بُک
آسپاس ۾ نااميدي ۽ مايوسيءَ اچي پنهنجا خيما کوڙيا هئا. بُک سبب اڻ سَهپ، جهيڙو جهٽو ۽ ڪينو ڪدورت پنهنجي عروج تي هو. ماڻهن بک جي ختم ٿيڻ تائين محبت، ڀائيچاري ۽ انساني همدرديءَ کي ڄڻ خدا حافظ چئي ڇڏيو هو.
بُک ۽ غربت کان بيزار ٿيل ماڻهون سڙيل، ڦٿل ۽ خراب ٿيل ميوا ۽ ڪچيون ڀاڄيون، بچيل سَچيل سُڪل ماني جا ٽڪرا پاڻي ۾ پُسائي ٿي کاڌا. زمين هنڌ هنڌ تان ڦاٽي پئي هئي. اها ڄن صدين کان اُڃايل ۽ ٺوٺ لڳي رهي هئي.
پکي ۽ جانور، هانڀارو هڻندي، تيز اُس کان پناهه ٿي گهري. ساوڪ جو نالو ۽ نيشان به نه هو. چؤڏس سُڪل گاهه ۽ پتا انسانن ۽ جانورن جو مقدر بنجي چڪا هئا. ۽ اهي ئي بک ۾ سندن غذا هئا.
آسمان تي ڪڪر ڇانئجي ٿي ويا، چوڌاري مينهن پوڻ جا امڪان ٿيڻ ٿي لڳا، ماڻهن جون آسون جڳڻ تي لڳيون ۽ هو دعائون ڪرڻ ٿي لڳا. شهر، پاڙن ۾ ڪڪرن سبب سج انهن جي پويان لڪي ٿي ويو... جو اوچتو ئي اوچتو تيز هوائن انهن کي ٽيڙي پکيڙي ٿي ڇڏيو ۽ ڏسندي ئي ڏسندي گرم سج انسانن کي پنهنجي ڪاوڙ کي تپش ڏيکاريندي آسمان اميد تي اڪيلو ٿي ويٺو هو.
شهر ته شهر، ڳوٺ ۽ وسنديون ويران ٿينديون نظر اچي رهيون هيون. آسودگي ۽ خوشحالي دم ٽوڙيندي نظر اچي رهي هئي. ماڻهن تي حسرت ۽ نااميديءَ جا پاڇا گهرا پي ويا. ماڻهن جون دليون اونداهيون ٿي چڪيون هيون. سجاڳيءَ جو نالو نشان نظر نه پي آيو. ماڻهو هڪ هنڌ گڏ ٿيا. ”ڏڪاريل وستين ۾ اسان کي وري به خوشحاليءَ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي.“ اڇن وارن واري هڪ جهوني شخص پنهنجي ٽوپي مٿي تان لاهيندي چيو.
”ڇو نه؟“
”اسين سڀ ڪوشش ڪريون ته گهڻو ڪجهه ٿي سگهي ٿو.“
”ڇا ٿيندو؟“
”آسمان مينهن وسائيندو، پوک ٿيندي، ڦلدار وڻ ميوو ڏيندا ۽ ڀاڄيون پيدا ٿينديون.“
”پر انهيءَ ۾ ته گهڻو وقت لڳندو... تيستائين ته ماڻهو مري چڪا هوندا.“
”اسين بيزار ٿي پيا آهيون.“
”انسانن جا پڃرا ائين نظر پيا اچن. ڄڻ اُم الصبيان جا مريض هجن“.
هڏين جا پڃرا.
انساني مهانڊا نڪتل هڏين سبب پنهنجي سُڃاڻپ وڃائي چڪا آهن.
هان ته ماڻهن جي اکين ۾ لڙڪن جو پاڻي به سُڪي چڪو آهي.
فريادي پنهنجي هيئت ۽ منهن مهاندي مان مايوس پيو نظر اچي.
ٻار اُڃ جي سختيءَ سبب روئڻ جي سگهه به وڃائي ويٺا آهن.
چهرن مان ڏند ائين اُڀري آيا آهن، ڄڻ کلندڙ ۽ روئندڙن جون شڪليون هڪجهڙيون هجن.
پوءِ
دعا ڪريو ته زمين تي من سلويٰ وسي.
اسين چونڊي وٺنداسين.
ناشڪري ڪو نه ڪنداسين.
بصر ۽ ٿوم پوکڻ جي ڪڏهن به خواهش نه ورجائينداسين.
هڪ ڪاري رنگ جي پوڙهي مائي، هيڻن هڏن ۽ جسم سان، ڪرندي ٿڙندي، سهارو وٺندي، ڪنهن مهل ويهي سُرڻ ٿي لڳي ته ڪنهن مهل اٿي بيهي ٿي رهي.“ اوهين سڀ مرد ته آهيو.. همت وارا... ناڪامي ته اوهان کان ڪوهين ڏور بيهي پناهه گهرندي هئي.. ڪاميابي اوهان جون جتيون چٽيندي نه ٿڪندي هئي.
انسانن جي وستين تي
عذاب جو هي طوفان ڪو بي سبب نه آيو آهي.
ضرور اوهين هڪٻئي کان لاتعلق هئا.
اوهان جا پيٽ ڀريل هئا ۽ غرور سبب ڪنڌ تاڻيل.
اوهان جي اکين مان رت ٽمندو هو.
اوهين خدا جي زمين تي آڪڙجي هلندا هئا.
اوهان هڪٻئي تي زوري تعصب جي جنگ مڙهي ڇڏي هئي.
علائقا ۽ خطا اوهان جي سڃاڻپ بنيا، پوءِ اوهين نظرين جي ماٿرين ۾ رستو ڀٽڪي ويا.
هوريان هوريان، هلندي هلندي.
اوهين هلندي بُک ۽ غربت جي ماٿرين ۾ اچي پهتا...
ڪير چوي ٿو ڏڪا رآهي... ڪير ٿو چوي ته اناج ڪونهي،
اوهان دنيا جي تاريخ پڙهي آهي.“
هن رڙ ڪري چيو.
”دنيا ۾ هن کان اڳ به بک جي تاريخ ملي ٿي. ڏڪار ۽ سوڪهڙو ايندو رهيو آهي. انسان بُک، بيماري ۽ فاقن سبب مرندا رهيا آهن، پر هن ڀيري ائين ڪونهي. گذريل سال جيڪو ان لٿو هو. ان مان گودام ڀريا پيا آهن.
اٿو پنهنجن گهرن ۾ ڏيئا ٻاريو،
اونداهي ختم ڪري سُهائي پکيڙيو.
ڏسو! سج لهي رهيو آهي، اُفق تي لڙهدنڙ شام اوهان جي بي وسيءَ تي ماتم پئي ڪري.
”هو سامهون باهه ڇا جي آهي؟“ هن اشارو ڪندي چيو.
هوءَ ڏور پَري اُفق تي باهه جهڙي روشني ڪهڙي آهي.
متان سوچيو.
سج لهي ويو... نااميدي ڪفر آهي.
اُٿو... شاباس اُٿو.
صبح جي اميد جا پاڇا اوهان جي مٿان آهن... پر اوهين بُک جي هٿان انڌا ٿي چڪا آهيو. خدا اوهان کي اکيون ڏنيون، دماغ ڏنو ۽ هٿ پير ڏنا.
هوءَ پريان
روشني نظر اچي رهي آهي.
اناج سان ڀريل گودامن تي تالا آهن.
انهن جون چاٻيون ڳولهيو...
هو پريان وڏيون وڏيون ڀتيون... انهن تي چهنبدار تارون آهن، انهن چهنبدار تارن ۾ ٻرندڙ بجلي...
۽ انهن ڀتين سان گڏ اهي روشني سان جڳ جڳ ڪندڙ بنگلا ۽ چؤڏس روشني.
اُٿو غور سان ڏسو.
هو سامهون دونهن اٿي رهيو آهي... اتي اناج جي ڪا به کوٽ ڪونهي.
ڏڪار ڪڏهن هو؟
هڪ افواهه هو... چوڌاري واويلا هئي.
اوهين پکين جيان خدا تي ڀروسو رکو ٿا.
اهو ئي آڻيو ٿا... جيڪو کائو ٿا...
اوهان کي مصيبتن جي ڏينهن جو اُلڪو نه هو ۽ اوهان افواهن تي ڌيان نه ڌريو.... ڌريو به ڪيئن ها... اوهان وٽ ته اناج گڏ ڪرڻ جي لاءِ موڙي به نه هئي.
اُلڪو نه ڪريو.
منهنجي ڳالهه تي يقين ڪريو.
هلو مون سان گڏ.
هنن ماڙين ۽ بنگلن ۾ اوهان جي حصي جو اناج گڏ ڪيو ويو آهي.
منهنجا ٻچڙو! اوهان جي مهاندن جي تازگي ڪيڏانهن ويئي. اوهان جا نڪ ديڳڙين جي خوشبوءِ محسوس ڪرڻ کان لاچار ڇو آهن.
اوهان جي امڙ اڃا جيئري آهي... هوءَ روئندي چئي رهي آهي.
هيءَ ڌرتي اوهان جي ماءُ آهي... ان وٽ اڃا گهڻو ڪجهه آهي.
هن ڌرتيءَ تي بُک جو پاڇو آهي... هيءَ اُڃايل آهي... هن جي اُڃ اوهين هڪٻئي جا دشمن بنجي نه اُجهايو.
اچو، مون سان گڏ ڪجهه ماڻهو سامهون بيٺا آهن... هو اناج ورهائڻ جي تياري پيا ڪن.
اجهو اناج ورهائبو ۽ اوهين ڍءُ ڪري کائجو.
اڄ جي رات اونداهي ضرور آهي، پر سڀاڻي تائين اونداهي ختم ٿي ويندي. پوڙهي مائي اڳيان وڌندي وڏين وڏين ماڙين ۽ بنگلن وٽ اچي بيٺي. هُن جي پويان ماڻهن جو وڏو هنجوم هلي رهيو هو.
اناج ورهائڻ جي خبر پري پري تائين پکڙجي چڪي هئي.
لائوڊ اسپيڪر تي اعلان ٿيو.
تمام جلد اناج ورهايو ويندو.
قطارن ۾ ٿي بيهو.
پر بُک جا ماريل ماڻهو هڪٻئي کي پويان ڌڪيندا اڳيان وڌڻ جي ڪوشش ۾ لڳا رهيا.
پوڙهي مائي کين آرام ۽ سڪون سان اڳيان وڌڻ ۽ صبر جو درس ڏيئي رهي هئي.
ڪافي دير کان اعلان ٿي رهيا هئا. بک جون خبرون عالمي ميڊيا تي نشر ٿيڻ ۾ باقي ڪا دير هئي.
اليڪٽرانڪ ۽ پرنٽ ميڊيا جي ماڻهن جي پهچڻ تائين بک ۽ اڃ سبب تڙپندڙ ماڻهو مري رهيا هئا.
پوڙهي مائي اناج ورهائجڻ جو اشارو ڪري رهي هئي.
ماڻهو پنهنجي واري اچڻ جي اوسيئڙي ۾ هئا ته ڪيڏي مهل ٿو اناج ورهائجي ۽ هو پيٽ ڀري کائين.
اناج ورهائجڻ جو اوسيئڙو ڊگهو ٿيڻ لڳو... ماڻهو تڙپي تڙپي مرڻ لڳا... ٻارڙا اُڃ ۽ بک سبب ٿرڙيون هڻڻ لڳا.
پر ڀت جي ديڳين جا منهن ڪنهن جي اوسيئڙي ۾ هئا.
ڪنهن جو اوسيئڙو،
ڇا جو انتظار...
ورهائي ڇڏيو سڀ ڪجهه،
اڃا ڇا پيا ڏسو.
انسان آهيو... انسانن جي بُک ختم ڪريو.
هاڻ ماڻهو وڌيڪ انتظار نٿا ڪري سگهن.
پر هُنن جي ڪنن تي جونءَ به نه ٿي سُري هنن جا پيٽ ڀريل هئا. هنن جا مهانڊا تازا توانا هئا ۽ اکين ۾ چمڪ هئي.
ڪنهن جو اوسيئڙو؟
ڇا جو اوسيئڙو؟
پهرين ته انسانيت ايتري بي وس ۽ مَڪار نه هئي جو ماڻهو روئي رهيا هجن، تڙپي رهيا هجن... بُک ۽ اُڃ سبب مري رهيا هجن ۽ ڍاول مهاندن تي ڏک نه هجي.
اناج ڪيڏي مهل ورهائبو... باقي ڪيترو اوسيئرو ڪرڻون پوندو؟
پوڙهي مائيءَ آڱر جي اشاري سان سڀني اڃايلن ۽ بکايلن جو ڌيان پريان ايندڙ گاڏين ڏانهن ڏياريو... جن تي ڪئمرائون ۽ ڊش لڳل هيون.
هاڻ ماڙين ۽ بنگلن جا رهاڪو اناج ورهائيندا.
مرڻ وارؤ! اوهان جون مائرون... اوهان جي روحن کان شرمنده آهن.
اوهان جي ماءُ ڪمزور ۽ هيڻي آهي.
نه ته گرهه کسي اوهان جي وات ۾ وجهي ها.
ماڙين ۽ بنگلن جي سامهون ڪئميرائون لڳي چڪيون هيون. تصوير ڪشي شروع ٿي چڪي هئي. ميڊيا وارا اچي چڪا هئا.
شهرت ۽ ناموري جي بُکايلن جي بُک مٽجي چڪي هئي.
اچو! هاڻ اناج ورهائجي رهيو آهي.
جلدي اچو... اڄ سڀ بُکيا... هن حشر جي ميدان ۾ بيهي پنهنجي بُک جو ماتم ڪندا.