ڪھاڻيون

بَرف ۾ سَڙندڙ ماڻهو

ڪتاب ”برف ۾ سڙندڙ ماڻهو“ اردو جي نامياري ليکڪ حڪيم عبدالرئوف ڪياني جي ڪهاڻين جي مجموعي جو سنڌي ترجمو آهي، جنهن جو سنڌيڪار يوسف سنڌي آهي.
حڪيم عبدالرؤف ڪياني جي هر ڪهاڻي موضوعي لحاظ کان نه رڳو وسيع ڪئنواس ٿي رکي... پر جيڪڏهن انهن ڪهاڻين کي ڊراما ٽائيز ڪجي ته اسڪرين تي ڏاڍو سُٺو تاثر ڇڏين.
Title Cover of book بَرف ۾ سَڙندڙ ماڻهو

سياسي خطاب

ميمبر اسيمبلي هال ۾ هڪٻئي سان کلندي، مُرڪندي، گلي ملندي ۽ هڪٻئي کي مبارڪون ڏيندي پنهنجي پنهنجي سيٽن تي ويهي ٿا رهن. پهرينءَ ڏينهن ۽ اسيمبليءَ جي پهرينءَ اجلاس ۾ شرڪت جتي دلي خوشي ۽ فخر جو ڪارڻ هئي، اتي اسيمبليءَ ۾ پهچڻ جون ننڍپڻ جون خواهشون ۽ ساروڻيون هن جي دل ۾ گڏ وچڙ ٿي رهيون هيون.
هڪ پاسي دماغ ٽيلي ويزن اسڪرين جي طرز تي ٺهيل اسيمبلي هال جي خوبصورت منظرن جي عڪاسي ورجائي رهيو هو ته ٻي طرف هن جون نظرون شناسا اسيمبلي ميمبرن جي شناسا چهرن جي ڳولا ۾ ساڄي ۽ کاٻي ڏسي رهيون هيون.
هوريان هوريان هو پنهنجي سوچ کي هڪ نقطي تي بيهارڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳو. سڀئي ميمبر پنهنجي پنهنجي پارٽي جي اڳواڻن سان ملاقات جي اوسيئڙي ۾ پنهنجي سيٽن تي ويٺا هئا. ميان نصير کي اسيمبلي جي سيٽ تي ويهندي جنهن خوشيءَ جو احساس ٿيڻ گهرجي ها، اهو هان ڪرڀ جي شڪل اختيار ڪري رهيو هو. چوندن جي ڏينهن جون سرگرميون هُن جي دماغ ۾ خواب جيان گردش ڪري رهيون هيون... هو سوچي رهيو هو ته ڪيترا نه ڏکوئيندڙ ۽ ڪربناڪ منظر هئا. هر طرف نعري بازي، بينرز، وال چاڪنگ جا منظر ۽ جيئي جيئي... آوي هي آوي ميان نصير اسان جو شينهن آهي.... وغيره وغيره.
نه ڏينهن ڏينهن هو، نه رات رات هئي. نه صبح صبح هئي، نه شام شام هئي، نه اليڪشن آفيس وڃڻ جو وقت مقرر هو، نه گهر وڃڻ جو وقت مقرر هو. صبح جو گهران نڪري هڪڙي پاسي وڃبو هو ته شام جو الائجي ڪٿان وڃي نڪربو هو. پئسي ڏوڪڙ جي ڌار بربادي ۽ ناڪامي جو سوچيندي ئي ساهه ٻوساٽجندو محسوس ٿيندو هو.

سامهون بيٺل اميدوار جي وڏن وڏن جلسن جون خبرون ٻڌندي ئي پاڻي جو ڍڪ ئي نڙي کان هيٺ نه لهندو هو. ڪڏهن هو ڳوٺن جي پيچرن تي پيو هلندو هو ته ڪنهن مهل وري سوڙهن ۽ ڌڌڙ هاڻن رستن تي. ڪٿي تيمارداريون ٿي ڪرڻيون پيون ته ڪٿي ڇهه ڇهه مهينا ۽ سال سال پراڻيون تعزيتون.
پر وليمن ۽ شادين جي ڪاڄن کان سُٺا موقعا ميسر اچڻ ممڪن ئي نه هئا. اُتي ته ڪيتريون ئي غير متوقع ۽ خوشگوار ملاقاتون ٿي وينديون هيون. ڪهڙا نه نظارا هئا. ڄن خواب حقيقت جو روپ وٺي چڪا هئا.
جن جو ڪو ڌنڌو ڌاڙي نه هوندو هو يا واندا هوندا هئا، سي اچي منهنجي آفيس ۾ ديرو ڄمائيندا هئا. ڄڻ سندن پنهنجو گهر هجي. انهن ماڻهن تي آئون ڏاڍو حيران آهيان، جيڪي مون سان هٿ ملائي ايترو ته خوش ٿيندا هئا، ڄڻ هنن ڪا کيپ کٽي هجي ۽ پوءِ هو ڪيترن ئي ڏينهن تائين پنهنجي يارن دوستن ۾ اهو ٻڌائيندي ٿڪبا ئي نه هئا. ڪيترين ئي وڏين برادرين جا ماڻهو اسان جا حمايتي بنجي چڪا هئا. هو اسان جا حمايتي اسان جي ڪنهن ڪارڪردگيءَ جي ڪري نه ٿيا هئا، پر هنن ته پنهنجي حريف کي اسان جي مخالف اميدوار جي چونڊ مهم ۾ وڃڻ جو مزو چکائڻ ٿي چاهيو ۽ سڀني کان وڌيڪ اليڪشن وارن ڏينهن ۾ برادرين جو پاڻ ۾ ڏڦيڙ اسان جي ڪم آيو.
پر منهنجي ڪاميابيءَ جي پويان جنهن شخص جو هٿ هو، اها منير جي ذات هئي. منير به پنهنجي نالي جيان روشن ۽ منير شخص آهي.
هن کي به ته ڪهڙو نه ذهن ۽ دماغ مليو آهي. پهرين ئي ڏينهن ڪاغذ جو هڪ ٽڪرو هٿ ۾ ڏيئي چيائين، ”جيڪڏهن اوهين هن ۾ لکيل ڳالهيون ياد ڪري ڇڏيو ته اوهان جو مخالف اميدوار اوهان کي ڪڏهن به شڪست ڏيئي نه سگهندو.“
ان ڪاڳر تي لکيل راز ڄن مصري اهرامن جون اڳڪٿيون هيون. جيڪي اڄ ڏينهن تائين سچ ثابت ٿيون آهن. کيس ايترو عقل ۽ سُڌ سمجهه ڪٿان ملي، هن ننڍي وهيءَ ۾ اهڙا راز ۽ اهي به هڪ ڪاغذ جي ٽڪري تي، ڄن درياءَ کي ڪوزي ۾ بند ڪيو ويو هجي.
منهنجي چونڊ مهم جو پهريون ڪامياب عوامي جلسو ان ڪاڳر جي ٽڪري تي لکيل راز جي ڪري ٿي سگهيو. ان ڪاڳر تي لکيل لکت کي جڏهن مون پنهنجي تقرير جو حصو بنايو ته اُتي موجود ماڻهن جي دلين ۾ منهنجي سچائي، حب الوطني ۽ علائقي سان گهري وابستگي جي ڌاڪ ويهي رهي.
اهو راز هي هو: ”دوستو! آئون ڪامياب ٿي اوهان جا لڙڪ اُگهندس، اوهان جن بي روزگار ٻارن کي وڏن عهدن تي آفيسر ڀرتي ڪرائيندس.“
مٿيان جملا ٻڌي پنڊال ۾ موجود هر عمر جو ماڻهو منهنجي هر جملي تي تاڙيون وڄائي رهيو هو.
پهرين جلسي جي ڪاميابي کانپوءِ منهنجي دل خوش هئي. ماڻهن مون کي علائقي جو درد رکندڙ اميدوار چئي ٿڪبا ئي نه هئا. ڪيترين ئي برادرين ۽ شهري تنظيمن جي ماڻهن پنهنجن گهرن جي مٿان منهنجي پارٽيءَ جا جهنڊا هڻي ڇڏيا هئا.
ٻارن ٽي شرٽس تي منهنجي تصويرن وارا بيج ۽ اسٽيڪر هڻي ڇڏيا. جڏهن منهنجي جيت کي للڪاريو ويندو هو ته چؤٻول ٿيندو هو ته هن کان وڌيڪ علائقي جو تعمير ۽ ترقيءَ جو جذبو ڪنهن ٻي اميدوار جي دل ۾ ٿي ئي نٿو سگهي.
مخالف اميدوار جڏهن پنهنجي ڪاميابيءَ جي لاءِ منهنجي ڪردار ڪشي جو سهارو ورتو، هن ڪڏهن اقربا پروري، ته ڪڏهن شراب نوشي ته ڪڏهن وري عيش عشرت ۾ ٻُڏو رهڻ جهڙا الزام هنيا، پر منهنجن حامين ايندڙ مرحلي جي لاءِ هڪ وڏي جلسي جي تياري مڪمل ڪري ورتي ۽ اهو جلسو منهنجي فتح کي يقيني بنائڻ جي لاءِ آخري معرڪو هو.
منير رات جو دير سان منهنجي گهر آيو. اتي موجود ماڻهن جو ميڙ دهل جي وڄت تي نچي ۽ تاڙيون وڄائي رهيو هو. منير منهنجي ڪن ۾ سرٻاٽ ڪندي سڀاڻي جي جلسي جي لاءِ هدايتون ڏيڻ شروع ڪيون.
”ڇا آئون اهي سڀ وعدا پورا ڪري سگهندس؟“
جواب ۾ هن چيو، ”سياست ۾ ڪرڻو ڪجهه به نه هوندو آهي... سياست فقط هڪ سياسي خطاب جو نالو آهي. پنهنجو خطاب يقيني بڻائي ۽ ماڻهن کي ڳالهين سان قائل ڪرڻ جي ڪوشش ڪر بعد ۾ فنڊ نه ملڻ ۽ مخالف اميدوار پاران ڪمن ۾ رڪاوٽون وجهڻ جو بهانو ڪري پنج سال گذاري ڇڏج... ڳالهه کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪر.“
ٻي ڏينهن پنڊال سَجي چڪو هو ۽ وڏين وڏين برادرين ۽ تنظيمن منهنجي حمايت جو اعلان ڪري ڇڏيو. ماڻهو پري پري کان ٽولين ۽ جلوسن جي صورت ۾ اچي رهيا هئا. وڏيون وڏيون قد ڪاٺ جون مالڪ شخصيتون به پنهنجون پارٽيون بدلائي اسان جي پارٽيءَ ۾ شامل ٿي چڪيون هيون. ماڻهو کين سياسي لوٽن جو خطاب ڏيئي رهيا هئا، پر کين پنهنجو آئيندو اسان جي پارٽي ۾ نظر اچي رهيو هو. هو پنهنجي اڳوڻي پارٽي جي قيادت تي الزامن جو مينهن وسائي، جواز جي لاءِ ماڻهن کي قائل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا.
جلسي کي خطاب ڪندي مختلف برادرين جي چڱن مڙسن جذباتي انداز ۾ منهنجي مخالف اميدوار تي طنز جا تير هلايا ۽ ٿاڻن جي سياست جا الزام هڻي کين بڇڙو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.
ڪاڳر جي ٽڪري تي لکيل لکت مون کي زباني ياد هئي. پنهنجي واري اچڻ تي آئون اسٽيج تي موجود ڊائس جي پويان اچي بيٺس. منهنجي تقرير کان اڳ منهنجي پارٽي، منهنجي ذات جي حوالي سان ايمانداري ۽ ديانتداري جا زوردار نعرا هنيا ويا.
مون مائيڪ کي هٿ ۾ جهليو ۽ هڪ هڪ ڪاغذي هدايت تي ماڻهن جي ضميرن کي لوڏي ڇڏيم. ”اوهين آزمايل ماڻهن کي ٻيهر نه آزمايو، پنهنجي هن خادم کي هڪ ڀيرو موقعو ڏيو.“ پوءِ ڇا هو مون علائقي جي بنيادي هيلٿ سينٽرن، سرڪاري اسپتالن جي بهتري ۽ اتي موجود ڊاڪٽرن جو قبلو درست ڪرڻ جي هامَ هڻندي زوردار لفظن ۾ اسڪول، ڪاليجن جي چوديواري، خاص ڪري گرلس اسڪول جي چوديواري ۽ گرلس اسڪولن کي هائر سيڪنڊري اسڪول جو درجو ڏيارڻ، علائقي ۾ يونيورسٽيءَ جي قيام، بجلي ۽ گئس جي رٿائن جو اعلان ڪيو. پنڊال بار بار تاڙين جي آواز تي ٻُرائجي ٿي ويو.
منير جي هدايت تي مون هر برادريءَ جي سرگرم اڳواڻن جا نالا وٺي سندن ٿورا مڃيا ۽ پاڻ کي سندن نوڪر ۽ ٻانهون چيم. پنهنجي سادگي جو ذڪر ڪيم ۽ سندن رهنمائي ۽ هدايتن جي مهرباني مڃيم. ۽ مون هر گهڙي انهن سان صلاح مشورو ڪري پنهنجو سياسي سفر جاري رکڻ جو ذڪر ڪيو. بس پوءِ ڇا هو. ڪجهه ڏينهن کانپوءِ ٿيندڙ چونڊ کٽڻ منهنجي لاءِ يقيني هئي. پر پوءِ به بي يقينيءَ جي ڊيڄاريندڙ ديوي منهنجي مٿان ڇانيل رهندي هئي. اليڪشن جا ڪيترائي مرحلا ڪنهن حد تائين سَهپ جوڳا هئا، پر ننڍن ننڍن اڏن تي مکين جي ڀُڻ ڀُڻ ۾ ڇپر وارين هوٽلن ۾ ويهي ڪنين پيالين ۾ چانهه پيئڻ ۽ ميرن سيرن ٿانون ۾ رکيل مانين مان گرهه ڀَڃي کائڻ ڏاڍو ڏکيو مرحلو هو. ڪنهن قيد ۾ هئڻ جيان!
چانهه جي پيالن تي ڀُڻ ڀُڻ ڪندڙ مکين کي هر هر هٿ سان اُڏائڻ ۽ چانهه جون سرڪيون ڀري اڌ پيالي اتي ڇڏي ڀڄڻ ۽ ڏيهاڙي وارن مزدورن جي چاپلوسي ڪرڻ، ووٽ گهرڻ ۽ کين فرمانبرداريءَ جي پڪ ڏيارڻ، مٽي هاڻن ۽ ميرا ڪپڙا پاتل مزدورن کي گلي لڳائي ملڻ ڪنهن خواب جي تعبير کان گهٽ نه هو.
شروع کان وٺي آخر تائين عجيب قسم جي منافقت ائين گڏ هلي رهي هئي. جيئن بدن روح کي گڏ کڻي هلندو آهي. انهن خباثتن ۽ منافقاڻين مصروفيتن جو نوحو رات جو بستري تي ليٽڻ مهل پڙهڻ جي ڪوشش ڪندو هئس ته ٿڪل هئڻ سبب سمهي پوندو هئس. رات ائين گذرندي هئي، ڄڻ بس اِجهو سُتو هئس. جاڳندي ئي ٻي ڏينهن جي معرڪي لاءِ اٿي کڙو ٿبو هو. ان ڏينهن ۽ رات جي هڻ وٺ ۽ ڀَڄ ڊڪ سبب شهر شهر ۽ ڳوٺ ڳوٺ جا ماڻهو اسان جي ڪاميابي جا ڳُڻ ڳائي رهيا هئا. جنهن جي نتيجي ۾ اڄ آئون قومي اسيمبلي جي هن هال ۾ ڪرسيءَ تي ويٺو آهيان.
اوچتو هن ڪنڌ کي جهٽڪو ڏنو ته اسيمبلي هال ۾ قومي اسيمبلي جو ٿيندڙ پهريون اجلاس پُڄاڻيءَ تي پهچڻ وارو هو. اسيمبلي ميمبر واپسيءَ جي تياري ڪري رهيا هئا. جيئن ته سڀ ميمبر وڏو معرڪو سر ڪري هتي پهتا هئا. تنهنڪري هو سينو تاڻي، وڏي غرور واري چال مان هلي رهيا هئا ۽ دلين ۾ ائين هئن ڄڻ کين زميني جنت ملي ويئي هجي.
اجلاس ختم ٿيو ته ڪجهه همراهه اسيمبلي ڪيفي ٽيريا ۾ وڃي چانهه جون چشڪيون وٺي رهيا هئا ته ڪي وري گاڌي جي هنڌ جي وڏين وڏين هوٽلن ۽ ريسٽورينٽس ۾ هليا ويا.
خوشقسمتيءَ سان ميان نصير جي پارٽي اقتدار ۾ اچي چڪي هئي. ڪجهه وقت کانپوءِ ميان نصير گاڏي جي هنڌ ۾ ئي رهائش اختيار ڪري ورتي ۽ منير کي پنهنجو ذاتي سيڪريٽري مقرر ڪيو.
”منير يار! هي منهنجي پهرين ۽ آخري اليڪشن هئي.“
”ڪيئن سائين!“
”يار! هي منهنجي وس جو ڪم ڪونهي.“
”هتي جيڪو به ايندو آهي، ان جي واپسي گهر جي بدران ٻي پارٽي ۾ هوندي آهي.“ منير ٽهڪ ڏيندي وراڻيو.
نصير ميان چپن ئي چپن ۾ هلڪي مايوس ڪندڙ مُرڪ سان خاموشي اختيار ڪري ورتي.
هو ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي علائقي مان به ڦيرو ڏيئي ايندو هو. ووٽر اڪثر هن جي گهر ملاقات جي لاءِ ايندا هئا ته اتي موجود نوڪر چاڪر چانهه بسڪوٽ ۽ شربت سان سندن خدمت ڪري، کين ميان نصير سان ملائڻ جي بدران ضروري ۽ اهم گڏجاڻيءَ جو چئي کين چلتو ڪري ڇڏيندا هئا.
هاڻ ڪڏهن ڪڏهن هو پنهنجي مخالف اميدوار جي ووٽرن ۽ پنهنجي حمايتين جي جهيڙي جي صورت ۾ پنهنجن حمايتين جي لاءِ ٿاڻي تي فون به ڪري ڇڏيندو هو. صفا ڳچيءَ ۾ پوندڙ شخص جي چوڻ تي ڪنهن غريب جي ٻار جي نوڪريءَ لاءِ درخواست تي صحيح وجهي واسطيدار کاتي ڏانهن موڪلي ڇڏيندو هو ۽ پوءِ اتي فون ڪري سمجهائي ڇڏيندو هو ته کين چئجو ته جاءِ خالي ٿيندي ئي کيس ڀرتي ڪيو ويندو.
پنجن سالن ۾ حڪومت مخالف نعري بازي، بجلي، گئس ۽ پاڻي جي بحران، دهشتگردي، مدرسن جي خلاف پاليسين ۽ ڪمزور معاشي رٿابنديءَ سبب ميان نصير ايندڙ چونڊن ۾ پنهنجي نه کٽڻ جو خطرو محسوس ڪندي، پنهنجي اليڪشن جا خرچ حڪومت طرفان ملندڙ فندن مان پورا ڪري ورتا هئا.
”هاڻ پارٽي بدلائڻ ضروري آهي.“ منير چيو.
”ڇو...؟“
”ته جيئن اسان جو مستقبل اونداهو نه ٿئي“ ملڪي سياست ۾ روشن مستقبل پارٽي بدلائڻ سان مشروط آهي.“ منير هن کي ڏسندي وراڻيو.
هاڻ ميان نصير جي ذهن ۾ سياست جو چسڪو ويهي رهيو هو ۽ هاڻ هو ايندڙ چونڊن ۾ پارٽي بدلائڻ جو سوچي رهيو هو.
مقبول عوامي پارٽي به سندس حيثيت کي مڃي چڪي هئي. چونڊن کان اڳ هن ان عوامي مقبوليت رکندڙ پارٽيءَ ۾ شموليت اختيار ڪري ورتي.
چونڊن جي شيڊول جو اعلان ٿي چڪو هو. چونڊ مهم زورن تي هئي. نئين سياسي پارٽي ۾ شامل ٿيڻ جي باوجود به هن جي منهن مان مايوسي جا ڪي به آثار نظر نه پي آيا.
جلسي جي لاءِ پنڊال لڳي چڪو هو. ماڻهو ٽولين جي صورت ۾ جلسي ۾ اچي رهيا هئا. هو پُرجوش ۽ پراميد هو. هن پنهنجي تقرير ۾ پنهنجي اڳوڻي پارٽي تي ڪرپشن، پنهنجا نوازڻ ۽ فندن جي ناانصافي واري ۽ غير قانوني ورڇ جي الزامن جي بوڇاڙ ڪري ڏني. اهڙين تقريرن جي ڪري هو هڪ ڀيرو ٻيهر ماڻهن ۾ مقبول ٿيڻ لڳو. ماڻهن سندس بي وسي ۽ لاچاري کي مڃي کيس علائقي جي پسماندگي جو ذميدار قرار ڏيڻ جي بدران الزام سندس اڳوڻي پارٽيءَ تي مڙهيو. ٻي ڏينهن سندس تقرير وڏين سرخين سان اخبارن ۾ ڇپي ۽ تجزيي نگارن جي تجزين ۽ ڪالمن جي ڌيان جو مرڪز رهيو.
ميان نصير چونڊون کٽي هڪ ڀيرو ٻيهر اسيمبليءَ ۾ پهچي چڪو هو. هن جون دلي حسرتون ۽ خواهشون هڪ ڀيرو ٻيهر پروان چڙهڻ لڳيون. هن پنهنجي باقي رهيل کهيل ”خواهشن جي پورائي لاءِ پنهنجي تڪ جي ترقي لاءِ ملندڙ فنڊن کي ٿورو گهڻو استعمال ڪري، ماڻهن کي منهن ڏيکارڻ جي قابل بنجي چڪو هو.
”ميان نصير اوهان پارٽي ڇو بدلائي”“ ماڻهو پڇندا هئس.
”منهنجي اڳوڻي پارٽيءَ اقربا پروريءَ جا رڪارڊ ٽوري ڇڏيا هئا. حڪومتي خزاني کي دل کولي لٽيو هو. اسين کين عدالت جي ڪٽهڙي ۾ کڙو ڪنداسين.“ ميان نصير پرجوش جواب ڏنو.
ڪجهه وقت کان ملڪ جي صدر اسيمبليون ٽوري ڇڏيون ۽ نين چونڊن جو اعلان ڪيو ويو.
هن ڀيري سندس پارٽي تي آمريڪي وفاداريءَ جا الزام لڳا ۽ ان حوالي سان اخبارن ۾ خبرون ۽ تجزيا ڇپيا.
اليڪٽرانڪس ميڊيا ۾ هن جي پارٽيءَ کي سڌن سنون پروگرامن ۾ بحث ۽ مباحثي ۾ خوار ٿيڻو پيو. هوريان هوريان عوامي ذهن ٻڌتر جو شڪار ٿيڻ لڳا ۽ هاڻ عوام جون نظرون ڪنهن ٻي سياسي پارٽي تي کتيون، جنهن جي ملڪ جون واڳون سنڀالڻ جو چوٻول ٿيڻ لڳو. هاڻ هو ان پارٽيءَ ۾ شامل ٿيڻ جو سوچڻ لڳو. ملڪي سياست جي فضا مڪمل طور تي بدلجي چڪي هئي. سياسي پارٽين کي هاڻ گهٽين ۽ پاڙن جي رستن جي تعمير، اسپتالن ۽ ڪاليجن جي اڏاوت لاءِ ڪروڙين روپين جا فنڊ ڏيڻ ۽ عملي طور تي فنڊ خرچڻ جي باوجود به ووٽ ملندا نظر نه پي آيا.
هن هڪ ڀيرو ٻيهر پنهنجي سياسي پارٽي کي ڇڏي ڏنو ۽ مشهور محب وطن ۽ آمريڪا مخالف نعرا هڻندڙ سياسي پارٽي جي ڪڇ ۾ پناهه ورتي. چونڊن جا ڏينهن ويجها هئا. پنڊال هڪ ڀيرو ٻيهر لڳي چڪو هو. حد نظر تائين ماڻهن جو ميڙ ڪٺو ٿي چڪو هو. ماڻهو پنهنجا ڪم ڪار ڇڏي جلسي گاهه ۾ ائين اچي مڙيا هئا، ڄڻ کين هتي اچڻ جي مزدوري ڏني ويئي هجي.
هن جلسي گاه جي پهرين قطار ۾ علائقائي پريس ڪلب جي سينيئر صحافين جي لاءِ خالي ڪرسيون رکرايون هيون. پر ان ڏينهن هڪ به صحافي جلسي گاهه ۾ نه آيو هو. ميان نصير پنهنجي تقرير ۾ پنهنجي مد مقابل اميدوار ۽ پنهنجي اڳوڻي پارٽيءَ تي دل کولي ڇوهه ڇنڊيا. عوام جي لاءِ تعميراتي ڪمن جا وعدا ورجايا. پر کيس ٻي ڏينهن اهو سڀ اخبارن ۾ نه اچڻ جو خدشو هو. هن چاهيو ٿي ته اخبارون کيس هڪ ڀيرو ٻيهر ڀرپور ڪوريج ڏين.
”يار منير هاڻ ڇا ٿيندو؟“ ميان نصير پريشاني مان چيو.
”اوهين اُلڪو نه ڪريو... آئون پريس ڪلب فون ٿو ڪريان.“ منير وراڻيو.
منير ٿوري دير فون ملائيندو رهيو.“ ٽون بزي آهي... شايد فون خراب آهي.“
ٻي ڏينهن هن جي حيرت جي حد نه رهي جڏهن اخبارن جي پهرين صفحي تي سندس لفظ بلفظ تقرير ڇپي. اخبارن جون سرخيون ڏسي هن منير کي مخاطب ٿي چيو.
”يار منير صحافين کي غيب جو علم هوندو آهي ڇا؟ هنن ته منهنجي تقرير جو هر جملو جلسي گاهه ۾ نه هئڻ جي باوجود به ڇپي ڇڏيو آهي.
منير کلندي وراڻيو ”ميان نصير صاحب!... هيءَ اها ئي تقرير آهي، جيڪا اوهين هر ڀيري پارٽي بدلائڻ مهل سامهون بيٺل اميدوار ۽ پنهنجي اڳوڻي پارٽيءَ جي خلاف ڪندا آهيو ۽ عوام کي دلاسا ۽ آسرا ڏيندا آهيو. اهي خبرون چار پنج سال اڳ اخبارن ۾ ڇپجي چڪيون آهن.
هو ان ذلت جي ڪيفيت کي محسوس ڪندي، پنهنجي هٿ جي آڱرين جي پورن کي کنهندي، هڪ ڀيرو ٻيهر سياست جي مونجهارن ۾ گم ٿي ويو.