شخصيتون ۽ خاڪا

جن ساڃاء سِراڻِ سين

دنيا ۾ ڪي چند انسان اھڙا ھوندا آھن، جيڪي زندگي جي مقصد کي پورو ڪري دنيا کي ڪجھ ڏئي ويندا آھن، اھي انسان عام ماڻھن کان گھڻو مختلف ھوندا آھن، ھنن وٽ زندگي گذراڻ جو ھڪ الڳ رنگ ھوندو آھي اھڙن ماڻھن بابت مدھوش مير پنھنجا تاثير سوشل ميڊيا تي لکندا رھيا آھن. انھن مان 15 شخصيتن تي لکيل تاثيرن کي ھاڻي ڪتابي شڪل ۾ پيش ڪيو اٿائون.
  • 4.5/5.0
  • 79
  • 0
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • مدھوش مير
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book جن ساڃاء سِراڻِ سين

احساسن ۽ جذبن جي ترجمان شاعرہ روبينا ابڙو

احساسن ۽ جذبن جي ترجمان شاعرہ روبينا ابڙو
احساسن ۽ جذبن جي ترجمان شاعرہ روبينا ابڙو


ھي ڳالھ آھي جڏھن فيبروري 2012 تي سنڌي ادبي سنگت پاران ڪراچي گلشن حديد ۾ روبينه ابڙو سان ملھايل شام ۾ حسن مجتبي جو مضمون پڙھيو ويو ھو، ۽ پوء بعد ۾ اھو ھلال پاڪستان اخبار ۾ ڇپيو ھو، اھا اخبار اڃان تائين مون وٽ محفوظ آھي، مان يادن جي مالڪي رشتن جي تقدس جيان رکندو آھيان، ائين منھنجا ڪتاب مئگزين اڌ لکيل پنا ڊائريون به منھنجون يادون آھن، جن کي سنڀالڻ منھنجي ضمير جي ڊيوٽي آھي، ھي اھو دور ھو جنھن ۾ شاعرن جو ھڪ ٽولو روبينه ابڙو جي شاعري خلاف ادب واري ڪارنر ۾ ٽريفڪ پوليس جو ڪردار ادا ڪندي نظر آيا چپي چپي تي سندس جي شاعري جي پڇا تصديق ائين ھلي رھي ھئي جيئن بنا بيلٽ ۽ ڊرائيونگ لائيسنس جي جانچ ٿيندي آھي، سو خير روبينه آخر روبينه آھي، پنھنجي نالي جي معني وانگر مشھور معزز ۽ شھرت واري، روبينه مٿان جڏھن ھڪ سنڌي شاعر سرڪش سنڌي فتوا فروشي ۽ بيرحماڻي ۽ مجرماڻي تنقيد سميت تشدد جھڙو بدترين ماحول ڀڙڪائڻ لاء ڪتاب لکي ادب دوست معاشري ۾ بي ادبي جي بازار لڳائي ته اتان ھر ڪو روبينه خلاف بي يقيني، بديانتي، بي اِتفاقِي، ناسازي، اڻبڻت ۽ عجيب قسم جا اکر خريد ڪري روبينا خلاف ورھائي ۽ ھر جڳھ تي ورجائي رھيا ھئا ته ان وقت مونکي پليجي صاحب جو اھو ڪتاب ياد پيو جيڪو ون يونٽ واري دور ۾ جڏهن جديد سنڌي ادب، اديبن ۽ شاعرن خاص ڪري شيخ اياز جي خلاف هڪ نهايت خطرناڪ ۽ گمراهه ڪن ميڊيا مهم شروع ڪئي وئي ته رسول بخش پليجي جديد ادب جي بچاءَ ۾ روزانه ”خادم وطن“ ۾ انهن جا جواب ڏنا، جيڪي بعد ۾ ڪتابي صورت ۾ ڇپيا. جنھن ڪتاب جي سنڌي تنقيدي ادب ۾ وڏي اهميت رھي آھي، جڏھن اياز پويان باھ ٻري ته انڌا اونداھ ويڄ ھڪ منصفاڻي دستاويز اياز خلاف سڀ بدعقلي وارا ارڪان اجاڙي اياز کي عظمت ڀريو اياز وارو درجو ڏياريو ___

ان کان علاوه تاريخ ۾ سدائين اھڙا متضاد معاملا ٿيندا رھيا آھن، جئين سائين جي ايم سيد ڪتاب لکيو “جئين ڏٺو مون ” ته تعصب پرست قوتن ۾ باهه پکڙجي وئي، وڏا وڏا تبصرا ٿيا، جيڪي تعصب جي بنياد تي هئا، انهن مان ڪي حقيقتن جي برڪس پختن دليل سان به مليا، بهرحال سائين جي ايم سيد جي ڪتاب “جئين ڏٺو مون” تي پهريون جوابي ڪتاب لکيو سائين پير ابراهيم جان سرهندي، جنهن بعد پير سائين کي وري جواب ڏنو هو سائين عثمان ڏيپلائي، جنهن جي لکيل “چوپڙي” پڻ ان وقت جي انهن ماڻهن جا پگهر ڪڍي ڇڏيا هئا. مثال ٻيون جڏهن محمد بن قاسم جي حوالي سان هڪ مهم هلي ۽ قاسم کي هيرو قرار ڏئي ان جو ڏينهن ملهائڻ جا چوٻول ٿيا ۽ ان جي ڀيٽ ۾ راجا ڏاهر کي ڪافر، غدار ۽ ملعون جهڙن لفظن ۾ لکيو وڃي پيو ته اهو وقت هو 1939ع، جڏهن ميلا رام واسواڻي مغلن جي درٻاري ۽ حرم سرائي حرڪتن بابت هڪ ناول “رنگ محل” لکيو ته ان جي موٽ ۾ محمد عثمان ڏيپلائي انتهائي گندي لب و لهجي ۾“ڏاهري رنگ محل” نالي ناول لکيو، جيڪو ميلا رام واسواڻي جي ناول “رنگ محل” جو جواب هو. جنهن ۾ ڏيپلائي صاحب هٿ ٺوڪين قصن جي بنياد تي راجا ڏاهر جي تذليل ڪئي ۽ اهو ان دور ۾ رواج هو، جنهن کي سرڪار به هٿي ڏيندي هئي، ان ماحول ۾ ذڪر ڪندي ڏيپلائي صاحب لکيو ته “1943ع ۾ مون 2300 روپين ۾ پنهنجو گهر وڪڻي ڏاهري رنگ محل ڪتاب شايع ڪرايو، جنهن تي 1700 رويپا خرچ آيو، راجا ڏاهر بابت هي ڪتاب حد کان وڌيڪ فحش هيو، بهرحال وقت ته گذري ويو، ڪنهن شاعر جي هنن لفظن جيان ته شاعر جاڳي، تارا جاڳن، اکڙين ۾، اوجاڳا جاڳن،ماڻهو موت جي ننڊ ستل آ، تاريخن جا صفحا جاڳن. سو وقت ته گذري ويو!! پر تاريخ جاڳي ٿي، ساڳيو ڏيپلائي صاحب لکي ٿو ته جڏهن مان سوچيندو آهيان ته ڏاهري رنگ محل لکڻ وقت منهنجي مت ڇو کسجي وئي هئي ۽ وڌيڪ لکيائين ته منهنجي اک کلي ته پتو پيو ته مــــار! ڪٿي وڃي ٺڳاڻا آهيون. __

بھرحال اھي ادبي تنقيدون ۽ تضادن جا تير ھر متحرڪ قلمڪار جي تحريرن تي مينھن جيان وسيا آھن، پر انھن تيرباز توبچينن وٽ آخر ۾ صرف ذلت رسوائي ۽ مايوسي کان سواء ٻيو ڪجھ به ناھي بچيو سواءِ تنقيد ڪندڙ مٿان قلمڪار عزيزن معرفت معزرت جي، ان لاء روبينه ابڙو به ھڪ بردبار عورت جيان اھڙو وقت ڪاٽي آئي آھي، جئين ايراني شاعره شاعراڻي انداز ۾ احتجاج ڪندڙ عورت بڻي ھئي جنھن پنھنجي چھري تان مايوسي ۽ پڌرشاھي جو نقاب ھٽائي جنگ جوٽي پاڻ کي تاريخ ۾ لرزائيندڙ لفظن ۾ امر ڪري وئي، اھا مشھور شاعرہ طاھرہ قرت العين ھئي ۽ اھو 1848ع جو دور ھو، جنھن کانپوءِ ايراني مرداڻي ھٺ ڌرمي، ملائيت، لڦنگن ليکڪن ۽ ڪوڙن ڪائنرن قلمڪارن کي ڪاوڙ لڳي قرت العين کي مٿي ۾ پٿر ھڻي بيرحمي سان ڪفر جي فتوا سان ماريو ويو ھو، ان وقت Zahra Khanom Tadj es-Saltaneh جنھن پنھنجون يادون محفوظ ڪندي لکيو ته انتھائي افسوس جي ڳالهه آهي تہ ايراني شاعره عورتن کي اسان انسان ھجڻ جي درجي کان ھيٺ ڪرايو ويو آھي، جيڪي صبح کان شام تائين قيدن جي زندگي گذارين ٿيون ۽ جانورن جيان لوڙين ٿيون جيڪي شديد ذھني تڪليف جو شڪار آھن، ۽ ھو زبان کولڻ بجاء پنھنجو قلم به چوري نه ٿيون سگھن، ھن وڌيڪ لکيو آھي ته اسان ( عورتن جي زندگي بس ٻين ڪپڙن جو نالو آھي، ھڪ جڏھن ھو ٻاھر نڪرنديو آھن، تہ پاڻ کي ڪاري ڪپڙي ۾ ويڙهي ڄڻ ڪنھن جي موت تي تعزيت لاءِ نڪتيون آھن ٻيو جڏھن ھو مرنديون آھن ته اڇي ڪفن ۾ مٽي ماءُ حوالي ٿينديون آھن) اھڙي تڪليفن مان گذرندڙ سنڌ جون شاعرائون به آھن جن مٿان ادبي تنقيد بجاء ذاتي تنقيد ڪري انھن کي رستي تان ھٽائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آھي، پر روبينه ابڙو انھن مان ناھي جنھن جي ھن ٻن لائينن مان پرجوشي جو اندازو لڳائي سگھجي ٿو، جنھن مان ھن جي سرمستي نماڻائي، عشق ۽ جرئت جو ھڪ خوبصورت ۽ حيرت انگيز سنگم نظر اچي ٿو، • مدھوشي جي مند اسان وٽ، ھاڻ رھي ٿي صبح شام •

روبينه ابڙو لفظن ۾ ساھ ڦوڪيندڙ تخليقڪار آھي، ھو ھڪ ئي وقت تصوف جي سونھن ۾ سماجي لفظن کي رومي جھڙو رقص ڪرائي ٿي ته ٻئي طرف جديد ماڊرن سائنسي دور ۾ Theory of evolution جيان ماڻهپي جي ماپَ مورُوثِي ڪري، وَقتَ کي اسڪيل سان وِرڇي وٺون عُمِر جو اسڪاچ پيئندي پاڻ پوءِ، ڊاروِن وانگي بَدنُ پنهنجو پڙهون، آدميءَ جي اَکِ مان ڏينڀُو ڦُٽي، وِکَ مان چيتو وري نِڪريو اچي، اھڙا خيال پيش ڪرڻ سان گڏ ھوڏانھن ھن شاعري ۾ ڪڏھن آمريڪي شاعرہ املي ڊيڪنس emily dickinson جون ڪيفيتون به ملن ٿيون ته ڪڏھن وري مِهنگي شَرابَ جهڙي هُئي دوستي اسان جي، جيڪا تمام ٿوري ناڻي ۾ هُئي وڪاڻي. مِٽيءَ جو محلُ ٺاهي، هَٿَ سان هَوا بڻائي، تو باھِ پاڻ ٻارِي، پيدا ڪيو مون پاڻي. روبينہ ابڙو کي پڙھندي رومي جي اھا ڳالھ ياد پوندي آھي ته واقعي شاعري الھام آھي، اھڙي الھامي ڪيفيتن ۾ رسول ميمڻ چوي ٿو ته انسان خدا جي دل ۾ رهي ٿو ، رب رنجائڻ پاڻ ڏکائڻ آهي، اھو سمجھڻ وارن لاء ھڪ فلسفاڻو جملو ناھي پر تمام سادي سمجھاڻي آھي، روبينه جا اھڙا خيال پڙھندي ملندا آھن جو ڄڻ دل گليل سان مئل ڪاونء آھي ۽ ان مٿان جبل جيڏي قبر اڏيل آھي، تعزيت خاطر اکين جا تعبوط کولڻ لاء پنبڻين مان سوين ڪوڪا ڪڍڻ لاء لوھي ڳڻ واري ڪاٺ جي ھٿوڙي گھرجي آمريڪن شاعرہ ڪيليفوٽن Lucille Clifton ته رڳو ائين چيو بادلن جا خدا ھي ڌرتي توتي دانھي آھي، پر روبينه Depersonalize جي ڪيفيت ۾ اچي لکي ٿي ته بَرفَ جي پوڙهي خُدا جي بارگاه ۾ باھِ جو بادلُ بَڻي بيهي رَهان ٿي. اھا ھڪ اھڙي ڪيفيت آھي جنھن ۾ تخليقڪار شعور جي اعلي معراج تي پھتل ھوندو آھي ڳالھ رڳو اتي ختم ناھي پر روبينه جي ڀيٽ دنيا جي مشھور شاعرئن سان به نٿي ڪري سگھجي ڇو ته ھو ان سوسائٽي جو حصو آھن جتي جانورن کي به ساھداري جو حق حاصل آھي ۽ اسان وٽ انسان کي جيئڻ جو حق به ناھي اھڙي ماحول ۾ تخليقڪار کي پنھنجي قلم جي نب ساھ جي رڳ تي رکي لکڻو پوندو آھي، روبينا ابڙو جي ڀيٽ استاد بخاري جي انھن لفظن کان اڳتي نڪتل آھي ته پير نه ھٽن پوئتي پر ماڊرن سائينس جي ابي ۽ ڏاھي گليليو جي پاليسي جيان روبينا بخاري کان به اڳتي نڪتل آھي انھن لائين ۾ ته ڪُجُھ قَدم پُٺتي کَڻي بيهي رَهان ٿي. پنهنجي پيرَن ۾ ڇَڻي بيهي رَهان ٿي, ٿوري ٿوري ٿِي سَڄي اُڀري اَچان ٿي، پو گَهڻن کان ٿِي گهَڻي، بيهي رَهان ٿي. روبينا ابڙو نه رڳو سنڌ پر آئرلنڊ، جرمن، پر يورپ جي تمام شاعرئن سان مقابل آھي Elizabeth Barrett Browning پنھنجي ٻولي ۾ لکي ٿي پر روبينا وطن جي وارثي ۾ پنھنجا رنگ نڇاور ڪري ٿي پوء ڀلي ھو چوي تہ پوڙهي پَهاڙَ پويان هُئي ڪُونجَ ڪا اُڏاڻي، نِنڊَ جي نَديءَ مان نِڪري مُرڪي پئِي مُهاڻي. عَربيءَ ۾ آيتن جيئن هِڪٻئي مٿان لَٿاسين، پَشتو جي هَر ٽَپي جيئن پنهنجي لَڳِي پُڄاڻي. روبينا ابڙو سنڌ جي ماياناز شاعرہ آھي ھن 24 آڪٽوبر 1971ع تي ڳوٺ ڳيريلي، تعلقي ڏوڪري، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو. سنڌي ٻوليءَ جي شاعر عورتن ۾ غزل جي شاعريءَ ۾ اهم مقام رکي ٿي. سندس غزل فني ۽ فڪري حوالي سان پختا ۽ متاثر ڪندڙ آهن. هن ادبي دنيا ۾ 1991ع کان پير پاتو. تڏھن منھنجي عمر ٽي سال ھئي، ھن ابتدا ۾ ڪجهه ڪهاڻيون لکيائين، جيڪي ريڊيو خيرپور جي پروگرامن ۾ نشر ٿيون، پر پوءِ هن پنهنجي لاءِ شاعريءَ جو ميدان چونڊيو ۽ ملھائي ڏيکاريو، سندس جي اھا خوبي منھنجي دل جي سيف ۾ سنڀاليل آھي ته ھو ھر ڪنھن ماڻھون کي مرتبو ڏيڻ وارن منجھان آھي، سندن جي فيس بڪ تي نوجوان ليکڪن جي ڪتابن تي اصلاحي تبصرا جنم ڏينھن جي موقعي تہ ڪنھن کي سندر لفظن ۾ ياد ۽ داد ڏيڻ وارو عمل ھن جي قابليت ۽ قد ڪاٺ کي وڌائي ٿو جنھن مان ظاھر آھي ته ھن ۾ انا ناھي ھڪ شاعراڻي دل سان گڏ نيڪ دماغ جي مالڪ آھي، شادآباد رھي روبينه ابڙو پنھنجي اھل ايال سان،
/

مونکي خبر نه هئي ته توھان ايڏو شاندار لکي سگهندا آهيو ... توهان دل کولي لکيو آهي ۽ مون کي ڏاڍو وڻيو پر آخر ۾ توهان ڳالھ جلدي ۾ کٽائي آهي، شايد انڪري جو شروع ۾ توهان تمهيد گهڻي ٻڌي آهي،__
روبينه ابڙو