شاعري

سرجيندڙ ساڻيھہ جا

ھي ڪتاب تاجل بيوس جي چونڊ 500 بيتن جو مجموعو آهي. تاجل بيوس جي شاعريء جو محور سنڌ. سنڌ جا کيت. سنڌ جا واهڻ ۽ وستيون، سنڌ جون موسمون، سنڌ جا جهر جهنگ رھيا آھن. ھن ڪتاب ۾ تاجل بيوس جا شاھہ لطيف جي رسالي جي نالن جي سُرن سميت ڪل 14 موضوعن تي بيت شامل آھن.

  • 4.5/5.0
  • 28
  • 11
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • تاجل بيوس
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book سرجيندڙ ساڻيھہ جا

آکيرو ارواح جو: تاجل بيوس

ٽيگور چيو آهي تہ ادب تخليق ڪرڻ ذرا ڏکيرو ڪم آهي. هو چوي ٿو: “سچ ۽ حسن جي ڳولھا لاءِ سڀ کان اول “انائيت” (مان) جي خول مان ٻاهر نڪرو، مکڙيءَ جيان مرڪي گل بڻجڻ تائين واري منزل طئي ڪيو ۽ پوءِ ڏسو ته، ھوا، روشني ۽ پاڻي ڪيترا وڻندڙ، لطيف ۽ اُجرا ٿا لڳن.”
ٽيگور جي مٿين پرک سندس بالغ شاعريءَ تائين رسڻ کان پوءِ جو فيصلو آهي. اهڙو اظھار هڪ اُھو شاعر يا اديب ئي ڪري سگهي ٿو، جنھن زندگيءَ جي رازن ۽ رمزن کي ڀليءَ ڀت پرکي ورتو هجي، جنھن کي عظيم فن تخليق ڪرڻ جو گس ملي ويو هجي، جنھن جي ذهن ۽ شعور تي ماڻهوءَ جي حسن جو پورو پورو قبضو هجي، جنھن وٽ پختو يقين هجي تہ ساز ۽ آواز جي لئي تي ڪنھن ڏاتارجي سر وڍي اچڻ کان بهتر آهي، ان ساز ۽ آواز جي مشق تي ڪنھن جسم ۾ رت جا ٻه- چار ڦڙا پيدا ڪرڻ. جيڪڏهن ائين نہ هجي ها تہ پوءِ يونان جو فلسفي ارسطو، شاعر کي تاريخدان کان ڪڏهن بہ مٿاهين حيثيت جو مالڪ نہ سڏي ها، جنھن چيو آهي تہ شاعري آفاقي حقيقتن جي سچي اپٽار آهي ۽ تاريخ ڪن خاص ۽ گهڻي ڀاڱي غير جمھوري صداقتن سان واسطو رکي ٿي. تاريخ گذريل واقعن ۽ حالتن تان پردو هٽائي، انھن واقعن ۽ حالتن کي پيش ڪري ٿي. پر شاعر هڪ اهڙي دنيا کي تخليق ڪرڻ ۾ سرگردان رهي ٿو، جتي امن ۽ سچ جو واهپو هجي. جنھن جي سر فلپ سڊنيءَ بہ تصديق ڪئي آهي. ان چيو آهي تہ شاعر هڪ اهڙو تخليقار آهي جيڪو هڪ نئين فطرت کي ويھي جوڙي ٿو. جيڪڏهن ائين نہ هجي ها تہ پوءِ عيسوي سن جي شروعات کان اٺ سال اڳ لاڏاڻو ڪري ويندڙ روم جو رهاڪو، مھان ڪوي، هوريس “ادب برائي زندگي” جو ڪڏهن بہ هوڪو ڪين ڏئي ها، جنھن پڌرنامي جي تصديق ٻن هزارن سالن کان پوءِ عيسوي اُڻويھين صدي جي آخر ۾ ٽالسٽاءِ اچي ڪئي. شاعريءَ جي بلندين ۽ آفاديت کي پرکي، قديم يونانين، شاعريءَ کي مڙني علمن ۾ مٿاهون درجو ڏنو، ايتري قدر جو هنن شاعرن کي ديوتائن جو درجو ڏئي ڇڏيو. ورڊ سورٿ شاعريءَ کي سڀني علمن جو روح ڪوٺيو، تہ وري فلپ سڊنيءَ کيس علمن جو بادشاھہ ڪري سڏيو آهي، جنھن ۾ شاعر نہ فقط رستو ٿو ڏيکاري مگر رستي آسپاس وارو ماحول ۽ دلڪش منظر بہ ڏيکاريندو ٿو هلي، جيئن منزل تائين رسڻ لاءِ شوق، ڪشش ۽ دلبري پيدا ٿئي. جيڪڏهن منزل ڏانھن ويندي، اسان جو رستو ڪنھن انگورن جي باغ مان ٿو گذري، تہ سڀ کان پھريائين شاعر اسان کي انگورن جا ڇڳا ٿو آڇي، جيئن انگورن جو سواد وٺي اسان اڳتي وڌي سگهون. ماحول ۽ ڏاهپ جي ڳالھہ ڪري ميٿيو آرنلڊ ڄڻ تہ سڊنيءَ جي پٺڀرائي ڪئي آهي. مختلف وقتن ۾ شاعر کي، انسان ۽ انسان جي زندگيءَ جي جنھن بہ رخ متاثر ڪيو آهي تہ هن خالق (شاعر) ان رخ کي ڀرپور طريقي سان شاعريءَ ذريعي پئي عام ڪيو آهي. اٽليءَ جي رهاڪو ڪروچي کي جماليات وارو روپ وڻي ويو، جنھن کيس وڌ ۾ وڌ متاثر ڪيو. ورڊ سورٿ، ٽالسٽاءِ ڊانٽي ڳوٺاڻي ماحول ۽ ڳوٺاڻي زندگي کي ترجيح ڏني.
هتي اسان کي مٿئين بحث ۾ ٽنگ اٽڪائڻي ڪانھي. وقت ۽ ماحول جي تقاضائن مطابق شاعرن شاعريءَ جي گهڻ- پاسائين حقيقتن جي پئي وضاحت ڪئي آهي. شاعر حساس آهي، ان ڪري شاعريءَ ذريعي سندس احساس ۽ جذبن جي هر دؤر ۾ پئي ارتقا ٿي آهي. مگر موٽڻ پاڻ کي وري بہ ساڳئي مرڪزي نڪتي تي اچڻو پوندو تہ شاعر تخليق ذريعي زندگيءَ کي حسين بڻائڻ ۽ منجهس چرپر ۽ تازگي پيدا ڪرڻ لاءِ ڪهڙو گس ورتو آهي. جنھن لاءِ ڪڏهن ورڊ سورٿ، ايملي، سارتر، ايليٽ، گورڪي، ڪيٽس، پشڪن جا نالا وٺڻا ٿا پون تہ ڪڏهن ٻہ اڍائي هزار سال ماضيءَ ۾ ٽٻي هڻي انساني جذبن جي اظھار جا سھڻا ۽ لاجواب مثال يونان ۽ روم جي ڄاين ارسطو، سقراط، افلاطون ۽ هوريس کان طلب ڪرڻا ٿا پون.
عظيم ۽ ڪارائتي ادب جو اهو ڪافي ثبوت آهي جو اسين اهڙي ادب ذريعي اڃا سوڌو ماضيءَ سان ڳنڍيل هجون ٿا. قديم يونانين جو شعور اڄوڪي شعور جي ڀيٽ ۾ ڪچڙو آهي، پر پوءِ بہ سندن تخليق ڪيل فن ۽ ادب ايڏو تہ حسين ۽ موهيندڙ آهي جو پڙهڻ سان ۽ ڏسڻ سان اسان کان ڇرڪ نڪريو وڃي، جنھن جو خاص سبب اهو وڃي ٿيندو تہ وقت جي تبديليءَ ڪري ادب ۽ شاعريءَ جا فقط قدر مٽيل آهن باقي مجموعي طور مرڪزي نڪتو ساڳيو ئي آهي.
شاعريءَ ۾ علامتن ۽ اشارن کي استعمال ڪرڻ ڪا نئين ڳالھہ ڪانھي. مون بہ هن ڪتاب ۾ آيل شاعريءَ ۾ ڪافي حد تائين علامتن ۽ اشارن کان ڪم ورتو آهي. انسان ۽ فطرت ٻہ اهي وٿون آهن جن کي هڪ ٻئي کان ڇني ڌار ڪرڻ ويساھہ گهاتي ۽ اخلاقي گناھہ ٿو سمجهان. فطرت مان منھنجي مراد وڻ، ٻوٽا، پکي، جانور، درياءَ، آبشار، سمنڊ، لھرون، بادل، چنڊ، ستارا، سج ۽ پھاڙ وغيرہ آهن، ڇو تہ انسان ۽ فطرت ۾ سواءِ شعور ۽ جبلت جي ٻيو ڪو خاص فرق مون کي نظر ئي ڪو نہ ايندو آهي. شاعريءَ ۾، خاص ڪري هن ڪتاب ۾ آيل شاعريءَ ۾ مون علامتن کان ڪم ورتو آهي، جنھن جا خاص سبب وقت ۽ ماحول جو احترام ۽ شاعراڻي اک جو مشاهدو ۽ ڪجھہ زندگيءَ جا تجربا ٿي سگهن ٿا.
ڪڏهن ڪڏهن حدبندين ۽ نڪتل لڪيرن جي مجبوريءَ کان سچ ۽ سونھن جو اظھار علامتن ذريعي بہ ڪيو آهي، جو مون بہ ڪيو آهي. پر هروڀرو ايڏي مجبوري بہ ڪانھي ڇو تہ فطرت جو مشاهدو ۽ مطالعو علامتي شاعريءَ جو هر جواز پيدا ڪري ڏيڻ لاءِ مون لاءِ هر دفعي اڳرو ۽ اڳواڻ رهيو آهي. مون جڏهن بہ ڪنھن وڻ ڏانھن گهوري ڏٺو آهي، ڪنڀر جو ڦرندڙ چڪ ڏٺو آهي يا اڪ جي ڪاٺيءَ کي ٻہ ٽڪرا ڪري جائزو ورتو آهي، تہ منھنجي ذهن ۽ شعور ۾ علامتن ۽ سندن انيڪ عڪسن پئي واسو ڪيو آهي. ڪنھن پپر مان ڇڻندڙ پِيلي پن تي ويھي سوچيو تہ زندگيءَ جي حوالي سان ڪيترائي نتيجا نڪري ايندا. سندس جهري پوڻ جو اسان هي نتيجو بہ ڪڍي سگهون ٿا تہ پنھنجي جياپي لاءِ خوراڪ حاصل ڪرڻ لاءِ پنن کي ٽارين يا ٿڙن جو محتاج ٿيڻو ٿو پوي. سندس واسطو سڌو سنئون ڌرتيءَ سان هجي ها تہ پن کي هوند نہ پنھنجي برادريءَ کان ڇڄي ڌار ٿيڻو پوي ها ۽ نہ ڦيراٽين جو ئي شڪار ٿئي ها.
مون ڏيڏرن ۽ نانگن سان بہ ڳالھيون ڪيون آهن. چنڊولن ۽ چتن سان ڪچھريون ڪيون آهن. پر سوچيو تہ اهي ڪچھريون ۽ ڳالھيون تنھنجون ۽ منھنجون نڪري پونديون.
شاعر جو نقاد هجڻ بہ ايترو ئي لازمي آهي جيترو سندس شاعر هجڻ. مون ادب جا ٿورا گهڻا تنقيدي جائزا پڙهيا آهن ۽ نقاد کي جذبات ۽ ذاتيات جي وهڪري ۾ وهي وڃڻ کان وٺي کيس حقيقت پسندي ۽ ڏاهپ ڀرين تنقيدن تائين ڏٺو آهي. ڪڏهن تہ نقاد جي گھري مشاهدي ۽ تجربي کي پڙهي مون کي پنھنجن ذاتي اوڻاين، اڌوگابيري مشاهدي ۽ غير ادبي جائزي تي ڦڪو ٿيڻو پوندو آهي ۽ ان وقت لطيف سھڻي جي لفظن “آڇيندي لڄ مران” کي ياد ڪندي، ڪنڌ جهڪائي ڇڏيندو آهيان. پر ڪي تنقيدون اهڙيون بہ نظر مان گذريون آهن جن کي پڙهي پاڻمرادو کلي ڏيندو آهيان ۽ چوڻو پوندو تہ نقاد لاءِ انسان ۽ فطرت جو اونھو مشاهدو ۽ اڀياس بہ اوترو ئي ضروري آهي جيترو شاعر لاءِ- شاعر رڳو تخليق ڪار آهي. نقاد کي تخليق جو تخليق ڪار بڻجڻو آهي. جيڪڏهن ڪنھن شاعر صبوح جو پسار ڪندي ڪنھن ڍنڍ جو نظارو ڏٺو آهي. ڍنڍ جي پاسن کان هوا ۾ نيلوفر جي گلن کي رقص ڪندي ڏٺو آهي. اُجري ۽ نيري پاڻيءَ تي پکين کي لھندو ڏٺو آهي ۽ اتان هڪ شرميلي ڳوٺاڻيءَ کي پاچا مٿي ڪندي لنگهندي ڏٺو آهي ۽ اهو سڄو منظر پنھنجي نظم ۾ ويھي چٽيو اٿس. تہ پوءِ اُن نظم تي تنقيدي اصولن ۽ ادبي قدرن کان واقف هئڻ گهرجي پر اهڙي منظر جو کيس بہ مشاهدو هئڻ گهرجي. ٻيءَ صورت ۾ ان نقاد لاءِ تنقيد ڪرڻ ڪچائي ۽ ڦڪائي جو سبب بڻجي سگهي ٿي. سندس اک بہ ايتري ئي تيز ۽ جاذب هئڻ گهرجي جيتري ان شاعر جي. ٻيءَ صورت ۾ تارازيءَ جا پڙ هيٺ مٿي ٿي پوندا. شاعر جي ادبي وکر جو قدر ۽ قيمت ناانصافيءَ جو شڪار ٿي ويندو. منھنجو اهو مقصد ڪڏهن بہ نہ آهي ڪو هرون ڀرون مشاهدو ئي شاعر کي عظمت جي بلندين تائين وٺي وڃڻ لاءِ ڪافي آهي. مشاهدن جي تلاءَ تي لازمي طور اسان کي مطالعي ۽ تجربن جا بہ وڻ پوکڻا پوندا.
مون ڪيترن شاعرن وٽ تخليق جي ڏات ۽ ڏانءَ جا وٽا، تہ ڪيترن وٽ مٽ ڀريل ڏٺا آهن، پر ڪنھن ڪنھن جو ذهن ۽ شعور هماليي جي آبشارن ۽ لڪيءَ جي چشمن وانگر بہ ڀاسيو آهي، جنھن جي تخليق واري ٿانءَ ۾ زندگيءَ جي آخري گهڙين تائين بہ شعر ڇلڪيندو نظر آيو آهي. مون ڏٺو آهي تہ شاعر اهڙي موڙ تي بہ پھچي ٿو جڏهن شاعري ۽ ڏات جي ماءُ سنڍ ٿيو وڃي.
نہ رڳو ايترو پر مون اهو بہ پروڙيو آهي تہ سنڌ- ڌرتيءَ تي ڪي اهڙا شاعر بہ پيدا ٿيا آهن جيڪي جيئن پوڙها ۽ جهور ٿيڻ لڳا آهن تيئن سندن شاعري ۾ موکيءَ جي مٽن وارو خمر ۽ لالائي پئي پيدا ٿي آهي.
لطيف سھڻي جي بيتن بابت هڪ ٺوس راءِ قائم ٿيل آهي تہ سندس بيت ٻڌڻ وقت موسيقيت جي اثر ڪري گهڻو ڪري هر پڙهيل توڙي اڻ- پڙهيل کي ڪنڌ ڌوئيندي ڏٺو ويندو آهي. هارمونيم جي سبقتن تي آڱريون هلائيندي آءُ ان ڪنڌ ڌوئائيندڙ حقيقت کي ڳولھي لھڻ جي ڪوشش ۾ هن حقيقت تي پھتو آهيان تہ لطيف جي شاعريءَ جو تاڃي- پيٽو ۽ بنياد موسيقيءَ جي ستن سرن تي ئي ٻڌل آهي جنھن جي هر هڪ پد ۾ سرگم جا ست ئي سر ڪتب آيل آهن ۽ ڪٿي ڪٿي مٿين “سا” بہ اچيو ملي ۽ ستن مان اٺ سر بہ ٿيو پون ۽ ٻنھي پدن يعني هڪ سٽ ۾ سرگم جا چوڏهن يا سورنھن سر اچيو وڃن ۽ اهڙيءَ طرح آروهي ۽ امروهي واري سرگم جي هڪ چڪر ۾ موسيقي جا چوڏهن يا سورنھن ئي سر پورا ٿيو وڃن ۽ بيت ٻڌندي موسيقيءَ جي ليءَ تال کان ڪنڌ ۾ پاڻمرادو هلچل ۽ کاٻي ساڄي چرپر پيدا ٿيو پوي. ائين جيئن مھان موسيقار نوشاد جي نغمن ٻڌڻ وقت اسان جا ڪنڌ رقص ڪرڻ لڳندا آهن. اهو اسان لاءِ ڪافي جواز آهي تہ اسان لطيف کي هڪ عظيم شاعر کان سواءِ عظيم موسيقار بہ سڏي سگهون ٿا. دنيا جو ڪو بہ اهڙو شاعر ڪونھي جنھن سرگم جي سرن کي شاعريءَ ۾ سمايو هجي ان لاءِ هڪ ٻہ مثال هيٺ پيش ٿو ڪيان:
وطن ريءَ ويھي- جي مون گهاريا ڏينھڙا
و ط ن ري ءَ وي هي ست ماترائون
سا ري گ م پ ڌ ني ست ماترائون
جي مون گها ريا ڏين هنـ ڙا
ني ڌي پ م گ ري سا

گورا وڃن گام- ڏيرن سندي ڏيھہ تي
گو را و ڃ ن گ م
سا ري گ م پ ڌ ني
ڏي رن سن دي ڏي ھہ تي
ني ڌ پ م گ ري سا

نہ رڳو بيتن ۾ پر واين جي بہ ساڳي ئي جوڙجڪ آهي.

تڙ نھاريان تي.
ت ڙ ن ها ر يان تي
سا ري گ م پ ڌ ني

ڪنڌي ساريان ڪانہ.
ڪن ڌي سا ر يان ڪا نہ
سا ري گ م پ ڌ ني

مان ڪو راڳداريءَ جو ماهر ناهيان. مون کي لطيف جا بيت جهونگاريندي، بس اها ڏاھہ ۽ ڏس مليو آهي جيڪو لطيف جي پڙهندڙن تائين پھچايان ٿو تہ جيئن مٿس وڌ ۾ وڌ کوجنا ڪري، ڪن ٺوس نتيجن تي پھچجي. مان ڪنھن بہ طرح پنھنجي راءِ ٻئي تي مڙهڻ جو قائل ناهيان.
“سرجيندڙ ساڻيھہ جا” ۾ پنج سؤ بيت آيل آهن جنھن جي سنگم پبليڪيشنس جي جند جان ڪرم الاهي چنا اڳ ئي اعلان ڪري چڪو آهي. ان کان سواءِ مون وٽ شاعريءَ جي ٻن وڌيڪ ڪتابن جيترو مواد اڃا بہ تيار آهي جنھن کي سھيڙي ۽ سانڍي رکيو اٿم، جن ۾ بيت، وايون، گيت، غزل، ڪافيون، پابند ۽ آزاد نظمون شامل آهن. موڪلاڻي ڪانھي.

تاجل بيوس
B-4 قمر اپارٽمينٽس بلاڪ-3
گلشن اقبال، ڪراچي سنڌ.