لفظن ۾ ساھ ڦوڪيندڙ ڪھاڻيڪار سڪندر عباسي
لفظن ۾ ساھ ڦوڪيندڙ ڪھاڻيڪار سڪندر عباسي
ڌرتي تي انيڪ انسان آيا ويا، پر اھي ھميشه لاء ڌرتي تي رھجي ويا، جن آسماني ڳالھين جا سھي رخ عوام جي روحن ۾ ڦوڪيا، جئين رسول ميمڻ چيو ته ھر اھو ڪتاب آسماني آھي، جيڪو ڌرتي جي ڳالھ ڪري ٿو، ائين ھر اھو ماڻھون تاحيات رھڻو آھي، جيڪو آسماني فڪرن جي غلط تشريح تي رت ۾ ٻڏل تلوارن جون مياڻون پنھنجو قلم جي نوڪ سان ناس ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو، امرجليل لکي ٿو ايترو رت قدرتي آفتن ناھي وھايو، جيترو رت انسان انسان جو وھايو آھي، مذھبي، ثقافتي، نظرياتي ۽ سماجي بنيادن تي، پر ڪي قلمڪار اھڙي نفرت انگيز لکڻين واري تعصب جي ترار جھڙي قلمن کي ٽوڙي انھن جي لکڻين کي تبديل ڪري پڙھندڙ انسان کي "محبت ئي خدائي آھي"(۱) جھڙا تصور ڏئي پيار، امن پائيچاري، اخلاق وڏپڻي، جو اعلي معراج ماڻڻ جو دڳ سڏيندا آھن، ______
اھڙن قلمڪارن ۾ اسان جو دوست قلمي سٿ جو ساٿي سڪندر عباسي به آھي، جنھن جي قلم اڳيان لفظ رقص ڪندا آھن، ۽ ھو پنهنجي سوچ، فڪر ۽ عمل سان " تاريخ جي تھ خاني مان"(۲) سنسار جي فرسوده ڦٽ کي چاڪ ڪرڻ جا ڏس پتا ڏيڻ ۾ مددگار ثابت ٿيل آھي، سڪندر عباسي جھڙا ماڻهون پنهنجي اندر ۾ اهڙا ادارا هوندا آھن، جتان ڪيترائي طالبِ علم پنهنجي شعور جون شمعون جلائي سموري جڳ کي علم آگاهيءَ جي روشني ارپين ٿا، اھڙن فردن جا سماج مٿان وڏا احسان ھوندا آھن، پر اھڙا فرد اھي احسانن جھڙا ڪم پنھنجي قوم، وطن، عزت، آجپي، خوشحالي جي آرسي ۾ پنھنجو فرض ڏسي ڪندا آھن، نه ڪي ڪنھن تي احسان،_
پر ھن سماج ۾ اھڙن ڏات ڌڻين کي امرتا انھن جي مرتيو کانپوء ملندي آھي، ۽ ٻيا جيڪي سڻڀين ڪرسين تي ويھي رات جي پيٽ ۾ پنھنجي من پسند موضوع تي ڪتاب لکرائڻ ۾ فقط ھڪ پني تي سھي signature ڪرڻ جي دير ھوندي اٿن، نه انھن کي ادب ڏات فن آرٽ ڪلا قلم ڪلام جي خبر ھوندي آھي، نه ئي انھن کي ڪنھن ادب دوست سان واسطو رکڻ جي ڪا ضرورت ھوندي آھي، بس انھن کي اھو ئي قلم پيارو ھوندو آھي، جنھن تي ھو ڀانور ڪندا آھن، جيڪو قلم صرف سھي signature ڪرڻ جو ڪم ڄاڻندو آھي، پر کيس انھن ماڻھن کي ڪھڙي خبر ته خدار قلمڪار "ڪوجھي چنڊ جو غم"(۳) به لکڻ ڄاڻندا آھن، ادب جي سڄي تاريخ ۾ اھڙن نادان ۽ نام نھاد ماڻھن قلمي پورھئي سان رونشي واري روش ۾ ڪيترن ئي قلمن جا سر ڪپرايا آھن، يا وري انھن ماڻھن کي "سيڻَ مَٽائِنِ سونَ تي" مجبور ڪري انھن ادب دوست انسانن، فلسفين، ڏاھن، دانشورن، توڙي جو سياسي سپاھين ليڊرن، ڪمانڊرن، اديبن شاعرن، ۽ قلم جي جانثارن کي پنهنجي مفادن خاطر اخلاقي، سماجي، نظرياتي، فڪري ڀلائين کان منھن موڙائي پنهنجيون سچايون وفاداريون مَٽائي آرامده زندگيءَ جي ننڍڙي دنيا ۾ وڏا ماڻھون ٿي رھڻ پسند ڪرڻ جي ستي پياري ڇڏيندا آھن، ۽ پوء اھي ماڻھو ڌن جي ڌپ تي مست ٿي اکين تي انسانيت سوز اھا عينڪ ھڻي ڇڏين ٿا، جو کيس وڏي کان وڏو ظلم زيادتي بربريت محض ھڪ رنگين تماشو نظر اچڻ لڳي ٿو_____ ،
پر "موھن جو ماڳ"(۴) پنھنجي تاريخ ۾ اھڙن ماڻھن کي نروار ئي ڪندو رھيو آھي، جيڪي پنھنجي ڌرتي ديس وطن جا سوداگر آھن، سڪندر عباسي اھو ئي اديب آھي، جيڪو سماج جو انتهائي ذميوار فرد هوندو آهي، هو پنهنجي فڪر جي آڌار تي پنهنجي اظهار جي ذريعي جو تعيّن به پاڻ ئي ڪري ٿو ته وري مقصد ۽ نتيجا به پاڻ ئي ڳولي لهي ٿو، هو پنهنجي لکڻين ۽ سوچن ۾ مڪمل طرح خود مختيار آهي، جن اديبن قلم ذريعي پنهنجو هاڪاري ڪردار نڀائيندي ماڻهن ۾ جوش ولولو جاڳرتا ۽ جذبو پيدا ڪري کين اهو احساس ڏياريو ته ظلم ۽ ڏاڍ جي ڪوٽن کي ڊاهي پٽ ڪرڻ لاءِ اڳتي وڌڻ گهرجي ۽ سنڌ جي حقن جي لتاڙ ڪندڙن کي لتاڙي وڃجي، اهڙن باضمير، جرئتمند ۽ بيباڪ ليکڪن ۾ سرِ دار سچ جو جهنڊو ڦڙڪائيندڙ اديب سڪندر عباسي جو نالو انتهائي مٿاهون ۽ معتبر آهي، جنھن جي لکڻي پڙھندڙن کي سکن جا سج ڏسڻ لاء "ڪچي ننڊ جا خواب"(۵) ڏسڻ تي مجبور ڪري ٿي، ڇو ته لطيف سرڪار جي فڪر جيان جنھن سک جي ننڊ سمھي ۽ خوابن ڏٺا انھن ھڙ ۾ خالي ھاونء ھوندو پر اھي ڪاپڙي جيڪي ڪچي ننڊ جي خوابن جي تعبير لاء جھد حق ۾ رڌل آھن، اھي ئي سماج جا سڄڻ ھوندا آھن،___
ادب جي هر صنف جو پنهنجو چس ۽ چارم ھوندو آهي، پر سڪندر عباسي جھڙي قلمڪار جو اھو قلم ھلائڻ جو فن ڪمال جو آھي، جو ھو مضمون، ڊرامو، مڪالو يا ڪهاڻيءَ ۾ جنهن طرح سان سماجي سور ۽ ناسور جي ڳالهه ڪري ٿو، سا بلڪل انساني اندر جو ايڪسرو ڪڍڻ برابر آھي، ھن جون ڪھاڻيون انڪري به مقبول آھن، جو ڪهاڻي ادب جي انتهائي ڪارائتي صنف آهي، حقيقت ۾ ڪهاڻي خود انساني تاريخ جيتري ئي پراڻي آهي، جنھن کي پرکڻ لاء "پيار جو پھريون نظم"(۶) پڙھڻڻ کپي، اديب جو فرض صحتمند سوچ خوبصورت لفظن جي مالهائن ۾ پوئي پيش ڪرڻ آهي، هر قلمڪار جي لکڻي پُر اثر ۽ معنى خيز ثابت ٿيڻ ضروري نه آهي، جيستائين ان ۾ داخليت يعنى مَن اندر جي ولوڙ شامل نه آهي، علم ۽ قلم جو سفر ته روان آهي، پر انهيءَ سفر ۾ ڪي پانڌيئڙا اهڙا به هوندا آهن، جيڪي سماج تي پنهنجي پورهئي ۽ انسان دوست رويّن جي ڇاپ صدين تائين ڇڏي وڃن ٿا، اهڙن ئي انتهائي مھربان ۽ مهان انسانن ۾ سڪندر عباسي جو نالو به سرفهرست آھي، ____
مشهور ڪهاڻيڪار، ڪالم نگار، ڊرامه نويس ۽ ترجمي نگار سڪندر عباسيءَ جو جنم 13 جنوري 1974ع تي لاڙڪاڻي ۾ ٿيو، هن 1993ع ۾ هڪ ڪهاڻيڪار جي حيثيت سان ادبي دنيا ۾ پير پاتو، سندس ڪيتريون ڪهاڻيون ۽ ڪالم روزاني ڪاوش سميت مختلف اخبارن ۾ شايع ٿيندا رھن ٿا، جڏهن ته سندس 75 سولو پلي ڊراما، 13 مني سيريل، 10 سيريل ۽ ٽي سوپ سيريل مختلف سنڌي چئنلن تي نشر ٿي چڪا آهن. هن جي مشهور سنڌي ڊرامن ۾ زندگي واريءَ جون واٽون، خالي آسمان، خواب نگر، انڌاري، سانورا گلاب دل جا، جڏهن ته اردو ٽي. وي ڊرامـن ۾: ’ميـرا ساجـن ميرا سسرال‘، ’رشڪ‘، ’ناياب نسخه‘، ’ڇوٽـِي مان‘، ’هتڪ‘، ’نگيني‘، ’ايڪ ٿي عورت‘ وغيره قابل ذڪر آهن، سڪندر عباسي 1992ع ۾ انڪم ٽئڪس ڊپارٽمينٽ ۾ ملازم طور ڀرتي ٿيو، جتي اڄ تائين پنهنجا فرض سرانجام ڏئي رهيو آهي. سڪندر عباسي 2009ع کان ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي تي ڪمپيئر آهي، ۽ سندس جا 6 ڪتاب پڙھندڙن جي ميراث آھن، (سنڌيانا تان ورتل تعرف)
/
مدھوش مير لک لائق ادا، مان ناچيز کي توهان ياد ڪيو، وڏا وڙ اوهان جا -
سڪندر عباسي