راهب
”مايوس نه ٿيو... اڳيان ٿا هلئون...“ هڪ دوست پُر اميد لهجي ۾ چيو...
ڀرسان ئي وهندڙ پاڻيءَ جي گهٽ اونهائيءَ ۾ پيل ننڍن ننڍن گول ۽ نرم پٿرين تي پير رکي انهن جي سهاري هو اڳتي وڌيا.
”هوءَ سامهون روشني ڏسو.“
”ڏيئو پيو ٻري.“
”اها ئي غار هوندي.“
هو اڳتي وڌندا ڀرسان پهتا... هنن ڏٺو ته هو غار جي کاٻي ۽ ساڄي رڍن ٻڪرين کي چارو وجهي رهيو هو... سامهون ڪاٺ جي کوکن جي ڀرسان ڪُڪڙيون ۽ ڪبوتر چُڳي رهيا هئا.
هُن اڳتي وڌي هِنن کي ڀليڪار ڪيو، کين غار جي اندر تڏي تي ويهاري، هُنن جي خذمت لاءِ کين ڀاڄيون ۽ خشڪ گوشت جو آچار ۽ جڙي ٻوٽين جو خوشبودار قهوو پيش ڪيو.
هنن ڳالهايو... ”اسانجو شڪ هو ته تون هڪ آدم بيزار شخص آهين... پر تون ته اسان سان محبت سان پيش آيو آهين.“
هن مُرڪي وراڻيو، ”آئون آدم بيزار آهيان.“
”اچ اسان سان هَل.... دنيا تياڳڻ ڪنهن به صورت ۾ ٺيڪ ڪونهي، دنيا ڏاڍي سُندر اٿئي... هل اسان سان ضد نه ڪر... تنهنجو هر شرط مڃڻ جي لاءِ تيار آهيون.“
”پر هڪڙو شرط آهي“
”ڪهڙو...؟“
”پهرين هلي اوهانجي دنيا ڏسندس.“
”اُٿ ته هلون!“
هو شهر جي بلڪل وچ ۾ پهچي بيهي رهيو ۽ شهر ۾ گهمندڙ ڦرندڙ رنگبرنگي ڪپڙن پاتل ماڻهن کي حيرانيءَ مان ڏسڻ لڳو.
هاڻ کيس رهبانيت کي ترڪ ڪرڻ جو خيال اچڻ لڳو.
بلڪل اُن مهل پُررونق ۽ کلندڙ ڪڏندڙ شهر ۾ هلندڙ گهمندڙ بي گناهه ماڻهن جي وچ ۾ هڪ شخص پاڻ کي ڌماڪي سان اُڏائي ڇڏيو.
ڏسندي ئي ڏسندي چؤ ڏس لاش ۽ گوشت جا ٻيرا پکڙجي ويا ۽ لهوءَ ۾ لَت پت بازار ڪربلا جو منظر پيش ڪرڻ لڳي.
ڀرسان ويٺل مؤرخ پنهنجي جسم ۾ سُئي سان سوراخ ڪري رت جي مَس سان دنيا جي تاريخ لکي رهيو هو.
هو ڊوڙندڙ ٻيلي ڏانهن ڀڄڻ لڳو ۽ ڪجهه ئي گهڙين ۾ اکين کان گم ٿي ويو.
پوءِ ... ؟
هو سدائين جي لاءِ ان غار ۾ ٽڪي پيو
اُن کانپوءِ....
صديون گذري ويون، ماڻهو کيس راضي ڪرڻ جي لاءِ سبب ڳولهيندا رهيا.