سنڌ جي سدا بھار موسيقار، ماھين ھيسباڻي
موسيقي ھڪ اھڙو فن آھي، جنھن سان انسان خدا جي ٻولي ڳالھائيندو آھي، سائرس جنھن موسيقي وسيلي پنھنجا سر پئي وکيريا، ته پاسي ۾ قائم ڪليسا مان ڪجھ پادري نڪري ڪسينو ۾ پھتا ۽ سائرس کي چيو ويو، ته اھو شيطاني آواز بند ڪيو وڃي، سائرس خود پادري جي گھر جي پيدائش ھو، تنھن ڪري ھنن کي وڏي اطمينان سان جواب ڏنائين ته " خدا ھر انسان اندر ڪا ڏات ڀري ٿو، جڏھن ڪو انسان ان ڏات کي نٿو سڃاڻي ته خدا ملال ۾ اچي وڃي ٿو ۽ جڏھن ڪو انسان ان عنايت الاھي کي سڃاڻي ان جو قدر ڪري ٿو ته خدا خوش ٿئي ٿو " موسيقي بني نوع انسان جي آفاقي زبان آھي، انسان جو ڪو پنھنجو عمل دخل ناھي، پر ھو سر ساز ذريعي موسيقي ۾ خدا جي ٻولي ڳالھائي ٿو، خدا انساني روح ۾ موسيقي جون تارون پاڻ ڇيڙي ٿو، ٻاھر نڪرندڙ اھو آواز خدا جي ڪرم ۽ رحم جو نزول آھي، اوھان کي سمجھڻ گھرجي، اوھان خدا پاران ڏنل ڪنھن ڏات کي روڪي، ڪفر جو ڪم ڪري رھيا آھيو ۽ پوء پادرين سائرس جا ھٿ چميا ھئا، معني معلوم ٿيو ۽ چئي سگھجي ٿو ته موسيقي دنيا بدلائي سگھي ٿي، ڇو ته موسيقي ۾ ماڻھن کي تبديل ڪرڻ جي سگھ آھي، ___
اسان وٽ موسيقي جو قدر ناھي، نه قدر جوڳي موسيقيءَ جو ڪو معيار آھي، تنھن باوجود موسيقي کي روح ۾ رکندي ۽ روح کي موسيقي ۾ مخمور ڪندي، سنڌ جي legend موسيقار، آرٽسٽ، شاعره ۽ انسانيت جي پرچارڪ ماھين ھيسباڻي منھنجي نظر ۾ انھن عالمي شخصيتن ۾ شمار آھي، جن پنھنجي اخلاقي قدرن ۽ آرٽ سان عوام جي دلين جون ترجمانيون حاصل ڪيون، ماھين ھيسباڻي جي لاء ائين چوڻ وڌاء نه ھوندو ته ھن وٽ اھو سر آھي، جنھن لاء الاحيان مسلم موسيقار چوي ٿو، ته اوھان جو آلاپ انسان مٿان عذاب گھٽ ڪرڻ جو اوزار آھي، اوھان جي سرن ۾ ستايلن جي سور جي نجات جو سستو سامان دستياب آھي، اوھان جي ورلاپ ۾ وڇوڙي جا گھوڙا پوڙھا ٿي پون ٿا، انڪري ماھين اوھان جو سريلو آواز علم موسيقيءَ مطابق آوازن جي هيٺاهين ۽ مٿاهين ستن درجن ۾ ورهايل سبقن کان بي نياز آھي، منھنجي نظر ۾، آمريڪن ڳائڻي Dolly Parton ھڪ دفعو پنھنجي زندگي جي يادگار لمحن واري انٽرويو ۾ ٻڌايو، ته مان ڪنھن موسيقي جي مداح سان ملي ھئس، انکان مون پڇيو ھو ته اوھان جي نظر ۾ ڀلو موسيقار ڪير آھي،؟؟ ھن چيو جيڪو بنا ساز اوزار جي ڳائي ۽ ٻڌڻ وارن جي اکين جا بند ڀڄي پون، اھو منھنجي نظر ۾ ڀلو موسيقار آھي، وري ڊولي ھن کان پڇو ته ڇا ماڻھون اھڙي موسيقار کي ٻڌندا،؟؟ کيس پرستار وري جواب ڏنو ته منھنجي نظر ۾ اھو فنڪار موسيقار ايتري مقام وارو ناھي، جيڪو سماج جي پسندگي کي ڳائي ۽ دنيا ان کي ٻڌي، پر منھنجي نظر ۾ ان موسيقار جو مقام بلند آھي، جيڪو پنھنجي دل جي اسرار سان ڳائي ۽ ان جا مداح به زنده دل ھجن ۽ زنده دل انسانن جو ماڻھن جي ڀيٽ ۾ انگ ٿورو ھوندو آھي، انڪري اھڙي موسيقار جا فدائي ٿورا ئي صحيح پر ھو سلامت دماغ ھوندا آھن، __ اھڙي ئي طريقي سان ماھين ھيسباڻي به پنھنجي دل جي آواز کي موسيقي ذريعي جذبن جو روح بخشي ڪيترائي ڀيرا مداحن جون اکيون آليون ڪري ڇڏيون آھن، جڏھن ھن "سنڌيار" ڳايو ھو ته مونکي ياد آھي، ان محفل ۾ ماڻھن ماھين کي گرم لڙڪن ۽ وڏي جنبش وارن نعرن سان ھڪ دلربا انداز ۾ داد بخشيو ھيو، _____
سنڌ جي سدابهار شخصيت ماھين ھيسباڻي جنھن کي مان سمجھان ٿو، پنھنجي ڪلا کان وڌيڪ منظوري حسن اخلاق طور مليل آھي، ساڻس جڏھن به رابطو ٿيو ڌاريائپ ۽ واسطيداري ته پري، پر ائين محسوس ڪرايائين ڄڻ ڪو ھڪ گھر جا ڀاتي ھجون،- ھن ھر وقت سنڌ توڙي سنڌ جي نوجوانن کي اتساهيو آھي، سنڌ جي ھر ٻرندڙ معاملي تي پنھنجي انداز سان احتجاج ريڪارڊ ڪرائڻ سميت، ھو عملي طور ميدان ء مظاھري ۾ به نظر ايندي آھي، ماھين وٽ ڪا ھٿيارن جي انڊسٽري ناھي، پر ھن وٽ آواز آھي ڪلا ۽ اھو فن آھي، جنھن سان انساني جذبا جوش ۾ اچي وڃن ٿا ۽ احساسن ۾ اھا ٻاٻوھ ۽ نرمي پيدا ڪرڻ جي ڏات سندن کي فطرت پاران عطيو عطا ٿيل آھي، ماھين ھيسباڻي جي اھا به خوبي رھي آھي، ته ھن ھر ماڻھن کي اھڙي انداز سان ٽريٽ ڪيو آھي، جو سندن گفتار ڄڻ ھڪ اھڙي رسي آھي جنھن سان اھو انسان ھميشه لاء پنھنجائپ ۽ قدر جي قرب ۾ ٻڌجي وڃي ٿو، -____
عام طور سوشل ميڊيا تي اھڙا ذھني غريب ماڻھون بہ موجود آھن، جيڪي ھر عورت کي صرف "گوشت" جو ڍير سمجھي پيا ڌپ تي ڀيرا ۽ ڦيرا ڏيندا آھن، سوشل ميڊيا جي اھڙي سينواريل سماج جي دلدل ۾ ڦاٿل ماڻھن ۾ فرق ڪرڻ ۽ انھن کي سمجھڻ يقينن ھڪ بالغ ذھن عورت جي فراخدلي ۽ بردباري آھي، - اھڙي ماحول جي منفي اثر ۾ ڪيترائي ڀيرا ائين به ٿيو آھي، ته ڪنھن public figure يا آرٽ، فن، ڪلا، تحريڪ، تنظيم، ادب سان سلهاڙيل عورت ڏي جڏھن ڪو ماڻھو مداح ڪم سان رابطو ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو، ته نتيجي ۾ ان کي ڪو به جواب ناھي ملندو يا ڪو سوال کان ھٽيل اڻوڻندڙ جواب ملندو آھي، ۽ تڏھن ان عورت لاء ھڪ رائي قائم ڪئي ويندي آھي، جنھن ۾ مغرور، لاپرواھ، بيوقوف، attitude اناپرست جھڙا لفظ ان جي نالي پويان ڳنڍيا ويندا آھن،- سوشل ميڊيا جي اھڙي ماحول ۾ ھڪ عورت لاء امتحان ۽ ھڪ وڏو چيلينج ھوندو آھي، پر ماھين ھيسباڻي اھڙي شاندار پليٽفارم تي گنديون الٽيون ڪندڙن کان پاڪ معاشرو جوڙي سنجيدگي جي مظاھري سان عوامي رائي ۾ مقبول شخصيت جو عزاز ماڻيو آھي، سوشل ميڊيا ته خير ھاڻي جي ڳالھ آھي، پر ماھين ھيسباڻي ريڊيو جي دور کان گھڻن ئي دلين تي راڄ ڪندڙ آھي، جنھن پروگرام ۾ ڪمپيئرنگ ماھين جي ھجي، اتي سندس ادا انداز جا پروانا ان پروگرام کي تاڙين جا ھار پرائي ۽ نعرن جي گونجار سان ان محفل کي موھي وجھندا آھن، ماھين ھيسباڻي لاء مان اھو اڳ به ڪيترائي ڀيرا لکيو آھي، ھاڻي به لکڻ ۾ سرھائي محسوس ڪيان ٿو، ته موسيقي جادو آھي ۽ جادوگر موسيقار ماھين ھيسباڻي سنڌ جو اثاثو آھي،
/
پيرا ڀاء مدھوش مير اوھان جي ھي تحرير جيئن ئي اکين آڏو آئي ھر عام انسان وانگر پنھنجي لاء سٺا لفظ پڙھندي سڄي وجود ۾ خوشي جي لھر ڊوڙندي محسوس ڪيم، اھا انساني فطرت آھي جنھن کان انڪار نٿو ڪري سگھجي، منھنجي شخصيت جي مختلف پاسن تي ايڏو گھرو تجزيو ڪرڻ ۽ ان تي تفصيلي لکڻ واري پيار ۽ خلوص لاء مان دل سان اوھانجي ٿورائتي آھيان ۽ اوھانجو اھو انداز آرٽ سان بيپناه محبت جو پڻ ڏيک ڏئي ٿو.
جڏھن ٻيھر سڪون, سنجيدگي ۽ ڌيان سان ھن تحرير کي پڙھيم ته پاڻ ۾ ھماليه جيڏو ٻل ڀانيم ۽ سوچڻ لڳس ته جيڪڏھن سماج جو ھر مرد ايئن پنھنجي ارد گرد عورتن ڀينرن مائرن ۽ ڌيئرن کي مان مرتبو ڏئي، جيڪي علم ادب سائنس آرٽ يا ڪنھن به ڪلا کيتر ۾ اڳيان اچڻ چاھن ٿيون انھن کي ھمٿائي ته الائي ڪيڏيون تخليقڪار اڳيان نڪري اچن ۽ سنڌ ڪيئي صديون اڳيان جو سفر طئه ڪري وٺي.
ٽيون ۽ آخري ڀيرو جڏھن ھي ليک پڙھيم بيساخته اکين ۾ ڳوڙھا تري آيا ھل ايڏو پيار، خلوص، مان ۽ محبت مون ماڻي آ ؟ ڪيڏي نه ڀاڳوند آھيان، ھن نفسا نفسي جي دور ۾ ڪير ٿو جيئري ڪنھن کي ڀيٽائون ڏئي، ھر سٺي ڪلاڪار جو حق ھوندو آھي ته کيس داد ملڻ کپي پر محبت ملڻ جا ماپا ته ڪوئي ڪٿي ئي نه سگھيو آھي، اھا ته ڪنھن ڪنھن جي ڪڻي ۾ نڪري پوندي آھي، انھن ئي اڻمين محبتن سچ پچ مون غريب کي اڏي ڇڏيو آھي توڻي جو مان نه ان پد تي بيٺل آھيان نه ئي مون ڪو اھڙو ڪمال ڪيو آھي . بس اھو ڪيو اٿم جو سنڌي شاعري ادب جي خدمت “ڏات ۽ ڏان“ ذريعي بغير ڪنھن ذاتي پسند نا پسند، بغض ، حسد ۽ وڏي ننڍي شاعر جي فرق کانسواء ھميشه اعلى معياري، شاندار ۽ پختين تخليقن کي پنھنجو آواز ڪڏھن تحت الفظ ته ڪڏھن سرن جي روپ ۾ ارپيو اٿم،
منھنجو ايمان آھي ته جيئن علم ۽ ڄاڻ ورھائڻ سان وڌنڌي آھي، تيئن ڏات به جيتري حق سچ جي حاصلات لاء ڪتب آڻبي اوتري ئي نکري بيھندي
جيڪڏھن ڪنھن درد ڀري دل ۾ اوھانجو آواز پھچي ڪا خوشي جي لھر پيدا ڪري يا ڪو سچو سر ڪنھن روح کي تازگي بخشي وجھي ته به جيون سڦل ٿيو. مدھوش مير اوھان لاء کوڙ سارو پيار ۽ احترام - ماھين ھيسباڻي -