وڏو فرض
ٻاهر تيز هوا ۽ طوفان سبب دروازا ۽ دريون زور زور سان پاڻ ۾ ٽڪرائجي رهيا هئا ۽ هوا جي شور سبب سيٽي جهڙا آواز پيدا ٿي رهيا هئا.
رقيه اٿي دريءَ جا پردا هٽائي ٻاهر ڏٺو ته هوا جي تيز جهونڪن سبب وڻ به جهڪي رهيا هئا.
”اوهين مسجد پيا وڃو ڇا؟“
”نه! ٻاهر مينهن جي مُنڌ آهي... گهر ۾ ئي نماز پڙهان ٿو.“
راشد لائونج ۾ مصلو وڇائي نماز پڙهي ۽ قرآن پاڪ جي تلاوت ڪرڻ لڳو. ٿوري دير کانپوءِ رقيه به پاسي ۾ مصلو وڇائي نماز پڙهي، ناشتو ٺاهڻ جي لاءِ رڌڻي ۾ هلي ويئي. راشد به قرآن کي چمي پنهنجي اکين سان لڳايو ۽ پوءِ ان تي اُڳيڇاڻي ويڙهي الماڙيءَ ۾ رکي ڊائننگ ٽيبل جي سامهون ناشتي جي انتظار ۾ ڪرسيءَ تي ويهي رهيو.
درين جي جهروڪن ۽ دروازن جي هيٺان گذرندڙ هوا جي جهونڪن سبب پيدا ٿيندڙ شور ڊپ جهڙو ماحول پيدا ڪري ڇڏيو هو. هوا جي زوزاٽن مان ائين پي محسوس ٿيو ته ڪو اڪيلو شخص ٻيلي مان لنگهي رهيو آهي ۽ چؤڏس وڻن جي پتن ۽ ٽارين جي ٽڪرڻ سبب سنساهٽ پيدا ٿي رهي هئي.
ٻيئي زال مڙس، ٻارڙن جي جاڳي وڃڻ جي ڊپ سبب پاڻ ۾ صفا آهستي ڳالهائي رهيا هئا. رقيه رڌڻي ۾ ٿانوَ نهايت آهستي آهستي رکي رهي هئي. هن رڌڻي مان سڏ ڪري پنکو تيز ڪرڻ جي لاءِ چيو ته متان شهروز جاڳي نه پوي. ايتري ۾ ٻارڙي جي روئڻ جو آواز آيو. راشد ڪمري ڏانهن ڊوڙيو. هي ٻارڙي کي الله هو... الله هو جي لولي ڏيئي ٿڦڪي ڏيئي سمهارڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳو. پر ٻارڙي جون نظرون ماءُ کي ڳولهڻ لڳيون. هو نظرون هيڏانهن هوڏانهن گهمائي وري روئڻ لڳو.
”رقيه فيڊر ته کڻي اچ... هي ته ماٺ ئي نٿو ڪري.“
”نيٺ به ته پُٽ ڪنهن جو آهي.“ رقيه، فيڊر راشد جي هٿ ۾ ڏيندي چيو. ٻارڙي ماءُ کي ڏسندي ئي روئڻ بند ڪري ڇڏيو. راشد ٻارڙي کي فيڊر سان کير پيارڻ لڳو ۽ هاڻ هو اکيون ٻوٽي فيڊر پيئڻ لڳو ۽ راشد آرام ۽ احتياط سان اُٿي ٻيهر ڊائننگ ٽيبل جي ڀرسان رکيل ڪرسيءَ تي ٿي ويٺو.
”بيگم... ناشتو کڻي اچ!... جلدي... ٻاهر موسم ڏاڍي خراب آهي... گوڙ به پيو ٿئي... آئون جلدي وڃڻ ٿو چاهيان... ڪٿي ائين نه ٿئي ته حج جو فارم جمع ڪرڻ ۾ دير نه ٿي وڃي.“
ايتري ۾ رقيه ٽيبل تي ناشتو رکندي چيو، ”هي وٺو سرڪار... ناشتو حاضر آهي“ گهڙي کن ترسي چيائين، ”مون کي به ساڻ وٺيو هلو ها ته آئون به الله جي گهر جو ديدار ڪري اچان ها... منهنجي حسرت به پوري ٿي وڃي ها... خير منهنجا اهڙا ڀاڳ ڪٿي!“ اهو چئي رقيه ٿڌو ساهه ڀري ڪولر مان پاڻي کڻڻ جي لاءِ رڌڻي ۾ هلي ويئي.
ناشتو ڪندي رقيه جي اکين ۾ لڙڪ ڀرجي آيا.
”شهروز ننڍو نه هجي ها ته توکي به وٺيو هلان ها. في الحال ته مون وٽ اهي ئي پئسا آهن... سوچيم حج جو فرض ادا ڪري اچان!“ راشد کيس دلداري ڏيندي چيو، ”چوندا ڪين آهن ته... وقت پيري گرگ ظالم شود پرهيزگار.“
”ان جو مطلب ڇا ٿيو“ رقيه راشد ڏانهن ڏسندي چيو.
”ان جو مطلب اهو ٿيو ته پيريءَ ۾ ته بگهڙ به شڪار ڪرڻ ڇڏي ڏيندو آهي... الله کي جوانن جي عبادت پسند آهي.“
تيز هوا سبب دروازن ۽ درين جي پاڻ ۾ ٽڪرجڻ جي آوازن سبب ائين پي محسوس ٿيو ڄڻ ڪو لڳاتار دروازو کڙڪائي رهيو آهي. رقيه چانهه جو ڪوپ ميز تي رکندي چيو.
”ٻاهر ڪو دروازو پيو کڙڪائي ڇا؟“
”نه ڪڪرن جي گُڙڻ جو سور آهي.“
”تون ٻاهر وڃي ڏسين ڇو نٿو.“
”هي گڙڻ وارا وسندا گهٽ آهن... خبر ڪونهي بس اسٽاپ تان گاڏي ملندي به ڪي نه...“ راشد چانهه جي سرڪي ڀريندي چيو.
ناشتو ڪري راشد ڪپڙا بدلايا ۽ بوٽ پاتائين. پاسپورٽ، شناختي ڪارڊ ۽ گهربل ڪاغذ کيسي ۾ رکندي جلدي پرفيوم جي شيشي کڻي بغلن جي هيٺان ۽ سيني تي اسپري ڪيائين ۽ پوءِ ڪمري مان ٻاهر نڪتو.
هن ڌيمي آواز ۾ لبيڪ... اللهم لبيڪ چوندي، رقيه کي چيو ”بيگم! دروازو بند ڪر... آئون هاڻ وڃان پيو.“
راشد جيئن ئي دالان جو دروازو کوليو. ٻاهر تيز طوفان سان گڏ بونداباندي شروع ٿي وئي.
هن ڪنڌ ورائيندي سڏ ڪيو، ”بيگم... بيگم... اڙي رقيه ڪٿي آهين؟ ٻڌ ته سهي... شهروز جو خيال رکج... آئون شام تائين موٽي ايندس.“... هو خود ڪلامي ڪندي چوڻ لڳو، ”حج وڏو فرض آهي... اهو ادا ٿي وڃي ته انسان جا سڀ گناهه ڌوپجي وڃن ٿا... ڪاش آئون گناهه گار الله جي گهر جي طواف لاءِ منظور ڪيو وڃان.“ هو باهر نڪرڻ جي لاءِ دروازي تي پهتو ته دروازي کڙڪڻ جو آواز آيو.
هن دروازو کوليو ته ٻاهر هڪ پوڙهي مائي بيٺي هئي. هن جو چهرو مُرجهايل هو. هن ڏڪندي پنهنجا ڪمزور ۽ ڏٻرا هٿ راشد جي اڳيان وڌايا.
”پُٽ! آئون هڪ بيوه عورت آهيان... الله رسول جي مُهابي منهنجي مدد ڪر منهنجون جوان ڌيئرون آهن ۽ ڪمائڻ وارو ڪو به ڪونهي... خيرات ۽ صدقي جي حقدار آهيان... ڪوڙ ڪو نه پئي چوان... خدا کانسواءِ منهنجو ٻيو ڪو به سهارو ڪونهي.“ هو عورت جي هپاڻل چهري کي ڏسڻ لڳو. مينهن سبب هن جا پُسيل ڪپڙا ڏسي هن جي اندر ۾ همدرديءَ جو احساس اڀري آيو. هن کيسي ۾ هٿ وڌو پر کيسي ۾ کليا نه ڏسي پشيماني محسوس ڪندي کيس سؤ جو نوٽ ڏيندي چيائين، ”هي وٺ پاڻ وٽ رک ۽ مون کي پنهنجي مقصد ۾ ڪاميابي جي لاءِ دعا ڪر“.
پوڙهي مائي کيس ۽ سندس ٻارن کي دعائون ڏيندي هوريان هوريان ڦري واپس هلي ويئي. هو کيس حيراني مان ويندي ڏسندو رهيو ۽ پوءِ سوچن ۾ گم ٿي ويو. جڏهن هو سندس نظرن کان اوجهل ٿي وئي ته هو دروازو بند ڪري واپس لائونج ۾ آيو ۽ ٽنگڻي ۾ ٽنگيل ڇٽي لاهي چوڻ لڳو،
”بيگم! هاڻ وڃان پيو... دروازو بند ڪري ڇڏ!“
”تون اڃا هتي آهين ڇا...؟“
”ٻاهر مينهن پيو پوي، سو ڇٽي کڻڻ جي لاءِ آيو هوس. ها ٻاهر هڪ مائي خيرات وٺڻ آئي هئي. هاڻ دروازو بند ڪري ڇڏج. فقير جمع جي ڏينهن ڏاڍو تنگ ڪندا آهن.“
”آئون گڏ ٿي هلان... وري ڪنهن گهرندڙ سان بيهي نه رهين... گهرڻ ته انهن جو ڌنڌو آهي. تون هروڀرو پنهنجو وقت اجاين ڪمن ۾ نه وڃائي.... هونئن به ٿورو جلدي وڃ، اڄ جمع جي ڏينهن آفيس جو وقت گهٽ هوندو آهي.“
ايتري ۾ دروازي تي وري ٺڪ ٺڪ ٿي. رقيه اڳيان وڌي دروازو کوليو ته ٻاهر هڪ ڪمزور بزرگ، اکين تي ٿلهن سيشن وارو چشمو، مٿي تي اڇي پڳ ۽ هٿ ۾ لٺ جلهي بيٺو هو. هن ڏڪندي چيو، ”ڌيءَ راشد گهر ۾ آهي؟“
هوءَ واپس گهر ۾ ويئي ۽ چوڻ لڳي، ”ڏي منهن! هاڻ ٻاهر ڪو ٻيو پينو آيو اٿئي، کيس به پنجاهه سؤ ڏي ۽ جلدي نڪر...“
راشد اڳيان وڌيو... دروازي تي ڏسندي ئي چيائين، ”سائين... سائين! اوهان... خير ته آهي... اوهين هن مهل!“
اهو چئي هو کيس ٻانهن مان جهلي اندر وٺي آيو.
”رقيه! هي اسان جو استاد فيروز دين آهي...“ هن کيس بيٺڪ ۾ ويهاريندي بيگم کي چانهه کڻي اچڻ جي لاءِ چيو.
“سائين! ناشتو ڪيو اٿوَ؟“ راشد چيو.
”هائو پُٽ! آئون ناشتو ڪري آيو آهيان. منهنجي ناشتي جو فڪر نه ڪر.“
هو پنهنجي استاد کي پاڻ وٽ اچڻ، پاڻ لاءِ خير ۽ برڪت جو سوڻ سمجهندي خوش ٿيڻ لڳو. اسڪول واري زماني ۾ استاد صاحب جي ڪيل نصيحتن ۽ پرائمري اسڪول جون ساروڻيون ساريندي هو مرڪڻ لڳو ۽ چوڻ لڳو ”سائين! اهي به ڪهڙا نه سٺا ڏينهن هئا. جڏهن اسڪول جي تڏن ۽ تؤنئرين تي ويهي پڙهندا هئاسين.“ هو ڳچ دير تائين هِتان هُتان جون ڳالهيون ڪندو رهيو ۽ ماضي جون ساروڻيون ساريندو ڪنهن مهل کليو ٿي ته ڪنهن مهل خاموش ٿي ويو ٿي.
”اوهان جو رعب ئي اهڙو هو جو ٻارن جو اصل ساهه پيو نڪرندو هو. اسڪول جا استاد به اوهان جي قابليت جا قائل هئا.“
ائين ڪجهه دير ڳالهيون ڪندي پوءِ ڪجهه ياد ڪندي پڇيائين، ”ها، سائين! ياد آيم اوهان جي نياڻي ڪيئن آهي... ان وقت صفا ننڍي هئي... جڏهن اسان پرائمري پاس ڪري مدل اسڪول ۾ داخلا ورتي هئي.“
”پُٽ! سلميٰ هاڻ جوان آهي. ڪجهه ڏينهن کانپوءِ سندس شادي آهي... ڏاڍو پريشان آهيان... ان سلسلي ۾ ڳوليندي پڇائون ڪندي تو وٽ آيو آهيان... مالي حالت ڏاڍي خراب اٿم. پينشن مان مڙيئي گهر جو گاڏو پيو هلي، غربت سبب ويجهن مٽن مائٽن ۽ ڀائرن به ڌيءَ جو رشتو ٺڪرائي ڇڏيو. سلمي! ايم.،ايس.سي. جو امتحان پاس ڪيو آهي.“
ائين چئي استاد ٿوري دير چپ ٿي ويو ۽ پوءِ وري چوڻ لڳو، ”برادري کان ٻاهر هڪ هنڌ مائٽي ڪئي اٿئون... جنهن کي ٻه سال گذري ويا آهن. هو هاڻ شادي لاءِ مجبور پيا ڪن پر ڏاج جو ڪو بلو نه پيو ٿئي. قرض کڻي ڪيترو ئي سامان ورتو اٿم. اڃا، ڪيتريون ئي شيون وٺڻيون آهن... باقي مهنگائي جي هن دور ۾ ٻن ويلن جي ماني به عزت سان نصيب ٿئي ته غنيمت آهي.“ ماستر فيروز دين ٿڌو ساهه کڻندي چيو.
ايتري ۾ رقيه چانهه، بسڪوٽ ۽ ڪيڪ ميز تي رکيا. چانهه پيئندي پنهنجي ڳالهه کي جاري رکندي راشد پُڇيو.
”سائين! اوهان کي ڪيتري رقم گهربل آهي.“
”پُٽ! مون کي جيڪڏهن هڪ لک روپيا ڪٿان ملي وڃن ته آئون جلد واپس موٽائڻ جي ڪوشش ڪندس. ٻُڌو اٿم ته تون حج تي پيو وڃي... پر ڪنهن ضرورتمند جي مدد ڪرڻ سڀ کان وڏو فرض آهي.“ ڳالهه ڪندي ماستر فيروزدين جو آواز ڏڪڻ لڳو ۽ پوءِ هن پنهنجي اڇي پڳ جي لڙڪيل سري سان پنهنجون اکيون اگهندي راشد ۽ جوڻهنس ڏانهن التجا وارين نطرن سان ڏٺو.
ماستر صاحب جي لهجي ۾ منٿ، اکين ۾ ڳوڙها هئا، جيڪي ڳڙي سندس اڇي ڏاڙهي کي ڀڄائي رهيا هئا.
هن پنهنجي لٺ هڪ پاسي رکي ۽ پنهنجا ٻئي هٿ گوڏن تي رکي صوفي سيٽ جو سهارو وٺي اُٿي بيٺو ۽ راشد ۽ سندس زال جي اڳيان هٿ ٻڌي منٿ ڪرڻ لڳو. هن جا هٿ ڏڪي رهيا هئا ۽ هن چوڻ شروع ڪيو، ”پُٽ خدا ۽ رسول جو مُهابو اٿئي... مون کي مايوس متان ڪرين... منهنجي عزت جو سوال آهي.“
هن پنهنجي ڏاڙهي جي وارن کي کاٻي هٿ جي آڱرين سان جهلي چيو،“ هنن اڇن وارن جي عزت رکج... ائين سمجهه ته تنهنجو پيءُ تنهنجي اڳيان هٿ ٻڌيو بيٺو آهي. خدا جو سُنهن ته آئون اها رقم هڪ سال جي اندر اندر توکي واپس ڪري ڇڏيندس.“
اهو ٻڌي راشد جي دل خدا جي خوف سبب ڏڪڻ لڳي.
هن پاسپورٽ ۽ ڪاغذ الماڙي ۾ رکندي، اتان هڪ لک روپيا ڪڍي ماستر فيروزدين جي هٿ ۾ ڏنا.
رقيه کيس آڏي اک سان ڏسندر رهي. هن ڏانهنس ڏسندي چيو، ”شهروز ٿورو وڏو ٿئي ته ايندڙ سال پاڻ ٻيئي گڏجي حج تي هلنداسين.“
مسجد