ڪھاڻيون

بَرف ۾ سَڙندڙ ماڻهو

ڪتاب ”برف ۾ سڙندڙ ماڻهو“ اردو جي نامياري ليکڪ حڪيم عبدالرئوف ڪياني جي ڪهاڻين جي مجموعي جو سنڌي ترجمو آهي، جنهن جو سنڌيڪار يوسف سنڌي آهي.
حڪيم عبدالرؤف ڪياني جي هر ڪهاڻي موضوعي لحاظ کان نه رڳو وسيع ڪئنواس ٿي رکي... پر جيڪڏهن انهن ڪهاڻين کي ڊراما ٽائيز ڪجي ته اسڪرين تي ڏاڍو سُٺو تاثر ڇڏين.
Title Cover of book بَرف ۾ سَڙندڙ ماڻهو

چيڙهه

سڄي ڳوٺ ۾ چوڌري مراد سان ڳالهائڻ جي ڪنهن ۾ همت ئي نه هئي، هو نه رڳو ڳوٺ ۾ پنهنجي ذاتي زمين جي پوکي راهي، پر ڇيڙي نبيري ۽ اڇي ڪاري جو به ڌڻي هو.
هن جي حويليءَ ۾ ترڪي نسل جي سُهڻين گهوڙن ۽ ساهيوال مان آندل اعليٰ نسل جي نيل ڪنٺ ڍڳين جي خذمت ڪندڙ وڏي وهيءَ وارن نوڪرن کانسواءِ ٻيو ڪنهن کي به اندر اچڻ جي موڪل نه هئي.
هو جڏهن اڇي ڪاٽن جي وَر ڏنل پڳ مٿي تي رکي پنهنجي مُڇين کي هٿ سان وٽي، هٿ ۾ وڏي لٺ کڻي پنهنجي ٻنين ڏانهن ويندو هو ته رستي هلندي ڳوٺ جا ماڻهو هٿ ٻڌي بيهي رهندا هئا. ڪي ته جهڪي پيرين پوندا هئس ته ڪي وري ٻنين جي پيچرن جي اوٽ ۾ لڪي ويندا هئا ته جيئن چوڌري مراد کين ڏسي نه سگهي، هن جي ظلم ۽ ڏاڍ مڙسيءَ جا قصا بيان ڪندي به ڳوٺ وارا ڊڄندا هئا.
ڪڻڪ جي لاباري مهل شايد ڪو ڀاڳ وارو ئي بچي سگهندو هو، هو هارين کان ارڙهن ارڙهن ڪلاڪ ڪڻڪ جي لاباري جو ڪم وٺندو هو ۽ مانيءَ ۾ وري مسور جي هڪ ڪلو دال ۾ پنج ڪلو پاڻي جي حساب سان اهڙي ته پٽڙي ڪري ٺهرائيندو هو، جو وضو جي ڪونئرن ۾ وجهي، ڪجهه نوڪر هٿن ۾ اهي ڪونئرا کڻي، سڀني هارين کي هڪ قطار ۾ ويهاري هڪ هڪ ماني سندن هٿن ۾ ڏيئي ڪونئري مان پٽڙي دال جو ڍُڪ ڀرائي تڪڙو اڳتي وڌي ويندا هئا.
ڪجهه نوڪر اهو ڪم سرانجام ڏيڻ جي لاءِ مقرر ٿيل هئا، مهذب نموني پليٽ ۾ ٻوڙ وجهي کارائڻ هن جي روايت ۾ نه هو. هو اڪثر گهر ۾ ٽنگون ٽيڙي ويٺو هوندو هو ۽ پنهنجين ٽنگن ۽ ڪلهن کي زور ڏيندڙ نوڪرن کي پنهنجي پيءُ ۽ ڏاڏي جي سخت گيري، ظلم ۽ جبر جا قصا وڏا وڏا ٽهڪ ڏيئي پيو ٻڌائيندو هو ۽ ڪڏهن ڪڏهن وري جڏهن جوش ۾ اچي ويندو هو ته ڪنهن نوڪر کان پُڇاڻون شروع ڪندو هو. ۽ پوءِ لتن ۽ مُڪن سان ان جي ٺاهوڪي مرمت ڪندو هو.
هڪ رات حويليءَ مان ڪنهن عورت جون رڙيون ۽ دانهون ٻُڌڻ ۾ آيون، هو هڪ اڌ وهيءَ واري عورت کي چهٻڪ سان ماريندو ڪُٽيندو حويليءَ جي ٻاهرين ميدان ۾ وٺي وڃي رهيو هو. ڳوٺ جي هر عمر جون عورتون، مرد ۽ ٻارڙا گڏ ٿي اهو تماشو ڏسڻ لڳا، هو کيس چهٻڪ هڻندو ويو، اهو چئي رهيو هو ته، ”جي وري ايئن چيئي ته تنهنجي جسم جون ٻُوٽيون ڪري حويلي جي ڪُتن جي اڳيان وجهندس.“
اها عورت رڙيون ڪري ماڻهن کي مدد جي لاءِ سڏي رهي هئي، پر اهو ڏکوئيندڙ منظر ڏسڻ ۽ دل ئي دل ۾ ڪڙهڻ جي باوجود به ڪنهن کي به اها همت نه ٿي جو هو کيس ڇڏائي. ان عورت جو ڏوهه اهو هو ته هن ڪجهه ڏيهاڙا اڳ هن جي ڌيءَ ”ضميران“ جي باري ۾ چيو هو ته اها ڪيڏي نه سُهڻي ڇوڪري آهي، پر چوڌريءَ جي برادريءَ ۾ هن جو ڪو به مَٽ ڪونهي، جيڪو کيس پرڻائي وٺي وڃي... هاءِ ويچاري سڄي وَهي ڪنواري ئي رهندي.
چوڌري مراد جي پنهنجي زال به هن جا ظلم ۽ جبر سهندي سڏڪي سڏڪي مري ويئي هئي. هاڻ حويليءَ ۾ سندس پُٽ تيمور ۽ ڌي ضميران انهن جي غير موجودگيءَ ۾ نوڪرن چاڪرن تي حڪم هلائيندا هئا.
ضميران کي پنجين ڪلاس ۾ ئي اسڪول مان ڪڍرائي اهو چئي گهر ۾ ويهاريو ويو ته ڇوڪرين جي پڙهڻ جي ضرورت ئي ڪهڙي آهي. ڇاڪاڻ ته هو پاڻ به اڻ پڙهيل هو، تنهنڪري کيس تعليم جي اهميت جي خبر نه هئي. هو تعليم کي فقط روزي ڪمائڻ جي لاءِ ضروري سمجهندو هو. پر سندس پُٽ تيمور پنهنجي شوق سبب بي . اي جو امتحان پاس ڪري چڪو هو ۽ هاڻ پرڏيهه ۾ تعليم جا خواب ڏسي رهيو هو.
چوڌري مراد جي حويليءَ ۾ ڳوٺ جو ڪوبه ڇوڪرو گهڙي نٿي سگهيو، پر ”دتو لوهار“ جو پٽ عمران عرف پهلوان، ڪڻڪ جي لاباري وارن ڏينهن ۾ ايندو ويندو رهندو هو. ان جو سبب اهو هو ته هڪ ڀيري جڏهن چوڌري ٿاٻڙجي ڪري زخمي ٿيو هو ته کيس اسپتال پهچائڻ ۽ ڪجهه ڏينهن جي خذمت چاڪري جي ڪري هن جي دل ۾ ٿوري جاءِ جوڙي ورتي هئائين. هو کيس پُٽ چوندو هو ۽ ڪڏهن ڪڏهن مينهن جو کير ڏيڻ سان گڏ مٿي تي شفقت سان هٿ به ڦيري ڇڏيندو هو.
عمران عرف پهلوان ڳاڙهو ڳٽو، گول مٽول مهانڊي وارو ڇهن فوٽن جي قد ڪاٺ وارو جوان هو. هو آکاڙي ۾ وزني پٿر هڪ ئي سٽَ ۾ کڻڻ جو ماهر هو، اُن ڪري کيس پهلوان سڏيو ويندو هو.
هڪ ڏينهن هو پنهنجي پيءَ دتوءَ کان ٻه ڊزن کن ڏانٽا ٺپائي چوڌريءَ کي حويلي پهچائڻ آيو، گيٽ مان اندر گهڙندي ئي کاٻي پاسي، ڀُوسي جي هڪ ڍڳَ جي ڀرسان مٿڀري جاءِ تي ڏانٽا رکي واپس ورڻ وارو ئي هو، جو سندس نظر هڪ ڊگهي قد واري ڇوڪريءَ تي پئي، جنهن جا وار ڄڻ پيرن کي ڇهي رهيا هئا، وڏيون اکيون، گول مهانڊو، ڊگهو نڪ ۽ اکين جا پلڪ مٿي کنيل، ڄڻ ڪنهن هٿراڌو مورتي تراشي هجي. هن جي هٿ ۾ ٿڌي کير جو گلاس هو، اڄ حويلي ۾ ڪو به نوڪر ڪونه هو، ضميران کيس کير جو گلاس ڏيئي، کلندي نظرون جهڪائي ڇڏيون، کيس گلاس جو وزن پٿرن کان به ڳرو لڳو. گلاس هن جي هٿ مان ڪري ڀڄي پيو ۽ ٽنگون رڦڻ لڳس. هو تِکو تِکو گيٽ مان ٻاهر نڪتو ۽ پنهنجي پيءَ ڌتوءَ جي دوڪان تي پهچي ڏانٽا ٺپڻ ۾ جنبي ويو.
هن ڌنوڻيءَ جي پنکي کي تيز ڪندي ڪنهن مهل ڏانٽي جو هڪ پاسو ٿي رکيو ته ڪنهن مهل ٻيو سرو باهه ۾ ٿي وڌائين... ضميران جو چهرو هرَ هرَ سندس اکين جي اڳيان ڦرڻ ٿي لڳو... هن ڏانٽي کي پاڻي ۾ ٿي ٺاريو ته کيس پاڻيءَ جي لهرن ۾ هن جا ڊگها وار دُنهه جي شڪل ۾ ٿي نظر آيا.
ڪجهه ڏينهن کانپوءِ جڏهن ڪڻڪ ۾ لابارو زور تي هو ۽ ڳوٺ جا سڀئي مرد ۽ زائفائون ڪڻڪ جي لاباري ۾ رُڌل هئا ته ڪنهن ڪم جي سلسلي ۾ چوڌري مراد جي نياپي تي عمران عرف پهلوان چوڌري جي گهر آيو ۽ چوڌري جي شفقت ۽ مُرڪ کي مهرباني ۽ نوازش سان ڀيٽيندي واپس گهر وڃي پنهنجي ماءُ کي ضميران جي رشتي لاءِ راضي ڪرڻ جي ڪوشش ڪيائين.
شام ڌاري جڏهن دتو لوهار گهر آيو، قميص لاهي ٽنگڻيءَ تي ٽنگيائين ۽ کٽ تي ويٺو ته جوڻهنس ڪَن کڻندي چيس، ”هيڏانهن ٻُڌ! اسانجو پُٽ بي-اي ڪريو ويٺو آهي ۽ چوڌري مراد جي ڌيءَ صفا اڻ پڙهيل... هونئن به هُن جي برادريءَ ۾ ڪو رشتو ڪونهي... ڇو نه پاڻ چوڌريءَ کان سڱ گهرون.“
دتوءَ حُقي جي ڦوڪَ ڀريندي چيو، ”آئون ته مراد کي منهن ۾ به ڪونه ڏسان... هو ته انسان جي روپ ۾ حيوان آهي... حيوان..!“
ايئن چئي هو گنجي ڇڪي ان سان پگهر اگهي ليٽي پيو، ڄڻ مٿس ان ڳالهه جو ڪو اثر ئي نه پيو هو.
ايتري ۾ پٽهنس گهر ۾ گهڙيو.
دتوءَ هٿ ۾ لٺ کڻندي کيس سڏيندي چيو، ”اڙي ڪُتي جا پُٽ! چوڌريءَ کان منهنجا هڏ گڏ ڀَڃرائيندين ڇا.... هو پنهنجي ڌيءَ کي ڪنوارو ويهاري ماري ڇڏيندو... پر اسان جهڙن غريبن سان مائٽي نه ڪندو... خبردار...! چُپڙي ڪري ويهي رهو. آئنده ضميران جو نالو به نه وٺج.“
عمران جي امڙ پاڙي جي ڪجهه ماين سان ڳالهايو، پر ڪا به ساڻس گڏ هلڻ جي لاءِ تيار نه ٿي، هنن ’جيران‘ کي اڪيلو ئي چوڌريءَ جي گهر وڃڻ جي لاءِ راضي ڪيو.
جيران صفا ساڌي ۽ نيڪ نيت عورت هئي، سو هوءَ ميٽ چٻاڙيندي چوڌري جي گهر پهچي ويئي... چوڌريءَ جي ڌيءَ ضميران کيس ويهڻ جي لاءِ چيو، هوءَ کٽ تي ويهڻ جي بدران پٽ تي ويهي رهي ۽ ضميران کي پنهنجي دل جي ڳالهه ٻُڌائي، هن خوشيءَ سان کيس چوڌري مراد سان ڳالهائڻ جي لاءِ چيو، ايتري ۾ چوڌري مراد به اچي پهتو. هو جيران کان حال احوال وٺي وڃڻ لڳو ته پٺيان چيس، ”ادا چوڌري مراد! الله شل تنهنجون مرادون پُڄائي... اڄ آئون پنهنجي پُٽ کي تنهنجو پُٽ بنائڻ جي لاءِ آئي آهيان.“
چوڌري مراد جو پُٽ تيمور اندر ڪمري ۾ ويٺو اها سڄي ڳالهه ٻولهه ٻُڌي رهيو هو. اهو ٻڌي چوڌري مراد تپي باهه ٿي ويو ۽ هن مينهن جيان رنڀ ڪندي چيو ”آئون .... آئون .... چوڌري مراد .... چوڌري افضل جو پُٽ ... چوڌري بهادر جو پوٽو... سو پنهنجي ڌيءَ جو سڱ هڪ گهٽ ذات ڪميءَ کي ڏيان... نڪر منهنجي گهر مان...... خبردار جو اها ڳالهه ڳوٺ ۾ ڪنهن کي پوي ته تون منهنجي گهر ڪهڙي ڪم سان آئي هئين، اسين ته خراب نسل جا گهوڙا ۽ وهٽ به نه رکندا آهيون... انسان ته پري جي ڳالهه آهي... ۽ ها جي هاڻ تنهنجو پُٽ منهنجي حويلي ڏانهن ايندو ته ٻوٽيون ٻوٽيون ڪري ڪتن جي اڳيان وجهندو سانس!“
جيران ڊڄندي تکي تکي حويليءَ مان نڪري پنهنجي گهر رواني ٿي.
ڪجهه هفتن کانپوءِ چوڌري مراد جي پُٽ تيمور کي ٽپالي هڪ رجسٽر خط ڏيئي ويو. هن خط کوليو ته مُرڪي پيو، هن آمريڪا جي ڪنهن يونيورسٽيءَ ۾ داخلا جي لاءِ جنهن ڪنسلٽ کي چيو هو. ان کيس ٻي ڏينهن صبح جو انٽرويو جي لاءِ پنهنجي آفيس گهرايو هو.
هوءَ انٽرويو ڏيئي خوشيءَ سان گهر وريو، جيتوڻيڪ چوڌري مراد کيس آمريڪا موڪلڻ تي راضي نه هو، پر هن پنهنجي سڪيلڌي پُٽ جي خواهش رد به ڪرڻ نٿي چاهي.
ڪجهه ڏينهن کانپوءِ چوڌري مراد پنهنجن ڪجهه نوڪرن سان کيس پنهنجي ڊبل ڪئبن گاڏيءَ ۾ ويهاري ايئرپورٽ ڇڏڻ ويو. واپسيءَ تي کيس خبر پئي ته دتو لوهار جو پُٽ عمران به هڪ هفتي کانپوءِ آمريڪا وڃي رهيو آهي، ڇو ته کيس بي-اي ۾ ٽاپ ڪرڻ تي آمريڪا ۾ پڙهڻ جي اسڪالرشپ ملي ويئي هئي ۽ هاڻ هو آمريڪا جهڙي مهنگي ملڪ جي بهترين يونيورسٽيءَ ۾ مفت پڙهي سگهندو.
وقت گذرندي دير ئي نٿي لڳي. چوڌريءَ جي پُٽ آمريڪا ۾ تعليم مڪمل ڪرڻ کان پوءِ آمريڪا ۾ ئي ڪنهن ڪمپني ۾ اعليٰ عهدي تي نوڪري ڪرڻ شروع ڪئي ۽ اتي ئي شادي ڪيائين، جنهن مان کيس هڪ پُٽ ڄائو، جنهن جو نالو هن منصور رکيو. دتو لوهار جو پُٽ عمران تعليم پوري ڪري واپس پنهنجي ڳوٺ آيو ۽ هن لوهارن جي ڪٽنب مان هڪ سُهڻي ۽ سُگهڙ ڇوڪريءَ مان شادي ڪئي، ڪجهه وقت ٽڪڻ کانپوءِ هو واپس آمريڪا هليو ويو. جتي عمران کي هڪ ڌيءَ ڄائي، جنهن جو نالو هن فائزه رکيو.
ويهن سالن جي عرصي ۾ چوڌريءَ جو پُٽ رڳو ٻه ڀيرا ڳوٺ آيو هو. ان دوران چوڌري مراد جو پوٽو منصور به جوان ٿي ويو هو ۽ هن آمريڪا جي جنهن يونيورسٽيءَ ۾ تعليم پرائي پي، ان ئي يونيورسٽيءَ ۾ دتو لوهار جي پوٽي فائزه به پڙهي رهي هئي. منصور کيس ڏٺو ته مٿس اَڪن ڇڪن ٿي پيو هوءَ به منصور کي پسند ڪرڻ لڳي. منصور پنهنجي پيءُ کي فائزه جي رشتي گهرڻ تي زور ڀريو، فائزه جي پيءُ پنهنجي ڌي جي رضامندي ۾ خوشي محسوس ڪئي، جڏهن ته منصور جي پيءَ تيمور ڊپ سبب پنهنجي پيءُ چوڌري مراد کي سڄو احوال ڏنو ۽ کانئس اجازت گهري. چوڌري مراد فقط هڪ جملو چئي، پنهنجي رضامندي ظاهر ڪئي، ”اسين نيچ ذات ڪمين مان پُٽ ته پرڻائي ايندا آهيون... پر پنهنجون ديئرون پرڻائي ڪونه ڏيندا آهيون... منهنجي سڪيلڌي پوٽي جي خواهش رد متان ڪرينءَ.“
منصور جي فائزه سان وڏي ڌام ڌوم سان شادي ٿي گذري، ڪجهه وقت کانپوءِ جڏهن گهوٽ ۽ ڪنوار پنهنجن مائٽن سان ملڻ جي لاءِ پنهنجي اباڻي ڳوٺ پهتا ته بس اسٽيشن کان وٺي چوڌريءَ جي حويليءَ تائين گلن جي ورکا ڪندي ڳوٺ جا ميراثي، موچي، حجام ۽ لوهار دهل جي وڄت تي جهمريون هڻندا کيس وٺي پي ويا. هنن جي لاءِ ڄڻ زمين مان ڪو پوريل خزانو نڪري آيو هجي، جنهن جي خبر هو چوڌري مراد کي ڏيڻ وڃي رهيا هجن.
گهوٽ ۽ ڪنوار گهر پهتا ته چوڌري صفا پوڙهپڻ ۽ ضعيفي سبب ٻن نوڪرن جي سهاري اُٿي بيهي ”دتو لوهار“ جي پوٽيءَ کي گلي سان لڳائيندي چيو ”ڌي! تون هن ڪٽنب جي لَڄ آهين!“
مهمانن جي رش ۽ گوڙ سبب ڪجهه به سمجهه ۾ نه پي آيو.. چوڌري مراد جي پراڻي کٽ جي ڀرسان ويٺل ٻڪريءَ جا ڇيلڙا ٻي . ٻي ڪري رهيا هئا، ڀرسان ئي موڙهي تي ويٺل وهي کاڌل ضميران پنهنجن اڇن وارن کي ڦڻي سان سڌو ڪندي، ڪنهن ڪنهن مهل وارن ۾ ڦڻي ڦسڻ تي ”اَئي“ ڪندي وارن مان چيڙهه ڪڍندي سوچي رهي هئي، ”گهٽ ذات ۾ ڌيءَ پرڻائڻ بي عزتي آهي... باقي گهٽ ذات وارن مان پُٽ پرڻائڻ ۾ وري ڪيئن عزت ٿي؟“