ابتدائي اکر
سَرھا ڏٺم سي، جن ساڃاءَ سِراڻِ سين؛
تيغَ تنِين جي کي، ڪَٽُ نہ لڳي ڪڏھين.
عاشقن جي امام ۽ شاعرن جي سرتاج لطيف سرڪار سر يمن ڪلياڻ ۾ انھن کي سارھايو آھي، جن جي صحبت سچن ماڻھن سان آھي، جيڪي پنھنجي فن فڪر ۾ مصروف عمل آھن، فرمائي ٿو - اُهي خوش ڏٺم، جن جي ڏيٺ، سراڻ سان آهي، انھن جي ترار کي ڪڏھن بہ زنگ يا ڪٽ نہ ٿي چڙھي. آئون خوشنصيب آھيان جو منھنجي خيال ۾ اھڙا اھل علم، ادب، انسانيت پسند، فڪري سگھ سان سرشار انسان موجود آھن، جن کان مان ڪجھ نه ڪجھ ضرور سکيو آھيان، ھن ڪتاب ۾ 15 شخصيتن تي مان مختلف وقتن تي لکي چڪو ھئس ۽ خيال ٿيو انھن کي گڏ ڪري ھڪ جڳھ تي رکجي، تنھن خيال کي مڪمل ڪندي اوھان اڳيان پيش ڪيو آھي، - ضرور اھڙا ماڻھون بہ موجود ھوندا جيڪي مونکي يا ھن ڪتاب ۾ پيش فردن کي ناپسند ڪندا ھوندا، سي ڏسي پڙھي پنھنجي رائي قائم ڪندا تہ اھو انھن جو اخلاقي ۽ بنيادي حق آھي، جيڪو ڪير به ڪنھن کان کسي نٿو سگھي، ھر ڪو پنھنجي الڳ اک رکي ٿو "ماڻھو جيئن مون ڏٺا" سي اوھان اڳيان آھن، ھن ڪتاب ۾ تمام شخصيتن تي لکيل مضمون مختلف اخبارن ۾ شايع ٿيڻ سان گڏ مان پنھنجي سوشل اڪائونٽ تي به رکيا ھئا، تن تي انھن شخصيتن پاران ڏنل رائي ڪمينٽ ھر تحرير جي ھيٺان اوھان کي پڙھڻ لاء ملندو، _______
مدھوش مير -
01-01-2024