ڪروڙ پتي
”اچان پيو بابا!“
”ٿورو اهو ته ڏسي اچ ته اسلم گهر آهي. آئون ٽيو ڏينهن پڙيءَ مان ٻڪرو وڪڻي پي آيس جو هن مون کان هڪ ڏينهن جي لاءِ ٻه هزار روپيا اُڌارا ورتا هئا پر اڄ ٽيو ڏينهن آهي... سندس ڪو اتو پتو ئي ڪونهي...“
هن کل روڪيندي چيو، ”عجيب ڳالهه آهي... هو ته اڃا ٻه مهينا اڳ اٺاويهن سالن کانپوءِ انگلنڊ مان واپس وريو آهي... هن اوهان کان پئسا ڪيئن اُڌارا ورتا.“
”هل ڙي ڇورا! پيءَ جي ڳالهه کي مذاق نه سمجهه... وڃ جلدي ڏسي اچ!“
”ٺيڪ آهي بابا.“ اهو چئي هو ٻاهر هليو ويو.
ٿوري دير کان پوءِ هو واپس آيو ۽ چوڻ لڳو، ”بابا آئون گهر ويو هوسانس، ان مهل ته هو گهر نه هو... باقي جڏهن واپس پي آيس ته هو گهر ڏانهن پي ويو.“
اهو ٻُڌي هن گوڏ کي ڇڪي ٻَڌو ۽ مٿي تي پَڳ رکي جلدي جلدي اسلم جي گهر روانو ٿي ويو.
اسلم جي گهر جي دروازي تي پهچي هن دروازو کڙڪائي چيو، ”اسلم... او... اسلم ٻاهر ته اچ!“
هو دروازو کولڻ کانسواءِ هلڪي آواز ۾ ڪجهه چوندو دروازي وٽ پهتو، ”اچان پيو بشير اچان پيو... تنهنجا اڌارا پئسا جو واپس ڏيڻا اٿم... وڏو اچي ويو رئيس!“
پوءِ هن دروازو کوليو ۽ چيو، ”اچ بشير... اندر اچ!“
”نه! مون کي ٻه هزار ڏي... آئون تڪڙو آهيان...“
”بشير! آئون سُڀاڻي بئنڪ ويندس... اڄ آچر جو ڏينهن آهي... نه ته اڄ ئي ڏيئي ڇڏيانوَ ها... سڀاڻي پئسا کڻي توکي گهر اچي ڏيئي ويندس... ۽ هٿ ٻڌي معافي به وٺندس.“
هو اسلم جي ڳالهه تي اعتبار ڪري گهر موٽيو آيو... پوءِ ايندڙ سڄو هفتو هو ۽ پٽهنس اسلم جي گهر جا چڪر هڻي هڻي ڪَڪ ٿي پيا. جيڪڏهن هو گهر هوندو هو ته پٽهنس طاهر کان اهو چورائي موڪليندو هو ته، ”بابا گهر ۾ موجود ڪونهي!“
نيٺ ٿڪي ٽٽي هن ٻن هزار جو خيال ذهن مان ڪڍي ڇڏيو ۽ ڏينهن رات پنهنجي ٻڪرين، ڍڳين ۽ مينهن جي لاءِ گاهه پٺي ۽ چاري جي بندوبست ۾ لڳو رهيو.
شادي مرادي، موتي فوتي جت به اسلم، بشير کي ڏسندو هو ته کانئس نظرون ڦيرائڻ لڳندو هو ۽ هيڏانهن هوڏانهن لڪڻ لڳندو هو. هن انگلنڊ ۾ جيڪا محنت مزدوري ڪري ميڙي چونڊي ڪئي هئي.
انگلنڊ مان واپس ورڻ کانپوءِ ڪافي عرصي تائين گهر ۾ اڳ ۾ ئي موجود نسل در نسل گهر جي پاليل ٽن مينهن جي کير، مکڻ ۽ گيهه کي وڪڻي ۽ گڏوگڏ ٻني ٻاري جي اُپت مان گهر جو خرچو هلندو رهيو. ڪڏهن ڪڏهن وري پاڙي اوڙي يا هِتان هُتان اوڌر سوڌر کڻي ڪم پيو ٽپائيندو هو ۽ پوءِ گيهه جي وڪري ۽ فصل جي لاباري تي اناج وڪرو ڪري اهو قرض لاهي ڇڏيندو هو.
اسلم جي ان عادت جا قصا نه رڳو پنهنجي ڳوٺ، پر آسپاس جي چئن پنجن ڳوٺن جا ماڻهو ائين چسڪا وٺي مزي سان بيان ڪندا هئا، ڄڻ اهي، سب رنگ ۽ نيرنگ خيال ڪتابن جا دلچسپ قصا يا وري پطرس بخاري جي مزاح نگاري جو تذڪرو هجي. جيڪو بڙ ۽ پپر جي وڏن ۽ شاهوڙ وڻن هيٺان ويهي ٻڌائڻ ۽ ٽهڪ ڏيڻ پنهنجو فرض سمجهندا هئا. انهن دلچسپ ۽ کلائيندڙ قصن مان سندس پُٽ اسلم به ڏاڍو مزو وٺندو هو ۽ هو پنهنجي پيءَ تي طنز جا تير هلندو ڏسي ڇو نه خوش ٿئي ها. ڇو ته هن پنهنجي پيءُ کان به ڪاروبار ڪرڻ جي لاءِ ٻه لک گهريا هئا، جيڪي هن نه ڏنس ۽ هن سوا ٻه ڪروڙ روپيا اهو فڪس ڊپازٽ ۾ رکرائي کيس نصيحت واري انداز ۾ اهو چئي ٽاري ڇڏيو ته ”اهي مون محنت سان ڪمايا آهن. تون به پنهنجي محنت سان ڪمائي... منهنجي ميڙي چونڊي تي عياشي نه ڪر... سياڻي جيڪڏهن تون ڪاروبار تباهه ڪري ۽ منهنجي ميڙي چونڊي پوڙي منهن ڀيلو ڪري اچي منهنجي اڳيان ويهين ته آئون توکي ڇا ڪري سگهندس؟“
ڪافي عرصو ته هن جي گهر جو گاڏو ائين ئي گهلبو رهيو. هوريان هوريان ڀاڻ ۽ ٻج به مهنگا ٿيندا ويا ۽ کيس ٽريڪٽر سان زمين کيڙائي، في ڪلاڪ جي حساب سان زمين ۾ پوکي ڪرائڻ ۽ لاباري مهل ڏهاڙي مزدورن کي هزارين روپيا مزدوري جا ڏيئي ڪڻڪ ۾ لابارو وجهرائڻ ڏکيو ڪم نظر اچڻ لڳو.
هو سوا ٻن ڪروڙ روپين مان ملندڙ منافعي مان گهر جو خرچ پکو هلائڻ ڪفر سمجهندو هو. بس هو نفعي مٿان نفعو ميڙيندو ويو ۽ جڏهن هو پنهنجي اها ميڙي چونڊي خرچڻ جو سوچيندو هو ته سندس رنگ ئي ڦٽي ويندو هو ۽ ٽنگون ڏڪڻ لڳنديون هيس ۽ وات مان اکر به نه اُڪلبو هئس، هو جي ڪنهن محفل ۾ هوندو هو ته ماڻهو سندس اها حالت ڏسي کيس پنکي جي هيٺان وهاريندا هئا، هٿ پير مهٽي ۽ چمچي سان شربت وات ۾ وجهندا هئس.
هن جا ڏينهن کل خوشيءَ ۾ گذري رهيا هئا. هڪ ڏينهن هن ڪجهه زميندارن جي اها بي چيني ڏسي ته اڄڪلهه زمينداريءَ ۾ ڇا رکيو آهي. هن پنهنجو ڌنڌو بدلائڻ جو سوچيو.
ڳوٺ جو مشهور درزي سفيرو جيڪو سندس ننڍپڻ جو دوست هو ۽ هي ان وٽ وڃي پنهنجو اندر اوريندو هو. جيڪو وري هن سان همدرديءَ جو اظهار ڪندو هو. کيس اسلم جي عادتن جي ته اڳ ۾ ئي خبر هئي ته اسلم چمڙي وڃي دمڙي نه وڃي جي اصول تي عمل ڪندو ايندو هو. ان هوندي به هن اسلم جو امتحان وٺڻ جي لاءِ چيو، ”يار اسلم! جيڪڏهن ٻه نيون سلائي مشينون خريد ڪري ڏي ته منهنجي هنن هٿ وارين سلائي مشينين مان جند ڇُٽي وڃي... تون به اچي مون سان گڏ ڪپڙا سلائي ڪر. اڄڪلهه سلائي جا اگهه چڱڙا آهن... ۽ گذر سفر به ٿي ويندو.“
ٿوري دير سوچڻ کانپوءِ هو راضي ٿي ويو. ٻي ڏينهن نئين سلائي مشين خريدڻ کانسواءِ ئي هن جي دڪان تي اچي چيائين، ”اڄ ارڙهين تاريخ آهي. ڏهن ٻارهن ڏينهن کان پوءِ پهرين تاريخ تي ملندڙ منافعي مان ٻه نيون سلائي مشينون خريد ڪري ايندس.“
اهو ٻُڌي سفيرو ڏاڍو خوش ٿيو ۽ هن دوڪان سان لڳ هوٽل جي بيري کي سڏ ڪري چيائين،“ طاهر او طاهر ٻه ڪوپ چانهه جا ته کڻي اچ... ۽ ها ڪيڪ ۽ بسڪوٽ به آڻج!“ اسلم جي پُٽ طاهر چانهه اچي ميز تي رکي ۽ پنهنجي پيءُ کي ڏسي سگريٽ جو ڪش هڻندي وڏو ٽهڪ ڏنائين. هو پنهنجي پُٽ جي ان حرڪت تي صفا چڙي پيو. سفيرو چوڻ لڳس، ”اسلم يار! خير آهي... تنهنجو پُٽ آهي... کيس به ڪنهن ڌنڌي ڌاڙيءَ سان لڳائي ڇڏ... سڄو ڏينهن پيو هوٽل تي بيراگيري ڪري ۽ ٿانوَ ٿپا ڌوئي.“ کن ترسي وري چيائينس، ”الله توکي نوازيو آهي ان مان ڪجهه غريبن کي به ڏي... گهٽ ۾ گهٽ ڳوٺ جي ٻن چئن يتيم نياڻين جي شادي ئي ڪرائي ڇڏ... ڪنهن غريب يتيم جي اسڪول جي في ڏي ۽ کيس ڪتاب وٺي ڏي... ڪنهن غريب جو ٻار لکي پڙهي انسان بنبو ته توکي به سڪون ملندو ۽ تنهنجي آخرت به سنوارجي ويندي.“
هن پنهنجي مُٺ ۾ جهليل سگريٽ کي زور سان دٻائيندي، منهن آسمان ڏانهن ڪندي ڊگهو ڪش هڻندي وات مان دونهن ڪڍندي چيو، ”اوءِ سفيرا يار... گهڻي نصيحت نه ڪر... آئون پهرين ئي ڏينهن کان وڏي سڪون ۾ آهيان... ۽ آئنده اهڙيون ڳالهيون نه ڪج... ڀائيواري هونئن به سٺي شيءِ ڪونهي... چوندا ڪونهن ته ڀائيواري جو ڀت به بُڇڙو... اڃا ڪم ئي شروع نه ڪيو اٿؤن جو تون ويٺو وِڏو ڪڍين!“
”چڱو چڱو... هاڻ ناراض نه ٿي... چانهه پي ۽ ڪيڪ کاءِ!“ سفيري مُرڪندي چيس.
”پيئان ٿو تنهنجي چانهه به... اڃا ته منهنجي ڪي ٽو سگريٽ ۾ رهيل ٻه ٽي ڦوڪون ته ڀري وٺان!“ پوءِ هو سگريٽ جي بچيل ٽوٽي مان ڪش هڻي، اهو اڇلڻ جي بدران ماچيس جي کوکي ۾ وجهي ٿو ڇڏي.
چانهه پي پوءِ هو ماچيس جي کوکي مان ٽوٽو ڪڍي، ان جي ڪپهه تي تيلي ويڙهي پنهنجن ڪنن مان مير ڪڍڻ ٿو لڳي.
اسلم کي سفيري درزي جي دوڪان تي ڏسي ماڻهو مڙي ٿا اچن. ماڻهو اهو سمجهي رهيا هئا ته شايد انگلنڊ ۾ اسلم درزي هو. تنهنڪري نت نيون ڊزائنون سلائي ڪندو. ان رش جو فائدو اسلم کي ئي ٿيو، جو کيس بئنڪ مان پئسا ڪڍرائڻ جي گهرج نه پئي. ڪجهه ڏينهن کانپوءِ سلائي جي پئسن مان ٿوري رقم سفيري کي ڏيئي چيائين، هنن ۾ تون ٻيا پئسا وجهي هڪ نئين مشين خريد ڪري وٺ، ڇو ته آئون ڀائيواري جي ڌنڌي ۾ پنهنجي طرفان به سلائي مشينون خريد ڪري رسڪ کڻڻ نٿو چاهيان.
کيس جڏهن به گهرجي خرچ لاءِ پئسا کپندا هئا ته هو سفيري کان اڌارا وٺندو هو، يا ڪاڪي هوٽل واري کي چوندو هو ته طاهر کي پگهار نه ڏج، هي سگريٽ پي پئسا دڦ ٿو ڪري ڇڏي. گهر ۾ ته ٽڪو به نٿو ڏي!“ ڪاڪا، طاهر کي کيسي خرچي کانسواءِ باقي سڀ پئسا اسلم کي ڏيئي ڇڏيندو هو.
اسلم جي ڪنجوسي ۽ اوڌر کڻڻ جون ڳالهيون عام هيون پر کيس انهن ڳالهين جي ڪا به پرواهه نه هئي. هن جيڪي اٺاويهه سال پرڏيهه ۾ محنت مزدوري ڪري ڪروڙين روپيا ميڙيا هئا، اهي زيان ڪرڻ نٿي چاهيا.
سندس ڪنجوسي سبب مٿس ٿيندڙ ٽوڪون ۽ چٿرون سهڻ سان گڏ پنهنجي بي عزتي برداشت ڪرڻ ۾ به پنهنجو مثال پاڻ هو. اسلم جهڙا مرچوٽ صدين کانپوءِ ئي جنم وٺندا آهن ۽ اهڙا ماڻهو ڊگهي عرصي تائين، سندن جيئري ۽ مُئي کانپوءِ ماڻهن جي کل ڀوڳ، قصن ڪهاڻين ۽ وقت گذارڻ جو ذريعو بنيل رهندا آهن ۽ هو اهڙن جي ذڪر مان پنهنجي بوريت ختم ڪندا آهن.
ڪجهه وقت کانپوءِ اسلم جي هڪ غريب گهراڻي مان ڏاج نه ڏيڻ جي شرط تي شادي ڪرائي ڇڏي ۽ پوءِ جڏهن پٽهنس طاهر گهرجي خرچ پکي جي پورائي نه ڪري سگهيو ته اخبار ۾ اشتهار ڏيئي پنهنجي اڪيلي پُٽ کي عاق ڪري ڇڏيائين. هاڻ هو ويچارو ڪسمپرسي جي زندگي گذارڻ لڳو ۽ پنهنجي ڪروڙ پتي پيءَ جي ظلم ۽ ستم تي ماتم ڪرڻ جي بدران سندس ڳالهين تي کلندو رهندو هو.
اهو ته طاهر جو ظرف هو جو هن ايترين زيادتين جي هوندي به جيئڻ جو فن سکي ورتو هو.
هڪ ڏينهن طاهر رمضان جي مهيني ۾ تيز اُس ۾ حڪومت پاران غريبن جي لاءِ سستي اٽي جي اسڪيم واري ٽرڪ واري قطار ۾ بيٺو اٽو وٺي رهيو هو، اتفاق سان ان ئي قطار جي آخر ۾ سندس پيءَ اسلم به بيٺو هو.
هو اٽي جي ٿيلهي وٺي سائيڪل تي ٻڌي رهيو هو جو اوچتو گوڙ ٿي ويو ۽ هو ڊڪندو ميڙ ۾ ويو، ڏٺائين ته پڻهس اسلم اُڃ جي شدت سبب بي هوش ٿيو ڪريو پيو هو ۽ ماڻهو سندس وات ۾ پاڻي وجهي رهيا هئا. هن لڙڪ اُگهندي ٿيلهو هڪ طرف رکيو ۽ پڻهنس کي سنڀالي سائيڪل تي ويهارڻ جي ڪوشش ڪئي، پر اسلم جي وات مان گجي نڪري رهي هئي، هو غريبن جي قطار ۾ بيٺو، ڪروڙين روپيا بئنڪ ۾ گڏ ٿيل ڇڏي مري چڪو هو.
طاهر روئندي پنهنجو هٿ هٿي ڪري ڏڪندڙ آواز ۾ چيو، ”ڪنگلو ڪروڙ پتي اڄ گذاري ويو.“
ٻي ڏينهن اخبارن ۾ اها خبر ڇپي ته، ”انگلنڊ مان واپس آيل ڪروڙ پتي اسلم، هن فاني جهان مان لاڏاڻو ڪري ويو. هن پويان چار ڪنواريون ڌيئرون، اڪيلو پُٽ ۽ زال کي سوڳوار ڇڏيو آهي.“