ڪھاڻيون

بَرف ۾ سَڙندڙ ماڻهو

ڪتاب ”برف ۾ سڙندڙ ماڻهو“ اردو جي نامياري ليکڪ حڪيم عبدالرئوف ڪياني جي ڪهاڻين جي مجموعي جو سنڌي ترجمو آهي، جنهن جو سنڌيڪار يوسف سنڌي آهي.
حڪيم عبدالرؤف ڪياني جي هر ڪهاڻي موضوعي لحاظ کان نه رڳو وسيع ڪئنواس ٿي رکي... پر جيڪڏهن انهن ڪهاڻين کي ڊراما ٽائيز ڪجي ته اسڪرين تي ڏاڍو سُٺو تاثر ڇڏين.
Title Cover of book بَرف ۾ سَڙندڙ ماڻهو

احتجاج

ڊاڪٽر تپاسڻ کانپوءِ شاهد ۽ معظم ڏانهن ڏسندي چيو، ”هيءَ دل جو دورو به ٿي سگهي ٿو. کيس جيترو به جلد ٿي سگهي اسلام آباد جي ڪنهن وڏي اسپتال ۾ پهچائڻ جو بندوبست ڪريو.“
هنن پنهنجي پيءُ کي سنڀاليندي ايمبولينس ۾ اسٽريچر تي ليٽايو ۽ ٻئي ڀائر ڀرسان سيٽ تي ويهي رهيا. ايمبولينس نيشنل هاءِ وي تي هلڻ لڳي، ٽريفڪ جي رفتار تمام گهڻي سُست هئي، پري پري گاڏين، بسين ۽ ٽرڪن جي هڪ ڊگهي قطار نظر اچي رهي هئي. ساڄي کاٻي پاسي کان ڪجهه موٽر سائيڪل سوارن غلط مڙندي ٽريفڪ کي وڌيڪ پيچيده بنائي ڇڏيو هو. ٽريفڪ جي سُست رفتاريءَ سبب ڪجهه ڊرائيور پنهنجون گاڏيون هاءِ وي سان لڳ روڊ تي لاهي هڪ ڪچي رستي تان ٻين گاڏين کان اڳيان نڪرڻ جي ڪوشش ۾ رڌل هئا.
شاهد، معظم کي اشارو ڪيو ته اسين به ان رستي تان اڳتي وڌون. لڳ ڀڳ ٻن ٽن ڪلوميٽرن جي ڪچي ۽ خطرناڪ رستي تان ٿيندي هو هڪ ننڍي پل ٽپي ٻيهر هاءِ وي.تي پهتا ته ڪجهه پرڀرو نوجوان هٿن ۾ ڏنڊا، هاڪيون ۽ لوهي پائپ کڻيو بيٺا هئا. ڪن جي هٿن ۾ ته پئٽرول سان ڀريل پلاسٽڪ جون بوتلون به هيون.
اوچتو هاءِ هاءِ ڪندي نوجوانن جا جٿا اچي پهتا. هنن رستي تي گاڏين جا پراڻا ٽائر اُڇليا ۽ انهن تي وڻن جون سُڪل ٽاريون رکي باهه ڏيئي ڇڏي.
شاهد معظم کي هيٺ لهڻ جي لاءِ چيو.
هو ٻئي ايمبولينس مان لهي پنڌ هلندي اڳيان وڌيا ۽ انهن احتجاج ڪندڙ نوجوانن کي منٿون ڪرن لڳا ته اسان کي لنگهڻ جو رستو ڏيو، اسان جو پيءُ دل جي دوري سبب سخت تڪليف ۾ آهي، پر هنن رستو کولڻ کان انڪار ڪندي کين پٺتي هٽڻ جي لاءِ چيو، ائين نه ڪرڻ جي صورت ۾ هنن جو باهه جي وڪڙ ۾ اچڻ جو امڪان آهي.
معظم پنهنجون ٻانهون کنجيون ته جيئن انهن سان ٻه ٻه هٿ ڪري سگهجن، پر شاهد کيس ٻانهن کان ڇڪيندي چيو، ”جلدي واپس هل! بابا جي طبيعت اڳ ۾ ئي وڌيڪ خراب ٿي رهي آهي... ائين نه ٿئي جو پاڻ ڪنهن ٻي مصيبت ۾ اڙجي وڃون!“
معظم ڪنڌ جهڪائي انهن نوجوانن کي ڪاوڙ مان گهوريندي واپس وريو.
شاهد چوڻ لڳو، ”خبر ڪونهي ته هيءَ احتجاج ڇو پيو ٿئي... نه ڪو بينر نه وري ڪو پوسٽر، نه ئي وري هنن نوجوانن جي ڪو اڳواڻي ڪندي پيو نطر اچي.“
معظم چوڻ لڳو، ”هت ته جنهن کي ڏس ته نعرا هڻندو... زنده باد... مرده باد ڪندو، هاءِ هاءِ... چور ۽ ڪرپٽ حڪومت جا نعرا هڻڻ شروع ڪري ٿو ڇڏي. اسان جو به ڪو حال ڪونهي... اسين پهرين انهن سياستدانن کي ووٽ ڏيڻ ۽ کٽرائڻ جي لاءِ رشتن ناتن ۾ ويريون وجهي ڇڏيندا آهيون ۽ انهن جي سچائي ۽ ايمانداري جون ساکون ڏيڻ لڳندا آهيون... پوءِ جڏهن اهي اقتدار جي ڪرسيءَ تي ويهندا آهن ته انهن جي خلاف ئي احتجاج ڪرڻ جي لاءِ رستن تي نڪري ايندا آهيون. ووٽ ڏيڻ کان اڳ ۾ اسين ڇو نه سوچيندا آهيون.“
شاهد نفرت مان چوڻ شروع ڪيو، ”دراصل ملڪ جون واڳون سنڀالڻ اسان جي سياستدانن جي وس ۾ ڪونهي... فوجي حڪومت ئي بهتر هوندي آهي.“
معظم شاهد ڏانهن ڏسندي وراڻيو، ”هائو، ڪو سخت قسم جو جنرل حڪومت تي قبضو ڪري ٿو ته سياستدان به چپ ڪريو ڇڏين ۽ عوام تي بي وسي ڇانئجي وڃي ٿي... باقي هتي ته هڪ پارٽي اقتدار ۾ اچي ٿي ته ٻي پارٽي سندس ٽنگون ڇڪڻ ٿي لڳي... ملڪ جو نظام ٺيڪ ٿئي به ته ڪيئن!؟“

هو ڳالهيون ڪندا ايمبولينس وٽ پهچي ويا. معطم پنهنجي پيءُ جي نس ڏسندي حال احوال پڇيو، هن جي طبيعت وڌيڪ خراب ٿي رهي هئي. رنگ هئڊو ٿي چڪو هئس ۽ سور سبب ويهاڻي جو سهاور وٺي ويهڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو.
ايتري ۾ روڊ تي ڪجهه همراهه بينر ۽ ڪتبا کڻي نعرا هڻندي لنگهيا. انهن بينرن تي لکيل هو.
بجلي پاڻي... هاءِ هاءِ... گئس جي بندش هاءِ هاءِ
حڪمرانو جواب ڏيو... بجلي، گئس ۽ پاڻي جو حساب ڏيو
نامنظور نامنظور... ڪرپٽ حڪومت نامنظور.
ڏسندي ئي ڏسندي دونهه جا ڪارا ڪڪر فضا ۾ ڇانئجڻ لڳا. ڊرائيور، ايمبولينس جي سائرن جو آواز تيز ڪري ڇڏيو، پر ان جو ڪنهن تي به اثر نه پيو. گاڏين جي ڊگهي قطارن مان نڪرڻ جي ڪا سبيل پيدا ٿي ٿي ته نوجوانن ڏنڊا کڻي، گاڏين جي اڳيان پٿر اڇلي ٿي ڇڏيا. جيڪڏهن ڪنهن انهن پٿرن تان لنگهڻ جي ڪوشش ڪئي ٿي ته ان گاڏي جا ڏنڊن سان شيشا ڀڃي ٿي ڇڏيائون.
ڪجهه گاڏين کي باهه به لڳائي ويئي. مظاهرين ۾ اهي نوجوان به شامل هئا، جيڪي حب الوطنيءَ جي دعويٰ ڪندا ۽ سياسي جلسن ۾ زنده باد ۽ مرده باد جا نعرا هڻندي نه ٿڪبا هئا.
نظرن جي حد تائين گاڏين جون ڊگهيون ڊگهيون قطارون هيون. مظاهرو ڪندڙ گرمي ۽ سخت اُس ۾ به نعري بازي جاري رکيو آيا.
ٿوري دير کان پوءِ پوليس به اچي پهتي. پوليس وارا وين بيهاري مظاهرو ڪندڙن سان ڳالهين جي لاءِ اڳيان وڌيا ته پويان ڪجهه مظاهرين پوليس وين تي پئٽرول هاري باهه لڳائي ڇڏي ۽ پوليس وارن جون ورديون ڦاڙي ڇڏيون... ان دوران پوليس پاران لاٺي چارج، فائرنگ ۽ مظاهرين پاران پٿراءُ شروع ٿي ويو. جنهن جي نتيجي ۾ ڪجهه پوليس وارا ته ڪجهه مسافر به زخمي ٿي پيا. ان ڇِڪ ڇِڪان ۾ ڪجهه همراهه ته اٿي ڀڳا، پر گاڏين ۾ فاٿل مسافر ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين نيشنل هاءِ وي تي ڦاٿل ٽريفڪ ۾ ڪيترن بي وسيءَ جي تصوير بنيا ويٺا رهيا.
هنن جي لاچاري جو ڪو اوهي واهي نه هو. هر شخص ڊنل هو. ٽريفڪ جي بندش کي ڪيترائي ڪلاڪ گذري ويا. ڏسندي ئي ڏسندي ڪيترائي ڦيرين وارا جوس، منرل واٽر جون بوتلون ۽ ٻيون شيون وڪڻڻ جي لاءِ کڻي اچي پهتا. وڏي عمر جا مسافر، مرد، عورتون ۽ ٻار گاڏين مان لهي ڀر وارين هوٽلن ۾ چانهه بسڪوٽ ۽ کائڻ پيئڻ ۾ مصروف ٿي ويا.
اڪثر مسافر ڪنن سان موبائيلون لڳايو پنهنجن مٽن مائٽن ۽ دوستن يارن کي ٽريفڪ جي بندش جي باري ۾ ٻُڌائي رهيا هئا. ڪنهن کي ايئرپورٽ پهچڻو هو ته ڪنهن کي پنهنجي ڪنهن مٽ مائٽ ۽ دوست يار جي شاديءَ ۾ وڃڻو هو. ڪو ڪنهن مريض کي پُڇڻ جي لاءِ وڃي رهيو هو ته ڪو وري ڪيترن ئي مهينن کانپوءِ پنهنجي ڪم تان موڪل وٺي پنهنجن ٻارن ۽ گهر وارن سان ملڻ جي لاءِ وڃي رهيو هو. ڪو گهران اسڪول يا يونيورسٽي وڃڻ جي لاءِ نڪتو هو ته ڪنهن جي امڙ مرض جي شدت سبب پنهنجي پٽڙي جي راهه تڪي رهي هئي. ڪٿي ڪنهن پياري جو جنازو تدفين جو منتظر هو ته هو اچي آخري ديدار کانپوءِ کيس پنهنجن هٿن سان لحد ۾ لاهي.
سڄي دنيا ۾ روز جي معمول وانگر ان ڏينهن جو سج به الل وهاڻيءَ جو اُڀريو هو ۽ کيس ڪنهن رڪاوٽ کانسواءِ پنهنجي وقت تي لهي وڃڻو هو. مظاهرين سان انتظاميه ۽ پوليس جي ڊگهين ڳالهين مُهاڙين کانپوءِ ٽريفڪ کي گرين سنگل ڏنو ويو. ٽريفڪ جي لڳاتار ڇهن ڪلاڪن جي بندش کانپوءِ هوريان هوريان گاڏين رستي تي سُرڻ شروع ڪيو. گاڏين کي ائين هوريان هوريان سُرندي به وڌيڪ ٽي ڪلاڪ گذري ويا. ٽريفڪ ۾ ڦاٿل رهڻ سبب سندس پيءُ تڪليف سبب ڪنجهي رهيو هو. ائين لڳاتار نون کان ڏهن ڪلاڪن جي دير کانپوءِ جڏهن هو اسلام آباد جي هڪ وڏي اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ ۾ پهتا ته وارڊن ۾ ڪجهه نرسن ۽ اسپتال جي عملي کانسواءِ ڪنهن به ٻي ڊاڪٽر کي اُت موجود نه ڏسي هو بي وسي، لاچاري ۽ حسرت جي تصوير بنجي ويا.
ڊاڪٽر ٽن ڏينهن جي هڙتال تي هئا. ٿوري دير کانپوءِ سفيد گائون پاتل ڪجهه ڊاڪٽرن ۽ ليڊي ڊاڪٽرياڻيون ڪتبا کڻي احتجاج ڪندي اسپتال جي حدن ۾ گهريا. ٻنهي ڀائرن ڌار ڌار ڪجهه ڊاڪٽرن کي منٿون ۽ ايلاز ڪيا ته ڪو سندن پيءُ کي هڪ نظر ڏسي وٺي، شايد ان جي جان بچي وڃڻ جي ڪا اميد نظر اچي، پر مسيحائن ڄڻ ٻُڌي اڻ ٻُڌي ڪري ڇڏي. شاهد حسرت وارين نظرن سان ڪنهن مسيحا جو منتظر هو ۽ دل ئي دل ۾ سوچي رهيو هو ته، ”هي ڪهڙا مسيحا آهن، جيڪي ڪجهه پئسن جي عيوض پيغمبري پيشي سان غداري ڪري سگهن ٿا.“
معظم چوڻ لڳو، ”ادل، هي پرڏيهي دواساز ڪمپنين جا ڇاڙتا آهن. کين ان ڳالهه سان ڪا به غرض ڪونهي ته ڪو مري ٿو يا جيئي ٿو.“
”سڀ ماڻهو هڪجهڙا ته نه هوندا آهن... پنجئي آکريون برابر ڪونهن، انهن ۾ درد دل رکندڙ مسيحا به آهن.“
هو اڃا پاڻ ۾ اهو بحث مباحثو ڪري رهيا هئا ته اسپتال جي گئلري مان لنگهندي هڪ ڊاڪٽر، سامهون بيٺل هڪ نرس کي جلدي جلدي سندس پيءُ کي ايمرجنسي ڪمري ۾ شفٽ ڪرڻ ۽ دوائن سان گڏ ضروري ٽيسٽن ۽ آڪسيجن لڳائڻ جي هدايت ڪئي.
اهو ڏسي ٻنهي ڀائرن جي پيٽ ۾ ساهه پيو. هو ڊاڪٽر جي مهرباني مڃڻ لڳا ۽ ڊاڪٽر مرڪي ايمرجنسي روم جو دروازو کوليو ۽ سندس پيءُ کي تپاسي اُتان هليو ويو. ٿوري دير کان پوءِ واپسيءَ تي ڊاڪٽر سندس پيءُ جون تفتيشي ليبارٽري ٽيسٽون ڏسندي ان جي باري ۾ مڪمل معلومات وٺڻ چاهي، پوءِ هن پين کي پنهنجي وات ۾ وجهندي چٻاڙيندي کن ترسي، ڪجهه سوچيندي چيو، ”هن کي ٻه ڀيرا هارٽ اٽيڪ ٿي چڪو آهي. هتي آڻيندي اوهان کي ڪافي دير ٿي چڪي آهي.“
ٻئي ڀائر ڊاڪٽر جي چهري کي ڏسڻ لڳا.
”منهنجي خيال ۾ مون کي هاڻ ڊاڪٽرن جي احتجاج ۾ شامل ٿيڻ گهرجي، نه ته هي همراه هرو ڀرو....“
ائين چئي هو دروازو کولي تکو تکو هلندي اسپتال جي ورانڊي ۾ موجود ڊاڪٽرن جي ميڙ ۾ گم ٿي ويو.

ٿوري دير کانپوءِ ڊاڪٽرن جي هڙتال ختم ٿيڻ جي خوشخبري ملي. وارڊ ۾ ليڊي ڊاڪٽرن ۽ ڊاڪٽرن جي اچ وڃ ٿيڻ لڳي. ان دوران شاهد ۽ معظم جون ڀينرون، ڀائر ۽ مٽ مائٽ بيمار کي پُڇڻ جي لاءِ اچڻ شروع ٿي ويا.
سڀئي نيشنل هاءِ وي تي احتجاج ڪندڙن جي باري ۾ گهٽ وڌ ڳالهائي، انهن جي مذمت ڪري رهيا هئا. احتجاج جي حوالي سان اڻ پڙهيل ۽ ڄٽ ڳوٺاڻا به اهڙي ته دانشوراڻي گفتگو ڪري رهيا هئا، ڄڻ هنن سڄي زندگي اهڙو ڪو به ڪم نه ڪيو هجي. جنهن مان ٻين کي تڪليف پهتي هجي.
ڪجهه همراهه ته پنهنجي صفائي ۾ ائين ڳالهائڻ لڳا جو ڄڻ وٽن پنهنجن نمازن، روزن جي پابندي ۽ صبح و شام جي تسبيح ۽ وظيفن جي ذڪر کانسواءِ ٻيو ڪو موضوع ئي نه هجي. ڪي وري اهو ٻڌائي رهيا هئا ته توبهه... اسغفار اسان جو اولاد ته اهڙي ڪنهن به احتجاج ۾ ڪڏهن به شامل نه ٿيندو آهي. اسان ته انهن جي اهڙي تربيت نه ڪئي آهي. اسان جو نانو ته طبيعت جو ايترو ته سخت هو جو هو ٻارن کي ڪرڪيٽ کيڏڻ به نه ڏيندو هو. جيڪڏهن هُن جي ڪو ڳالهه نه ٻڌندو هو ته هو بيٺي بيٺي ٻارڙن کي چڱو ڪُٽڪو ڏيئي ڇڏيندو هو. اسان جي سڄي پاڙي جا ٻار کانئس ڏاڍو ڊڄندا هئا. هو ٻارن کي هر وقت نماز پڙهڻ ۽ وڏن جو احترام ڪرڻ جو درس ڏيندور هندو هو. ڪي وري چئي رهيا هئا ته احتجاج ڪجي ته ڪو ڍنگ جو ۽ ٺاهي ٺوڪي ڪجي، پارليامينٽ جي اڳيان ڌرڻو هڻجي. ڪنهن کليل ميدان ۾ وڃي نعرا هڻجن، بجلي، گئس ۽ ميونسپل ڪميٽي جي آفيس جي سامهون وڃي ڌرڻو هڻجي. پر هيءُ وري ڪهڙو احتجاج آهي ته ڪنهن جي جان وڃي ته ڀلي وڃي... ڪو بيماري سبب تڙپندو رهي ته ڀلي تڙپي...
معظم انهن ماڻهن جي ڳالهه ڪٽيندي چيو، ”اها ڳالهه منهنجي سمجهه کان ته صفا ٻاهر آهي. ڀلا اهو ته ٻڌايو ته اوهان جن گهرن جي بجلي جي لوڊشيڊنگ يا گئس جي بندش حڪومت ڪئي آهي. يا عوام...؟ اوهين پنهنجن ئي ماڻهن کي تڪليف ڇو ٿا رسايو... ٽريفڪ ۾ ڦاٿل ويچاري عوام جو ڪهڙو ڏوهه...!“ هن اڃا ڳالهه پوري ئي مس ڪئي جو کيس سڏ ٿيو، معظم معطم... شاهد... شاهد... ڪٿي آهيو!“ ڀيڻس روئندي سڏيس.
ٻئي ڀائر تکا تکا هلندا هنن جي ڀرسان پهتا ته سندن امڙ ڍڪ ڏيندي روئندي ايمرجنسي ڪمري مان ٻاهر نڪتي.
”هاءِ... هاءِ... اوهان جو پيءُ!“
”صبر ڪر... امان... جيڪا رب جي رضا!“ وارڊ نرس هن جي ڪلهي تي هٿ رکندي چيو.
اسپتال جي عملي ضروري لکپڙهه کانپوءِ، کين ڪائونٽر تي بل ڏيئي ميت ايمبولينس ۾ رکڻ جو چيو. ايمبولينس سائرن وڄائيندي اسپتال جي مکيه دروازي مان اندر گهڙي ٻنهي ڀائرن ميت ايمولينس ۾ رکيو.
ايمبولينس جو دروازو بند ڪندي هنن ايمبولينس جي ڊرائيور کي ايمبولينس هلائڻ جي لاءِ چيو. هو ۽ سندن ڀينرون روئندي سندس پيءَ جي موت جو ذميدار رستي تي احتجاج ڪندڙن کي قرار ڏيئي رهيا هئا. سڄو رستو هنن جي ڳالهين جو موضوع احتجاج هو.
هڪ ڪلاڪ جي مسافري کانپوءِ هو پنهنجي شهر جي حدن ۾ گهڙيا. جتي نيشنل هاءِ وي تي سندس پاڙي جا ماڻهو، مٽ مائٽ ۽ دوست يار پري پري کان هنن جي اچڻ جي اوسيئڙي ۾ بيٺا هئا. سڀئي احتجاج ڪندڙن کي گهٽ وڌ ڳالهائي رهيا هئا. ايتري ۾ ايمبولينس به اچي هنن جي ڀر سان بيٺي ته مٽ مائٽ کين ڳراٺڙي پائي روئڻ لڳا ۽ عورتن روئڻ ۽ پٽڻ شروع ڪيو.
ان روئڻ ۽ پٽڪي ۾ ڪجهه همراهه هڪٻئي سان هٿ ملائيندا افسوس ڪندا اڳتي وڌندا رهيا. ڪن دوستن شاهد ۽ معظم کي صلاح ڏني ته اسان کي دفنائڻ کان اڳ احتجاج جي ذريعي حڪومت کي اهو پيغام ڏيڻ گهرجي ته هيءَ موت رستي جي بند ٿيڻ سبب ٿيو آهي ۽ آئنده اهڙا موت نه ٿيڻ گهرجن. ٿوري ڳالهه ٻولهه کانپوءِ احتجاج جو طريقو طئي ٿي ويو.
سڀ ماڻهو ان ڳالهه تي سهمت ٿي ويا. هنن ايمولينس کي سڌو ڪري نيشنل هاءِ وي تي وچ روڊ تي بيهاريو ۽ ٽريفڪ بيهاري ڇڏي. مٽن مائٽن رستي تي وڏا وڏا پٿر ڦٽا ڪري ڇڏيا ۽ حڪومت جي مخالف ۾ نعرا هڻڻ شروع ڪري ڇڏيا. ڏسندي ئي ڏسندي گاڏين جون ڊگهيون ڊگهيون قطارون بيهي ويون. روڊ جي وچ تي ريڙهين وارا ۽ مزدور پنهنجون ريڙهيون گهيلي آيا ۽ سامان رکي وڪڻڻ لڳا ۽ مسافر بي وسيءَ جي حالت ۾ ٽريفڪ کلڻ جو اوسيئڙو ڪرڻ لڳا.
چوڌاري ٽريفڪ جي بندش جو خراب حال هو. ماڻهو گاڏين مان لهي احتجاج ڪرڻ جو سبب پڇي ميت کي ڏسي انا الله و انا اليھ راجعون چوندا واپس وڃي پنهنجي گاڏين ۾ ٿي ويٺا. ٻنهي ڀائرن جي گُهر هئي ته ڪنهن اعليٰ حڪومتي عملدار جي آمد کانسواءِ هو هتان ميت نه کڻندا. ڪجهه مسافر هيٺ لهي، ڪجهه پڇڻ ڳاڇڻ کانسواءِ ٽريفڪ جي تيز رفتاريءَ تي افسوس ڪندا وڃي پنهنجي گاڏين ۾ ٿي ويٺا.
ٽريفڪ جي بندش کي ڪيترائي ڪلاڪ گذري چڪا هئا.
ان ڏينهن شاهد ۽ معظم کي پنهنجي ڏک جي ڪري اهو خيال ئي نه رهيو ته ڪٿي پريان گاڏين جي ڊگهين قطارن ۾ ڪا ايمبولينس ڦاٿل هوندي يا ڪنهن گاڏيءَ ۾ ڪو مريض اسپتال وڃڻ جي لاءِ تڙپي رهيو هوندو.