علمي ادبي گھراڻي جي سڃاڻپ ثروت ابڙو
علمي ادبي گھراڻي جي سڃاڻپ ثروت ابڙو
برٽش دور ۾ پنھنجي نظري فڪروفھم تي قائم رھندڙ شخصيت، ڪيترن ئي ڪتابن جو تخليقڪار، فلاحي ڪمن ۾ اڳڀرو رھندڙ، پنھنجي ڳوٺ ۾ اسڪول جو بنياد وجھندڙ رئيس شمس الدين بلبل( پنھنجي تر جي ماڻھن جا فيصلا نبيرڻ ڪري کين رئيس جو خطاب مليل ھو)، ۽“ بلبل “ سندن تخلص ھو، ڪيترين ئي اخبارن جو ايڊيٽر رھيو، جنھن پنھنجي شاعري ۽ تحريرن وسيلي ماڻھن کي جديد دور جي تعليم طرف راغب ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ان جو گهراڻو جيڪو خود پنھنجي اندر ۾ صدين جي تاريخ جا ورق رکي ٿو. ان جي وڇوڙي کان پوءِ سندن خاندان انھن روايتن جو امين بڻجي اٿيو. انساني فلاح کان ويندي ادب تاريخ انسان دوستي ۾ پنھنجو پاڻ ملھائيندو پيو اچي.
بلبل جو فرزند ضياءُ الدين جيڪو ھڪ لائق وڪيل پڻ ھيو تنھن مسڪين بي پھچ ماڻھن جا ڪيس بنا فيس جي وڙھي ان تسلسل کي برقرار رکيو. رئيس ضياءُ الدين جي فرزند جنھن تي سندن ڏاڏي جو نالو رکيل ھو. شمس الدين تنھن 3 ڪتاب مرتب ڪري 2 ڪتاب لکي ادب ۾ پنھنجو نالو لکرايو، جنھن پنھنجو تخلص “شمس ابن ضيا ابن بلبل“ رکيو. ھي سنڌ جي تاريخ ۾ اھڙن خاندانن منجهان ھڪ ڪٽنب آھي، جنھن ھڪٻئي پٺيان پنھنجي سنڌ ڌرتي سان علم ادب آرٽ سان پنھنجي نينھن جو ناتو جوڙي رکيو آھي، اھڙي سلجهيل باوقار خاندان ۾ جنم وٺندڙ ثروت ابڙو بہ پنھنجي وڏڙن جي روايتن کي برقرار رکندي علم جي واٽ وٺي حقوق العباد جي پاسداري ۾ زندگي بسر ڪندڙ زنده دل عورت آھي، جيڪا پنھنجي وڏڙن جي ڪم کي سنڀاليو پئي اچي، ۽ جديد ٽيڪنالاجي واري دور ۾ پنھنجي وڏن جي ادبي ڪم فھم کي اجاگر ڪرڻ لاء سوشل ميڊيا تي پڻ خيالي اظھار ڪندي رھي ٿي، جنھن ويجھڙائي ۾ پنھنجي وڏي مرحوم ڀاءُ ڊاڪٽر رياض الدين ابڙو جو لکيل ڪتاب انگلش ۾ ترجمو ڪرائي وڏن جي ڪم کي باقيات بخشي آھي،
سال 2020ع ۾ نيڌرلينڊ جي مذھبي پيشوا “پول وٿ“ ڪليسا جي شاگردن ۾ انعام ورھائيندي سڀ کان وڌيڪ اعزاز “مس لوئيز“ کي ڏنو ھو “ پول وٿ“ تقرير ڪندي چيو “ لوئيز“ وڏي انعام جي حقدار پنھنجي وڏن جي ريتن رواجن سان خانداني باقيات کي برقرار رکڻ ۾ پنھنجو ڪردار ادا ڪرڻ جي ڪري، ان عزاز جي حقدار بڻي آھي، اسان وٽ گهڻو ڪري دنيا ڇڏي ويندڙ جو ڪيل ڪم فڪر فھم وڪردار بہ وساريو ويندو آھي. اسان وٽ ڪي چند انسان ھوندا جن ۾ ثروت ابڙو جھڙي سوچ ھوندي آھي، ثروت ابڙو جو اباڻو ڳوٺ خيرپور ناٿن شاهه کان ڏھ ڪلوميٽر جي مفاصلي تي ميھڙ آھي، ھن پنھنجي ابتدائي تعليم ھوائن جي شھر حيدرآباد مان پرائي. سندس والد کي نوڪري حيدرآباد ۾ ھئي. سيڪنڊري تعليم پنھنجي ڳوٺ مان حاصل ڪئي. اڳتي وڌي ڪمپيوٽر سائنس ۾ ماسٽرس ڪيائين. تعليم جي ميدان ۾ بہ ھميشہ نمايان پوزيشن ۽ انعام کڻي پنھنجو پاڻ مڃايو آھي، سندس تحريرن مان اندازو ٿئي ٿو پاڻ ھڪ سلجهيل ۽ بردبار شخصيت جي مالڪ آھي. جنھن جي چھري تي سدائين مرڪ جو سينگار ھوندو آھي، مرڪ چپن جي عزت ۽ لڙڪ اکين جي خيريات ھوندا آھن. سڏڪو روئڻ جي ساھي ۽ کلڻ چھري جو نياز ھوندو آھي تيئن ٽھڪ سونھن جو صدقو ھوندا آھن.انساني ھر وصف ۾ قدرت پنھنجا راز رکيا آھن. ثروت ابڙو صورت سان گڏ سيرت ۾ پنھنجي اخلاقي قدرن سان مقبول آھي.
ھوءَ پنھنجي بابا ۽ ڏاڏا جي نقش قدم تي ھلندي پنھنجي ڌرتي جي مسڪين ماڻھن يا سماجي ناانصافي يا حالاتن جي ستايل ماروئڙن کي ڏسي اداسي جي عالم ۾ امير سنڌ جي غريب ماڻھن تي درد جا نوحا لکي پنھنجي خيالن جو اظھار ڪندڙ آھي، اھڙن ڪردارن لاءِ "صدرتہ المتالھين" جا لفظ آھن “ اھڙا انسان جڏھن پنھنجي پيار ھمدردي ۽ اخلاق سان ڪنھن کي پنھنجو ڪندا آھن يا ڪنھن بيواھ يتيم جي مدد ڪندا آھن، تڏھن آسمان تي فرشتہ ربوبيت اڳيان نيازمندي سان پنھنجي خوشي جو اظھار ڪندا آھن، سندس وڏي ڀيڻ جيڪا پنھنجي ڏاڏي جي نالي سان ڪيترن ئي سالن کان پنھنجي خرچ تي "شمس الدين بلبل ٽرسٽ ھلائي" وس آھر مسڪين ماڻھن ۽ نياڻين جي مدد ڪندي رھي آھي، تنھن نيڪ عمل ۾ ثروت ان جي بہ ٻانھن ٻيلي رھي آھي، آخر ۾ بلبل خاندان جي انسان دوستي واري حرمت ۾ لطيف سرڪار جي ھي سٽ ڀيٽا طور پيش ڪجي ٿي، ساٿر صيحت سپرين، آھي نہ آزارُ.
/
انسان بہ سمنڊ جھڙو ئي گھرو ۽ اسرارن سان ڀريل آھي. جھڙي طرح انسان خوبين ۽ خامين جو مجموعو آھي، تھڙي طرح سمنڊ مان بہ لاتعداد شيون ملن ٿيون، لوڻ بہ ملي تہ لوڻاٺيل سمنڊي جهڳ بہ ملي . مڇي بہ ملي تہ مانگرمڇ بہ ملي.
سپي بہ ملي تہ سون بہ ملي .
موتي بہ ملي تہ مرجان بہ ملي .
ھاڻي ڳولھڻ واري جي ضرورت تي دارو مدار آھي تہ ھو ڪناري تان لوڻ کڻڻ جو طالب آھي يا گھرائي مان گوھر کڻڻ جو.
ماکي جي مک ،گل جو انتخاب ڪري ٿي، عام مک گند جو انتخاب ڪري ٿي اھو ٻڌائڻ لاءِ تہ ھتي خامي آھي ان کي درست ڪريو، خوبي ۽ خامي ٻڌائڻ وارا ٻئي ڪم اھم آھن. يعني تعريف سان تنقيد براء اصلاح بہ ضروري آھي. مدھوش مير ماکي جي مک وانگر خوبين تي نظر رکي ٿو جيڪو پاڻ ھڪ منفرد ليکڪ آھي، جنھن جي ھر تحرير ۾ توھان کي ان موضوع سان مشابھت رکندڙ ڪيئي مستند ۽ دلچسپ حوالا پڻ ملندا، ( ان مان مدھوش میر جي گھري مطالعي جي خبر پوي ٿي ) مدھوش مير منھنجي نظر ۾ نثر جو“ جون ايليا “ آھي. ھڪ منفرد ۽ يگانو ليکڪ. انسان ئي انسان جو آئينو آھي، جھڙو ھو پاڻ ھوندو ٻئي کي بہ ان ئي نظر سان ڏسندو. اھا مدھوش مير جي حسنِ نظر آھي جو ان کي مون ۾ ايتريون چڱايون نظر آيون آھن، مان ھڪ عام عاجز انسان آھيان . ايتري مان لاءِ ٿورائتي آھيان. منھنجي اوقات مٽي آ، منھنجي ذات مٽي آ.
ثروت ابڙو ____