ڪھاڻيون

بَرف ۾ سَڙندڙ ماڻهو

ڪتاب ”برف ۾ سڙندڙ ماڻهو“ اردو جي نامياري ليکڪ حڪيم عبدالرئوف ڪياني جي ڪهاڻين جي مجموعي جو سنڌي ترجمو آهي، جنهن جو سنڌيڪار يوسف سنڌي آهي.
حڪيم عبدالرؤف ڪياني جي هر ڪهاڻي موضوعي لحاظ کان نه رڳو وسيع ڪئنواس ٿي رکي... پر جيڪڏهن انهن ڪهاڻين کي ڊراما ٽائيز ڪجي ته اسڪرين تي ڏاڍو سُٺو تاثر ڇڏين.
Title Cover of book بَرف ۾ سَڙندڙ ماڻهو

لــــڄَ

”تقدير جا سَڳا جنميل پنهنجي ئي ڀيڻ ۽ ڀائرن جي ويڳي پڻي جو شڪار ٿي، انهن جي سڳي اولاد جي هٿان ستائجڻ تي صابر به رهن ٿا ۽ نه ٿڙندي پنهنجون جنگي ڪوششون جاري رکن ٿا ۽ پنهنجي وقار جو بچاءُ ڪندي پنهنجي انا تي حرف به اچڻ نه ڏيندا آهن، اهي تحسين جا حقدار آهن.“
اهي لفظ ڪچري جي ڍڳ تي ڪاڳر ميڙيندڙ خوبصورت ڇوڪريءَ جي هٿ ۾ کنيل هڪ پراڻي ڪاغذ جي ٽڪري تي لکيل هئا. ڪاغذ ميڙندڙ گلبدن نالي ڇوڪري ڪاغذ تان مٽي ڇندي مٿيان جملا پاڻ ۾ ڳنڍي پڙهڻ جي ڪوشش ڪري رهي هئي، اهو ڪاغذ جو ٽڪڙو ”برف ۾ سڙندڙ ماڻهو“ نالي ڪهاڻين جي ڪتاب جو هڪ پراڻو صفحو هو.
جڏهن افسانا، ڪهاڻيون ۽ ناول پڙهڻ وارا دنيا ۾ گهٽجي وڃن ته انهن ڪتابن کي ”اولڊ بوڪ شاپ“ وارا خريد ڪري پڪوڙن ۽ سموسن جي لاءِ لفافا ٺاهيندڙ کي وڪڻي ڇڏيندا آهن. ڪنهن پڪوڙا وڪڻندڙ کان ان ٽڪري ۾ ڪنهن غريب پنجن روپين جا پڪوڙا خريدي پنهنجو پيٽ ڀريو ۽ پوءِ اهو ڪاغذ ان ڍڳ تي ڦٽو ڪري ڇڏيو هو.
شيڪو رستي جي ڪناري سائيڪل بيهاري گلبدن ڏانهن يڪ ٽڪ ڏسندي اهو سڄو منظر ڏسي رهيو هو.
ٿوري دير کانپوءِ ٻه ننڍڙا ٻارڙا اڇي رنگ جا ميرا ڪپڙا پائي هڪ ٻورو گهليندا پشتو زبان ۾ ڪجهه بڙ بڙائيندا شيڪو ڏانهن وڌيا، هو سائيڪل تي چڙهي پيڊل هلائيندو اتان اُٿي ڀڳو، اهو سڀ ڪجهه سندس سمجهه کان ٻاهر هو، ٻنهي ننڍڙن ٻارن سهڻي گلبدن جي هٿن مان اهو ڪاغذ جو ٽڪرو وٺي ٻوريءَ ۾ وجهي، پنهنجي ڪوشش کي جاري رکڻ جو چئي گلبدن کي پاڻ سان وٺي روانا ٿي ويا.
شيڪوءَ پنهنجي گلوبند کي جهٽڪو ڏيئي، ڪلهي جي ٻي طرف اُڇليو ۽ سائيڪل جي هينڊل تي لڳل پريشر هارن کي زور زور سان وڄائيندو سائيڪل جي اڳيان لڳل ٽوڪريءَ ۾ ”مٺائي“ جا ٽڪرا سڌو ڪندي هوڪا ڏيڻ لڳو.
”مٺائي وٺو.... مٺائي وٺو!“
اُن ڏينهن کانپوءِ جهڙوڪڙ شيڪوءَ جي عادت ٿي ويئي ته هو روزانو مٺائي وڪڻندي اڪثر آباديءَ کان ٻاهر گند، ڪچري جي ڍڳ کي ڏسي ٿوري فاصلي تي بيهي رهندو هو، ڪڏهن ڪڏهن هو پنهنجي ڪارين شيشن واري بي ڍنگي عينڪ لاهي سج جي ڪرڻن کان پنهنجي اکين کي بچائيندي، هٿن جو شيڊ ٺاهي پري پري تائين ڏسندو ۽ پوءِ کلندو ”مٺائي وٺو.... مٺائي وٺو!“ جا هوڪا ڏيندي آباديءَ طرف هليو ويندو هو.
هڪ ڏينهن هن جي طبيعت ۾ عجيب بيزاري هئي، هو مٺائي وڪڻڻ جي لاءِ آباديءَ ڏانهن وڃڻ جي بدران، آبادي کان پري گند ڪچري جي هڪ وڏي اروڙيءَ ڏانهن هلڻ لڳو، کيس پري کان ڳاڙهي رنگ جو ڪپڙو هوا ۾ لهرائيندو نظر آيو، هو سائيڪل جي پيڊل کي زور سان هلائيندو، سائيڪل کي سوڙهن ۽ ننڍن پيچرن تان حفاظت سان هلائيندو جڏهن اروڙي کان ٿورو اورتي پهتو ته کيس مايوسي ٿي، ان اروڙيءَ جي چوڌاري ڀوهي مڱن جي فصل کي جهار جي حملي کان بچائڻ جي لاءِ هڪ ڏاهي هاريءَ صليب جيان ڪاٺ کوڙي ان تي ڳاڙهي قميص کي ٽنگي ان جي مٿان ٺڪر جو مَٽ ٽنگي ان کي انسان وانگر پتلو بنائي ڇڏيو هو.
شيڪوءَ ڪاوڙ مان پري کان ئي هڪ کڙو کڻي ان پتلي ڏانهن اُڇليو، پتلي جون ٻانهون زور سان هوا ۾ هلڻ لڳيون، ڄڻ هو شيڪوءَ کي خدا حافظ چئي رهيو هجي، هو انب جي وڻ جي هيٺان ويهي ساهي پٽڻ لڳو. ان دوران هن پنهنجي مٿي تي ڪا شئي ڪرندي محسوس ڪئي، هن ڪنڌ کڻي مٿي ڏٺو ته هن جي منهن تي اها شئي ٻيهر اچي ڪري، هن پهرين منهن پوءِ مٿي تي هٿ ڦيريو، ايتري ۾ ڪجهه ڪانگ ڪان ڪان ڪندا اُڏرندا نظر آيا. هن پنهنجي هٿن تي هئڊي ۽ اڇي رنگ جي وِٺ لڳل ڏٺي ۽ سنگهندي ئي ٿڪڻ شروع ڪري ڏنو. هن هڪ کڙو کنيو ۽ ڪانگن کي اُڇلي هنيو، پر اهي کڙي جي پهچ کان پري مٿاهينءَ تي اُڏار ڪندا هيڏانهن هوڏانهن ٽڙي پکڙي ويا.
هو سائيڪل جي پويان ٻڌل پاڻيءَ جي ڪولر سان مٿو ۽ منهن ڌوئي، منهن ڦٽائي آباديءَ طرف هلڻ لڳو، سائيڪل تي لڳل هوا جي پريشر سان وڄندڙ هارن زور سان وڄائيندو هو، هوڪا ڏيڻ لڳو، ”مٺائي وٺو .... مٺائي وٺو“. ڀرسان آباديءَ ۾ مٺائي وڪڻڻ کانپوءِ هو اڻ ڄاتيءَ مايوسي جي ڪيفيت ۾ گهر ڏانهن روانو ٿي ويو. گهر جي گهٽيءَ ۾ پهچندي ئي سندس ٻه ننڍڙيون معصوم ٻارڙيون هن ڏانهن ڊوڙيون ۽ سائيڪل جي اڳينءَ ٽائر سان ٽڪرائجي ڪِري پيون، هن هڪدم بريڪ هنيو ۽ هيٺ لهي ڪپڙا ڇنڊيندي کين کڻي هوا ۾ اڇلڻ ۽ کين خوش ڪرڻ جي لاءِ رانديڪو ڏيئي وندرائڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳو.
جوڻهنس رڌڻي مان ئي سڏيس، ”شفيق اچي ويو آهين؟“
هن ٿڪَ جا آثار ظاهر ڪندي ٿڌو ساهه ڀريندي چيو، ”جي! تنهنجو شيڪو پهچي ويو آهي“
”منهنجي اڳيان ايئن نه چئو... منهنجي لاءِ ته تون شفيق ئي آهين.. باقي ماڻهن توتي اهو نالو رکيو آهي... ڀلا اهو ته ٻڌائي ته شيڪوءَ جو مطلب ڪهڙو آهي؟“ هن کلندي پڇيو.
”ڀڄائڻ واري کي چوندا آهن... جيڪو شين جو پيڇو ڪري کين ڊوڙائي... تون به ڪهڙي بحث ۾ پئجي ويئي آهين منهنجي شالو!“ شيڪو جواب ڏنو ”وڃ! منهنجي لاءِ پاڻي ڀري رک ته وهنجي وٺان... گرمي ۾ ساهه ٿو مُنجهي ... پوءِ به ٽي گرهه هڻان!“
”ٺيڪ آهي هاڻ مونکي نه شيڪنا شروع ڪرينءَ... وڃان ٿي.“ جوڻهنس کلندي چيو.
ايتري ۾ چاچا فضلوءَ سڏ ڪندي دروازو کڙڪايو، ”شيڪو او شيڪو!... منهنجا پوٽا انگلينڊ مان آيا آهن... تن جي لاءِ پنج سئو روپين جي مٺائي ته ڏي!“

”پنج سئو روپين جي مٺائي ته تمام گهڻي آهي.... تنهنجا پوٽا ماني ڪونه کائيندا آهن ڇا....؟“ شيڪوءَ اٿندي دروازو کوليندي چيو، ”هيتري مٺائي وٺي ڇا ڪندين؟“
”چڱو هاڻ بَڪ بَڪ پوءِ ڪج... پهرين مونکي مٺائي ڏي، هو سڀاڻي واپس ويندا... کين مٺائي پاڻ سان گڏ کڻي وڃڻي آهي....“
شيڪو پنجين سئو جو نوٽ هٿ ۾ وٺندي دروازي تي بيٺي بيٺي فضلوءَ کي چيو.
”ٺيڪ آهي... تون ڀلي گهر وڃ... شام جو توکي تازي مٺائي گهر پهچائي ويندس...“
”ٺيڪ آهي...! ڀلا منهنجي ننهن شالو ڪٿي آهي؟“
”جي چاچا ڪهڙا حال اٿئي؟“ شالوءَ ويجهو ايندي پڇيو، ”فضلو چاچا! اوهانکي ڏسي مونکي پنهنجو بابا مرهيات ياد ايندو آهي... هو ته اوهانجو دوست به هو ۽ اوهان جي شڪل شبيهه به ساڻس ملندي هئي.“
”ڌيءَ شالو ! هاڻ زمانو بدلجي ويو آهي... اهي محبتون ڪٿي.... هاڻ ته تنهنجو مُڙس مونکي دروازي تان ئي بيٺي بيٺي پيو روانو ڪري.“
اهو ٻڌي شيڪوءَ ڦڪائي سبب نظرون جهڪائي ڇڏيون...
”ها پُٽ شيڪو جو ڪم ڪار ته صحيح پيو هلي نه.... ڪا ڏکيائي پيش اچي ته مونکي متان وسارجو.“
”الله اوهانکي خوش رکي چاچا.... ڏک سُک پنهنجي چاچي فضلوءَ کي نه ٻُڌائينديس ته ٻيو ڪنهن کي ٻڌائينديس.“
”چاچا فضلو اندر اچي ويهه... ٿوري ساهي پٽ تيسين گرم گرم مٺائي به ڪڍي ٿو وٺان.“ شيڪو سندس هٿ جهليندي چيو.
”نه شيڪو هلان ٿو...“ ايئن چئي فضلو هليو ويو.
شيڪو وهنجي سَهنجي ٻاهر نڪتو ته پاڻ ۽ جوڻهنس شالو اڱڻ ۾ شهتوت جي وڻ هيٺان ويهي ڳالهيون مُهاڙيون ڪرڻ لڳا. ”تون ڪيڏي نه سُهڻي آهين شالو... منهنجو ڪيترو نه خيال ٿي رکين.“

”چڱو چڱو هاڻ مَسڪو نه هڻ... ڄڻ مون کان سواءِ ڪنهن ڏانهن اک کڻي به نه ٿو ڏسين.... گهٽين ۾ هوڪا ڏيندي سُهڻيون سُهڻيون مايون ڏسندي تنهنجي دل چوندي هوندي ته انهن ۾ مٺائي مفت ۾ ورهائي ڇڏيان...“
شيڪو ٽهڪ ڏيئي اُٿي کڙو ٿيو ۽ مٺائي ٺاهڻ لاءِ باهه ٻاري ان تي ديڳڙي رکي ڪم ۾ لڳي ويو.
صبح جو هو گهران نڪرندو هو ته پاڙي جون ڇوڪريون کيس پاجي پاجي.... چئي بيهڻ جو اشارو ڪندي کائنس پنجن ۽ ڏهن روپين جي مٺائي وٺنديون هيون.
هو هڪ پاڙي مان لنگهندي هوڪا ڏيندو اڳيان وڌندو پي ويو ته کيس سامهون گلبدن ايندي نظر آئي..... ميرن ۽ اٻالڙن ڪپڙن جي باوجود ڄڻ سونهن جي ديوي لڳي رهي هئي. سندس پويان ٻه ميرن مُنجهيل ۽ اڻڀن وارن وارا ٻارڙا هٿن ۾ ٻورو کڻي هلي رهيا هئا.
شيڪو جي سائيڪل ٿڙي ڀت سان وڃي لڳي، گلبدن ۽ ٻارڙن کان کل نڪري ويئي. سائيڪل ڪِرڻ جي ڪري مٺائي جي ٽوڪري به اُٿلي پئي ۽ سڄي مٺائي پٽ تي وکري ويئي.
مٺائيءَ کي پٽ تي ڪرندي ڏسي پاڙي جا ٻارڙا مڙي آيا ۽ مٺائي کڻي ڀڄڻ لڳا.
سائيڪل تان ڪرڻ جي ڪري شيڪو جي ٽنگ مان وهندڙ رت سبب گلبدن سنجيده ٿي ويئي ۽ هن پنهنجي ٻوري مان آيوڊين جو ٽنڪچر ڪڍي هڪ پراڻي ڪپهه جي ٻُڙي سان جيڪو هن ڪنهن اروڙيءَ تان کنيو هو، هن جي زخم تي هنيو ۽ سور سبب ڪنجهندي هو هن ڏانهن ڏسڻ لڳو، گلبدن ان ڳالهه کان اڻ ڄاڻ ٽنڪچر هڻڻ کانپوءِ پنهنجي وات ۾ چيوگم چٻاڙيندي اُٿي کڙي ٿي.
هن منڊڪندي اُٿي سائيڪل سڌي ڪئي ۽ پيڊل تي پير رکي آباديءَ کان ٻاهر اروڙيءَ وٽ ”ڪيڪڙ“ جي وڻ جي هيٺان وڃي ويٺو. گلبدن به هلندي هلندي اچي ان اروڙيءَ تائين پهتي ۽ اتان پراڻي گتي ۽ ڪاغذ چونڊي پنهنجي ٻوري ۾ وجهڻ لڳي. هوءَ پلاسٽڪ ۽ شيشي جون ڀڳل ٽٽل بوتلون به گڏ ڪري رهي هئي.
هن اُٿي اروڙيءَ جي ڀرسان پهچي، گلبدن کي مخاطب ٿي چيو، ”روزانو ڪيترا ڏوڪڙ ڪمائيندي آهين؟“
”ٻه اڍائي سئو روپيا... بس ماءُ پيءُ جي مري وڃڻ کانپوءِ ننڍن ڀيڻن ڀائرن جو پيٽ پالي رهي آهيان.... الله جو شڪر آهي.“
هن جي پنهنجي ڪمائي به ڏيهاڙي پنج سئو روپيا مشڪل سان هئي. هن پنهنجي کيسي مان هزار جو نوٽ ڪڍي چيو، ”توکي هر روز هزار روپيا ڏيندس، بس تون رڳو ٿوري دير مونسان گڏ هلندي ڪر.“
اهو ٻُڌي هوءَ ڪاوڙ سبب تپي ڳاڙهي ٿي ويئي، وس پُڄيس ها ته هٿ ۾ جهليل شيشي جي ٽٽل بوتل سندس ڪاري ٻوٿ تي واهي ڪڍي ها.
هن شيطاني مُرڪ سان مڇين تي هٿ ڦيريندي اڳيان وڌي گلبدن جي ٻانهن جلهڻ جي ڪوشش ڪئي.
هوءَ هٿ ڇڏائي اُٿي ڀڳي ۽ پريان بيهي چوڻ لڳي، ”ڪمينا! هزار جو نوٽ وٺڻ واري هُجان ها ته اروڙيءَ تان ڪاغذ ميڙيان ها ڇا؟ “