ڪارو جادو
جيڪڏهن وڏي ڀاءُ چيو ٿي ته مون کي فلاڻي مائٽ تي سؤ سيڪڙو يقين آهي ته ڀيڻ سندس شڪ کي رد ڪري ٿي ڇڏيو ۽ چوڻ ٿي لڳي ان جو پيرن فقيرن وٽ اچڻ وڃڻ گهٽ آهي. اهو ڪم ته اسان جي ڪنهن ڳجهي دشمن جو ڪيل آهي.
”اها وري ڪهڙي دشمني؟ اسين ان وقت انهن جي ڌيئرن جا رشتا گهري وٺون ها ته نوبت هيستائين نه اچي ها.“ وڏي ڀيڻ منهن ڦٽائيندي چيو.
”هر ڪنهن کي سندس نيت ڪم ايندي... ڇڏين کڻي.“ امڙ مايوسيءَ وارين نظرن سان ڏسندي آهستي چيو.
”نيٺ به ته ماڻهو اوهان کان ڇا ٿا گهرن... مون کي ڪنهن عامل يا پير کان حساب ڪرائڻ ڏيو... پوءِ آئون انهن کي گيسيون نه ڪرايان ته مون کي نه چئجو!... بي غيرت ماڻهو!“ ناٺيءَ ڪاوڙ مان چيو.
هن جي جتي به دل چاهي تي، اتي ميرا سيرا ڪپڙا اڇلي ڇڏيندي هئي. گهر ۾ ڪوئن ۽ جيتن جڻين جي ڀرمار هئي. ڪنهن پانچا ڪٽي ٿي ڇڏيا ته ڪنهن گنديءَ جي پلاند کي ۽ هيءَ چوي ٿي ته ڪارو جادو آهي.
”ڪو مون تي ڪارو جادو ڪرائي ته ڏسي... ڪارو جادو ٻادو ڪجهه به ڪونهي.. بس اهو سڀ ڍونگ آهي!“ بابا سخت لهجي ۾ چيو.
”هيءَ وٺ کير وٺي اچ!“ بابا خالي بالٽي کٽ تي اڇليندي چيو. ”سڀ چنڊا هڪ هنڌ ويهي ڪشمير جو مسئلو حل نه ڪريو... آئون هڪ ضروري ڪم سان وڃان پيو...“
”تون وڃ بابا!... توکي ڪنهن چيو... ته تون اسان سان ويهي ڪشمير جو مسئلو حل ڪرائي... هونئن به هاڻ ڪشمير جو مسئلو پراڻو ٿي ويو آهي... هاڻ ته فلسطين ۽ افغانستان جا مسئلا اُن کان به وڏا مسئلا بنيل آهن.“
”چڱو چڱو! اوهان جهڙا حڪمران بنجندا رهندا ته اهي مسئلا ڪڏهن به حل نه ٿيندا.“ اهو ٻڌي سڀ ڀائر ۽ ڀينرون کلڻ لڳا.
بابهيس جي جملي سڄي بحث کي سهيڙيندي، سڀني تي خاموشي ۽ کل جي گڏيل سڏيل ڪيفيت طاري ڪري ڇڏي. ٿوري دير کانپوءِ سڀ هٿن سان حيرانگيءَ مان اشارا ڪندي هڪٻئي کي سواليا نظرن سان ڏسڻ لڳا ته ٻيهر بحث جي شروعات ڪير ڪندو.
”ماسي پراڻي زماني جي آهي. سو شايد وهم ٿي پيو اٿس.“ ڀائٽيءَ مُرڪندي چيو. وچٽ ڌيءَ اُٿي ۽ الماڙيءَ مان ڪجهه گنديون ۽ شلوارون کڻي هن جي اڳيان اڇلي اٿلائي پٿلائي ڏيکارڻ لڳي.
”هي ڏس... هيءَ ڏس!“ پهرين رات هن شلوار جا پانچا هنڌ هنڌ تان ڪٽجي ويا هئا... ان ڏينهن امان نه چانهه پيتي نه ناشتو ڪيو... گذريل ڏينهن هڪ پير صاحب کان تعويذ وٺي آئي هئي ۽ اهي گهوٽي پنجن ڏينهن تائين پيئندي رهي... پر جيئن ئي تعويذن جو اثر ختم ٿيو، ٻي ڏينهن وري ساڳي ڪار.
”هي ڏس!... صفا نئون سوٽ... گذريل هفتي امان شاهده ماسي جي پُٽ جي پرڻي تي پاتو هو. سوٽ پائيندي ئي پانچن تي هنڌ هنڌ تي گول گول سوراخ ۽ ڪٿي ڪٿي بي ترتيب سوراخ ٿي ويا. ان جي ڪري امان سڄو ڏينهن ڄڃَ ۾ احساس ڪمتريءَ جو شڪار رهي ۽ اسين چئون ٿيون ته اهو وهم آهي... وهم به بي سبب ته ڪونهي هوندو... هي ڏس... جتان ڪٿان سلوارون ۽ گَنديون ڄڻ قئنچيءَ سان ڪُتريون ويون آهن.“
”اڇا ته اها ڳالهه آهي.“ هن ڪنڌ ڌوڻيندي چيو.
سڀني کي ڪاري جادو جو پڪو يقين ٿي چڪو هو. گهر وارن جا شڪ ۽ شبها دور ٿي چڪا هئا. اڳ ۾ اهي هِتان هُتان جون ٻڌل سُڌل ڳالهيون هيون ۽ هاڻ سڀني کي يقين ٿي ويو هو ۽ سندس ڪچو يقين پڪي يقين ۾ بدلجي چڪو هو.
”هيءَ ضرور ڪارو جادو آهي.“
”الائجي ڪنهن امان تي ڪرايو آهي“.
”جيئن اوهان جي امڙ تڙپي ته اوهين سڀ ڏکاريون ٿيون... سڄي برادريءَ جا ماڻهو سمجهن ٿا ته شايد مون ڌيئرن جا رشتا برادريءَ کان ٻاهر طئي ڪيا آهن ۽ پُٽ به ٻاهران پراڻايا اٿم... حالانڪه اوهان جو پيءَ هر ڳالهه ۽ هڪجيترو شامل آهي. پر ان جي ڪپڙن جا پانچا ته نٿا ڪٽجن!“ امان طنزيه انداز ۾ هٿ کي جهٽڪو ڏيندي چيو.
”آئون اڳ ئي بيمار ۽ هلڻ چلڻ کان ئي هلاک آهيان، وري جڏهن کان مون تي ڪارو جادو ڪرايو ويو آهي، تڏهن کان مٿي ۾ سور، الٽي ۽ اُٻڙڪا ۽ ڀيٽ ۾ سور رهڻ لڳو اٿم.“ امان ڳالهائيندي اکيون ٻوٽي ڇڏيون ۽ پوءِ کٽ تي ليٽي پئي.
”شڪورَ منهنجو خيال آهي ته ان عامل کان حساب ڇو نه ڪرائجي...!“ حسن ننڍي ڀاءُ کي مخاطب ٿيندي چيو.
”ڪهڙي کان...؟“
”اهو ئي يار...!... جنهن جي باري ۾ منهنجو دوست سليمان ٻُڌائي رهيو هو ته تمام وڏو عامل آهي... ڪاري جادوءَ جي ٽوڙ جو ته وڏو ماهر آهي... پر في وڏي ٿو وٺي... پر امان جي صحت جي اڳيان ته ڪجهه به ڪونهي... خبر ته پوي ته آخر ماجرا ڪهڙي آهي. جيڪڏهن بيماري هجي ها ته آئون امان کي ڪار ڪري سُٺي مان سُٺي ڊاڪٽر وٽ وٺي وڃان ها... پر هن دور ۾ ڪنهن عامل پير فقير جو ملڻ به ته وڏو مسئلو آهي... پوءِ به ڳولهيون ٿا...“ حسن ٿڌو ساه ڀريندي چيو.
”ترس! آئون اجهو ٿو پُڇان!“ هن جي موبائل آن ٿئي ته ايڊريس به پڇي ٿو وٺانس. هن سليمان کي فون ڪري عامل جي ائڊريس ۽ فون نمبر نوٽ ڪندي وڏي آواز ۾ چيو. ”هاڻ مسئلو حل ٿي ويندو. بس رڳو هڪ ڀيرو جادو ڪندڙ جي نالي جي خبر پئجي وڃي... ته پوءِ سندس منهن ڪارو ڪري سڄي شهر ۾ نه ڦيرايانس ته منهنجو نالو لاهي ڪُتي تي رکجو.“
گهر جي ماحول ۾ اداسي ڇانئجي چڪي هئي. عامل چوٿين ملاقات ۾ به في جا پنج هزار روپيا وٺندي ڪارو جادو ڪندڙ جون نشانيون ٻڌائيندي چيو، ”منهنجي حساب ۾ اوهان جي ويجهي مائٽياڻي آهي، جنهن جو گهر اوهان جي گهر سان گڏ آهي. هن جا وار ٿورا ڪٽيل آهن. هوءَ تکو ڳالهائي ٿي... کلڻ مهل هن جا سامهون وارا ڏند نظر اچن ٿا. هوءَ اڪثر بند شلوار پائيندي آهي. ڪڏهن ڪڏهن مٿي تي گندي به ڪندي آهي ۽ ڪڏهن مٿي گهاڙي... هاڻ سُڃاڻڻ اوهان جو ڪم آهي... اسين نالو ٻڌائينداسين ته ڳالهه جهيڙي جهٽي تائين پهچي وڃي ٿي.“
پوءِ عامل مٿي ڏسندي سندن ماءُ جي هنج ۾ تعويذ اڇليندي چيو، ”هي تعويذ پنهنجي گهر جي اڱڻ جي دروازي کان ٿورو مٿڀرو کونئر سان هڻي ڇڏيو ته جيئن هر ايندڙ ويندڙ جي نظر ان جي لکت تي پوندي رهي... ۽ امان کي ڇهن مهينن تائين ماتم ۽ شادي مراديءَ واري گهر وٺي نه وڃجو. سبب ڪهڙا به هجن هوءَ اوهان جو گهر برباد ڪرڻ ٿي چاهي. کيس ڏک آهي. سندس پيٽ ۾ سور جاڳندا اٿندا آهن ۽ پيٽ ۾ مروڙ پوندي اٿس.“ عامل وڏي آواز ۾ چيو.
”يا غفور“، ”يا ڪريم“ چوندي هن پنهنجي ڏاڙهي جي سفيد ۽ ڪارن وارن جي وچ ۾ آڱريون ڦيريندي هنن ڏانهن ڏسندي چيو، ”هاڻ وڃو... شاباس!... هاڻ وڃو ۽ انتظار ڪريو... جلد ئي ڪارو جادو اوهان جي دشمن جي ڪنڌ تي سوار ٿي ڳالهائڻ لڳندو... هو لُڇندو، تڙپندو منهن مٿو پٽيندو... هڪ ڏينهن هن جي ڪپڙن ۾ باههه لڳي ويندي.. پنهنجي گهر جي اندر ڳولهيوس... اتان ئي ملندو.“
”ڇا بابا سائين!“
”تعويذ پُٽ!... ڪارو جادو اندران ئي نڪرندو... رمز کي سمجهو... وڃو...“
پُٽ... شاباس... وڃو... پريشاني جي ڪا ڳالهه ڪونهي. اوهين صحيح هنڌ تي پهتا آهيو. هاڻ ڪارو جادو اوهان جو ڪجهه به بگاڙي نه سگهندو. الله خير... ٻيڙائي پار...“ عامل بابا جهومندي چيو. گهر جا سڀ ڀاتي هڪٻئي ڏانهن سواليا نظرن سان ڏسندا اُٿي کڙا ٿيا ۽ عامل بابا ٻرندر اگربتين مان اٿندڙ دونهن کي ڏسندي ڪمري جي ڀت تي لڳل ڪعبة الله ۽ روضي رسول جي تصويرن ڏانهن يڪ ٽڪ ڏسڻ لڳو.
گهر واپس ورندي هو سڄو رستو پنهنجن مٽن مائٽن جا مهانڊا تصور ۾ آڻيندا، بابا جي ٻڌايل منهن مهانڊي واري عورت خيال ۾ آڻڻ جي ڪوشش ڪندا رهيا. جنهن عورت تي ٻه ڀيڻ ڀاءُ سهمت ٿيا ٿي ته ٻين ڀيڻن ۽ ڀائرن نهڪار ۾ ڪنڌ ٿي ڌوڻيو. نيٺ ٽن چئن ويجهين رشتيدار عورتن تي اتفاق ڪندي ڀائر ۽ ڀيڻون ان بابت ڳالهائڻ لڳا. بحث ڪندي ڪار گهر جي مکيه گيٽ تي پهچي چڪي هئي. ائين لڳو ڄڻ ٻن ڪلاڪن جي مسافري ڪجهه گهڙين ۾ طئي ٿي ويئي هجي.
”اهو ٺيڪ آهي... پر هاڻ گهرجي جڙ تي ورتي وڃي... ڪٿان نه ڪٿان ڪجهه ته ملي پوندو“ ننڍي ڀيڻ يقين واري لهجي ۾ چيو.
ڳولا جي دوران مکيه دروازي تي پهچي وڏي ڀيڻ بيهي رهي. هي ڏسو پراڻا تعويذ.
”واهه... ڀئي... واهه!“
”تعويذ ملي ويا...“
”گُڊ... ويري گُڊ... شاباس منهنجي ڀيڻ!“
”اسين سڀ تڏهن ته چوندا آهيون ته تون ڏاڍي ذهين آهين... ان ڪري بابا ۽ امان توسان ئي صلاح ڪندا آهن.“
”اها ٿي نه ڳالهه؟“
”ڏس ته سهي... قراني آيتن سان گڏ ڪجهه وار به رکيل مليا آهن. هڪ پراڻي ڪَسيل سُئي به ملي آهي... اها سڀ عامل بابا جي برڪت آهي... اها ڪرامت آهي ڪرامت!“
ننڍي ڀيڻ اٿندي آئي، ”هاڻ ته آئون حساب ڪرائينديس ته آئون بي.ايس. آنر جي امتحان ۾ پاس ٿينديس يا نه“.
”هاڻ اهو به ٿو حساب ٿئي، جيڪو پوکيو هوندئي، اهو ئي لُڻندينءَ“ ننڍي ڀاءَ طنزيه لهجي ۾ چيو. ”اڳ ۾ ئي چاليهه هزار دڦ ٿي چڪا آهن.“
”ڪيترا پئسا...؟... ڪيترا پئسا...؟.. پڻهنس اندر گهڙندي ڪاوڙ ۾ پڇيو.
”ڪجهه به نه... اوهان کان ته پئسا وٺي مون نه ڏنا... اوهان ته ٻاهر وڃي ويهو... هي ڏسو تعويذ... اوهين ته انهن شين کي مڃيو ئي نٿا. هن سان گڏ انساني وار ۽ ڪسيل سُئي ته ڏسو...“ وڏي ڀاءُ سواليا انداز ۾ چيو.
”ٺيڪ آهي... هنن کي کڻي منهنجي نظرن کان پري ٿي وڃو... اوهان جهڙن ڪمزور عقيدن وارن ماڻهن جي ڪري ئي اهڙن جعلي پيرن ۽ عاملن جو ڌنڌو هلندو آهي. ائين نه!“ پڻهنس بيزاريءَ مان ٻي طرف منهن ڦيريندي چيو.
”ته پوءِ هي وري ڇا آهي؟.. هي ڏس، انڌي کي به نظر پيو اچي... ڪَسيل سُئي انساني وار ۽ قرآني آيت جو ٽڪرو...“ ماڻهنس ٻي پاسان تيز وکون کڻندي آئي. ”واقعي!“
”هاءِ ظالمو! اوهان جو شل ٻيرو ٻُڏي“ ماڻهنس، پڻهنس ڏانهن ڏسندي چيو، ”هاڻ هن کي ته مون سان ڪا غرض ئي نه رهي آهي... هاڻ ته آئون پوڙهي ٿي چڪي آهيان. هن کي ٻي شادي ڪرايو... هن کي ته هاڻ منهنجي موت جو اوسيئڙو آهي.“
ها ها ها.
”تنهنجي مرڻ سان ڪهڙا مسئلا نبرندا... وهم اٿئي... پئي چئو... مون سان وڙهڻ ته تنهنجو من پسند مشغلو آهي.“
”ها... ڄڻ قسم کنيل اٿم.“
”تون ئي قسم آهين... مون کي قسم نٿا اچن... مون ته سادي سودي انداز ۾ زندگي گذاري ڇڏي آهي.“
”تون ته جوانيءَ ۾ وڏن پانچن واريون سلوارون ۽ ڀرت ريل پهراڻ پائي ٺهي جڙي ٻاهر نڪرندو هئين... پر توکي ته ان وقت ڪنهن اک به نه هنئي.“ زالهنس، مڙسهنس کي تنقيدي لهجي ۾ چيو.
”اک رکڻ واري به ته تون هئينءَ، تون گهر ۾ ڪنهن چڱي ۽ سهڻي صورت کي پير رکڻ ئي ڪٿي ڏيندي هئين؟!“ ڳالهه ڪري مڙسهنس چپ ٿي ويو.
”اوهين ٻڌو ٻارو... ڪٿي منهنجو وات نه کلي پئي، چڱائي ان ۾ اٿئي ته چپ رهو.“ هن ڪاوڙ ۾ مڙسهنس ڏانهن ڏسندي چيو.
هو سگار دکائي ٻاهر اڱڻ ۾ پيل صوفي تي وڃي ويهي رهيو.
زالهنس چيو، ”شڪر ٿيو جو تعويذ ملي ويا. هاڻ منهنجي مٿي ۾ سور به نه رهيو آهي ۽ هائو، هي وار به ته منهنجا ئي پيا لڳن، منهنجي مٿي جي وارن ۾ جادو ڪرايو ويو آهي ته جيئن آئون هر مهل سوچيندي رهان ۽ مٿي جي سور ۾ ڦاٿل رهان.“
”ها ها... وار تنهنجا ئي آهن، تون هِتي هُتي اڇلي ڇڏيندي آهين... ۽ آئون وري اهي کڻي ڀتين جي سوراخن ۾ رکي ڇڏيندو آهيان ته انهن تي پير پوڻ سان گناهه ٿئي ٿو ۽ ڪنهن بي ادبيءَ جي ڊپ کان آيت جو ٽڪرو مٿي رکي ڇڏيو آهي ۽ تون وري ان کي تعويذ سمجهي رهي آهين.“ مڙسهنس بيزاريءَ مان چيس.
”ڇهن مهينن جي وٺ وٺان ۽ ڊوڙ ڊوڙان کان پوءِ مس وڃي اهو ڳجهه نبريو آهي ته سڀني سُک جو ساهه کنيو آهي ۽ تون وري پيو مذاق ڪرينءَ!“ جوڙهنس سُست لهجي ۾ چيو.
ان دوران دروازي جي گهنٽي وڳي. اڻڀيل ۽ بنا چوٽي ڪيل، ڳچي ۾ گندي پاتل کلندي، موتين جهڙن ڏندن واري هڪ عورت اندر گهڙي.
”ويلڪم آنٽي ويلڪم! تنهنجو ئي اوسيئڙو هو“
”ڇو... خير ته آهي... اسان غريبن کي وري ڇو ياد ڪيو ويو“
”غريبن جا تمام وڏا ڪارناما آهن... نه گهرندي به انهن کي ياد ڪرڻون پوندو آهي“ وڏيءَ ڀيڻ طنزيه لهجي ۾ چيو.
سڀني ڀيڻن ۽ ڀائرن هڪ ڪمري ۾ مٿو جوڙي ويهي اهو فيصلو ڪندا رهيا ته هن سان ڪهڙو سلوڪ ڪيو وڃي.
”هيءَ ئي آڌي اثر اسان جي گهر چڪر لڳائيندي رهندي آهي ۽ هن جي وڏي ڌيءَ جو امان جي ڀاءُ جي لاءِ رشتو نه گهريو هو، هوءَ اچ به ڪنواري ويٺي آهي، کيس اسان جون خوشيون ڪنڊو بنجي ڪُکن ٿيون“. وڏي ڀيڻ سَرٻاٽ ڪندي چيو.
”اهو ته ٺيڪ آهي پر جهيڙو نه ٿي پوي. بابا به ٻاهر ويٺو آهي“ ڀاءُ چوڻ لڳو.
”بهتر اهو رهندو ته هن جي مُڙس سان ڳالهايو وڃي“
”تون رهڻ ڏي... هو نه ڪنهن جي ٻن ۾ نه ٽن ۾!“ وڏي ڀيڻ طنز ڪندي چيو.
”پوءِ...! ڇا ڪجي.“
سڀئي ڀيڻون ۽ ڀائر فڪرمند هئا ته ڪو نبيرو ڪڍيو وڃي.
”نيٺ به ته کيس سندس عملن جي سزا ملڻ گهرجي. هڪ ڏينهن حشر جو ميدان ته برپا ڪرڻون پوندو... ڳالهه هر هنڌ پکڙبي...“
”پر ڪجهه ٻيا ماڻهون به پنهنجن ڪرتوتن کان توبهه تائب ٿي ويندا...“ وڏي ڀاءُ ڳالهه ڇڪيندي چيو.
ايتري ۾ ننڍو ڀاءُ ڪمري ۾ گهڙيو ۽ ڀرسان پيل ٽپائيءَ تي ويهي رهيو.
”لڪ ڇپ ۾ ڇا تي پئي ڳالهه ٻولهه ٿئي.“
”تون ٻاهر هليو وڃ... تنهنجو دماغ ڪم نٿو ڪري.“ ڀيڻ کيس گهوريندي چيو.
”تون بيوقوف آهين!“
”ڪيئن؟... ته ڇا اوهان سڀني جا دماغ جاپان ۽ آمريڪا مان امپورٽ ٿيا آهن؟ آئون هتي ئي ويهندس ۽ هن سڄي ڪارروائي ۾ مخالف ڌر جو ڪردار ادا ڪندس.“ هن ڪنڌ ڌوڻيندي وڏو ٽهڪ ڏنو ۽ پنهنجي هٿن سان تاڙي وڄائي ۽ پوءِ انهن جي ڳالهين جي وچ ۾ بار بار... جي... جي... جي... بلڪل... چوندي جهومندي ڳالهائڻ لڳا. ايتري ۾ سندن امڙ ٻاهران اُٿي ڪمري ۾ آئي ۽ چيائين، ”آهستي ڳالهايو اوهان جو گوڙ ٻاهر پيو ٻُڌجي ۽ اها به ويٺي آهي. جنهن جو اهو ڪارنامون آهي.“ اهو چئي ماڻهس اڳيان وڌي الماڙي مان ڪپڙا ڪڍڻ لڳي.
ايتري ۾ ننڍي ڀاءُ زور سان رڙ ڪئي، ”هو ڏسو!... هو ڏسو...! ڪارو جادو ڏسو.“
اهو چئي هو اُتي جهومڻ لڳو ۽ ٻئي هٿ مٿي کڻي دمال وجهڻ لڳو. امڙ جي گندي جو پلاند ڪپڙن جي الماڙيءَ ۾ رکيل يو.پي.ايس. جي بيٽري جي مٿان پيو هو. ۽ سلوار جو پانچو بيٽري سان لڳي رهيو هو. بيٽري جي تيزاب سان پانچي جي هڪ سائيڊ ۽ گندي جو پلاند هنڌ هنڌ تان سوراخ ٿيو پيو هو.
سڀ کلي کلي ٻيڻا ٿي ويا.
”اڇا ته هي بيٽريءَ جي تيزاب جو جادو آهي“ اوچتو سڀئي هڪٻئي ڏانهن حيرانيءَ مان ڏسڻ لڳا.
ايتري ۾ سندن پيءُ اندر گهڙيو ۽ چوڻ لڳو، ”اڙي بي غيرتو! آئون ڪيترا ئي ڀيرا اوهان کي چئي چڪو آهيان ته ويلڊنگ جي دوڪان تان لوهه جو هڪ ڪاريڪ ٺهرائي اچو... ۽ هيءَ يو.پي.ايس ۽ بيٽري مٿي ڪري اُن ۾ رکو.“