شخصيتون ۽ خاڪا

جن ساڃاء سِراڻِ سين

دنيا ۾ ڪي چند انسان اھڙا ھوندا آھن، جيڪي زندگي جي مقصد کي پورو ڪري دنيا کي ڪجھ ڏئي ويندا آھن، اھي انسان عام ماڻھن کان گھڻو مختلف ھوندا آھن، ھنن وٽ زندگي گذراڻ جو ھڪ الڳ رنگ ھوندو آھي اھڙن ماڻھن بابت مدھوش مير پنھنجا تاثير سوشل ميڊيا تي لکندا رھيا آھن. انھن مان 15 شخصيتن تي لکيل تاثيرن کي ھاڻي ڪتابي شڪل ۾ پيش ڪيو اٿائون.
  • 4.5/5.0
  • 79
  • 0
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • مدھوش مير
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book جن ساڃاء سِراڻِ سين

ادب ۾ دريا جھڙي موج رکندڙ ناولنگار حيدر دريا

ادب ۾ دريا جھڙي موج رکندڙ ناولنگار حيدر دريا
ادب ۾ دريا جھڙي موج رکندڙ ناولنگار حيدر دريا

دريا حيدر اھو نالو آھي، جنھن جي وٺڻ سان انسان ۾ اتم ھوش وارو جذبو سجاڳ ٿئي ٿو، جنھن جي نالي ۾ ئي اھڙو رعب آھي، تنھن جا احساس انساني سڌ جو چٺو ثابت ٿيل آھن، دريا حيدر کي مان گھڻو وقت اڳ پڙھيو ھو، ھن وٽ لکڻ جو اھو ڏان آھي، جيڪو ھزارن مان ڪنھن ھڪ کي نصيب ٿيندو آھي، جيڪڏھن ھي لکڻي ۾ عشق جي ڳالھ ڪري ٿو، ته ان جي شاھدي ۾ ھن وٽ صرف لفظ ناھن پر عاشقن جي اندر دلين جو ايڪسرو ڪڍي سامھون رکي ٿو- اھا لکت ان ايڪسري جي رپورٽ ھوندي آھي، جنھن کي ھن انداز ۾ سمجھيو وڃي ٿو ته __ " عشق مجاز ۾، پاڻي تي ليڪا ڪڍي پنهنجي محبوب جي تصوير ٺاهيندڙ، اهڙي محبت کان محروم رهي ٿو، جيڪا محبت روح تي رهڙون ڏئي محبوب جي تصوير دل تي چٽي ڇڏيندي آهي، حساس ماڻهو ته برابر سڀ، هڪجهڙو سوچيندا آهن، پر ان سوچ جو مڪمل اظهار سڀ ڪري نه سگهندا آهن ۽ هرڪو ماڻهو ان جو مڪمل اظهار ڪري به ڪون ٿو سگهي، انساني سونهن هڪ اهڙو مجازي محل آهي، جنهن ۾ رعيت روئندي به رهي آهي تہ کلندي به رهي آهي ۽ ان محل جي اڏاوت ۾ جيڪي رنگ روغن ۽ چٽ گل ڇٽيل آهن، سي سڀ تصوف مان ورتل آهن.____

عشق جي اسڪول ۾ نئين داخلا وٺندڙ نوجوانن کي دريا حيدر جا ناول ٿوري گھڻي رهنمائي ضرور ڪندا، دريا حيدر جي لکڻين ۾ مونکي Baruch Spinoza اسپونزا ياد ايندو آھي، جيڪو پھريون باغي صوفي ھيو، ان ئي وقت سنڌ اندر شھيد شاھ عنايت به پنھنجي فڪر جي پرچارڪ ۾ رڌل ھو، اسپونزا جيان دريا حيدر به ڪٽرپڻي کي پنھنجي قلم سان ڪچلڻ جي ڪوشش ۾ مصروف رھيو آھي، اسپونزا به بنيادي طور تي وحدت الوجود ‏(Pantheism) جو قائل هڪ صوفي شخص هيو، پر ٿورڙو غور ڪبو ته ان وقت انڌن جون قوتون ايڏيون ته مضبوط هيون جو ماٹھن جي سسين جا لابارا ھلندا ھئا ۽ اتي اسپونزا وري ايمسترڊيم جي گھٽين ۾ يھودي انتشاري فڪرن کي رد ڪندي نوجوانن کي پنھنجي رومانوي لکڻي ۾ ان وقت جي شرعي ترقي پسند تصوف جي طُورسِينا تي گھمايڻ پئي چاھيو، -

دريا حيدر جي لکڻ جو انداز سمجھايل فڪر رڳو، تصوف، مذھب، عقيدت، سياست ناھي، پر ھن وٽ مسرتون، موج، معراج، لذتون زندگي جون رونقون بہ جائزي وٺڻ سان ملن ٿيون، جئين يونان جي تاريخ ۾ سڀ کان وڌيڪ مڃيل مفڪر فلاسفر Pyrrho جو فڪر ھيو، پرھو ديمقراطس، Democritis گوتم ٻڌ، پروٽاگورس ۽ سقراط کان متاثر ھيو ايپيڪورس ۽ جاڳرتا جي ڏينھن جو فلسفي ڊيوڊ ھيوم ۽ ٻيا ان کان متاثر ھئا، رسول ميمڻ لکي ٿو ته پرهو جي فلسفي جو بنياد سُڌِ Acatalepsy آهي، جنهن موجب جيئن ته ڄاڻ جي حد مقرر نه آهي، انڪري اهو ممڪن نه آهي، ته شين کي سمجهي سگهجي. اهڙو فڪر اسٽيواڪ برخلاف آهي، جنهن جو بنياد ٻُڌِ Catalepsy آهي، ان عقيدي جي باني زينوءَ موجب دنيا کي ائين قبول ڪرڻو آهي، جيڪو وقت وهي رهيو آهي، اهو ئي سچ آهي ۽ زندگي حقيقت. بحث ۾ وقت وڃائڻ کان چڱو آهي ته فطرت کي جيئن جو تيئن قبول ڪجي، مونجهارا ڏک جو سبب آهن، دنيا ۾ فرحت ماڻيو ۽ خوشي حاصل ڪيو، ٻئي دنيا آهي يا نه؟ ڪنهن به شڪ کانسواءِ هن دنيا کي قبول ڪري دلي سڪون حاصل ڪريو، پرهو جي فلسفي جو بنياد سُڌِ جي وضاحت ائين ڪري سگهجي ٿي ته معروض Object تجريد Abstract آهي ۽ تجريد پنهنجين علامتن سان هر دفعي نئين ڏيک ۾ ظاهر ٿئي ٿي، اهي علامتون وجود، حالتن، پيغامن ۽ ادراڪ تي پڻ لاڳو آهن،

دريا حيدر جي ناولن ۾ عشق، مذھب، سياست، سماج رويا، ناانصافيون، رشتا ، سماجي ستم ظرفيون، گردش ڪن ٿيون، پر ھن انھن مڙني معاملن مُونجهارا کي مختلف پاسن کان انسان کي آنند ۾ آڻڻ لاء پڻ ڪيترائي گس به ڏنا آھن، ھو رشتن جي ٽوٽ ڦوٽ تي انھن کي سمجھائڻ لاء دورين ۽ ويڇن جا تاريخي مدلل واقعا به ڳڻايا آھن، انھن فراقن کي ختم ڪرڻ لاء ھن جون لکڻيون پڻ bridge جو ڪردار ادا ڪن ٿيون، "ياد رکجو، جيڪو سماج پنهنجي عظيم رشتن جي سڃاڻپ نٿو رکي ۽ رشتن کي پاڻ ۾ ويڙهائي، ورهائي، ونڊي، ورڇي ٿو ڇڏي، ته اها قوم ۽ اهي قبيلا پنهنجي عظمت کي ائين رسوا ڪندا آهن، جيئن حضرت عثمان غني سان پنهنجي قوم ڪيو ۽ حضرت آدم سان پنهنجي خدا! ۽ بي بي مريم سان پنهنجي قبيلي ۽ مون جهڙن سان پنهنجي پيار ۽ محبت واري خواھش ڪيو، (دريا حيدر)

/
ادا توھان جون مھربانيون۔

حيدر دريا