اتساھ جي علامت بڻيل ليکڪ جاويد اقبال
اتساھ جي علامت بڻيل ليکڪ جاويد اقبال
ادب آرٽ زندگي جدوجھد جي وسيع دائري ۾، تخليقي صلاحيتن جو اڀرندڙ مينار جاويد اقبال لاڙڪ ھڪ ھونھار نوجوان مصنف آھي، جنھن جو ڪم گھرائي ۽ صداقت جو پڙلاءُ پڙھندڙن کي اھڙي دنيا ۾ کڻي وڃي ٿو، جتي لفظ اھا مياڻ لڳن ٿا، جنھن اندر جذبات جي تکي تلوار چمڪندي نظر اچي ٿي، جاويد جو قلم سفيد صفحن تي لفظن کي رقص ڪرائي ٿو- ۽ ادبي منظرنامي تي نه مٽجندڙ نقش ڇڏي ٿو، مونکي ياد اچي ٿو درگاھ ماتلي شريف تي ھي شخص گھڻو ڪري نظر ايندو ھو، جنھن جو سنڌ جي معروف شخصيت اسلامي اسڪالر پير دلبر سائين سان گھڻي ويجھڙائي ھئي، ۽ مان ان وقت اتي مدرسي ۾ ناضرا پڙھندو ھئس،- تنھن وقت مان پنج وقت نمازي ھجڻ سان گڏ تحجدگذار ھئس، اھو صحبت جو سلسلو منھنجي من ۾ ماتلي مچايو ھو، مرحوم سائين علي شير عرف "سائين حافظ" جيڪو منھنجو دشمن جھڙو استاد ھو، پڙھائيندو گھٽ ھو ۽ ماريندو سوايو ھو، ھن منھنجو مدرسي ۾ نالو رکيو ھو (ڦاڙھا) خير سائين سان مان به پنھنجي وس آھر جٺيون ڪيون، مثلن ڪاڪوس ۾ وڃي ته مان پويان ڪڙو ڏئي ڇڏيانس، اندر ڌپ ۾ پيو دانھون ڪندو ھو، يا ھن جي چپل کڻي لڪائي ڇڏيندو ھئس، اسان شاگرد استاد ھڪ ٻئي جا ويري ھئاسين- مدرسي جو قانون ھيو، ٽيپھاري جي آذان کان اڳ " واري وارن ڏينھن " تي شاگرد طالب مسجد جي صفائي ڪندا ھئا، ۽ جڏھن صفائي جو وارو اسان جو ايندو ھو، تہ مان طالبن کي وٺي مسجد ۽ درگاھ ٻاھران پيل ڪاٺ جي بنڊن تي کيڏندو ھئس، (درگاھ ٻاھران ڪاٺ جو ڪارخانو اڄ به موجود آھي) مسجد جي صفائي نه ھجڻ ڪري ھڪ دفعو مون کي گڏھ سمجھي بجلي جي تارن سان مرحوم استاد ڪٽڪو ڏنو ۽ منھنجي جوڙي وال "منصور خاصخيلي" کي ته رھندو ڦاھو پيو ڏئي، ( الله بچايس ) جنھن بچايئس ان کي پاڻ ڪنھن وقت ۾ الله بچايو ھو، تنھن ڪري ھن تي مالڪن الله بچايو نالو رکيو ھو، اھو به اسان جي جوڙ جو شاگرد ھو، خير اھي ڏينھن منھنجي زندگي جا يادگار ڏينھن ھئا پر جڏھن مان سائين مولوي عبدالقادر لغاري وٽ عربي فارسي جا سيگا ۽ غردان ٻڌا ته منھنجو پڙھائي ڏانھن شوق وڌيو پر "درس نظامي" منھنجي اندر ۾ ڇوليون ھڻي رھيو ھو، ھاڻي 'من' جي خبر ڪنھن کي؟؟ شڪل مان ئي، مان سڀني شاگردن، طالبن کان نڀاڳو ۽ ويڙھاڪ ھئس، انڪري منھنجو من ڪنھن بہ استاد نه ڄاتو،
پوء ھڪ ڏينھن چينل واھ ماتلي جي موري تي ويٺو ھئس اتي مان "پان کائڻ" ويندو ھئس، ھڪ ڏينھن عوامي آواز اخبار ۾ "مولانا عزيزالله ٻوهئي" جو ڪالم پڙھيم پوء وقت گذرڻ سان گڏ مونکا مدرسا به وسري ويا، پوء ته ٻوھئي صاحب مونکي سڄو نصاب ڏنو ۽ ھر منجھل معاملي ۾ منھنجي رھنمائي ڪيائين، ڪي اين شاھ ايندو ھو ته ساڻس ڪچھريون ٿينديون ھيون، ان سڄي گذريل وقت جي مون وٽ صرف ھڪ تصوير آھي، جنھن کي ڏسي ذھن جي دز چڙھيل دستاويز تان ڪي خوبصورت يادون سامھون آينديون آھن، تصويرون پنھنجي وقت جي واحد گواھي ھونديون آھن، جيڪي انسان کي آئينو ڏسينديون آھن، ميمڻ صاحب جي ڳالهه جيان، تہ عمر تصويرن جي ميراث ھوندي آھي، عمر کي بقا صرف تصويرن ۾ آھي، تصويرون ئي آھن، جيڪي وقت روڪي سگھنديون آھن، الميو اھو آھي، جو تصوير ماڻھوءَ جي ٿي سگھي ٿي، ماڻھو تصوير جو نٿو ٿي سگھي، "پِريان سين پَھڪارَ، رِندِيءَ رَساڻي ڪيا،" انھن ڏينھن ۾ اتي رھندڙ جاويد ڪرمي ماٺيڻو شخص جنھن کي ڪنڌ ۾ ڪڏھن اجرڪ، ڪڏھن سائي چادر پاتل ھوندي ھئس، ھڪ دفعو ان سان حادثو پيش آيو ھو، ھٿ زخمي ھئس، منھنجي دل چيو مان ھن کان طبيعت پڇان پر ان وقت منھنجي اندر جي طبقاتي نظام ماحول مونکي ان شخص سان ملڻ جي اجازت نه ڏني - "مان حساس طبيعت ماڻھون آھيان، انڪري فراريت کي پسند ڪندو آھيان، اھا روپوشي صرف سالم ئي سمجھي سگھن ٿا-" ان وقت جاويد جو getup ڪنھن مذھبي فڪر جي سڃاڻپ ھئي، خير وڏو وقت گذري ويو، جاويد اتي رھجي ويو مان نڪري ويئس، تنھن کانپوء صحافي ھجڻ ناتي مان گڏجاڻين پروگرامن دوستن جي ڪچھرين بحثن ۾ جاويد کي عوامي تحريڪ سان سلھاڙيل ٻڌو ھو، مون سوچيو ھي شخص ڪندو ڇا ٿو وتي،؟؟ سندس خيالن ۾ مذھبي عقيدت پسندي، ۽ گڏ به انھن سان وري مارڪسي ماڻھن جي ڪچھرين جو حصو به بڻجي ٿو! خير اتي گھڻو وقت گذري چڪو ھو پوء فيس بڪ جي دنيا تي پاڻ وري ملياسين، اتي به ھو مونکي فڪري طور منجھل لڳو، religion point of view کان فيسبڪ تي اھڙن خيالن جو اظھار ڪرڻ بعد جاويد لاء منھنجو خيال اھيو ھيو، نيٺ ھن جو ڪتاب پڙھيو "آمريڪا جي سامراجي تاريخ" تڏھن به ھي شخص مونکي مبھم ۽ ڪنھن تلاش ۾ واجھائيندي نظر آيو، وڏي وقت کانپوء ويجھڙائي ۾ ھاڻي خيالي ڏي وٺ ٿي، مان ھن جي ڪچھري مان گھڻو ڪجھ سکيو، متاثر ٿي پيس، ان جو ھڪڙو سبب ھيو ، جو جاويد جي زندگي ۽ ذھن کي جدت پسندي ۾ ڏسي مونکي Kanhaiya Lal Gauba ياد اچي ويو- شايد جنھن جو ذڪر ڪٿي امرجليل به ڪيو ھو-_____
ڪنھيا لال جو تعلق ھنڌوازم سان ھيو، ھو ليکڪ صحافي ۽ گھڻ پڙھيو شخص ھيو، ھن جو ڪم لکڻيون پڙھندڙن کي سوچڻ تي مجبور ڪن ٿيون، ادب جو ھي خاموش خدمتگذار ڪنھن جو متلاشي ھيو، لکندي پڙھندي مذھبن، عقيدت، تصوف جي ڇيڙچاڙ ڪندي ڪندي Friends and foes an autobiography ۾ لکي ٿو، مان سوچيو مان جنھن جڳھ تي ٻيٺل آھيان، ان ٽڪري ھيٺان شايد اڃان ڪا ٻئي ڌرتي آھي، انڪري مان خاموشي سان پنھنجو مذھب تبديل ڪري مسلمان ٿي ويئس، مان جيڪو پڙھيو ان ۾ مونکي لڳو ته دين اسلام جھڙو ٻيو ڪو مذھب ناھي، پوء جڏھن ھن جي گھر ڀاتين يارن دوستن کي ان ڳالھ جي خبر پئي، ته سڀني مٿس ڪاوڙ جو اظھار ڪيو، لاتعلقي ڪئي، ڪنھيا سان ڪيترائي جڙيل رشتا ٽٽي ويا، مذھب تبديل ڪرڻ سان دوست دشمن سڀ پنھنجن پنھنجن چھرن سان نظر اچڻ لڳس، پھريان ھن کي چھري مٿان چھرو چڙھيل فرد جي خبر نه پوندي ھئي - پر ڪنھيا خاموشي سان سوچيندڙ ذھن ھيو ھن اسلام جي حقيقي مطالعي کان پوء ڪنھن ھن کي طعنو ڏنو ته تون ڪتابن ۾ اڄ به ھندو آھين، پنھنجي نالي جي ڪري، اھو ٻڌڻ بعد ھن سوچيو ته منھنجا ڪتاب ڪنھيا لال گوبا جي نالي سان ڇپيل آھن، اھو ڪئين تبديل ڪجي، غور ويچار بعد ھن پنھنجي نالي K. L. Gauba کي Khalid Latif Gauba ۾ تبديل ڪري ڇڏيو- پر پوء به ھن اڃان اتي بس نه ڪئي مذھبن جو مطالعو جاري رکيو، 1977 ڌاري ھن کي خبر پئي ته مان جنھن جڳھ تي پھتو آھيان پر رستو ڀلجي آيو آھيان، ۽ پوء دين اسلام کي الوداع ڪري، ھو عيسائي ٿي ويو، ۽ Christianity جي وسيع مطالعي ۽ عمر جي آخري ڏھاڪن ۾ بيمار ٿي پيو 1980ع داري دنيا ڇڏي ويو- ڀارت جو صحافي ۽ ليکڪ Rambriksh Benipuri ڪنھيا متعلق لکي ٿو، ھو آخر ۾ عيسائيت تان به دستبردار ٿي يھوديت جي فڪر کي اپنايو ھو ۽ اھڙو ذڪر اسلام کان اڳ واري بحث ۾ دليل ڏيندي رامبرڪش ڪنھيا جي نوٽس جا حوالا به پيش ڪيا آھن، رامبرڪش جي تحقيقات کي رد ڪندي Jogesh Chandra Bagal لکي ٿو ته ڪنھيا عمر جي آخري ڏينھن ۾ دنيا جي تمام مذھبن جو انڪاري ٿي ويو ھو، ڪنھيا جي مرڻ کانپوء ان متعلق ڪافي ڳالھيون گھڙيون به ويون آھن، پر ھتي مذھبي اٿل پٿل واري ذھن ڪنھيا جي ڳالھ ڪرڻ جو مقصد صرف ھڪ ئي ھيو ته سوچيندڙ ذھن پنھنجي وسيع مطالعي سان گڏوگڏ ارتقائي طور تبديل ٿيندو رھي ٿو، ائين ئي گذريل ڪجھ ڏينھن کان نوجوان ليکڪ جاويد لاڙڪ به مونکي ڪنھيا جي تسلسل ۾ خاموش ذھن ٿي کوجنا ڪندڙ محسوس ٿيو آھي، جيڪا خوشي جي ڳالهه آھي، ته ھو ويچار ڪري ٿو، متحرڪ ذھن آھي، پر ضروري اھو به ناھي ته ھو صرف مذھبن متعلق سوچيندڙ ذھن آھي، ھو گھڻ پڙھيو شخص آھي ھن وٽ مطالعي جو ميدان وسيع آھي، _____
جاويد اقبال جي ادبي مرڪز ۾ انسانيت جي پيچيدگين کي بيان ڪرڻ ۾ هڪ نادر صلاحيت موجود آهي. هن جي نثر ۾ ڪردارن اندر ساھ پيل آهي، سندس جون ڪيل ڪتابن سان ڪچھريون، نوجوانن کي ادبي کيتر ۾ اچڻ جو invitation card ڪارڊ آھن، لکت جي پختگي هر جملو هڪ درستگي سان گڏ اھڙو تيار ٿيل ھوندو آھي، جو پڙھندڙ ذھن جو وجود ان لکت سان گڏ سفر ڪرڻ لڳندو آھي، ادب جي اڀرندڙ منظرنامن ۾ جاويد اقبال جو لکڻيون به پنھنجي طاقت جي زور تي ھڪ سوال کڻي اينديون آھن، ھو تصوف مذھب، عقيدت پسندي، سماجي سائنس، نفسيات، سياست جھڙن موضوعن جي ميدان تي قلمي ھٿيار سان محاذ ملھائي رھيو آھي، جاويد ھن وقت Edgar Rice Burroughs ۽ Scott Turow سميت Carl Sandburg جي شھر شڪاگو ۾ علم پرائي رھيو آھي، جنھن شڪاگو لاء ڪارل پنھنجي شاعري ۾ لکي ٿو "ھتان جا ماڻھون، مارٽ، ميوزم زنده دل انسانن جي امانت آھن"______
/
محبتون محترم ڀاءُ مدھوش مير
جاويد اقبال لاڙڪ -