پير سائين
تنگي جي ڏينهن کان سُٺن ڏينهن جو اهو سفر نه کٽندڙ نظر اچي رهيو هو. ڪجهه سالن کانپوءِ جڏهن سندس پُٽ حسن علي جوان ٿيو ته هو به پنهنجي پيءَ جي اثر ۾ روحاني شخصيتن کي وڏي عزت ۽ احترام جي نظرن سان ڏسجڻ لڳو. هن جي اها دلچسپي رڳو تعويذن يا دم جي ڦوڪن تائين نه رهي، پر هن جي روحانيت سان ڏينهون ڏينهن دلچسپي گهري ٿيندي ويئي. هو جتي به ويندو هو، کيس پيرن جي قربت حاصل ٿيندي هئي. ائين هو ان سڄي ماحول جو مشاهدو ڪندو رهيو. کيس هڪ فئڪٽريءَ ۾ جونيئر ڪلارڪ جي نوڪري ملي ويئي هئي.
هو پيرن جي گهرن کان وٺي لنگر خانن ۽ سندن پري پري جي دورن تي ساڻن خصوصي معاون طور ڊيوٽي انجام ڏيندو هو. ائين کيس پيرن کي ملندڙ ججهي نذر ۽ نياز جو به اندازو ٿيندو ويو. اهو ڏسي هن جي دل ۾ اهو خيال پختو ٿيندو ويو ته مستقل ۾ هو به ڪنهن پير جو خليفو بنجي وڃي ۽ ائين بهترين روزي رزق جو سلسلو هلڻ لڳي.
پير صاحب جي صاحبزادي جو چوڻ هو ته کيس خلافت سان نوازيو ويندو، پر پير صاحب جو چوڻ هو ته خلافت کان پوءِ هن جهڙي محنتي ۽ سچي خدمتگار شخص جو ٻيهر ملڻ ڏاڍو ڏکيو آهي.
هڪ ڏينهن پير صاحب جي آستاني تي ويٺي سندس حيرت جي حد ئي نه رهي. ماڻهو هڪٻئي جي پويان ايندا پي ويا. هنن جنهن قسم جي دعا ٿي ڪرائي ته نذر ۽ نياز به ان حساب سان ٿي ڏنو. جن کي روزگار گهربل هو تن پنج سؤ روپين تائين ۽ جن کي ٻاهرين ملڪن ۾ روزگار يا ڪاروبار جا مسئلا درپيش هئا، تن وري هزارن ۾ رقم جو نذرانو ٿي ڏنو. جن ماڻهن جي زمينن جا ڪيس عدالتن ۾ هلي رهيا هئا، تن ته ٻڪرا ۽ ڇيلا ۽ جن ماڻهن جي گهرن ۾ پير سائين جي دعا سان پُٽاڻون اولاد ٿيو هو، اهي مينهن، ڳئون يا ڍڳو وٺي پير سائين جي آستاني تي ٻڌي ويندا هئا.
سالياني عرس جي موقعي تي کيس محفل سماع جي لاءِ پير سائين بندوبست ڪرڻ جي لاءِ چيو. ان لاءِ پري پري کان قوال گهرايا ويا. پير سائينءَ جي آستاني تي سندس خليفن ۽ پير ڀائرن جي اچڻ جو سلسلو جاري هو. هو انتظامن مان وانڌو ٿي پير سائين جي حجري ۾ وڃي ويهي رهيو.
پير سائين پنهنجن مريدن کي، جن ۾ زائفائون به شامل هيون، وحدت الوجود جو فلسفو سمجهائي رهيو هو. پير سائين فرمايو، ”اهو لدني علم آهي، تصوف صوف مان نڪتو آهي ۽ اصحاب صفه دراصل صوفي هئا. تصوف جي شروعات اسلام جي شروعاتي دور کان ئي ٿي ويئي هئي. ان هوندي به ماڻهو راه سلوڪ جو ماخذ قرآن ۽ سُنت کي نٿا مڃين. قرآن مجيد ۾ ان جي لاءِ لفظ ”احسان“ جو استعمال ٿيو آهي. اهي راز ۽ نياز جون ڳالهيون رڳو خاص ماڻهو ئي سمجهي سگهن ٿا.
... ڪائنات هڪ وجود آهي، وحدت اڄ ڪثرت ۾ جلوه گر آهي. وحدت الوجود جو فلسفو جنهن کي سمجهه ۾ اچي وڃي، اهو انالحق جو نعرو مستانه ڇو نه بلند ڪري؟ هتي وصل جي لذت جو سڪون آهي. هتي ڪٿي ليليٰ، ڪٿي مجنون جي بدران، مجنون جي پڪار آهي ”انا ليليٰ“ جڏهن ذري ذري ۾ خدا جو نور آهي ته سڀني شين جي اصليت هڪ ئي آهي. هتي همه اوست جي ڳالهه صادق اچي ٿي. ان وقت خالق ۽ مخلوق جي وچ ۾ موجود پردا ختم ٿي وڃن ٿا. پوءِ ٻانهي تي خالق جي حقيقت آشڪار ٿئي ٿي. ان حالت تي ضبط رکڻ ئي تصوف آهي.“
هن وڌيڪ فرمايو:
”فصوص الحڪم ۾ محي الدين ابن عربيءَ شرح و بسط سان ان فلسفي جي تشريح فرمائي آهي. پوءِ به ڪجهه ماڻهو ان کي ”فلسفه اوتاد“ ۽ ”فلسفه يونان“ سان جوڙين ٿا ۽ ان فلسفي جون ڪڙيون مذڪوره فلسفي سان وڃي ملائين ٿا. اهو يوناني فلاسافرن جي وس جو ڪم ڪونهي ته هو ”وحدت الوجود“ جي حقيقت بيان ڪري سگهن.
... وحدت الوجود دراصل ڪائنات کي هڪ ايڪائي مڃڻ جو نالو آهي. جڏهن ڪائنات هڪ ذات آهي ته ڪنهن ٻي جي موجودگيءَ جو سوال ئي پيدا نٿو ڏئي. اصل ۾ شرڪ اهو آهي ته اوهين ڪائنات کي هڪ وجود مڃڻ جي بدران، پاڻ کي ان ذات جو حصو مڃڻ جي بدران، اُن ذات کان ڌار تصور ڪن.“
اهي ڳالهيون جاري هُيون.
ڪجهه ماڻهن تي وجد طاري ٿي ويو. هو محفل ۾ اُٿي ”انا الحق“ ۽ ”يا منصور“، حق منور جا زوردار نعرا هڻندا، پٽ تي لٿيڙيون پائيندا حق، حق، حق جون صدائون بلند ڪندا جهومڻ لڳا.
گفتگو جي دوران وحدت الوجود جي واٽ تي هلندڙ مغل بادشاهه اڪبر به بحث هيٺ آيو. ان جي دين الاهي ۽ وحد الاديان جون ڳالهيون ٿينديون رهيون. حسن علي پٽيل اکين سان وات بند ڪريو، ڪنهن مٽي جي بُت وانگر سڀ ڪجهه ٻڌندو ۽ ڏسندو رهيو.
ٿوري دير کان پوءِ هو پير صاحب کان موڪل وٺي فئڪٽري روانو ٿي ويو. هو مهيني ۾ هڪ ڀيرو اُن جي آستاني تي ضرور حاضري ڏيندو هو. کيس پنجن سالن جي مختصر عرصي ۾ سينئر ڪلارڪ طور ترقي ملي. هاڻ هن جون حالتون ڪافي بهتر ٿي ويون هيون. هن جي دل ۾ اڃا تائين تصوف جي لڳن ۽ سلوڪ جي راهه جو راز ۽ نياز جو تجسس برقرار هو.
هڪ ڏينهن هو دستور موجب پير سائين جي آستاني تي پهتو، جتي هڪ بزرگ ويٺو هو. پير سائين سندس تعارف ڪرائيندي چيو، ”اعليٰ حضرت هڪ مشهور گاڌيءَ جو سجاده شين آهي... عربي، اردو ۽ فارسي ته ڄڻ سندس در جي گولي ۽ ٻانهي آهي. کيس مثنوي مولانا روم، گلستان ۽ بوستان سعدي، ديوان حافظ شيرازيءَ تي وڏي دسترس آهي. سندس واسطو نقشبندي سلسلي سان آهي، جيڪو تصوف جي چئن سلسلن مان هڪ آهي ۽ ساز ۽ طبلي جي ان ۾ منع آهي. اهو تصوف جو اهو سلسلو امتيازي حيثيت ٿو رکي.“
اهو بزرگ فرمائڻ لڳو.
”دراصل اسلام ۾ ساز حرام آهي. اسين قوالي ۽ طبلي کي نه مڃيندا آهيون. اسين ”وحدت الشهود“ جا داعي آهيون“.
هن جي لاءِ اها معلومات نئين هئي.
ان بزرگ پنهنجي ڳالهه جاري رکندي چيو، ”حضرت مجدد الف ثانيءَ وحدت الوجود جي ضد ۾ وحدت الشهود پيش ڪيو هو. ان وقت اڪبر بادشاهه وحدت الوجود تحت همه اوست جي ڪري گمراهه ٿي چڪو هو. هتي خدا خالق ۽ ٻانهون مخلوق، خدا مطلوب ۽ ٻانهون طالب، هتي وصل جي سڪون ۽ انالحق جي نعري جي بدران لذت جي طلب جي فضا قائم ڪئي ويئي. هڪ ڀيرو ٻيهر گناهه ۽ ثواب جو نظريو سُٺي نموني سامهون آندو ويو. جنت ۽ دوزخ جي اهميت بيان ڪئي وئي. هي اهو فلسفو هو، جنهن سان ”حواليه ثالثه“ سان گڏوگڏ زميني ۽ آسمان جي هر شيءِ جو سرجڻهار خدا جي ذات کي ثابت ڪيو ويو هو. ان فلسفي موجب صوفين جي اندر مجذوبانه ڪيفيت ۾ غرق ٿيڻ جي بدران درد بيدار ڪيو ويو هو.“
هو حيرت ۾ ان بزرگ صوفي جون ڳالهيون ٻڌندو رهيو. پوءِ هو پنهنجي مرشد جي دست بوسي ڪري روانو ٿي ويو. ان دوران هو ڪڏهن وحدت الوجود ته ڪڏهن وحدت الشهود جي علمي پهلوئن تي سوچيندو، پنهنجي منزل جو تعين ڪندو اچي گهر پهتو.
کيس پنهنجي پير صاحب جي چاڪري ڪندي اچي ٻارهن سال ٿيا، پر پير صاحب سندس ڪنهن به قسم جي خلافت جو اعلان نه ڪيو، جڏهن ته کانئس پوءِ ايندڙ مريد خلافت ملڻ کانپوءِ پنهنجن پنهنجن آستانن تي عوام کي روحاني فيض ۽ برڪتن سان نوازي رهيا هئا.
کيس هڪ اٽڪل سُجهي.
هو اتان لڏي هڪ اهڙي علائقي ۾ هليو ويو، جتي سندس ڄاڻ سُڃاڻ نه هئڻ جي برابر هئي. هن اتي هڪ ننڍي گهر ۾ پنهنجن ٻارن ٻچن ۽ والدين سان گڏ رهڻ شروع ڪيو. اتي هو پنهنجو تعارف ڪرائيندي چوندو هو. ”منهنجو پورو نالو حسن علي شاهه آهي ۽ اسين ستن پيڙهين کان پاڪستان جي مشهور آستانن جا مجاور رهي چڪا آهيون. اسين پنهنجي پير سائين جي حڪمتي هن شهر ۾ لڏي آيا آهيون نه ته اسان جي وڏڙن جا آستانه اڃا به عوام جي فيض ۽ برڪت جو باعث آهن“
هن جي ڳلن جي ڳاڙهاڻ، نوراني چهرو، سهڻي ڏاڙهي، ڪلهن تائين لڙڪيل وڏا وار، مٿي تي سنڌي ٽوپي، ڳچيءَ ۾ رنگا رنگي گلوبند، اڇو ڊگهو ڪرتو، ٿورو سوڙهو پاجامو، هٿ ۾ عاڄ جي موتين جي وڏي تسبيح، ڳالهيون گهٽ، سبحان الله، ماشا الله ۽ جزاڪ الله جي لفظن جو گهڻو ورجاءُ هوندو هو.
هو ملڻ جي لاءِ ايندڙ هر شخص جو هٿ چمي پنهنجي سيني تي رکندو هو. سندس ان رويي سبب ماڻهن جي اها ڪوشش هوندي هئي ته هو پهرين سندس هٿ چُمن. ڪجهه ڏينهن کانپوءِ کيس ماڻهن جا هٿ چمڻ جي گهرج نه رهي. ڪجهه ڏينهن کانپوءِ هڪ درزي، جنهن جو ڪم لودشيڊنگ سبب نه هئڻ جي برابر وڃي بچيو هو ۽ مختلف پيرن، فقيرن کان تعويذ وٺڻ جي باوجود به پاڻ تي ڪارو جادو ڪرائيندڙ ۽ ڪم جي بندش وجهرائڻ وارن کي پٽيندو رهندو هو ۽ پير علي حسن شاهه جي پاڙي ۾ هئڻ جي ڪري کانئس هڪ رزق ۾ برڪت جو تعويذ ورتائين. پير علي حسن شاهه کيس تعويز ڏيڻ سان گڏ پنهنجي گهر جي جنريٽر مان تار به جوڙي ڏني هئي. بس پوءِ ڇا؟ ان درزي جي لئه ٿي ويئي، وقت تي ڪم ڏيڻ سبب گراهڪ کانئس مطمئن رهڻ لڳا ۽ ڪم سٺو هلڻ لڳو، هن وٺي پير حسن علي شاهه جي ڪرامتن جو زور شور سان ڍنڍورو ڏيڻ شروع ڪيو ۽ ان سان گڏ، سائي ڪاري ۽ پيلي رنگ جي جهنڊين سان پير حسن علي شاهه جي گهر جي ڇتي سينگاري ڇڏيو ۽ هڪ بينر به لکرائي ٻاهر لڳرائي ڇڏيو. جنهن تي پير صاحب جا لقب وڏن وڏن اکرن ۾ لکيل هئا. پاڙي جي ماين پنهنجن مڙسن کي پنهنجي هٿ ۾ رکڻ جي لاءِ کانئس تعويذ وٺن شروع ڪيا.
حسن علي وڏو تجربيڪار هو. هن تعويز ڏيڻ سان گڏ اها به هدايت ڪرڻ شروع ڪئي ته جڏهن به گهر ۾ جهيڙي جهٽي جي نوبت اچي ته زالون جواب ڏين جي بدران تعويذ ڏندن جي وچ ۾ رکي زور سان دٻائي چپ ٿي وڃن، جنهن تي مڙس مجبور ٿي جهيڙو ختم ڪري ڇڏيندا هئا. انهن تعويزن جي برڪت سان گهرن ۾ امن ۽ سڪون ٿي ويو.
گهرن ۾ سڪون ڏسي زالن پنهنجن پنهنجن مڙسن کي پير صاحب جي ڪرامتن جي باري ۾ ٻُڌائڻ شروع ڪيو. ائين پير صاحب سان حالتن ۽ زالن جي ستايل مڙسن به رجوع ڪرڻ شروع ڪيو. پير صاحب هر مهيني باقاعدگيءَ سان يارهينءَ جي محفل جو بندوبست به شروع ڪري ڏنو. ماڻهن جي آمد به وڌندي ويئي. ڪجهه ئي مهينن ۾ پير صاحب سستي اگهه تي ڪجهه ايڪڙ زمين خريدي ان تي ڪجهه ڪمرا اڏرائي، ان کي آستانه عاليه جو درجو ڏنو ۽ تصوف جي مختلف سلسلن جا نالا تفصيل سان لکي اتي وڏا وڏا بورڊ هڻي ڇڏيا.
هاڻ اتي سالياني عرس ۽ هر جمع جي رات جو ذڪر جي محفل به ٿيڻ لڳي. هوريان هوريان پير حسن علي شاهه جي شهرت چئي ڏسائن پکڙجي ويئي. سندس ننڍپڻ جون خواهشون پوريون ٿيڻ شروع ٿيون. ڪجهه وقت کانپوءِ سندس پيءُ گذاري ويو ته هن پنهنجي پيءُ جي قبر جي مٿان قبو اڏرائي، پنهنجي تصوف جي سلسلي جي سڀني لوازمات کي بهترين شڪل ۾ دنيا جي سامهون پيش ڪري نه رڳو داد ۽ تحسين حاصل ڪئي، پر روحانيت جي ان مرڪز کي ڳوٺ ڳوٺ ۽ شهر شهر ۾ مشهوري پڻ ملڻ شروع ٿي.
حسن علي شاهه پنهنجي پير سائين جي محفل ۽ صحبت مان ڪيترائي گُر سکيا هئا. جيڪي اڄ کيس ٻيڻي ۽ ٽيڻي ترقيءَ ڏانهن وٺي وڃي رهيا هئا. هن جي آستاني تي نذر ۽ نياز جو سلسلو به جاري هو. هاڻ چؤ ڏس سندس ڪرامتن جي ڪرشمن جي هاڪَ ۽ سندس پيءُ جي مزار تي قوالين جي سُر تي مست قلندرانه ڌمال جو سلسلو جاري هو.
ڪو باسون پوريون ٿيڻ تي پير صاحب کي ڪامل پير چوندو هو ته ڪو نوڪري ملڻ تي خوش هو، پير صاحب پُٽاڻي اولاد جا تعويذ ڏيڻ جي سلسلي ۾ ملڪ جي ”ڪنڊ ڪڙڇ“ ۾ مشهور ٿي ويو. هر ايندڙ کيس پٽاڻي اولاد جو تعويذ ڏيڻ جي ڪاميابي تي دل گهريو نذر ۽ نياز وصول ڪندو هو ۽ ناڪامي جي صورت ۾ جيڪا رب جي رضا چئي پاڻ کي آجو قرار ڏيئي ڇڏيندو هو.
هاڻ کيس ٻاهرين ملڪن مان ڪجهه مريد وزٽ ويزائون ۽ عمري جون ٽڪيٽون پيش ڪندا هئا. ائين هن ڪجهه ملڪن جا دورا به ڪري ورتا. هڪ پرڻيل جوڙي ۽ ڇهن ڌيئرن جي مٿان پٽ ڄمڻ تي کيس حج جي ٽڪيٽ جي سوکڙي ڏني ۽ هو حج به ڪري آيو، پير صاحب نماز جي مهل به محفل سجائي ويٺو هوندو هو ۽ سندس مريد چوندا هئا ته پير صاحب هر نماز مسجد نبويءَ ۾ وڃي پڙهندو آهي... هونئن ته پير صاحب راولپنڊي به بس ۾ ويندو هو. پر پنجن وقتن جي نماز پڙهڻ جي لاءِ بنا ڪنهن سفري سهوليتن جي مديني پهچي ويندو هو.
هڪ ڏينهن هڪ همراهه پراڊو گاڏي تي اچي خدمت ۾ حاضر ٿيو. دست بيعت کانپوءِ نذراني طور آستاني لاءِ پنجاهه هزار نذرانو ڏيئي موڪلائي هليو ويو. ڪجهه هفتن کان پوءِ اهو ئي همراهه جمعي جي نماز پير صاحب جي آستاني تي پڙهڻ کانپوءِ هڪ لک روپيا نذرانو ڏيئي روانو ٿيڻ لڳو ته پير کانئس ڌنڌي روزگار بابت پڇا ڪئي، پر ان مريد وڌيڪ تفصيل ڏيڻ جي بدران دعا جي التجا ڪندي چيو ته جيڪڏهن هڪ مهيني جي اندر منهنجو ڪم ٿي ويو ته آئون اوهان جي آستاني لاءِ پنج لک روپيا نذر ڏيندس. ان سان گڏ هو موڪل گهري روانو ٿي ويو.
هڪ مهيني کانپوءِ هو ٻيهر خدمت ۾ حاضر ٿيو ته پير صاحب لنگر مان ماني گهرائڻ جي بدران مانيءَ جو ڌار بندوبست ڪرايو ۽ سُٺي سنڌي برياني، ڪڙهائي، ڀڳل گوشت ۽ کاڌي جي ٻين شين جو بندوبست ڪرايو.
ان دعوت ۾ ڪجهه خاص مريدن به شرڪت ڪئي. ماني کائڻ کانپوءِ هن خاص مريدن جي سامهون پنج لک روپيا آستاني جي لاءِ نذر ڪري ڏيڻ چاهيو ته پير صاحب جي صبر جو پيالو ڇلڪي پيو ۽ هن کانئس سندس ڪاروبار جي باري ۾ ڪجهه سوال پڇيا. پر هو جواب ڏيڻ کان پاسو ڪندو رهيو. جڏهن موڪل گهري ته هن پير صاحب جي چهري تي ناراضگي جا آثار ڏسي چيو، ”آئون ماڻهن کي ٻاهرين ملڪن موڪليندو آهيان.“
”بس ڌڻي جا ڪرم آهن. ڪم سٺو پيو هلي... اوهان جي دعا سان منهنجي ڪم کي چار چنڊ لڳي ويا آهن. اوهين دعا ڪريو ته منهنجو ڪم ائين ئي هلندو رهي ته آئون آستاني شريف جي لاءِ پنهنجي آمدني جو مخصوص حصو ادا ڪندو رهندس.“
پير صاحب کيس اڄ رات اتي ئي ٽڪڻ جي لاءِ چيو! پر هن سڀاڻي اچڻ جو وعدو ڪري موڪلائي ويو. هاڻ پير حسن علي جي ذهن ۾ دولت جا ڍڳ ۽ پنهنجي حصي جي حصول جا خواب اچڻ لڳا. ٻي ڏينهن هن جي اچڻ تي پير صاحب کانئس هر ملڪ جي ويزائن، ڪم ۽ ڪاروبار جي نوعيت جي باري ۾ معلومات حاصل ڪري هڪ ڊائري ۾ نوٽ ڪري ورتي. هن پير صاحب کي ففٽي ففٽي جي ڀائيواريءَ تي راضي ڪري ورتو. ضروري ڪاغذن پاسپورٽ ۽ تصويرن سان گڏ اڌ رقم جي اڳواٽ وصولي تي هنن جي وچ ۾ ڪاروباري ڀائيواري جو زباني معاهدو طئي ٿيو.
پير حسن علي شاهه جي عقيدتمندن ۾ اها ڳالهه جهنگ جي باهه وانگر پکڙجي ويئي. ڏسندي ئي ڏسندي ڪجهه ئي هفتن جي اندر پنجاهه جي لڳ ڀڳ پاسپورٽ ۽ ڏيڍ ڪروڙ روپيا گڏ ٿي ويا، پير صاحب هاڻ لاهور جي پوش علائقي ۾ پنهنجي آستاني جي منتقلي جا خواب سجائي ورتا.
وعدي موجب اهو شخص ڪجهه ڏينهن کانپوءِ آيو ۽ پاسپورٽ ۽ رقم کڻي روانو ٿي ويو. ان سان گڏ پير صاحب کي نفعي مان اڳواٽ ڏهه لک روپيا به ادا ڪري ويو. ڪجهه ڏينهن تائين هو هڪٻئي سان رابطي ۾ رهيا. ان دوران پير صاحب ڏيڍ ڪروڙ روپيا ۽ پاسپورٽ ان جي حوالي ڪري ڇڏيا.
هڪ ڏينهن پير صاحب محفل سجائي ويٺو هو ته هڪ عورت روئندي ۽ رڙندي آئي ۽ چوڻ لڳي، ”پير سائين يا ته رقم واپس ڪريو يا منهنجي ٻچي کي جلد ٻاهر موڪليو.“ پير صاحب پنهنجي کيسي مان موبائيل ڪڍي ۽ ان شخص جو نمبر ملايو، پر ان جو نمبر بند هو ۽ ائين ان جو نمبر لڳاتار بند ٿي رهيو. ائين ڪيترائي هفتا گذري ويا، پر ان همراهه جو ڪو به اتو پتو نه مليو.
هاڻ پير صاحب کي رقم جي دعويدارن ڏينهن رات تنگ ڪرڻ شروع ڪيو ۽ کيس ڪجهه سمجهه ۾ نه پي آيو ته ڇا ڪري، ان پريشانيءَ جي حالت ۾ هڪ ڏينهن هو ڀڻڪيو،“ پيري مريدي جنهن کي آئون آسان سمجهي رهيو هئس... پر اهو ته ڪو ايڏو سولو ڪم ڪونهي...“
هاڻ هو ڪيڏانهن وڃي... کيس ڪجهه به سمجهه ۾ نه پي آيو.
هڪ ڏينهن پير صاحب نه چاهيندي به گهر کان ٻاهر نڪرڻ لڳو. جو اوچتو سندس جسم جي کاٻي پاسي دل وٽ پهرين هلڪو سور محسوس ٿيو ۽ پوءِ اهو سور وڌندو ويو... ۽ ان سور سبب پير صاحب اچي پَٽ تي ڦهڪو ڪيو.
پير صاحب دل جي شديد دوري سبب گذاري ويو.