ ڏانهن ڇڪايو. هڪ شخص، ڪجهه ڪجهه توائي، لڳ ڀڳ پنجاهه پنجونجاهه ورهين جو، لٽي ڪپڙي کان لاپرواهه، منهنجي سامهون بيٺو هو.
سخت لهجي ۾ پڇيائين، ”گولين جي وسڪاري ۾ ضايع ٿيل سموري ماڻهوءَ، ۽ بچي ويل ماڻهوءَ جي ضايع ٿيل عضون جي ڪيتري قيمت لڳائي اٿئي؟“
مون غور سان هن ڏانهن ڏٺو. هو مون کي عام ماڻهن کان مختلف محسوس ٿيو. هن جي اکين ۾ غير معمولي چمڪ هئي. مون کي خاموش ڏسي پنهنجو سوال ورجايائين،“ گولين جي وسڪاري ۾ ضايع ٿيل عضون جي ڪيتري قيمت لڳائي اٿئي؟“
”مان هڪ معمولي سرڪاري ملازم آهيان.“ الاءِ ڇو ڦڪو ڦڪو ٿيندي چيم، ”منهنجي ڪهڙي حيثيت آهي جو انسان، ۽ انسان جي ضايع ٿيل عضون جي ڪا قيمت مقرر ڪري سگهان.“
”ٺيڪ آهي، ٺيڪ آهي. اجائي تمهيد نه ٻُڌُ. ”هن ڪاوڙيل لهجي ۾ چيو، ”مان به انهن ڪامورن جي ڳالهه پيو ڪريان، جيڪي ڪجهه نه ڪندا آهن، پر لڳندو آهي ڄڻ سڀ ڪجهه ڪندا آهن. ڪيتري قيمت رکي آهي. ڀولڙن انسان جي سموري ضايع ٿيڻ جي، ۽ سندس عضوي عضوي جي؟“
بنا ڪنهن سبب جي مون کي هن کان ڊپ محسوس ٿيڻ لڳو. مون هٻڪندي هٻڪندي، کيس تفصيل ٻڌايا، ”سموري مئل ماڻهوءَ جو معاوضو آهي. پنجاهه هزار رپيا، ضايع ٿيل هڪ ٽنگ جا ڏهه هزار، ٻنهي ٽنگن لاءِ پنجويهه هزار، هڪ ٻانهن جا ڏهه هزار، ٻنهي ٻانهن لاءِ پنجويهه هزار.“
هڪدم پڇيائين، ”ضايع ٿيل نڪ جي ڪا قيمت لڳائي اٿائون؟“
ڊڄندي ڊڄندي چيم، ”قيمت نه، معاوضو مقرر ڪيو اٿائون.“
”ٺهيو چمچا، اجايو سياڻو نه ٿيءُ.“ هن ڪاوڙ وچان چيو، ”ضايع ٿيل نڪ جو ڪيترو معاوضو رکيو اٿائون؟“
سموري ڪيمپ ۾ بيٺل ماڻهو ڪنڌ ورائي اسان ڏانهن ڏسڻ لڳا، سواءِ ڪيمپ کان ٻاهر ويٺل شخص جي. هو پٿر جي بت وانگر خاموش ويٺو هو، ۽ خلائن ۾ نهاري رهيو هو. رفيق گنجو پنهنجي سيٽ تان اٿي آيو. سڙٻاٽن ۾ چيائين،“ ٿڙيل ٿو ڏسجي. وڌيڪ نه ڳالهاءِ. جند ڇڏاءِ.“
”اڙي او جارج پنجان. چمچي کي ڪهڙي پٽي پيو پڙهائين.“ رڙ ڪندي توائي شخص چيو، ”وڃ، وڃي پنهنجي سيٽ تي ويهه، ۽ رجسٽرن جو پيٽ ڀَر.“
رفيق گنجو، گنج کنهندو هليو ويو.
ان کان اڳ جو مان ڪجهه چوان، هن چيو، ”اِن جو مطلب آهي ته اسان جي معاشري ۾ نڪ جي ڪابه قيمت نه آهي – اسان جي معاشري، نه نه، توهان جي معاشري ۾ نڪ جي ڪابه قيمت نه آهي – نڪ جي ڪابه قيمت نه آهي؟“
مون کي ڪجهه سمجهه ۾ نه پئي آيو. هن جو، بظاهر، نڪ سلامت هو.
هن ڄڻ منهنجين اکين ۾ سوال پڙهي ورتو. عجيب قسم جي ڪيفيت سندس چهري تي تري آئي. مون زندگيءَ ۾ اڳ ڪڏهن به ڏک، ڪاوڙ، ۽ بغاوت جو گڏيل اظهار اهڙي نموني نه ڏٺو هو. ڳالهايائين، ته آواز ڳورو، پڙاڏي جهڙو، ۽ غفائن مان ايندي محسوس ٿيو. چيائين، ”منهنجي ڌيءَ ميٽرڪ ڪئي هئي. ڏاڍي خوش هئي. پنهنجي لاءِ نوان ڪتاب وٺڻ ويئي هئي. تڏهن، تڏهن، جڏهن هوءَ ڪتاب وٺي دڪان مان نڪتي هئي، گولين جو وسڪارو ٿيو هو. اک ڇنڀ ۾ مئل ۽ زخمي ٿيل ماڻهن جا انبار لڳي ويا.... جيڪي بچي ويا، سي جيڏانهن منهن آيُن تيڏانهن ڀڄي ويا.“
هڪ هجوم اسان جي چئني طرف گڏ ٿي ويو. هڪ لمحي لاءِ هن ساهه ۾ سڏڪو روڪي ڇڏيو ۽ پوءِ هن چيو، ”منهنجي ڌيءَ علائقي جي معزز شخص وٽ پناهه ورتي هئي .... هن، منهنجي ڌيءَ، علائقي جي معزز شخص وٽ پناهه ورتي هئي... معزز شخص کيس اٺيتاليهه ڪلاڪ پنهنجي ۽ پنهنجي دوستن جي پناهه ۾ر کيو هو .... اٺيتاليهه ڪلاڪ.“
هو ٻيهر خاموش ٿي ويو. ڄڻ درد جي وير سندس وجود کي ٻوڙي ڇڏيو. هن خشڪ اکين کي ائين اُگهيو ڄڻ ازل کان اکين ۾ سمنڊ کڻي پئي گهميو. پوءِ، ٻڏل ٻوڙن وانگر اُڀري آيو.
وڍيل وڍيل لهجي ۾ چيائين، ”ڪالهه، اسر ويل منهنجي ڌيءَ موٽي آئي هئي. اڄ صبح جو هن خودڪشي ڪري ڇڏي.“
هجوم ۾ بيٺل ماڻهن ڪنڌ کڻي هڪٻئي ڏانهن ڏٺو، ۽ پوءِ ڪنڌ جهڪائي ڇڏيو. خاموشي ايڏي، ڄڻ سڀني جي ساهه جو سلسلو ختم ٿي ويو هو. سڀئي آهستي آهستي پٺئين پير موٽڻ لڳا. مون کي ائين لڳو، منهنجي اڳيان رکيل رجسٽر مان ٻن ڏينهن کان لکيل تفصيل غائب ٿي ويا. پنا اڇا ٿي ويا.
”تنهنجي سرڪار وٽ منهنجي لاءِ ڪو معاوضو آهي؟“ هو آهستي آهستي مون کان پري ٿيڻ لڳو. سندس آواز ايندو رهيو، ”تنهنجي سرڪار وٽ منهنجي لاءِ ڪو معاوضو آهي؟ تنهنجي سرڪار وٽ منهنجي لاءِ ڪو معاوضو آهي؟“
سندس آواز لکين ڪروڙين ماڻهن جي ماتمي جلوس ۾ گم ٿي ويو. مون اڳ ڪائنات جي ڪنڊ ڪڙڇ مان اهڙي نموني ماتم جو آواز ڪڏهن نه ٻڌو هو. عجيب لفظ هئا. عجيب جملا هئا، پر ائين پئي لڳا، ڄڻ منهنجي وجود مان ڦاٽي پئي نڪتا. صحيح هئا، غلط هئا، بهرحال منهنجي ناقص سمجهه کان ٻاهر هئا: حسبي ربي جل الله، معافي قلبي غير الله – حسبي ربي جل الله، معافي قلبي غير الله• - حسبي ربي جل الله، معافي قلبي غير الله.
ماتمي جلوس منهنجي وجود کي چٿي، لتاڙي اڳتي نڪري ويو. هزارين گهوڙن جا مٽيءَ، گَپ، ۽ گاري سان ڀريل سنب مون کي چيٿاڙي هليا ويا. مون ڪنڌ کڻي رليف ڪيمپ ٻاهران ويٺل وياڪل شخص ڏانهن ڏٺو. هو اُتي موجود نه هو، جتي مون کيس صبح کان ويٺل ڏٺو هو.
مان ڇرڪ ڀري اُٿي بيٺس. ذري گهٽ ڊوڙندو رليف ڪيمپ کان ٻاهر نڪري ويس. وائڙو ٿي هيڏانهن هوڏانهن ڏٺم. ڊوڙندي کليل ميدان ۾ وڃي بيٺس، جتان مون کي آسمان تمام ويجهو محسوس ٿيو. تڏهن اوچتو، اگربتين ۽ لوبان جي دونهي سان ڍڪيل جهڙي ماحول ۾، مون کيس ڏسي ورتو. هن جي آڱر هڪڙي تمام ننڍڙي ٻار جي هٿ ۾ هئي، ۽ هو ٻئي لهندڙ سج جي واٽ تي وڌندا پئي ويا.
”ترسو، ترسو.“ مان هنن جي ڪڍ ڊوڙڻ لڳس، ۽ کين سڏيند و رهيس، ”ترسو، ترسو.“
هو نه بيٺا. لهندڙ سج جي واٽ تي وڌندا رهيا.
مان ڊوڙندو ٻنهي کان اڳ نڪري ويس. ڦيرو کائي، ٻنهي جي سامهون ٿي بيٺس. سهڪي رهيو هوس. مون کي آمهون سامهون ڏسي هو ٻئي بيهي رهيا. وياڪل شخص جي آڱر ٻار جي مُٺ ۾ هئي، ۽ اڳ وانگر خلائن ۾ نهاري رهيو هو.
”تون ڪير آهين.“ مون ذري گهٽ ليلائيندي کانئس پڇيو، ”گولين جي وسڪاري ۾ تنهنجو وڏو ڪو نقصان ٿيو آهي. تون پنهنجي نقصان جا تفصيل مون کي ڇونه ٿو ٻڌائين.“
هن جواب نه ڏنو. اڳ وانگر خاموش رهيو.
”مان تنهنجي نقصان کان سرڪار کي آگاهه ڪندس. توکي تنهنجي نقصان جو معاوضو ڏيارڻ جي ڪوشش ڪندس.“ کيس ايلاز ڪندي چيم، ”تون ڳالهائين ڇو نه ٿو.“
هن نه ڳالهايو.
مون ڳالهايو. چيم، ”تون ڀلي نه ڳالهاءِ، پر ايترو ته ٻُڌاءِ، تون ڪير آهين.“
”تون هن کي نه ٿو سڃاڻين؟“ ٻار ڳالهايو.
مون ڇرڪي ٻار ڏانهن ڏٺو. ٻار جي عمر مشڪل سان چار پنج سال هئي، پر سندس لهجو ڏاهن وانگر، گنڀير هو. ٻار پڇيو، ”تون سچ پچ هن کي نه ٿو سڃاڻين؟“
انڪار ۾ ڪنڌ لوڏيندي چيم،“ نه. مان هن کي نه ٿو سڃاڻان.“
ٻار چيو، ”هيءُ عشق جو پيغمبر آهي.“
ڪجهه نه سمجهندي، احمقن وانگر پڇيم، ”گولين جي وسڪاري ۾ هن جو وڏو ڪو نقصان ٿيو آهي ڇا؟“
”ها.“ ٻار چيو، ”هن کان وطن کسجي ويو آهي.“
مان جواب جي تهه تائين پهچي نه سگهيس.
ٻار چيو، ”هينئر توهان جي معاشري ۾ سچل ۽ سامي پيدا نه ٿيندا. فقط سياستدان پيدا ٿيندا ۽ پاڻ کي پير سڏائيندا.“
ٻار جي گفتگو مون کي اڻتڻ ۾ وجهي ڇڏيو. ايتري ننڍڙي ٻار کي اهڙي چٽي نموني ڳالهائيندي مون اڳ ڪڏهن به نه ٻڌو هو. سڀ ڪجهه پُر اسرار ۽ مبهم محسوس ٿي رهيو هو.
مون ٻار کان پڇيو، ”تون ڪير آهين؟“
ٻار جي چپن تي مُرڪ تري آئي. پڇيائين، ”تون مون کي به نه ٿو سڃاڻين.“
انڪار ۾ ڪنڌ لوڏيندي چيم،“ نه. مان توکي نه ٿو سڃاڻان.“
ٻار چيو، ”مان تنهنجو مستقبل، تنهنجو آئيندو آهيان.“
ڏسنديئي ڏسندي، عشق جي پيغمبر کي منهنجو مستقبل آڱر کان وٺي لهندڙ سج جي واٽ تي اڳتي وڌي ويو، ۽ اک ڇنڀ ۾ الوپ ٿي ويو. ■